Friday 27 January 2023

”فلسفي جي تاريخ“ تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش



”فلسفي جي تاريخ“ تي هڪ نظر

سنڌي ٻوليءَ ۾ روز ڪونه ڪو ڪتاب ڇپجي رهيو آهي، پر انهن مان ڪيترائي ڪتاب لفظن جي کوکلي ميڙ ۽ ڪاغذ جي ڍڳن کان وڌيڪ حيثيت نه ٿا رکن. هونءَ اها چوڻي به مشهور آهي ته ”هر لکيل لفظَ کي ڪونه ڪو پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي“ پر ڪي لفظَ ۽ ڪتابَ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا هوندا آهن، جن کي پڙهي ذهن جا ڪپاٽ کُلي ويندا آهن. اهڙا ڪتابَ جيڪي سوال ڪرڻ سيکاريندا آهن، انڪار ڪرڻ سيکاريندا آهن ۽ سوچڻ سيکاريندا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪتابَ ڪڏهن ڪڏهن ئي نظر ايندا آهن. تازو ئي هڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ اسان جي دوست نويد سنديلي جو هڪ اهڙو ئي ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي ڇپجندڙ ڪتابن کي پوئين پيرن وڃي ڏسندا سين ته انهيءَ موضوع تي هن ڪتابَ کان اڳ اڪبر لغاري جو ڪتاب ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ پڻ نظر ايندو، جنهن کي بعد ۾ اردوءَ ۾ پڻ پڌرو ڪيو ويو. اهڙي طرح رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب ”سچ جو فلسفو“ پڻ ان سلسلي جو هڪ سٺو ڪتاب آهي، جيڪو جدلياتي ماديت سمجھائي ٿو. ائين ئي ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ڪتاب ”ڏاهپ جو اڀياس“ پڻ جدلياتي ماديت تي لکيل هڪ شاندار ڪتاب آهي..... پر منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي بابت جيڪو پهريون بنيادي ۽ اهم ڪتابُ نظر اچي ٿو اهو آهي محمد ابراهيم جويي جو ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“. نويد سنديلي جو هي ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ انهيءَ سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي.

اصل ۾ فلسفو هڪ مختلف موضوع آهي، جنهن جو تعلق فڪر ۽ ڏاهپ سان آهي ۽ فلسفي جو بنيادي مفهوم ئي ڏاهپ سان پيار آهي. نويد سنديلي پنهنجي هن ڪتاب ۾ فلسفي لفظ جي وضاحت هنن لفظن سان ڪئي آهي ”فلسفو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ”فِلين“ Philen معنى To Love ”پيار ڪرڻ“ ۽ ”صوفيا“ Sophia معنى ”وزڊم“ Wisdom ”ڏاهپ“ ۽ ”علم“ معنى ٿي ”ڏاهپَ ۽ علم سان پيار ڪرڻ“ To Love with Knowledge and wisdom فلسفي جي تاريخ ۾ سڀ کان اول لفظ فلسفي Philosopher پيٿاگورس ايجاد ڪيو هو.“ هو اڳتي لکي ٿو ته ”هڪ فلسفي راتيون جاڳي، ڌيان ۽ گيان ۾ پاڻ وڃائي، سموري سڌ ٻُڌ ان سوچ تي محور ڪري ٿو، ته هن زندگيءَ جو ال ڪارڻ ڇا آهي؟ ۽ ان جو مقصد ڪهڙو هئڻ گھرجي. هيءَ ڪائنات ڪيئن ٺهي آهي ۽ ان سان منهنجو ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا ان جو ڪو ڇيهه يا انت آهي؟ ڇا اسين سڀ هڪ صورت جا مظهر آهيون؟ ڇا ان صورت جو ڪي ٻيون به اڪيچار صورتون يا رنگ روپ ۽ وَرن آهن؟ ايڪ ۾ انيڪ ۽ انيڪ ۾ ايڪ ڪيئن آهي؟ هي آواز اڳ آهن يا اُهي هڪ ڏورانهين ماڳ منجھان ڦٽي نڪرن ٿا؟ جيئن سمنڊ جي پاڻيءَ تي ڀانت ڀانت لهرون جدا آهن، پر پاڻي ته هڪ ئي پسجي پيو.

لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو. (شاهه)

Saturday 15 May 2021

شاهه لطيف جي علامتي شعور مان جنم وٺندڙ سماجي فڪر ---- ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي علامتي شعور مان

جنم وٺندڙ سماجي فڪر

 

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس ڪرڻ يا سندس شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي سمجھڻ لاءِ سندس ڪلام جي علامتي پهلوءَ کي جاچي ڏسڻ ضروري آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علامتن ۽ اهڃاڻن جو هڪ جهان آباد آهي.’علامت‘ جنهن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’اهڃاڻ‘ جو لفظ به عام استعمال ٿيندو آهي اصل ۾ انگريزي لفظ Symbol مان ورتل آهي. جيڪو وري يوناني لفظ سمبالين (Symbaline) مان نڪتو آهي. ان يوناني لفظ جون وري مختلف معنائون بيان ڪيون وڃن ٿيون: جهڙوڪ معاهدو، نشان، تمغو، شناخت جو ذريعو يا وري ’شين کي گڏ ڪري رکڻ‘ وغيره. علامت جا ٻه وڏا قسم آهن. پهريون عارضي ۽ ٻيو دائمي. ٻئي لفظ پنهنجي معنى بيان ڪن ٿا. يعني عارضي علامتون ٿوري وقت لاءِ هونديون آهن، جڏهن ته دائمي علامتون سدائين لاءِ. اهي ڪڏهن فنا نه ٿيون ٿين. ”ينگ علامت کي سڀني کان وڏي اهميت ڏني آهي. ان وٽ ڪڏهن ڪڏهن ئي اهڙيون تحريرون ملن ٿيون جيڪي ان ذڪر کان خالي هجن...... هو اهو به نه ٿو مڃي ته ”علامت هڪ شي بدران ٻي شي جو استعمال آهي.“...... علامتون رڳو انسان جي ماضي طرف اشارا نه ڪنديون آهن بلڪه سندس مستقبل جي آرزوئن، تمنائن ۽ خواهشن جي نمائندگي به ڪن ٿيون. انهيءَ سبب علامت جي حرڪت جا ٻه رخ ٿين ٿا. پهريون ماضيءَ طرف رجوع ڪرڻ وارو (Retrospective) ۽ ٻيو مستقبل طرف پيش قدمي ڪرڻ وارو (Ptospective) يعني علامت تفاعلي (Functional) به ٿيندي آهي ته وجودي (Ontological) پڻ.“ (1) يُنگ مطابق علامت کي وقت جي ٻنهي ڌارن يعني ماضي ۽ مستقبل ۾ ڏسي سگھجي ٿو. وقت جي انهن ٻنهي ڌارائن جي وچ تي آهي حال، جنهن ۾ علامتون پيدا ٿين ٿيون. علامت جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ ان ٽه رخي عمل کي سمجھڻ نهايت ضروري آهي. ڪولريج لکيو آهي ته ”ڪنهن خاص شي کي عام شي ۾ آرو پار ڏسڻ، يا ڪنهن عام شي کي ڪنهن خاص شي ۾ آرو پار ڏسڻ، يا ڪنهن آفاقي حقيقت کي عام شين مان حاصل ڪرڻ، يا ڪنهن ازلي سچ کي عام، وقتي ۽ فاني شين مان حاصل ڪرڻ جو نالو آهي اهڃاڻ. ٻين لفظن ۾ اهڃاڻ ازلي حقيقت کي سمجھ لائق بڻائڻ جو نالو آهي.“ (2) ڀٽائيءَ جي شاعري انهيءَ حقيقت جي ساڃاهه بخشي ٿي.


