ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
ڊاڪٽر احسان دانش
احسان الحق پٺاڻ، ڊاڪٽر احسان دانش 15 فيبروري
1974ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ مشهور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد “شاد” جي گهر جنم ورتو.
شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ ايم اي اردو ادب ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. اڳيان
سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي بعنوان “شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج” تي ڪيائين. ڊاڪٽر احسان جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.
1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس لکڻين جو محور تحقيقي تنقيد، لطيف شناسي ۽ شاعري
آهن. ڇپيل ڪتاب بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون) 2005ع، لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو،
(مقالا-2005ع)، ويل نه وسريام (سوانحي مقالا 2007ع)، لفظن جي خوشبو (شاعري-2009ع)،
سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو: موهن جو دڙو (تحقيقي مقالا ترتيب) آهن. ڊاڪٽر احسان جو
ڪتاب “پيهي پروڙيم” جديد سنڌي شاعريءَ بابت تحقيقي مقالن ۽ 13 شاعرن جي فن جي
تجزيي بابت 2020ع ۾ ڊجيٽل بُڪ طور آيو آهي، جيڪو سنڌ سلامت تي آن لائين پڙهي سگهجي
ٿو.
سندن هڪ ٻيو ڪتاب 2021ع ۾ لطيف شناسيءَ تي پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي کان ڇپيو “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو” 184 صفحن جي هن ڪتاب ۾ آيل مضمون ۽ مقالا “شاهه لطيف درد جي حقيقت”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جا لفظي روپ”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سور جي سونهن”، “شاهه لطيف جي سورمين وٽ درد جا انواع”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد ۽ عشق جو لاڳاپو”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو سماجي ڪارج” هڪ ئي موضوع “درد” بابت هيءُ مڪمل ڪتاب لطيف سرڪار جي شاعري ۾ هن موضوع کي مختلف رخن سان سمجهڻ ۾ معاون آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج: مقالي جا
ٻه اکر غلام اڪبر لغاري ۽ مهاڳ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي پاران لکيل آهن ۽ ڊاڪٽر بشير
احمد شاد جي نالي منسوب ڪيل آهي. 2016ع ۾ هيءَ تحقيق سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ثقافت ۽
سياحت کاتي پاران شايع ڪئي، 520 صفحن تي آڌاريل هن تحقيق جا اٺ باب هن ريت آهن.
باب پهريون سماج ۾، سماج جي لغوي معنيٰ، وصف، سماج جي تخليق جا ڪارڻ، سماجي جوڙجڪ،
سماجي لڳ لاڳاپا، فطري ادارا، ڪٽنب، قبيلو، ڳوٺ، شهر، رياست، سماج جون خاصيتون،
سماجي قدر، منظم زندگي، ٻڌي ۽ اتحاد، انصاف ۽ برابري، سماج سان لاڳاپيل اصطلاح،
ثقافت، تهذيب شڪاري، زرعي ۽ صنعتي سماج سان گڏ چند ٻيا موضوع آهن. ٻئي باب شاعري
جي عنوان سان ۾ ٻولي ۽ ڪلچر، سنڌي ٻولي ۽ سماج، ادب، اديب ۽ سماج، شاعري، پسمنظر ۽
سماجي ڪارج ۽ شاعريءَ جا سماجي قدر آهن. باب ٽيون اوڀر جي ٽن اهم ٻولين عربي،
فارسي ۽ هندي جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس، ڏنل آهي. چوٿين باب سنڌي سماج ۽ قديم
سنڌي شاعري ۾ سنڌي سماج جي اوسر سنڌ جو قديم دور، عرب دور، سومرا دور، سما دور،
ارغون ترخان ۽ مغل دور جي سماجن جي ذڪر سان گڏ قديم سنڌي شاعريءَ جا اُهڃاڻ، سنڌي
لوڪ شاعريءَ جو سماجي اڀياس ۽ شاهه کان اڳ واري اساسي شاعري جو سماجي اڀياس آهن.
باب پنجون شاهه لطيف جي شاعري ۽ سنڌي سماج جي عنوان سان ۾ سنڌي سماج ۽ شاهه لطيف
جي عظمت شاهه جي ڪلام ۾ موضوعاتي وسعت، سنڌي سماج ۾ شاهه جي ڪلام بابت فڪري ۽
نظرياتي تضاد، شاهه جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک، شاهه جي ڪلام جا عالمي
ادبي قدر، سنڌي سماج ۾ شاهه لطيف جي مقبوليت جا سبب، صوفي فڪر، مذهبي پچار ۽ انسان
دوستي، موسيقي ۽ راڳ، سنڌي سماج جي مقبول داستانن جي چونڊ، عام ماڻهن ۽ سماج جي
هيٺين طبقي جو فڪر، سنڌي ٻوليءَ جو استعمال، سنڌي سماج ۽ ثقافت جي عڪاسي آهي.
ڇهون باب سماجي فڪر جي حوالي سان شاهه جي
شاعريءَ تي مقتدمين جا اثر آهي، جنهن ۾ پرڏيهي مقتدمين جا اثر ۾ عربي ٻولي ۽ ادب
جو اثر عربي شاعرن جا اثر ۽ هڪجهڙائي، فارسي ٻوليءَ جو اثر، فارسي شاعرن جا اثر،
هندي شاعرن جا اثر، ڏيهي مقتدمين جا اثر، پنجابي شاعرن جا اثر، ستون باب شاهه لطيف
جي دور جو سماج ۽ سندس ڪردارن جو سماجي ڪارج آهي. شاهه لطيف ۽ سندن دور جون سماجي
حالتون، شاهه جا منفي ۽ مثبت ڪردار ۽ سندن سماجي ڪارج ذڪر ڪيل آهي. باب اٺون، شاهه
لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج عنوان سان جا ذيلي عنوان ٻن حصن ۾ آهن. 1. شاهه
لطيف جي علامتي شعور مان جنم وٺندڙ سماجي فڪر، 2. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي
قدر جنهن ۾ انساني مثبت سماجي قدر جيئن محبت ۽ عشق، حب الوطني/وطن دوستي، اهنسا،
امن پسندي ۽ انسان دوستي، سجاڳي، جدوجهد، بهادري، ٻڌي/اتحاد، پورهيو/محنت، سچ،
سخاوت، قرباني، صبر/سهپ/درگذر، نياز/نوڙت جي حوالي سان لطيف سرڪار جي بيتن مان
چونڊو ڏئي سندن شاعريءَ جي مقصديت مٿين حوالن سان ڄاڻايل آهي ته گڏوگڏ منفي سماجي
قدر جيئن ڪوڙ، دغا، غرور، لالچ، غفلت، جهڙن سماجي منفي قدرن کي لطيف پاران ننديندي
موضوع جي چٽائي دليلن سان ڪيل آهي، آخر ۾ شاهه لطيف جو سماجي نظريو ۽ شاهه لطيف جي
شاعريءَ جو سنڌي سماج تي اثر ۽ تحقيقي نتيجا ۽ مروج نموني ببليو گرافي آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو تجزياتي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته،
ڊاڪٽر احسان دانش شاهه لطيف جي شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي سمجهڻ خاطر پنهنجي هن
ٿيسز ۾ اهڙين تاريخي حقيقتن تي روشني وڌي آهي جيڪي شاهه جي دور جي حوالي سان سماجي
سرشتي کي سمجهڻ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪارائتا شعري دليل آهن. هن اهڙي فڪري لهر
ذريعي شاهه جي شاعريءَ جي ڪيترن ئي رخن جهڙوڪ سياسي، مذهبي، اخلاقي، روايتي،
ثقافتي، نفسياتي ۽ معاشي حالتن جو اڀياس مخصوص سنڌي سماج کي سامهون رکي ڪيو آهي.