”علامت مان مراد اهو بيان آهي جنهن جي وسيلي جو ڪجھ چيو وڃي ان کان ڪجھ وڌيڪ ۽ ڪجھ الڳ معنى ورتي وڃي. علامت اسان جي ذهن کي معنائن جي ڪيترن ئي رخن ڏانهن منتقل ڪري ٿي ۽ ان جي خوبي اها ئي آهي ته اها انهن مان هر هڪ پاسي لاءِ موزون سمجھي وڃي.“ (3) ”علامت هڪ سماجي عادت آهي، جيڪا سماجي سطح تي انسان جي ٻين عادتن جهڙوڪه چُرڻ پُرڻ، ڏسڻ ۽ سمجھڻ جيان هڪ عادت آهي، جنهن جو عمل سڄي سماج جي سطح تي ٿئي ٿو ۽ عادت جيان غير ارادي ٿئي ٿو.“ (4)

فرينچ شاعر بودليئر ڪائنات کي ’علامتن جو جھنگ‘ سڏيو آهي. يعني ڪائنات جي هر شي ۽ لقاءُ پنهنجي اندر هڪ علامت رکي ٿو. هر عظيم شاعر ڪائنات جي انهن وٿن منجھان نيون علامتي معنائون تراشيندو آهي. ”شاعر جي آڏو ڪائنات جي ڏٺل وائٺل شين جي اهميت انهن جي رواجي حيثيت کان وڌيڪ آهي. هن جي اونهي ۽ باريڪ بين نظر ۾ دنيا جي هر شي ظاهري ۽ رواجي هئڻ کان ڪجھ وڌيڪ به آهي. هن کي هيءَ ڪائنات بي معنى نه پر سڄي دنيا ڳوڙهين معنائن سان ڀريل ٿي ڀانئجي.“(5) ”لفظ اهڃاڻ جي وسيع معنى ۾ سڄي شاعري اچي وڃي ٿي. ڇوته هر ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ ڪنهن احساس، ڪنهن حقيقت، ڪنهن آئيڊيا جو اظهار هوندو آهي ۽ اهو اظهار اڻ سڌو هوندو آهي. اهو اڻ سڌو اظهار هوندو آهي ڪن حقيقي شين جي ذريعي، جن کي ان احساس، حقيقت يا آئيڊيا سان مشابهت هوندي آهي.“(6) لطيف هڪ اهڙو ئي مفڪر شاعر آهي، جنهن جي شاعري ڳوڙهين علامتي معنائن سان جنجھ آهي. هن جو اڻ سڌو اظهار سماج جي تلخ سچاين کي بيان ڪري ٿو، ڇوته هن جو فڪر پنهنجي سماج سان سلهاڙيل آهي. هن جو اهو سماجي فڪر مقامي سماجي قدرن کي عالمي سماجي قدرن سان سلهاڙي آفاقيت بخشي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته ”شاهه لطيف جا اهڃاڻ رڳو مادي حقيقت ناهن، پر معنوي اشارا پڻ آهن. سندس ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار رڳو انسان ناهن، پر ان کان گھڻو مٿي آفاقي حقيقتون آهن. شاهه لطيف برابر نيم تاريخي ڪهاڻين جو سهارو ورتو آهي، پر شاهه لطيف رڳو قصه خوان يا داستان گو ناهي. هن جي هر ڪهاڻي هڪ آفاقي حقيقت ڏي اشارو آهي.“(7)

روايت ۽ نئين تخليق --- ٽي ــ ايس ــ ايليٽ ڊاڪٽر احسان دانش (T.S Eliot / Dr. Ahsan Danish)

 

ٽي ــ ايس ــ ايليٽ

 ڊاڪٽر احسان دانش

 

روايت ۽ نئين تخليق

 

انگريزي ادب ۾ اسان روايت جو تمام گھٽ ذڪر ڪندا آهيون. ها باقي پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ان کي ان جي گھٽ هجڻ ڪري افسوس خاطر استعمال ڪندا آهيون. وڌ کان وڌ اسان روايت جي مفهوم کي هن ريت وٺندا آهيون ته ’فلاڻو شاعر روايتي آهي‘ يا ’تمام گھڻو روايتي آهي.‘ تنهن ڪري اهو لفظ عيب ۽ ٽوڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي معنى ۾ تمام گھٽ استعمال ٿيندو آهي. جيڪڏهن ٻي معنى ۾ استعمال ٿيندو به آهي ته اڻ چٽي تعريفي معنى ۾. وڌ ۾ وڌ ڪنهن قديم آثار جي ٻيهر تعمير تي ساراهه ڪرڻي هجي ته اهو لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي. انگريزي قوم لاءِ اهو لفظ ان وقت تائين مشڪل سان مانُ لهي سگھي ٿو، جيسيتائين ان کي قديم آثارن جي سائنس جي خوشگوار حوالي سان گڏ استعمال نه ڪيو وڃي.