ڊاڪٽر احسان “ٻه اکر” جي سِري هيٺ لکي ٿو، “شاهه
سائين جي شاعريءَ جو ڪمال اهو آهي ته ان کي سنڌي سماج جي هر طبقي قبول ڪيو آهي ۽
پنهنجي سمجهه ۽ ساڃهه آهر سندس فڪر کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ساڻس محبت جا
پنهنجي پنهنجي طريقي سان دليل ڏنا آهن، تنهن ڪري ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شاهه
سائين سنڌي سماج تي گهرا اثر ڇڏيا آهن، سندس ڪلام جي گهڻ رخي مطالعي مان هن جي
ڪلام جا سماجي رخ جاچڻ ئي منهنجي هن ڪم جو اصل مقصد هو، جنهن کي مون سندس شاعريءَ
جي انيڪ سماجي پهلوئن کي اجاگر ڪري پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.”
موضوع جي حوالي سان مقالي مان چند حوالا هيٺ ڏجن
ٿا:
شاهه لطيف پنهنجي فڪر ۽ فن جي معيارن مطابق
جيترو بلند ۽ بالا، عظيم ۽ اعليٰ شاعر نظر اچي ٿو، اوترو ئي سنڌي سماج ۾ گهڻي ۾
گهڻي عوامي مقبوليت ماڻيندڙ شاعر طور به سڃاتو وڃي ٿو، اهوئي سبب آهي جو شاهه
سائين کي سنڌ جو عوامي ۽ قومي شاعر به سڏيو وڃي ٿو.” (صه 24)،
”شاهه لطيف تصوف جي فڪر کي سماج سان سلهاڙي هڪ نئين جوت جلائي آهي،
هو چوي ٿو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي سماجي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ دشمن قوتن سان مهاڏو
اٽڪائڻ کان ڪيٻائيندا نه آهن اهي موت کي هڪ نئون جنم سمجهندا آهن، اهڙا جانثار
جوان پنهنجو وجود فنا ڪري نئين حياتي ماڻڻ چاهيندا آهن.“ (ص 245)
“شاهه لطيف جي مقبوليت جي محور بابت ڊاڪٽر دانش لکيو آهي ته سنڌ جي
رومانوي ۽ تاريخي داستانن ۾ موجود ڪردارن، سورمن ۽ سورمين کانسواءِ شاهه لطيف
پنهنجي سماج جي جنهن طبقي جو وڌ کان وڌ ذڪر ڪيو آهي اهو آهي “پورهيت طبقو” ڀٽائي
جي ڪيترين سورمين ۽ سورمن جو خود انهيءَ پورهيت طبقي سان تعلق آهي، سهڻي ڪنڀار جي
ڌيءَ آهي، مارئي ٿر جي مسڪين مارن جي نياڻي، سسئي ڌوٻيءَ جي ڌيءَ، نوري مهاڻي ۽
مورڙو ميربحر آهي، اهڙيءَ طرح سر سامونڊيءَ جا سارا ڪردار وڻجارا ۽ سندن ونيون
سنڌي سماج جي غريب ۽ پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا، ٿر جا مارو به ڪمي، ڪاسبي ۽
هاري آهن، سُٽ ڪتيندڙ عورتون به پورهيت طبقي سان واسطو رکن ٿيون. اهڙي طرح واڍا،
مڱڻهار، ٻيڙياتا، ساٽي، وينجهار، ٺاٺارا، جوڳي، ڪاپڙي، کاهوڙي ۽ ڏوٿي به پنهنجي
پنهنجي ڪم ۽ ڪرت جي لحاظ کان سماج جي هيٺين طبقي سان تعلق رکن ٿا.” (ص 259).
” شاهه لطيف هڪ شاعر آهي ۽ شاعر به اهڙو جيڪو پنهنجي سماج جو نقاش
آهي، ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ان نقش و نگار وسيلي اسان سماج جون ٽي صورتون ڏسون ٿا،
پهرين هڪ سڌريل ۽ سهڻي سماج جي صورت، ٻي بگڙيل ۽ بدصورت سماج جي شڪل ۽ ٽين ان
آئيڊيل سماج جي تصوير جيڪو ڀٽائيءَ جو خواب آهي” (ص 379)
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي قدر ۽ شاهه جي
شاعريءَ جو سماجي اڀياس مٿين نقطن مطابق سمجهائيندي ڊاڪٽر احسان انساني اخلاقي
قدرن جي گڻن ۽ اَوَگڻن جو اڀياس شاهه جي شاعريءَ مطابق پيش ڪيو آهي.
منهنجي نظر ۾ هن تحقيقي مقالي جو طاقتور رخ شاهه
جي شاعريءَ کي سماج جي ترقي ۽ تعمير جو گس ۽ عوامي طور مقبول ۽ سماج لاءِ هر دور ۾
قبول ٿيندڙ شاعري ڄاڻايل آهي ته گڏوگڏ عنوان سان سلهاڙيل رُخن جيئن سماج جي گهڻ رُخي
وصف، جوڙجڪ، اوسر ۽ ادب/شاعري جو سماج جي حوالي سان گڏيل مطالعو شامل آهن. ڊاڪٽر
احسان دانش جي هن گهڻي رخي تحقيق جو تت اهو به شمار ڪري سگهجي ٿو ته لطيف سنڌي
سماج جي هر دور جو قومي، عوامي، مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر آهي
https://humsari.com/dr-ahsan-danish-by-dr-parveen-moosa-memon/
عابد ڪاظمي
ڊاڪٽر احسان دانش ــــ مختصر تعارف
ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ادب جو ڄاتل سڃاتل نالو آهي. هن ادب جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. تخليق سان گڏ تحقيق ۽ تنقيد هن جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهن. ڊاڪٽر احسان دانش گذريل ٽن ڏهاڪن کان قلمي پورهيي سان لاڳاپيل آهي. ڊاڪٽر دانش 2015 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي سنڌي ادب ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪري چڪو آهي. شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ کان علاوه هن جديد سنڌي شاعري تي ڪيترائي ڪارائتا مقالا لکيا آهن، ڊاڪٽر دانش سنڌي ڪهاڻي جي جديد رجحانان توڙي سنڌي ادب ۾ تنقيد جهڙن اهم موضوعن تي پڻ تحقيقي مقالا لکيا آهن، سندس اهڙن تحقيقي مقالن جو انگ 160 آهي، جيڪي ايڇ اي سي کان منظور ٿيل مختلف تحقيقي جرنلن ۽ معياري ادبي جريدن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
ڊاڪٽر احسان دانش آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو، انڊس لٽرري فورم ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون، 2005ع)، لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو ( لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مقالن جي سهيڙ 2005)، ويل نه وسريام (لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن بابت مقالا، 2007)، لفظن جي خوشبو (شاعري، 2010)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو (تحقيق ۽ تلخيص 2012ع)، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج (تحقيق / لطيفيات، 2016) ۽ پيهي پروڙيوم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس2017 ) شامل آهن. هن شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي حوالي سان سال 1994 کان 1995 تائين روزاني ”جاڳو“ ۾ هفتيوار ڪالم لکيا، جڏهن ته 1998 ۽ 1999 ۾ هن روزاني ”جاڳو“ کان علاوه روزاني”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“۾ پڻ مختلف موضوعن تي ڪالم لکيا آهن. ڊاڪٽر دانش 2017ع کان سنڌالاجي جي تحقيقي جرنل ”سنڌي ادب“ ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي اياز چيئر جي تحقيقي جرنل ”اياز“ جي رويوئر ڪميٽي جي ميمبر هجڻ سان گڏ ”ادبِ پاڪ“ انٽرنيشنل ۽ ٽه ماهي ”بيلاگ“ ڪراچي جو لاڙڪاڻي جو خصوصي نمائندو پڻ رهيو آهي ان کان علاوه ماهوار ”شعور“، ”ماهوار ”سرواڻ“ ۽ ماهوار ”سورٺ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهندو آيو آهي. هو ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ جي پبليڪشن ڪاميٽي جو 2016ع ۾ ميمبر رهي چڪو آهي. جڏهن ته هن وقت شهيد محترمه بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي.