اها ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته اهو لفظ موجوده دور يا گذريل وقت جي مصنفن جي ادبي جائزي ۾ استعمال نه ٿو ٿي سگھي. ڇوته هر قوم ۽ هر نسل جو نه رڳو پنهنجو پنهنجو تخليقي ڍنگ هوندو آهي پر سندن پنهنجو پنهنجو تنقيدي رنگ ڍنگ به هوندو آهي، ۽ کين پنهنجي تخليقي انداز جي خامين جي گھٽ خبر هوندي آهي. فرانسيسي زبان ۾ جيڪا ضخيم تنقيد لکي وئي آهي ان مان اسان کي فرانسيسي ذهن جي ڪشادگيءَ جو اندازو ٿئي ٿو، ۽ ان مان اسان آسانيءَ سان اهو نتيجو حاصل ڪريون ٿا ته فرانسيسي، اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تنقيدي شعور رکن ٿا، تنهن ڪري اسان ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيندي فخر به محسوس ڪندا آهيون ته فرانسيسي اسان جي ڀيٽ ۾ گھٽ تخليقي آهن. گھڻو ڪري اها ڳالهه صحيح آهي. پر اسان کي اها ڳالهه به چڱيءَ ريت ڌيان ۾ رکڻ کپي ته ’تنقيد ساهه کڻڻ وانگر بنيادي اهميت رکي ٿي.‘ جيڪڏهن اسان هڪڙو ڪتاب پڙهي پنهنجن تاثرات ۽ احساسات کي لکي ڇڏيون ته اها ڪا خراب ڳالهه نه آهي. ان طرح اسان پنهنجي ذهن جو تنقيدي جائزو انهن تحريرن جي تنقيدي اشارن جي روشنيءَ ۾ وٺندا آهيون. ان ريت اها حقيقت واضح ٿي ويندي آهي ته اسان هميشه اهو سوچڻ تي اصرار ڪندا آهيون ته جڏهن اسان ڪنهن شاعر جي تعريف ڪندا آهيون ته سندس ڪلام جي انهن انفرادي پهلوئن ۽ خوبين سبب جيڪي ڪنهن  ٻي شاعر جي ڪلام ۾ نه ٿيون ملن. اسان اهو تصور ڪندا آهيون ته پاڻ سندس انفراديت کي سمجھي چڪا آهيون، جيڪا ئي سندس شاعريءَ جو اصل ڪارج آهي. اسان اطمينان سان کانئس اڳ وارن شاعرن، خاص طور موجوده دور ۾ هن کان اڳ وارن شاعرن، جي مقابلي ۾ سندس ڌار حيثيت تي بحث ڪندا آهيون. اها سڄي ڪوشش ان ڪري هوندي آهي ته جيئن اسان سندس انفرادي خوبيون ماڻي سرهائي محسوس ڪريون. جيڪڏهن ان جي ابتڙ اسان ڪنهن شاعر جي ڪلام جو مطالعو ان تعصب واري انداز کان بغير ڪريون ته اسان کي اها ڄاڻ ملندي ته سندس ڪلام جون نه صرف بهترين بلڪه انتهائي انفرادي خاصيتون به قديم شاعرن جي پراڻن آوازن سان مليل آهن. اهڙي ريت اها سندن لافاني زندگيءَ جو پتو ڏئي ٿي. اهو تعصب (جنهن جو هينئر ذڪر ٿيو آهي) نه رڳو ڦوهه جوانيءَ جي ڏينهن ۾ بلڪه پڪي وهيءَ ۾ به ڪم ڪندو آهي. پر جيڪڏهن روايت اها ئي آهي ته اسان پاڻ کان اڳ وارن جي ڪاميابين جي صورت کي ئي برقرار رکون ته پوءِ روايت کان انڪار لازمي آهي. ان قسم جي روايت پرستي ستت ئي پنهنجي موت پاڻ مري ويندي آهي. اها ان ڳالهه جو ثبوت ڏيندي آهي ته هر جدت ساڳي ڳالهه ڏانهن موٽ کان چڱي آهي. روايت هڪ وسيع حقيقت جي گھرجائو آهي. ’اها ورثي ۾ نه ملندي آهي‘ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي تمام گھڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. پهريان ته ان جي معنى ۾ تاريخي شعور شامل آهي، جنهن ڏانهن هر ان شاعر جو لاڙو هجڻ کپي جيڪو پنجويهن سالن جي عمر کان پوءِ به پنهنجي اندر شعر چوڻ جي تحريڪ محسوس ڪري ٿو. اهو تاريخي شعور ان بصيرت جو نتيجو آهي، جيڪا نه رڳو ماضيءَ جي قدامت بلڪه سندس ساڳي دور جي فڪر تي به اڏيل آهي. اهو تاريخي شعور ان کي حاصل ٿيندو آهي جيڪو هڪ ئي وقت پنهنجي نسل جي ادبي لاڙي سان گڏ و گڏ هومر جي زماني کان وٺي اڄ تائين يورپ جي سموري ادب ۽ سندس سانچي جي اندر پنهنجي ملڪ جي سموري ادب جي زندگيءَ جو هڪ ئي وقت شعور رکندو هجي، اهڙو شعور جيڪو ان بصيرت کي هڪ همه گير ۽ زنده هيڪڙائيءَ واري نظام ۾ سمائي ڇڏي.

شاهه لطيف ۽ سندس دور جون سماجي حالتون -- ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف ۽ سندس دور جون سماجي حالتون

 

شاهه لطيف جي ڪلام جو سماجي ڪارج تيسيتائين سمجھ ۾ نه ايندو، جيسيتائين سندس دور جي سماجي حالتن کي جاچي نه ڏسبو. هن کان اڳ اسين سنڌ جو تاريخي پس منظر بيان ڪندي مغل دور تائين سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي، اخلاقي ۽ علمي حالتن تي مختصر نموني روشني وجھي آيا آهيون. ان سموري پس منظر کي ڌيان ۾ رکندي اسين جڏهن ڀٽائي جي دور تي نظر وجھندا سين ته سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ انتشار، سياسي آپي شاهي، جاگيردارانه دٻدٻي ۽ حمله آورن جي يلغارن سميت مجموعي طور هي دور به اسان کي سنڌ مٿان تاريخي ظلم، تشدد ۽ بي انصافي جو تسلسل نظر ايندو. شاهه سائين سنڌ جي صدين کان بيچين روح جي صدا آهي. هن جي ڪلام ۾ اسان کي سندس دور ۽ سماجي حالتن جا چٽا عڪس نظر اچن ٿا. شاهه لطيف هڪ جهان ديد ۽ ذي شعور شاعر هيو، هن جي نه رڳو پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اقتصادي حالتن تي نظر هئي پر سنڌ جي تاريخي پس منظر کان به واقف هيو. هو سنڌ تي صدين کان هلندڙ ڌارين جي حڪمراني ۽ سماج ۾ برپا ٿيل ظلم ۽ بربريت جي داستانن جو ادراڪ رکي پيو. تنهن ڪري سندس شاعري جي فڪري لاڙن، شاعراڻين ڪيفيتن ۽ سندس دور جي سماجي حالتن کي سندس هم عصر دور جي واقعن ۽ تاريخي پس منظر کان الڳ ڪري ڏسڻ هر گز مناسب نه ٿيندو.


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکيو آهي ته ”سنڌ سيد لطيف جي زماني ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح مغل سلطنت جي تسلط هيٺ هُئي. تنهن وقت جا بادشاهه پاڻ کي عوام جو خادم نه پر خدا جو خليفو تصور ڪندا هئا. تنهن زماني جا ’خدائي خليفا‘ به عجيب هئا. اورنگزيب پيءُ جهڙي مقدس رشتي کي لتاڙي تخت تائين پهتو. اورنگزيب کان پوءِ اهڙيون شخصيتون مغل سلطنت جي مقدر ۾ لڳيون، جن جون غلطڪاريون ۽ سفاڪيون اڄ به برصغير جي تاريخ ۾ چُٽن جي صورت ۾ محفوظ آهن...... سنڌ جا خليفا هُئا اهڙن خدائي خليفن جا معتقد ۽ وفادار! هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀٽائي گھوٽ جي زماني ۾ عوام ۽ حاڪم جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق هيو.“ (1) عوام جو گھڻو ڪري ڏتڙيل غريب ۽ پورهيت طبقي سان واسطو هيو ۽ وڏيرا ۽ جاگيردار حڪمران طبقي سان ٻِٽُ هيا. شاهه لطيف کي اها طبقاتي ورهاست پسند نه هُئي ڇوته هن رنگ، نسل، مذهب، ذات پات ۽ طبقن تي انسانيت کي فوقيت پئي ڏني. هن جو نظريو هيو ته ڌن دولت، طاقت ۽ اقدار عارضي شيون آهن ۽ ماڻهپو ئي دائمي قدر آهي، جنهن وسيلي سماج مان بيچيني ۽ افراتفري ختم ڪري سگھجي ٿي. ”شاهه لطيف جي باري ۾ پهريون ڳالهيون جيڪي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ ذهن نشين ڪرڻ جون آهن اهي هي آهن: هن سڄي حياتي مال و زر کي حقارت جي نگاهه سان ڏٺو، ٻي ڳالهه اها آهي ته هن شان و شوڪت ۽ رعب دٻدٻي کان نفرت ڪئي، ٽيون اهو ته شاهه، گليمر ۽ رومينٽسزم کان هميشه پرهيز ڪئي، نمبر چار: شاهه سائين پنهنجي زندگي ۽ شاعريءَ جو رشتو پنهنجي سرزمين، ان سرزمين تي ڳالهائي ويندڙ زبان ۽ اها زبان ڳالهائيندڙ عام ماڻهن سان هميشه ڳنڍي رکيو.“ (2) پنجين ڳالهه اها آهي ته هو شخصي آزادين جي حق ۾ هو (محبت جي آزادي فيوڊل سماج ۾ سڀ کان وڏي آزادي هوندي آهي). ڇهون: شاهه لطيف اهڙي ڪنهن به نظامِ حڪومت جي خلاف هيو جيڪا غربت کي جنم ڏيندي هجي، جتي مايوسي ۽ نااميدي جي پيدائش ٿيندي هجي، جتي بک جي بادشاهي هجي، جتي تن ڍڪڻ دشوار ٿي پوي، ۽ جتي عوام کي خانه بدوشي واري زندگي گھارڻي پوي. (3) شاهه لطيف نفرت، ظلم، تشدد، منافقت ۽ استحصال کان سخت نفرت ڪندو هو. هو حسن، سچ ۽ محبت کي پسند ڪندڙ هيو. هو غير يقيني ۽ نااميديءَ جي فضا ۾ به ’عشق‘ جي ديوانگيءَ جو مطالبو ڪري ٿو. عشق جيڪو انقلابين جو راشن هوندو آهي. (4)

 

پاڻُ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌُ،

لالــن تَنين لـڌ، عشق جنين جي اڳ  ۾.  (سُر سهڻي، د 1)

 

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ــ هڪ محنتي ۽ اَوِرچُ ليکڪ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


 

ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ــ هڪ محنتي ۽ اَوِرچُ ليکڪ

 جيڪي ماڻهو اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد ۾ يقين رکندا آهن، ڪاميابيون انهن جي حصي ۾ ضرور اينديون آهن. ائين به آهي ته سڦلتا جي سفر ۾ ڪي خوش نصيب ٿورڙي ڀوڳنا کان پوءِ منزل تي پهچي ويندا آهن پر اڪثر طويل ڪنڊائون سفر ڪرڻو هوندو آهي، سنڌي ادب جي هڪ نامياري شخصيت ڊاڪٽر بدر ڌامراهي سان به اصل ۾ ائين ئي ٿيو آهي. هو ڊگھي سفر جو هيراڪ آهي، پنڌ، جستجو ۽ راهه جا پٿرَ هن جو ڪڏهن به ڪجھ بگاڙي نه سگھيا آهن. ان جو وڏو مثال هن جي پي ايڇ. ڊي وارو سفر آهي، جنهن کي مڪمل ٿيڻ ۾ ايترو وقت لڳو جيتري وقت ۾ ڪو ٻارُ پرائمري تعليم کان يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري وڃي. ايڏو صبر ۽ تحمل ۽ پنهنجي ڪم سان ڪميٽمينٽ جا مثال گھٽ ملندا.