ڊاڪٽر دانش صوبائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح جي 42 ڪانفرنسن ۾ بحيثيت مقالانگار شرڪت ڪري چڪو آهي. هن کي مختلف علمي، ادبي ادارن طرفان ادبي خدمتن جي مڃتا طور 18 ادبي ايوارڊ ملي چڪا آهن. 2016 ۾ هن کي ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ طرفان ادب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ هڪ اهم ۽ وڏي ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ سان پڻ نوازيو ويو آهي. جڏهن ته سندس ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد طرفان لطيف شناسي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان سال جي بهترين تحقيقي ادب جا ايوارڊ پڻ مليا آهن. ان کان علاوه انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان طرفان سندس ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ کي سال 2017ع جي بهترين تنقيدي ادب جو اوارڊ پڻ مليو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش 1999ع کان درس و تدريس سان لاڳاپيل آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي سنڌي شعبي ۾ تدريسي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ان کان اڳ هو لاڙڪاڻي جي هڪ نيم سرڪاري ڪاليج ۾ 4 سال اردو جي ليڪچرار طور پڻ پڙهائي چڪو آهي. اهڙي طرح هو سالن جا سال لاڙڪاڻي جي مختلف نيم سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ سي.ايس.ايس ۽ پي.سي.ايس جي ڪلاسن کي سنڌي ادب پڙهائيندو رهيو آهي. هو گذريل 10 سالن کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان پڻ آهي. جنهن ۾ هن 100 سنڌي اديبن جا تفصيلي ۽ يادگار انٽرويو پڻ ورتا آهن. تخليق، تحقيق ۽ تنقيد جي شعبن ۾ هن وقت ڊاڪٽر احسان دانش جا سَتَ ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ منتظر آهن.
شھزادو شيخ
ناميارو نقاد ۽ لطيف شناس
سونهاري سنڌ ڌرتيءَ عظيم شخصيتن کي پنهنجي زرخيز مٽيءَ مان جنم ڏنو آهي. جن ٻين شعبن سان گڏ فن، آرٽ ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجو پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي ۽ سر بلنديون ماڻيون آهن. هونءَ ته سنڌ جو چپو چپو سونُ آهي ۽ هر علائقي جي پنهنجي اهميت آهي پر تاريخي شهر لاڙڪاڻو شاعرن، اديبن، ڪھاڻيڪارن، عالمن ۽ دانشورن، محققن ۽ نقادن توڙي ڊراما نگارن، ناول نگارن، ڪالم نگارن، اداڪارن، گلوڪارن ۽ چترڪارن کي جنم ڏيندڙ علائقو آهي. لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي کي ليڊرن جي ڌرتي به چوندا آهن، جتان هر شعبي ۾ اڳواڻ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن سنڌ ۽ ملڪ ۾ ئي نه پر بين الاقوامي سطح تي به اعلي مقام ماڻيو آهي. لاڙڪاڻي جي اهڙن اعلى ۽ آدرشي انسانن ۾ خوبصورت شاعر، ڪھاڻيڪار، محقق، نقاد، لطيف شناس تعليمدان ۽ منهنجو پيارو استاد، محسن، رهنما ۽ هر دل عزيز ۽ منهنجي پسنديده شخصيت پروفيسر ڊاڪٽر احسان دانش به هڪ آهي، جنهن سنڌ جي سر تاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ تي پي ايڇ. ڊي جي سَندَ به حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر دانش شاهه سائين جو شارح ئي نه پر عاشق به آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب هجڻ سان گڏ هڪ سٺي سيرت ۽ سھڻي صورت رکندڙ هڪ قد آور شخصيت جو مالڪ آهي. هن جو جنم 15 فيبروري 1974ع تي علي گوهر آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي نامياري اديب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي گهر ۾ ٿيو، سندس پورو نالو احسان الحق ۽ ادبي نالو احسان دانش آهي. سندن تعليم جو آغاز به پنهنجي شهر لاڙڪاڻي مان ٿيو تعليمي ميدان ۾ ايم اي (سنڌي ادب ) ايم اي ( اردو ادب) ۽ پي ايڇ. ڊي (سنڌي ادب / لطيفيات) جو اعزاز ماڻي چڪو آهي. هن ادب ۾ لکڻ جي شروعات 1988ع ۾ شاعريءَ کان ڪئي جنهن سان هن وقت تائين نڀايون پيو اچي. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو تخليقڪار آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش عملي زندگيءَ جو آغاز 1993ع ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت سان ڪيو، ان کانپوءِ 1999ع کان 2002ع تائين پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت ليڪچرار اردو رھيو اهڙي طرح 2002ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ليڪچر شپ لاءِ ورتل امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت ليڪچرار (سنڌي) مقرري ٿي، جتي هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر ۽ شعبي جي سربراهه جي حيثيت ۾ درس وتدريس جو عمل جاري آهي. ڊاڪٽر دانش 2003ع کان لاڙڪاڻي جي نجي ادارن ۾ اعزازي طور سي. ايس. سي ۽ پي. سي. ايس جي ڪلاسن کي سنڌي ادب پڙھائيندو رهيو آهي. هن جي سنڌي ادب سان گڏوگڏ علمي ادبي، تعليمي ۽ سماجي تنظيمن سان وابستگي پڻ رهي آهي. ڊاڪٽر احسان هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورننگ جو ميمبر ۽ گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي ايگزيڪيوٽو باڊي جو پڻ ميمبر آهي. هو مختلف علمي ادبي تنظيمن سان تعلق پڻ رهيو آهي جن ۾ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي سان گذريل 36 سالن کان ميمبر ۽ عهديدار طور، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي جو گذريل 25 سالن کان مختلف عهدن تي ڪم ڪيو ۽ هن وقت به بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. اهڙي طرح پبلڪ اسڪول لٽرري ڪلب لاڙڪاڻي جو 1999ع کان 2002ع تائين ۽ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان برانچ لاڙڪاڻي جي ڪور گروپ جو 1998ع کان 2001ع تائين رڪن ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو 2011ع ۾ چيئرمين پبليڪيش طور ذميداريون سرانجام ڏيندو رهيو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش با ڪردار ۽ اعلي اخلاق جو مالڪ ماڻهو آهي، سندس دل ۾ ٻين لاءِ هميشه پيار ۽ محبت رهي آهي. هن جي اندر ۾ ڪنهن جي لاءِ به ۽ ڪڏهن به نه ڪينو رهيو آهي نه بغض ۽ حسد. ھر ماڻھو سان مِٺو ڳالهائي پنهنجي قرب ۽ محبت سان نوازيندو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهي، چاھي اھو سندس عمر کان ننڍو هجي يا وڏو هو سڀني سان سدائين خلوص ۽ احترام جو رشتو ائم رکيو ايندو آهي ۽ ٻين لاءِ ڀلائيءَ جو درس پڻ ڏيندو آهي. ڊاڪٽر احسان جو تعلق هڪ علمي ادبي گهراڻي سان آهي، سندس علمي، ادبي ۽ اخلاقي تربيت سندس والد صاحب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب ڪئي. ڊاڪٽر دانش، علم ادب ۽ فنونِ لطيف سان گذريل 32 سالن کان سلهاڙيل آهي ۽ پيغمبري جهڙي مقدس پيشي درس وتدريس سان 23 سالن کان لاڳاپيل آهي جتي پنهنجي ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجون خدمتون ۽ فرض بخوبي نڀائي رهيو آهي. پنهنجي علمي ڏات جي ذريعي سوين نه پر هزارين شاگردن کي تعليم جهڙي خوبصورت زيور سان سينگاري اعلي عهدن تي پهچايو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش هڪ اهڙو علمي ۽ ادبي ڪردار آهي، جنهن جي اخلاق، عمل ۽ ڪردار جي خوشبوءِ چوڏسا موجود آهي. ھن عظيم ڪردار سنڌي ادب جي ميدان ۾ پنهنجي ڪيل تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي پورهيي سان پاڻ مڃايو آهي. هن وقت هن جي هڪ اهم لطيف شاناس واري حيثيت به آهي. هن شاھ سائين جي ڪلام تي تحقيقي جو ڪم ڪري پنهنجو پاڻ موکيو آهي. ان سلسلي ۾ هن جي شاھ سائين جي ڪلام تي ڪيل پي ايڇ. ڊي نمايان ڪم آهي. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن ۾ بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون، 2005ع)، لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو ( لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مقالن جي سهيڙ 2005)، ويل نه وسريام (لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن بابت مقالا، 2007)، لفظن جي خوشبو (شاعري، 2010)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو (تحقيق ۽ تلخيص 2012ع)، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج (تحقيق / لطيفيات، 2016) ۽ پيهي پروڙيوم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس2017 ) شامل آهن. جڏهن مختلف موضوعن تي لکيل سندس پنڌرنهن ڪتاب اڻ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر احسان دانش کي سندس تحقيقي ڪم توڙي پي ايڇ. ڊي واري پورهيي تي حڪومتِ سنڌ طرفان 2016ع ۾ سنڌي ادب جو وڏي ۾وڏو ايوارڊ شاهه لطيف ايوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان علاوه سندس علمي، ادبي ۽ قلمي پورهئي جو قدر ڪندي سنڌي لئنگويج اٿارٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم ادارن طرفان لڳ ڀڳ 30 مڃتا ايوارڊ ملي چُڪا آهن. ڊاڪٽر دانش صوبائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح جي 42 ڪانفرنسن ۾ بحيثيت مقالانگار شرڪت ڪري چڪو آهي. ان ڪري سنڌي کان علاوه اردو حلقه ادب ۾ پڻ هو نمايان طور ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. هو گذريل 13 سالن کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان پڻ آهي. جنهن ۾ هن 100 سنڌي اديبن جا تفصيلي ۽ يادگار انٽرويو پڻ ورتا آهن.
هر شاعر پنهنجي دور جو باشعور ۽ با ضمير انسان هوندو آهي اهڙي طرح اهو پنهنجي قلم جي ذريعي پنهنجي ٻوليءَ، ڌرتيءَ ۽ سماج جي خدمتبه ڪندو آهي. شاعر اديب هميشه پنهنجن احساسن ۽ جذبن جو اظهار قلم جي ذريعي ڪندا آهن ڊاڪٽر دانش به قلم جي حرمت رندڙ تخليقڪار آهي، جنهن جو هر پاسو سگهارو ۽ نرالو آهي. هن وٽ علمي ادبي ڄاڻ جو خزانو موجود آهي، وٽس علمي ادبي ٻولي ڳالهائڻ جو ڏانءُ موجود آهي ۽ لکڻين ۾ اعلي پايي جي پختگي ۽ سونهن سمايل آهي. هو پنهنجي لکڻين وسيلي پڙھندڙن جي اندر ۾ شوق ۽ ذوق پيدا ٿئي ٿو. ھي لطيف شناس پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ جذبن کي قلم جي ذريعي اظهاري نه رڳو پنهنجو فرض پيو نڀائي پر پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان عشق جو اظهار به ڪري ٿو. دانش سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ڪلچر سان بيحد پيار ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌ جي مختلف ماڳن، مڪانن، قديمي آثارن ۽ تاريخي شهرن جا مطالعاتي دورا به ڪندو رهي ٿو. هو سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي مسئلن کان ته واقف آهي پر سندس دلچسپيءَ جو مرڪز سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت، ريتون رسمون توڙي ٻولي ۽ ان جا لهجا آهن. هو پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ احساسن کي خوبصورت لفظن جي مالها ۾ بيان ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو.
ڊاڪٽر احسان دانش هڪ مثالي استاد آهي. مان هن کي هڪ عظيم استاد چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان. هڪڙا استاد ذهن سان پڙهائيندا آهن ۽ ٻيا روح سان، سائين احسان دانش انهن استاد مان آهي جيڪي روح سان پڙهائيندا آهن. هن پنهنجي سموري زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي آهي. مون کي ذاتي طور خبر آهي ته هن جو وسيع مطالعو ٿيل آهي ۽ هن سنڌي ادب، عالمي ادب، تاريخ، تصوف، فلسفي ۽ سائنس جهڙن موضوعن تي گھڻو مطالعو ڪيو آهي. خاص طور سنڌي ادب تي کيس عبور حاصل آهي. هن جو پهريون عشق ڪتاب آهن ۽ هن جي اِن عشق جو سفر اڃان تائين جاري ساري آهي، سندس چوڻ آهي ته ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لکڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي، قلم سان منهنجو عشق آهي، ڪتاب منهنجي زندگي آهن ۽ لفظ مون لاءِ پناھ گاھ آهن.“ دانش صاحب جا چيل اِهي سونهري لفظ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جهڙا آهن. مون کي اها ڄاڻ آهي ته ڊاڪٽر صاحب کي جيڪا به علمي ۽ ادبي اسائمينٽ ملندي آهي ته ھو ھميشه ان کي چيلينج ڪري کڻندو آهي ۽ ان کي پنهنجي وقت تي پايه تڪميل تي پهچائيندو آهي. ھن اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪندي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آهي.
منهنجو پيارو استاد محسن ۽ آئيڊيل شخصيت ڊاڪٽر احسان دانش منهنجي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو آهي. اها منهنجو فخر جهڙي ڳالهه آهي ته مان ان عظمت جي مينار جو شاگرد آهيان. سر احسان دانش سان منهنجو گذريل 9 سالن کان وٺي روح جو رشتو قائم آهي. ھو مون سان والد جهڙو پيار ڪندڙ آهي ۽ مون کي سدائين پنهنجي اولاد جيان سمجيو آهي. سچ ته اها منهنجي لاءِ ڀاڳ جي نشاني آهي. ڊاڪٽر دانش، زندگيءَ جي اونداهه ۾ منهنجي لاءِ مشعل راھ آهي.
انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا رشتا جنم وٺندا آهن جيڪي رت جي رشتن کان وڌيڪ مضبوط ۽ دلين جي ويجهو هوندا آهن جن کي روح جا رشتا چيا ويندا آهن، منهنجو سائين احسان سان اهڙو ئي رشتو آهي. مون هميشه پنهنجي دلبر سائينءَ ۾ پنهجائپ ۽ پيار جو عنصر ڏٺو آهي. منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون پياري سائين گڏ آهن الله پاڪ کين وڏي ڄمار، صحت ۽ تندرستي عطا ڪري هو ھميشه گلن جيان مهڪندا رهن ۽ مالڪ سندس علم ۽ قلم جي قوت ۾ اڃا به واڌارو ڪري. آمين. مان پنهنجو هي مضمون سائين احسان دانش جي ئي هڪ شعر سان ختم ڪرڻ چاهيان ٿو:
آءُ تو کي اکين ۾ جاءِ ڏيان،
تون به ٿورو ته ويجهو آءُ پرين،
مون کي تون جاءِ ڏي رڳو دل ۾،
پيار جو مان ڪندس پڙاءُ پرين.
برڪت علي جيهو
خوشبو جهڙا غزل
(احسان دانش جي غزلن تي هڪ نظر)
هو املتاس جي گل جهڙو سندر ۽ سهڻو شاعر، جنهن جون سوچون گل مهر جيان خوبصورت آهن. سچ پچ ته هو سڀني وصفين هڪ دل ڇهندڙ، پيارو ۽ خوبصورت شاعر آهي. جي ها! مان ڳالهه پيو ڪيان سنڌي ٻوليءَ جي گھڻ ڳڻيي شاعر احسان دانش جي. احسان جو جهڙو تخلص تهڙي دانش سان ڀريل شاعري. خاص طور هن جا غزل خوشبو جي احساس جهڙا آهن. جئين جئين انهن غزلن کي پڙهبو وڃبو تئين تئين ماڻهوءَ جي اندر ۾ شاعراڻو سرور ۽ مزو وڌندو ويندو. لفظ خوشبوءَ وانگر کلندا ۽ هُلندا ويندا. جئين دورِ جاهليت جي وڏي شاعر يمن جي شهزادي امراءُ القيس جي شاعريءَ جي خوشبوءَ سان ماڻهو واسجي ويندو آهي يا وري عربي شاعر لعبد جا خوشبو ڏيندڙ لفظ معطر ڪري ڇڏيندا آهن، تئين ئي احسان جا شاعراڻا لفظ به ذهن کي معطر ڪري ڇڏين ٿا. ها! احسان دانش جي ئي شهر لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هندوستان لڏي ويل بهترين سنڌي شاعر هري درياني دلگير به ته خوشبو جو شاعر آهي، جنهن چيو ته ؛
ڌرتيءَ کي گلزار ڪري ڇڏ
خوشبوءَ سان سنسار ڀري ڇڏ
احسان جو سڳنڌ واسيل غزل به هر طرح سان ڏاڍو سهڻو آهي، هن جي غزل ۾ ڪمال جي رواني ۽ ترنم آهي. هن جي غزل جو رومانوي پهلو به زبردست آهي. عرب شاعر لعبد جي محبوبه جو گذر صحرائي گلن مان ٿئي ٿو، پر احسان جي محبوبه جو گذر ڏاڍو دلچسپ آهي. احسان جي محبوبه جو گذر جنهن به رستي تان ٿئي ٿو سو گلن سان ڀرجي وڃي ٿو.
جن تان تنهنجو گذر ٿيو هيڪر
سڀئي رستا گلاب جيان مهڪيا
لاڙڪاڻي جي زمين، زمانن کان وٺي اَنُ ۽ علم پيدا ڪيو آهي. لاڙڪاڻي خوبصورت شاعر به ڄڻيا آهن. بيوس، دلگير، حيدر بخش جتوئي جن جي شاعري مقصد ڀري رهي آهي. جئين لاڙڪائي سموري سنڌ کي جديديت جا دڳ ڏسيا تئين ئي مابعد جديديت جا پيچرا به لاڙڪاڻي جا شاعر ئي ڏَسي سگھن ٿا ۽ انهن پيچرن جي پانڌيئڙن جي اڳين صف ۾ اسان جو دوست احسان دانش به چٽو نظر اچي ٿو. جنهن سماج جي بي رحم سچاين ۽ تلخين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي جرئت سان پيش ڪيو آهي. هن جي شاعريءَ جو اهو سماجي پاسو ئي ڀرپور نه آهي پر هن جي غزلن جا رومانوي ۽ جمالياتي پاسا به ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. هڪ سيبتو شاعر پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار انوکي انداز ۾ ڪندو آهي. هر حساس شاعر جي جذبن ۾ هڪ جولان هوندو آهي، احسان دانش به جوان جذبن وارو هڪ اهڙو شاعر آهي جيڪو پنهنجي غزلن ۾ احساسن کي انوکي نموني سمائڻ ڄاڻي.
رڃ نيڻن ۾ خواب ٿا پلجن
لمحي لمحي عذابَ ٿا پلجن
درد مون لاءِ دادلا آهن
پالڪين ۾ نواب ٿا پلجن
ــــــــ
لفظن ڪاغذ تي جھومندا ٿا اچن
ذهن ۾ منهنجي ڏات مرڪي ٿي
سنڌي شاعريءَ ۾ غزل پنجاهه سالن کان وٺي پنهنجو سفر ڪندو هن Modernism واري دور ۾ پهتو آهي. اسان کي اڌ صدي اڳ وارو غزل ڏاڍو ڏکيو، فارسي زده ۽ اوپرو لڳندو، اڳتي هلي اياز غزل کي سنڌي لباس پارايو ۽ ان کي سولو ڪيو. احسان دانش به انهيءَ پنڌ جو پانڌي آهي. مطالعو، مشاهدو، حقيقت ۽ دليل ڪنهن پراڻي رويي کي رد ڪري ڪنهن نئين نظريي کي آسان، سولو ۽ پنهنجي ڪرڻ جي هڪ سائنسي راهه Scientific Approach آهي. ان ايپروچ وسيلي ئي احسان غزل کي نئون ويس پارايو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي ايترو ته سولو ۽ سرل محسوس ٿئي ٿو جو هو پڙهندو ۽ لطف وٺندو ئي وڃي ٿو.
آرسيءَ جي اڳيان ڪنڌ ڇوٿو جهڪئي
او سکي پاڻ کان ڀي شرم ٿي ڪرين!
ـــــــــ
پيار ۾ پنهنجو بڻائين ڇونه ٿي
دل چريءَ کي آزمائين ڇونه ٿي
ـــــــــ
اڄ ملي دل کي آ خوشي جيڪا
سا الائي ڇو خواب سمجھان ٿو
شاعر اهو جيڪو فن کي انسان ذات لاءِ ارپي. جنهن جا موضوع به انسان دوستيءَ جي هر پاسي ۽ هر پهلوءَ کي ائين چٽو ۽ پڌرو ڪري پيش ڪن جئين سورج جي اجري روشني ڪندي آهي. هر سهڻي شاعر جا موضوع انساني محبت، سونهن، رنگيني ۽ روپ سروپ آهن. اهڙي ئي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا تخيلاتي پهلو ليئاڪا پائيندي محسوس ٿيندا آهن. اهڙي ئي شاعريءَ ۾ فطرت جو حسن ۽ حسين امنگون سمايل هونديون آهن. احسان جي شاعري به انهن ئي خوبين سان ڀرپور آهي.
چنڊ چهرو لڪل ڪٿي ٿو ٺهي
زلف منهن تان هٽاءِ چانڊوڪي
يا
مرڪ تنهنجي ۾ جوت آ ايڏي
جيڏي بلبن ۾ روشني آهي
احسان دانش حسن يار کي روايتي انداز کان هٽي هڪ نئين دلڪش انداز ۾ بيان ڪري ٿو، هن جي ان اندازِ بيان ۾ جيڪا حسن ڪاري ۽ حسناڪي شامل آهي ان کي شايد ئي ڪو ماڻهو محسوس نه ڪري سگھي.
اوهان جي نيڻن جا پيارا جگنو، اسان جي دل لئه ڏيئن سما هن
ائين اجھائي ڇڏيو نه جانان، اڃا هي ڏيئا جلڻ گھرن ٿا
ڪٿي آ سورج، ڪٿي آ چندر، ڪٿي ستارا، ڪٿي سمندر
جڏهن اوهان تي نظر ڄمي ٿي، نه نيڻ پو ڪجھ ڏسڻ گھرن ٿا
ايم ڪمل هندوستان ۾ ماڊرن سنڌي غزل جو باڪمال شاعر آهي ۽ هن دور ۾ هتي سنڌ ۾ مونکي احسان دانش جا غزل ان معيار جا محسوس ٿين ٿا. جن ۾ نه رڳو نواڻ پر زنده ادب جي هر خوبي نظر اچي ٿي. هن جا غزل ڪنهن مصنوعي ٺاهه ٺوهه نه پر فطري جمال سان سينگاريل آهن. اهو ئي سبب آهي جو احسان جي غزلن ۾ هڪ بيساختگي محسوس ٿئي ٿي.