ڊاڪٽر بدر ڌامراهو هڪ محنتي ۽ اورچ ليکڪ ۽ محبتي انسان آهي. منهنجو ساڻس ٽن ڏهاڪن کان وٺي احترام ۽ دوستيءَ جو رشتو قائم آهي. مون ان سڄي عرصي ۾ ڏٺو آهي ته ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن به وِرِچي نه ويٺو آهي، هن مسلسل علمي ۽ قلمي پورهيو ڪيو آهي ۽ ادب جي ڪنهن هڪڙي فيلڊ کي اختيار نه ڪيو آهي پر گھڻ رخو ۽ گھڻ موضوعي لکيو آهي. هو بنيادي طور هڪ تخليقڪار آهي. لکڻ واري شروعاتي سفر ۾ هن ڪهاڻيون به لکيون ته مضمون پڻ، پر بعد ۾ هن تحقيق جو پُر خار پيچرو اختيار ڪيو. لطيفيات هجي يا سچليات، لغت هجي يا لسانيات، لوڪ ادب هجي يا تاريخ، تخليقي ادب هجي يا ترجمو، تحقيق ۽ تنقيد هجي يا صوفي فڪر جي پچار، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي پنهنجي قلم جا ڪؤنتل پئي ڪُڏايا آهن، حتاڪه مختلف ڪلاسن جي مختلف سبجيڪٽن جن ۾ سائنس جا سبجيڪٽ به شامل آهن، تي استادن ۽ شاگردن جي رهنمائي لاءِ گائيڊون به جام لکيون آهن. ان سلسلي ۾ ٻئي ڪم سان گڏ سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جو مقدمو“ وڏي اهميت رکي ٿو.

مسرور سيال جي پهرين مراد ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

مسرور سيال جي پهرين مراد

 

جهڙي ريت ٻوليون ارتقا پذير ٿينديون آهن، تهڙي ريت ادب به تبديلي ۽ تغير جي مرحلن مان گذرندو رهندو آهي. سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ ادبي تحريڪون ۽ فڪري لاڙا ان ڳالهه جي گواهي لاءِ ڪافي آهن. ادب جي ارتقا ۾ نه رڳو پراڻين روايتن ۽ رجعت پسند روين کي رد ڪيو ويندو آهي پر نين روايتن کي قبول ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ به ادب پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. ڪو زمانو هو جڏهن "خط" کي ادب جي صنف جو درجو حاصل نه هيو پر وقت گذرڻ سان خط هڪ اهم ادبي صنف طور مڃتا ماڻي ۽ خطن جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيا ۽ دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت ملي. ڪن انهن کي تاريخي دستاويز سڏيو ته ڪن وري ادبي شاهپارا. اها الڳ ڳالهه آهي ته اڄ جي دور ۾ خط به ماضي جي ڪهاڻي بڻجي ويو آهي. اهڙي طرح جڏهن اسين اخباري ڪالم جي ڳالھ ڪندا سين ته ان لاءِ به مختلف ۽ متضاد رايا نظر ايندا. ڪي چوندا ته ڪالم ادب جي صنف نه آهي ۽ اهو صحافت جي ذمري ۾ اچي ٿو ته ڪي ان کي موضوعاتي حدبندين سبب ادب جي دائري مان خارج ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندا، پر سچ اهو آهي ته هن وقت ڪالم، صحافتي ادب جي اصطلاح هيٺ هڪ اهم نثري صنف طور سامهون آيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪالمنگارن جا ڪالم پنهنجي دور جا اهم ادبي شاهپارا ثابت ٿيا آهن. اردو ٻوليءَ ۾ وسعت اللہ خان ۽ سنڌي ۾ امرجليل ۽ اعجاز منگي ۽ اهڙن ٻين ليکڪن جا ڪالم توڙي جو سياسي اشوز ۽ ڪرنٽ افيئرز تي ئي لکيل هوندا آهن ته به انهن کي ڪنهن ادبي صنف جيتري ئي اهميت ملندي آهي. اهڙا ڪالم تخليقي ۽ صحافتي ادب جو سنگم هجن ٿا

.

اها بيحد خوشي جي ڳالهه آهي ته ويجهڙائي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪالمن جا ڪيئي ڪتاب پڌرا ٿيا آهن. ماضيءَ ۾ هزارين ڪالم اخبارن جو کاڄ بڻجي پنهنجو وجود وڃائي ويهندا هئا پر هاڻي ڪتابن ۾ پناهه ملڻ بعد انهن کي نئين حيات ملي ٿي. هن وقت اوهان جي هٿن ۾ جيڪو ڪتاب آهي، اهو به هڪ ڪالمن جو ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي خوبصورت دوست مسرور سيال جي محنتن جو نتيجو آهي. مسرور گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي. هونءَ ته انهن ڪالمن جو انگ سون ۾ آهي پر هِن ڪتاب "ڇپن ڇنا پير" لاءِ هُن 108 ڪالمن جي چونڊ ڪئي آهي. اهي ڪالم هن مختلف دورن ۾ لکيا آهن، ۽ اهي الڳ الڳ سياسي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل آهن. مسرور سيال جا اهي ڪالم نه رڳو مقامي ۽ قومي پر بين الاقوامي مسئلن تي پڻ لکيل آهن. اهي ڪالم پڙهندي مسرور جي گهري تجزياتي نگاهه جو اندازو آساني سان ڪري سگهجي ٿو. هو جنهن به معاملي تي قلم کڻي ٿو، ان جي گهڻ رخي ڄاڻ رکي ٿو ۽ اها ڄاڻ نه رڳو پنهنجي قاري تائين رسائي ٿو پر ڀرپور تجزئي ۽ تبصري وسيلي ان معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪري ٿو.

مسرور سيال مسلسل لکندو رهيو آهي ان ڪري سندس قلم تي اڃان تائين ڪَٽُ نه چڙهي آهي. هو جتي وڏن عالمي مسئلن جهڙوڪ "شام مٿان حملو آمريڪا جي وڏي غلطي ثابت ٿيندي"، "سعودي پاران انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ خاموش دنيا" ۽ "نيوزيلينڊ ۾ قتل عام ۽ امن عالم بابت سوال" تي قلم کڻي ٿو اتي "اختيارن جي جنگ اڃان به جاري آهي", "ڪاساز سانحو حوصلي کان مايوسي تائين"، "خوشحال پاڪستان خواب يا حقيقت "، "سنڌ کي سچائيءَ واري سياست جي ضرورت آهي"، "ايم ڪيو ايم نسل پرستي کان غداري تائين" جهڙن قومي ۽ صوبائي معاملن تي به ڀرپور نموني پنهنجي قلم جا ڪونتل ڪڏائي ٿو. ايترو ئي نه پر مسرور جڏهن شاهه، سچل ۽ شهباز تي لکي ٿو ته هن جو اندازِ تحرير پڙهڻ وٽان هجي ٿو

سُرن ۾ ساهه وجھندڙ سنگيتڪاره عابده پروين ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سُرن ۾ ساهه وجھندڙ سنگيتڪاره