جونِ جي ڪنهن تتل ڏينهن ۾
جنوريءَ جي ٿڌي هير آن تون
يا
تنهنجو جوڀن جيئن
ڪوئي تازو غزل
غزل جي شاعريءَ ۾ جيسيتائين غنائيت ۽ موسيقيت نه هوندي تيسيتائين اهو دل تي اثر نه ڪندو ۽ احسان دانش جي غزلن ۾ اها خوبي تمام جھجھي نظر اچي ٿي. هن جا غزل Lyrical آهن، انهن ۾ عجب جهڙي اندروني موسيقي ۽ ردم آهي. هو هم آواز لفظن ۽ تجنيسن مان ڪم وٺندي پنهنجن غزلن ۾ موسيقيت پيدا ڪري ٿو.
پنهنجي ديوانگيءَ کي ڇا چئجي
هي ته دانش جي دل جي دولت آ
يا
ڪيڏي سندر سار رکي ويو نيڻن ۾
تيز تکي تلوار رکي ويو نيڻن ۾
حقيقت ۾ احسان دانش جو غزل ڏاڍو سهج ڀريو آهي، جنهن ۾ معصوم ٻار جي مرڪ جهڙا احساس سمايل آهن. جنهن ۾ انيڪ شاعراڻيون خوبصورتيون آهن. انهن خوبصورتين جي هڪ جهلڪ پسو:
تنهنجي نظرن جا گھاو ڪير سهي
آکيرن ۾ عقاب ٿا پلجن
ــــــــ
هي انڌيرو نه انڌيرو رهندو
هڪڙو ڀيرو ته مسڪرائي ڏس
ــــــــ
قرب جاري هجي
عمر ساري هجي
چنڊ دنيا جي مڙني شاعرن جي شاعريءَ ۾ سونهن ۽ سوڀيا جي علامت ۽ شان رهيو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ ٻين انيڪ شاعرن چنڊ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سهڻين علامتن ۾ پيش ڪيو آهي. هر شاعر وٽ چنڊ جي محبوبيت ۽ محويت جي حوالي سان خيالن جي تال ميل جدا جدا آهي، ان ڪري اسان جي دوست احسان دانش به روايتي انداز کان بچندي پنهنجي غزل ۾ چنڊ کي سڏڪندي ڏيکاريو آهي.
چنڊ سڏڪي ٿو بادلن پويان
ها تڏهن ڪاري رات مرڪي ٿي
دانش جي شاعري ڪٿي به ابهام جو شڪار نه ٿي ٿئي ۽ هو ڪٿي به مفهوم ۽ مقصديت جو دامن هٿان ڪونه ٿو ڇڏي. هن جي شاعريءَ ۾ اجائي ورجاءَ ۽ بي مقصد سٽن جو نالو نشان ئي نه ٿو ملي. هو سنڌ پرستيءَ کي به روايتي نعري بازي واري انداز کان هٽي مقصد ڀرئي انداز ۾ بيان ڪري ٿو. هن جي اندر جي اڇل، لفظن کي زندگي ڏئي ٿي.
سنڌ خاطر جو رتُ وهيو آهي
تنهن کي مشڪ ۽ گلاب سمجھان ٿو
يا
سنڌ جا نير ڀريندا سنڌو!
سارو عالم حيران ٿي ويو آ
احسان، سچ ۽ سنڌ سان ساٿ نڀائيندي وڏي واڪ چوي ٿو:
سُرخ رهندو ڪڏهن نه ٿيندو زرد
سچُ، مخدوم جو لهو آهي
هڪ سٺي شاعر جي خوبين ۾ مشاهدي جي گھرائي جي خوبي وڏي اهميت رکندي آهي. شاعر جو مشاهدو جيترو تيز، تُز ۽ گھرو هوندو، هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اوترا ئي گھرا عڪس چٽي سگھندو. هڪ تيز فهم ۽ اجري اک واري شاعر جو ذهن فطرت جي هر عڪس ۽ اولڙي کي محفوظ ڪري ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ عام ماڻهو شين کي ان طرح نه ڏسي ٿو ۽ نه ئي محفوظ ٿو ڪري. هونءَ هر انسان جو ذهن وهندڙ پاڻيءَ وانگر هوندو آهي پر هر هڪ جي اظهار جي سگھ الڳ الڳ هوندي آهي. هاري انيڪ ڀيرا ماڪ ڦڙن کي سج جي روشني تي چمڪندي ڏسندو آهي ۽ انهن جي چند پلن جي حياتيءَ جي پڄاڻي به هن ڪئين ڀيرا ڏٺي هوندي آهي پر فطرت جي ان حقيقت کي ان طرح بيان نه ڪري سگھندو جئين ڪو سگھارو شاعر. ڇوته شاعر وٽ جڏهن مشاهدو ۽ شاعراڻو ڏانءُ گڏجي ٿو ته لفظن ۾ اهڙا عڪس ۽ احساس شامل ٿي وڃن ٿا جو اهي هر پڙهندڙ کي ڏاڍا پيارا لڳن ٿا. احسان دانش وٽ به اها مشاهدي جي قوت آهي انهي ڪري هن جي غزلن ۾ عڪسيت جا عجيب جهان نظر اچن ٿا.
ماڪ ترڪي جو پئي شاخن تي
ڄڻ ته گلڙن جا ڪري پيا ڳوڙها
يا
سانجھ سرهيءَ ۾ ساٿ آ تنهنجو
ڪيڏو پيارو پرين پهر آهي
احسان دانش جي انڊلٺي رنگن وارن غزلن جو تفيصيلي اڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان اڀياس کان پوءِ ئي هن ڏاهي شاعر جي غزلن جي حسناڪين کي ڀرپور نموني محسوس ڪري سگھبو. مون ته مٿي سندس غزلن تي رڳو سرسري نظر وڌي آهي.
الله پاڪ پنهنجي ڪلام ۾ چيو آهي ته ”اسان جنهن کي عزت بخشيندا آهيون ته ان کي حڪمت ۽ دانش عطا ڪندا آهيون.“ شال خدا احسان جي دانش کي دوام بخشي.
سعيد ميمڻ
شاعر ۽ لفظن جو رشتو
(احسان دانش جي شاعريءَ تي هڪ نظر)
شاعر جو لفظن سان عجيب تعلق هجي ٿو. هو لفظن جو عام ماڻهن جيان فقط ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿو ڪري، لفظ هن لاءِ رڳو ابلاغ جو وسيلو نه آهن پر، هُو لفظن کي زنده وجود جيان محسوس ڪري ٿو. شاعر کي لفظن ۾ انوکا لفظ نظر اچن ٿا، جن جي ڪمپوزنگ ڪري، انهن ۾ تخيل ۽ معنى خيزي سمائي جڏهن ڪنهن شعر جي جدت ڀرئي روپ ۾ اسان جي سامهون آڻي ٿو ته سندس لفظ دلين تي ديرپا اثر ڇڏين ٿا ۽ انهن ۾ آفاقيت نظر اچي ٿي.