عابده پروين

 

سموري فطرت موسيقي جي حسن، ساز ۽ سنگيت جي جادو سان ڀريل آهي. آبشارن مان ڪرندڙ پاڻي ۾ جدا موسيقي آهي، هوريان هلندڙ هيرن ۽ ڇوهين هوائن ۾ پنهنجو سُر ۽ ساءُ آهي، پهاڙن جي پڙاڏن ۾ الڳ غنا ۽ ترنم آهي، پکين جي ٻولين ۾ انوکا مڌر راڳَ آهن.... هيءَ سڄي ڪائنات موسيقي جي سحر ۾ ٻڏل آهي، رڳو اسان وٽ اهي سماعتون هجن جيڪي انهن سرن مان سرور حاصل ڪري سگھن. سوچيان ٿو هن خدائيءَ ۾ اهو ڪهڙو روح هوندو، جيڪو موسيقي جي جادو کان متاثر نه ٿيو هوندو...... ڪنهن چيو هو ته ’موسيقي فرشتن جي زبان آهي. اها معصوم دلين جو آواز آهي.


ان ۾ سچ آهي، سوز آهي، سڪون آهي ان ۾.‘ ڪو موسيقي جي رمز کي سمجھي، تار ۽ ترنم کي ڇيڙي ته ڏسي، ان ۾ پنهنجي الڳ تازگي ۽ توانائي آهي. اهو راڳ ئي آهي جيڪو رقص جي ڪيفيت طاري ڪري وجھي ٿو.... اهي سُر ۽ ساز ئي آهن جيڪي روح جي ڪٽ ۽ ڪس کي ڪوري اندر اجرو ڪري ڇڏين ٿا. ڪنهن راڳيءَ جي روح مان نڪتل صدا، سچ ته ڪيئي بنجر دلين کي سيراب ڪري ڇڏيندي آهي. جيڪو ماڻهو ساز جي سوز جو سرور ماڻي وٺي ٿو ان جو اندر گلستان بڻجي وڃي ٿو..

فن جي سطح تي هونءَ ته موسيقي هڪ ڏکيو فن آهي پر سوچجي ته راڳ هڪ تپسيا به آهي، جنهن جو تعلق انسان جي اندر جي ڪائنات سان آهي. راڳ جي پنهنجي الڳ زبان آهي، اهڙي سولي سنهجني جو اگر سمجھڻ چاهي ته هر زبان وارو سمجھي سگھي، ڇوته راڳ انسان جي داخليت سان تعلق رکندڙ چيز آهي، ان ڪري ان کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ لاءِ ڪنهن زبان جي نه پر ان رمز جي ضرورت آهي، جيڪا بيخوديءَ جي ڪيفيت پيدا ڪري ٿي. سڄي دنيا ۾ وڄندڙ ساز جيئن اسان جي سماعتن ۾ تحليل ٿي وڃن ٿا ۽ ان لاءِ ڪنهن زبان ۽ ترجمان جي ضرورت نه ٿي پوي ائين ئي ڪنهن سُر، لئي ۽ ترنم لاءِ به ڪنهن خاص ٻوليءَ جي گھرج نه هوندي آهي. جڏهن ماڻهو موسيقي جي سُرن ۽ ٻولن ۾ لُڙهي وڃي ٿو ته مٿس ’مي رقصم‘ جو راز کُلي ٿو ۽ اها ٿَرڪ ۽ رقصَ جي ڪيفيت وجدان تي کُٽي ٿي. سنڌ جي عظيم فنڪاره عابده پروين جي راڳ ۾ اهو اثر ۽ سحر موجود آهي، جيڪو ٻڌندڙن کي رقصِ درويشان واري ڪيفيت تائين پهچائي ٿو.


موسيقي جي دنيا ۾ عابده پروين سنڌ جو هڪ اهڙو سجيلو ۽ سُريلو آواز آهي جيڪو سنڌ جي جھنگ جھر کان اُٿندو اڄُ سڄي دنيا جي ڪَنن ۾ ٻُري رهيو آهي. هي اُهو آواز آهي، جنهن جي صدا ۾ هڪ سرور آهي، جنهن جي لئي ۾ هڪ سوز آهي، جنهن جي ترنم ۾ آبشارن جهڙو آهنگ آهي، جنهن جي مرڪن ۾ مڌرتا آهي. روح جي پاتال مان اُڀرندڙ اهو آواز اڄ ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي.

سنڌ ۾ صحافتي ادب جي صورتحال ۽ اثر امام جو ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“ -- ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سنڌ ۾ صحافتي ادب جي صورتحال

۽ اثر امام جو ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“

(هڪ سرسري جائزو)

 

جيستائين قلم جا وارث زنده هوندا تيستائين قلم جو سِرُ ڪڏهن به قلم نه ٿيندو ۽ ائين ئي ساهت جو سنسار تيستائين سَنڍِ نه ٿيندو، جيسيتائين هن دنيا ۾ هڪ به ماڻهو سوچيندو پنهنجي ذات، حيات ۽ ڪائنات بابت. جيسيتائين ماڻهوءَ جي ذهن ۾ سوالَ زنده رهندا ۽ جيسيتائين شين ۽ لقائن ۾ تضادَ موجود هوندا تيسيتائين ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ لکندو رهندو. انسان ته ان دور ۾ به لکندو هيو جنهن دور ۾ ڪاغذ جو ڪو وجود ئي نه هو. هڪَ سوچيندڙَ ۽ تڙپندڙَ ماڻهوءَ لاءِ لکڻ به ڪنهن جبلت وانگر ئي آهي، جي ائين نه هجي ها ته انسان پٿر جي سرن، چمڙي، لوهه، پِتل ۽ ٽامي جي ڦرهين، پتن ۽ اهڙين ٻين چيزن تي لکڻ شروع نه ڪري ها.

قلم ۽ ڪاغذ تنهائيءَ ۾ به تڪلم ڪندا آهن، ۽ ڪتابن جا لفظ سٺن پڙهندڙن لاءِ ڪڏهن به اوپرا نه هوندا آهن. ڪتابَ کي جيڪو به پيار سان پنهنجي آغوش ۾ پناهه ڏيندو آهي، ان سان ان جا اکر ڳالهائڻ لڳندا آهن. اکرن مان شڪليون اڀرنديون آهن. احساسَ ڪَرَ موڙي اُٿندا آهن. فڪر جا نوان زاويا پيدا ٿيندا آهن. انهن اکرن مان ڪڏهن انقلابن جا نعرا اڀرندا آهن ته ڪڏهن مزاحمت جي آڳ ڀڙڪندي ڀاسندي آهي.... ڪتابن ۾ موجود لفظ ڪڏهن جيءَ کي جنجھوڙي ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن اداس ڪري وجھندا آهن. ڪڏهن انقلابي ۽ باغي بڻائي ڇڏيندا آهن ته ڪڏهن وري صوفي ۽ سنياسي. اهو سمورو لقاءُ ڪتابن مان ئي پَسي سگھبو آهي. ڪتابَ جيڪي مذهب، سائنس، فلسفي، قانون، ادب، سياست ۽ سماج جهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي سڄي دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ شايع ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، انهن مان علم، فڪر ۽ ڏاهپ جو لاٽون اڀرن ٿيون، جيڪي ذهنن کي روشن ڪن ٿيون، اهي ڪتاب معلومات فراهم ڪن ٿا ۽ نئين سوچ جا دروازا کولين ٿا.

سنڌي ٻوليءَ ۾ به روز ڪو نه ڪو ڪتابُ ڇپجي ٿو. بلڪه منهنجي خيال ۾ هر روز هڪ کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، پر سوال آهي ته ڇا اهي اهڙا ڪتابَ آهن جيڪي علم جو خزانو ميسر ڪن؟ جن ۾ اڻ ڇهين احساسن جو سمنڊ موجزن هجي؟ جن کي پڙهي روح کي راحت اچي؟ جيڪي ذهن ۽ دل ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪن؟ جن ۾ جيءَ کي جنجھوڙڻ واري شڪتي هجي؟ جيڪي تخليقي ادب جو شاهڪار چئجن؟ جيڪڏهن انهن مان هڪُ به هاڪاري جواب ملي ته اهڙا ڪتاب ڪارگر چئبا...... پر اوهان کي انهن روز ڇپجندڙ ڪتابن مان کوڙ سارا اهڙا ڪتاب به نظر ايندا جيڪي بي ساهن اکرن سان چٽيل پَنن کان سواءِ ڪجھ به نه آهن. اهي رڳو ذهنن تي بارَ وانگر ئي نه هوندا آهن پر لائبريرين تي به اجايو بارُ ڀاسندا آهن. ان سموري صورتحال ۾ اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪي اهڙا ڪتاب به نظر ايندا جن کي پڙهڻ تي دل چوندي آهي. نوجوان ليکڪ اثر امام جو شايع ٿيل ڪتاب ”ووءِ ووءِ ڪندي وت“ به اهڙن ڪتابن مان آهي جنهن کي ڏسندي ئي هڪ سُچيت قاري ان کي پڙهڻ چاهيندو. مطلب ان جا عنوان ئي اهڙا آهن جيڪي هڪ سٺي پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪن ٿا.

”ووءِ ووءِ ڪندو وت“ اثر امام جي انهن ڪالمن جو مجموعو آهي، جيڪي وقتاً فوقتاً مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. اخبار جون پنهنجون مخصوص گھرجون ٿين ٿيون ۽ هڪ ڪالم نگار کي انهن ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو آهي. خاص طور اخباري ڪالم جو ڪئنواس ننڍو ٿئي ٿو، ان ڪري ان ۾ ڪالم نگار ڪابه ڳالهه تفصيل سان بيان نه ٿو ڪري سگھي. هونءَ به ڪالم جي بنيادي وصف به اها آهي ته اهڙو مواد جيڪو هڪ مخصوص قالب اندر سمائجي وڃي. اهڙي مواد لاءِ به ڪي شرط آهن. مثلاً اهڙو مواد حالاتِ حاضره متعلق هجي، ان ۾ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تجزيو وغيره هجي. پر هن وقت اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪالم پنهنجي موضوعي جهان ۾ وسيع ٿي چڪو آهي ۽ دنيا جهان جي هر موضوع تي ڪالم لکيو وڃي ٿو. هاڻي ته اسپورٽس، شوبز، ايگريڪلچر، ايريگيشن ۽ اهڙن ٻين موضوعن تي روزانو اخبارن ۾ ڪالم نظر اچن ٿا. بهرحال هڪ ڪالم نگار جنهن به موضوع تي لکي پر اختصار ڪنهن به ڪالم جو حسن ٿئي ٿو........ پر مونکي ڪي اهڙا ڪالم نگار به سُجھن جن جا ڪالم اخبارن ۾ قسطوار ڇپبا هيا. انهن مان منهنجو هڪ مرحوم دوست انجنيئر برڪت مرکنڊ به هڪ هيو، پر اثر امام جا اڪثر ڪالم پنهنجي سائيز جي لحاظ کان مناسب ۽ متوازن آهن.

Friday 14 May 2021

اياز گل سنڌي شاعريءَ کي نئون لهجو ڏيندڙ شاعر ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (DR. AHSAN DANISH)

 

ڊاڪٽر احسان دانش

اياز گل 

سنڌي شاعريءَ کي نئون لهجو ڏيندڙ شاعر

 

شاعري رڳو مترنم لفظن جي سٽاءُ جو نالو نه آهي، پر اها اظهار جو اهڙو انوکو انداز آهي، جنهن ۾ فڪر جا پنڇي پر پکيڙي نروار ٿين ٿا ۽ شعور کان لاشعور جو سفر طئي ڪن ٿا. حقيقت ۾ شاعري روح جو آواز آهي، جنهن ۾ پيار جو پيغام به هوندو آهي ته درد جي هوڪ به. جنهن ۾ جذبن جي ڪوملتا به هوندي آهي ته احساسن جي شدت به. يا وري شاعري احساس جو سمنڊ آهي جتان لفظ لهرن تي رقص ڪندا سماعتن جي ساحلن کي ڇهندا آهن، هڪ سچو شاعر ان مصور وانگر هوندو آهي، جيڪو خالي ڪئنواس تي رنگ چٽي پنهنجي احساسن کي به انهن ۾ تحليل ڪري ڇڏيندو آهي

Islamic D’Israeli جي لفظن ۾ “A Poet is the painter of soul” )هڪ شاعر روح جو مصور ٿئي ٿو.(