لفظن ۾ جيڪي نفيس ڪيفيتون لڪل هجن ٿيون، انهن کي باصلاحيت ۽ حساس شاعر ئي محسوس ڪري سگھندا آهن. لفظن ۾ جيڪي معنوي لطافتون هونديون آهن، انهن جي دلڪش استعمال سان شعر ۾ عجيب رنگيني ۽ سحر آميزي پيدا ٿيندي آهي. ان وقت تخليقي عمل ۾ شاعر کي پنهنجا سڀ حواس بيدار رکڻا پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن من جي لطيف ڪيفيتن جو اظهار ڪرڻ لاءِ شاعر کي اهي تُزُ لفظ نه ملي سگھندا آهن جيڪي سندس ڪيفيتن جي عڪاسي ڪن. اهو ئي سبب آهي جو وڏن شاعرن کي پنهنجي ٻوليءَ جو دامن تنگ نظر ايندو آهي. جيئن غالب دانهون ڪندو هو :
کچهه اور چاهيي وسعت، مري بيان ڪي لِئي.
جيڪي شاعر لفظن جي لطيف معنوي فرق کان واقف هوندا آهن، پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ مناسب لفظ استعمال ڪري ڄاڻيندا آهن ۽ سندن قلم جي آڱر صرف انهن لفظن کي چونڊيندي آهي جن ۾ دلين کي متاثر ڪرڻ جي سگھ هوندي آهي. اسان جي ٽهي جو هي نوجوان شاعر احسان دانش به انهن مان هڪ آهي. جيڪو لفظن جي آواز ۽ معنائن کان ته واقف آهي پر لفظن جا رنگ به سڃاڻيندو آهي ۽ لفظن جي خوشبو کي به محسوس ڪندو آهي.
لفظ ڪاغذ تي، جھومندا ٿا اچن
ذهن ۾ منهنجي ڏات مرڪي ٿي.
ــــــــ
اکڙين تي ڪرڻن جي بارش
لفظن تي جذبن جي بارش
ــــــــ
ڪاغز تي ڪرڻا
منهنجن لفظن سا
راند پيا کيڏن
ــــــــ
احسان جي شاعريءَ جي اها خوبي آهي ته سندس شعر پڙهندڙ جي من ۾ عڪسن کي اجاگر ڪن ٿا. جيڪڏهن شعر ۾ گھري معنويت سمايل آهي ته پڙهندڙ ڀرپور حِظُ حاصل ڪري ٿو ۽ ان جي گوناگونيت ۾ گم ٿي وڃي ٿو. پر جي صرف سادو عڪس آهي تڏهن به هو ان مان تخليقي سُرور ماڻي ٿو.
هونءَ ته احسان دانش شاعريءَ جي سڀني صنفن تي دسترس رکي ٿو. بيت، وائي پنجڪڙو، هائيڪو نظم يا سندس ئي متعارف ڪرايل صنف ”ست رنگي“ ـــ پر مونکي سندس غزل بيحد پسند آهن. کيس غزل ۾ نمايان مقام حاصل آهي. سندس غزلن جو ڪينواس ڏاڍو ڪشادو آهي، انهن ۾ تخيل جي سهڻي رنگ آميزي ۽ معنى خيزي آهي. احسان جي غزل جو صرف مان معترف نه آهيان پر اسان جي سينئر غزل گو شاعرن (جن جي غزل ۾ الڳ سڃاڻپ آهي.) به کيس ڀرپور داد ڏنو آهي. جئين اياز گل چيو آهي ته ” احسان دانش نئين غزل جي مزاج کي سڃاڻي به ٿو ۽ سمجھي به ٿو، تڏهن ئي هن نئين سنڌي غزل جي گھرجن مطابق، غزل رچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رديف جي سهڻي استعمال سان ڊگھي ۽ ننڍي ٻنهي بحرن ۾ ڪاميابيءَ سان غزل لکڻ، احسان دانش جي تخليقي سگھ کي ظاهر ڪري ٿو.“
هڪ اهم ڳالهه ته احسان دانش کي ان ادبي ماحول ڏاڍو فائدو ڏنو جنهن ۾ سندس ابتدائي شاعراڻي پرورش ٿي. اتي مشاعرن ۾ لاڙڪاڻي جا ڪهنه مشق شاعر مرحوم لقمان حڪيم، علي بخش جمالي، سرڪش سنڌي ۽ ٻيا معروف شاعر شامل ٿيندا هئا. شعر جي بحر وزن جو خاص خيال رکيو ويندو هو. شاعر کي تارازيءَ جا پُڙَ برابر رکڻا هوندا هئا. ڇوته تڪڻ وارا تور جا ماهر هُئا. وزن هيڏي هوڏي ٿيو ته شاعر جي خواري ٿيندي هئي.
اهڙي ماحول ۾ احسان جي شاعري هوريان هوريان وکون کڻڻ لڳي ۽ نيٺ پختگي حاصل ڪري وئي. احسان جي شاعريءَ کي پختگي پائڻ وارو فائدو ته ٿيو پر شُڪر آ جو هن اُنَ ماحول جو ٻيو اثر قبول نه ڪيو. نه ته سندس شعر جي زبان تي اڄ به گل ۽ بلبل جا راڳ هجن ها.
هتي مان اها ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته جواد جعفري، احسان دانش ۽ مون شاعراڻو سفر لڳ ڀڳ گڏ شروع ڪيو هو 1988 ڌاري. مان به شروعات ۾ مٿي ذڪر ڪيل ماحول ۾ رهيس پر ستت ئي اتان نڪري آيس. محمد علي پٺاڻ ۽ مرحوم رزاق مهر مونکي سنڌي ادبي سنگت ۾ وٺي آيا. مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته جواد، احسان ۽ منهنجي دوستي اڄ به اها ئي آهي ۽ ساڳي چاهه سان شاعريءَ جو سفر روان دوان رکيو اچون پيا.
مون احسان جي شاعريءَ واري ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ ۾ سندس بيتن جي متعلق جيڪا راءِ ڏني آهي. ان جي متعلق مونکي سنڌ جي هڪ وڏي شاعر چيو ”توهان راءِ ۾ پاس خاطريءَ کان ڪم ورتو آهي.“ ممڪن آهي ته هو صحيح هجي. پر اصل ڳالهه اها آهي ته شاعر جو ڪم شعر سرجڻ آهي نه ڪي تنقيد لکڻ. اهڙا ٽي. ايس. ايليٽ ۽ پيبلونرودا جهڙا ڪي ڪي عظيم تخليقڪار هوندا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت تمام وڏا شاعر به هوندا آهن ته اعلى پائي جا نقاد به. باقي اها ڳالهه اسين سڀ محسوس ڪري رهيا آهيون ته هن وقت سنڌي ادب کي تنقيد جي تمام گھڻي ضرورت آهي. ٻين صنفن کان سواءِ مان صرف شاعريءَ جي حالت ئي ڏسان ٿو ته شاعرن جي گھڻائيءَ جيڪا Suffocation پيدا ڪئي آهي، ان ۾ دم گھٽجڻ لڳي ٿو. سنڌ جي ادبي ماحول کي جيوڙا مار اسپري جي ضرورت آهي. باقي احسان دانش جي شاعريءَ لاءِ مان چوندس ته مون هن جي لفظن سان پيار ڪيو آهي ۽ هن جا لفظ آهن به ته پيار ڪرڻ جي لائق. هن جي لفظن ۾ خوشبو آهي ۽ اکين کي آفاقيت جا رنگ نظر اچن ٿا. منهنجي دعا آهي ته احسان جي قلم ۾ اها ئي رواني قائم رهي ۽ اسان کي ڏات جي نون جهانن جا جلوى پسائيندو رهي.