        هر دور جي شاعري پنهنجي دور جو آواز ۽ انداز هوندي آهي. سنڌي شاعري ۾ ڪلاسڪي دور کان جديد دور تائين جي سفر تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان سموري عرصي ۾ سنڌي شاعري اندر نه صرف فني پر فڪري حوالي سان به ڪيئي تجربا ڪيا ويا آهن. اسان جي شاعري ارتقا جا اهي سمورا مرحلا طئي ڪري موجوده دور ۾ جنهن مقام تي پهتي آهي، ان ۾ ڪيترن ئي اهم شاعرن جو حصو آهي ۽ اياز گل جو نالو جديد دور جي انهن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. امداد حسيني جي لفظن ۾ ”هر سچي شاعر کي پنهنجو الڳ ڊڪشن، نئون لهجو ۽ نڪور ردم هوندو آهي ان آڌار تي ئي هو، پنهنجي هم عنصرن ۾ منفرد حيثيت ماڻيندو آهي ۽ اياز گل پنهنجي دور ۾ اهڙي حيثيت ماڻي چڪو آهي.“

        اياز گل جي شاعري هونءَ ته موضوعن جي حوالي سان گوناگون آهي، پر خاص طور تي هن وٽ رومانوي رنگ، پنهنجي پوري جمالياتي ذوق، ڦوهه جواني ۽ جوڀن ۾ نظر اچي ٿو. هن جا لفظ هر پيار ڪرڻ واري دل کي امرت پيا آڇين. اهڙو امرت، جنهن کي اندر ۾ اوتي زندگيءَ مان سرور حاصل ڪري سگهجي جيئن.

 

جنهن ۾ ڪنهن جي ماٺ به موهي وجهندي آ،
حد نه هوندي آهي، اهِڙي چاهت جي
                     ..........

مَڌ وانگي آ محبت جو نشو،
تيئن وڌي، جيئن جيئن پراڻي ٿي وئي
                     ..........

نفرتون ڪن ٿيون آپگهات تڏهن،
پيار ٿو پيار کي جڏهن ماڻي
                     ..........

منهنجي دل جي ڌرتيءَ مان،
تنهنجو پيار ڦٽي نڪتو.

گوهر شيخ جي شاعريءَ جي پروڙ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


گوهر شيخ جي شاعريءَ جي پروڙ

 

شاعري ڪو جادوئي نغمو آهي جيڪو روح جي تارن کي ڇيڙي جذبن ۾ هلچل مچائي ٿو. شاعري ڪو اهڙو پُر لطف آهنگ آهي جنهن کي احساس جي ڌن تي گنگنائي سگھجي ٿو. شاعري ڪا اهڙي ندي آهي جنهن جا پنهنجا گس ۽ گھيڙ آهن، شاعري اهڙي پياس جو پنڌ آهي، جنهن جي آس هر اُن من ۾ جاڳي ٿي جنهن ۾ بي چينيءَ جا رُباب وڄن ٿا. شاعري هڪ اهڙو سرور آهي جنهن جي ڪيف کي اهڙا متارا ئي سمجھي سگھن ٿا جن موکيءَ واري مئي جو مزو ماڻيو هجي. شاعريءَ جو اهو غمزو ۽ غنا، ترنم ۽ آهنگ، پياس ۽ سرور ان کي گھڻ رخو، گھڻ معنوي ۽ گھڻ احساسي چيز بڻائين ٿا.


سمورن لطيف فنن منجھان شاعريءَ کي مٿاهون ۽ معتبر فن ڄاتو ويو آهي. شاعريءَ جي اظهار جو ٽول لفظَ آهن. لفظَ جيڪي غير مادي شي هجڻ باوجود پنهنجي اندر معنائن، شڪليل، منظرن ۽ احساسن جا جهان آباد ڪيو ويٺا آهن. سمورن لطيف فنن منجھ بنيادي قدر ساڳيا آهن ۽ انهن ۾ تخليق جو حوالو سڀ کان سگھارو آهي. شاعري، موسيقي، مصوري، صنم سازي ۽ عمارت سازي سڀئي اهڙا فن آهن جيڪي تخليق ۽ تخيل جي حسن سان ئي حسين بڻجن ٿا. شاعريءَ کان سواءِ مذڪوره سمورا فن ڪنهن نه ڪنهن مادي شي جا محتاج آهن. موسيقي ساز جي محتاج، مصوري ڪاغذ، پردي، برش يا پينسل جي محتاج، سنگتراشي ڇيڻيءَ ۽ هٿوڙي جي محتاج ۽ عمارت سازي ڪيترن ئي اوزارن جي محتاج آهي. انهن مان شاعري ئي هڪ اهڙو فن آهي، جنهن کي ڪنهن مادي چيز جي گھرج نه ٿي هجي. لطيف فنن منجھان هڪ ٻيو فن آهي رقص، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ’رقص جسم جي شاعري آهي‘ ــــ جيڪڏهن رقص جسم جي شاعري آهي ته مان سمجھان ٿو ته شاعري لفظن جو رقص آهي. لفظ جن ۾ هڪ ترتيب ۽ ترنم آهي، لفظ جيڪي صف بند ٿين ته سرحدن جي سپاهين جيان لڳن، منتشر ٿين ته پَٽَ تي وکريل موتين وانگر، هڪ ٻئي جي پويان هجن ته خوبصورت مالها جيان، هڪ ٻئي سان جُڙندا اڳتي وڌن ته زنجير جيان، ڇوها اچن ته آبشارن جيان، ڌيري اچن ته ندين وانگر. اُهي لفظ / شبد جن جي ڪارج جو اندازو ڪرڻو هجي ته ڪبير سان ڳالهائجي، جنهن چيو هو ته:


شبد کو کھوج لے شبد کو بوجھ لے شبد هي شبد تو چلو بھائي
شبد آکاش هے، شبد پاتال هے شبد تو پِنڈ برهمنڈ چھائي.

(لفظن کي ڳولهه، لفظن کي سمجھ ۽ لفظن جي سهاري ئي هل. لفظ ئي آسمان آهن، لفظ ئي پاتال آهن، لفظ ئي زمين ۽ سارو جهان آهن.)

پر جيئن هر آواز موسيقي نه ٿو ٿي سگھي، رنگن جو ڦهلاءُ ۽ هر لڪير مصوري نه ٿي ٿي سگھي، هر پٿر جي تراش ڪنهن مورتيءَ کي جنم نه ٿي ڏئي سگھي، هر اڏاوت عمارت سازيءَ جو شاهڪار نه ٿي ٿي سگھي ۽ هر حرڪت رقص نه ٿي بڻجي سگھي، تيئن ئي لفظن جو هر ميڙ شاعري نه ٿو بڻجي سگھي.