پروفيسر غلام حسين ڪٽپر
احسان دانش جي ڪتاب
”سنڌو سڀتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو“ جو اڀياس
سنڌ جا ماڻهو شاهه لطيف، ٿر، سنڌو درياهه ۽ موهن جي دڙي سان جذباتي لڳاءُ رکندا آهن. شاه لطيف جي شاعريءَ سنڌي ٻوليءَ کي دائمي جياپو ڏنو آهي، ٿرُ سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ آهي، مارئي جنهن عالمِ ارواح ۾ الست بربڪم جي وقت ئي ويڙهيچن سان وچن ڪيو هو ۽ اهو وچن پاڙي به ڏيکاريو، سابه ٿر جي ۽ ڄارين جي ڄائي هئي. سنڌو درياهه، عظيم درياهه آهي جنهن هماليه پهاڙ تان ڪروڙين ٽن لٽ کڻي سمنڊ جي ڪناري تي اڇلائي ميداني علائقو بنائي سنڌ ڌرتيءَ کي جنم ڏنو. ان ڌرتيءَ تي نالو سنڌ به سنڌو درياه جي ڪري ئي پيو. دنيا ۾ ٿورا ملڪ هوندا جن جو نالو کين جنم ڏيندڙ درياهه تان پيو هوندو. قديم ترين ۽ عظيم ترين سنڌو سڀيتا به سنڌو درياهه ۽ ان جي وهڪرن جي ڪنارن تي سَرجي.
موهن جو دڙو
سنڌ جي شاندار ماضيءَ جو گواهه آهي. مصر ۾ جنهن وقت پهريون اهرام جڙي رهيو هو، ان وقت
موهن جو دڙي ترقيءَ جي عروج تي هيو. سمير، ڪريٽ ۽ مصر، موهن جي دڙي جون واپاري ڪالونيون
هيون. ائن مورا لکيو آهي ته ”آمريڪا انگلينڊ جي ڪالوني هئي، انگلينڊ پنهنجون ٺهيل
شيون آمريڪا ۾ کپائيندو هو، پر موهن جو دڙو ــ سمير، ڪريٽ ۽ مصر لاءِ ماءُ
پيءَ وارو ڪردار ادا ڪندو هيو.“
1922ع کان
اڳ ۾ سنڌ ۽ دنيا جا ماڻهو موهن جي دڙي کان گهڻي قدر اڻ واقف هيا. مسٽر بئنرجي جيڪو
انڊين آرڪيالاجي کاتي ۾ سپرنيٽنڊنٽ هيو، سو هاڪڙي درياهه جي ڪناري تي مختلف ماڳ
جاچيندي 1922ع ۾ اچي موهن جي دڙي تي پهتو ۽ هن قديمي ماڳ کي اهم سمجھي ان جي
شروعاتي کوٽائي ڪرائي، ۽ ڪوڏرجي پهرين لپي سان ئي کيس پراڻي دور جي ٺيڪراٽ ملي،
جنهن ڪري هن کي وڌيڪ کوٽائيءَ جو اتساهه مليو. هن حاصل ٿيل شين جي ڄاڻ انڊين آرڪيالاجي
کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل سرجان مارشل کي ڏني، جنهن پاڻ اچي 1924ع ۾ کوٽائيءَ جي ڪم جي
سنڀال ڪئي، ۽ موهن جي دڙي مان هٿ آيل شين جا فوٽو ڪڍي انوقت جي اخبار ”السٽريٽيڊ
نيوز لنڊن“ جي 20 سيپٽمبر 1924ع واري شماري ۾ ڇپرايا ۽ دنيا کي موهن جي دڙي کان
واقف ڪرايو. ان کان پوءِ ساڳي اخبار جي ٻي هفتي واري شماري ۾ پروفيسر اي-ايڇ سئس
جو ليک شايع ٿيو. جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ساڳي قسم جي سڀيتا جا اهڃاڻ ميسوپو ٽيما طرف
به آهن. ساڳي قسم جون مهرون، ساڳي ڍنگ واري اڏاوت واريون جڳهون اتي به آهن. هن
نئين کوجنا سان عالمن جي سوچ هڪ نئون رخ اختيار ڪيو ۽ هڪ بحث ڇڙي پيو، جنهن ڄاڻ جا
نوان گس ۽ پيچرا کوليا. نتيجي ۾ موهن جي دڙي جي هاڪ سڄي دنيا ۾ گونجڻ لڳي. سنڌو سڀيتا
مصر، ڪريٽ ۽ سميري تهذيبن کان مٿانهين ۽ سرواڻي ڪندڙ ليکجڻ ۾ آئي.
تازوئي 2012ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان احسان دانش جو ڪتاب ”سنڌ سڀيتا جو عظيم ورثو ــ موهن جو دڙو“ شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو منهنجي نظر مان گذريو آهي. هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا بابت جهجهي انداز ۾ مواد سهيڙيل آهي. اهو ڏسي سوچيم ته احسان دانش جي هن قلمي پورهئي کي ڀيٽا ڏجي ۽ ڪتاب ۾ ڏنل مواد جو مختصر تعارف پيش ڪجي.
سنڌوءَ جي
پوتر جَلَ ۽ موهن جي دڙي جي چيڪيءَ مٽيءَ مان جنم وٺندڙ احسان دانش هن ڪتاب ۾ موهن
جي دڙي متعلق مواد سيهڙي مٽيءَ ماءُ جي حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مان جڏهن
احسان دانش کي پنهنجي تصور ۾ آڻيندو آهيان ته هو مونکي ڪڏهن اسٽوپا جي پاڇي ۾ ٽاڪ
منجهند جو پگهر سڪائيندي نظر ايندو آهي ته ڪڏهن گريٽ باٿ جي ڀڪ تي ويهي سوچيندو
نظر ايندو آهي. ڪڏهن موهن جي دڙي جي سڌين ۽ ويڪرين گهٽين ۾ ٻيهر جنم وٺي دڙي واسي
دوارڙ جيان گهمندو نظر ايندو آهي، ته ڪڏهين وري کن پل لاءِ ساهي پٽڻ واسطي ان پوڙهي
ڪرڙ جي وڻ هيٺان ويٺل نظر ايندو آهي، جنهن هيٺان سرجان مارشل کوٽائيءَ جي ڪم جي
نگراني ڪرڻ دوران پنهنجي ڪرسي رکي ويهندو هيو. پروفيسرن جي وفد ۾ احسان ۽ مان ڪيئي
ڀيرا موهن جي دڙي جون سنهيون ويڪريون گھٽيون لتاڙيون آهن. گذريل ڪيترن ئي سالن کان
ڊسمبر جي مهيني ۾ دوستن جو ساڳيو وفد موهن جي دڙي جي سلامي لاءِ ضرور ايندو آهي. جڏهن
اسين اسٽوپا ڏانهن رخ ڪندا آهيون ته الاجي ڇو احسان هجومن ۾ به اڪيلو محسوس ٿيندو
آهي ۽ اسان سان گڏ هجڻ باوجود ڄڻ ڪٿي گم هوندو آهي. هو دڙي جي سِرن، کپهن ۽ جاين
کي جنهن نظر سان ڏسندو آهي، اها نظر به ڏسڻ جهڙي هوندي آهي. شايد انهيءَ نظر جي
گھرائي سبب هو موهن جي دڙي جي حوالي سان اهڙو گھرو ڪم ڪري سگھيو آهي.
اڄ سنڌ جو ڪيترائي
هزار سال اڳ وارو اوج نه رهيو آهي. ڪو وقت هو جو هند ۽ پنجاب جي نالي سان دنيا ۾ ڪو
خطوئي ڪونه هيو. صرف سنڌ هئي جيڪا سپت سنڌوءَ جي نالي سان سڏبي هئي. سپت سنڌو يعني
ستن درياهن وارو ملڪ. ان کي ايرانين ”زنداوستا“ ۾ هفت هندو ڪري سڏيو. يونانين ان
کي انڊو يا انڊيا ڪري سڏيو. ڀارت وارو حصو غير اهم ۽ پٺتي پيل علائقو هيو. جديد ڀارت
جو وجود صرف 2200 سال پراڻو آهي. پنجاب واري علائقي تي پنجاب نالو مغل امپريلزم
واري دور ۾ پيو. سنڌ جون حدون گهڻيون وسيع هيون. سنڌ جون جاگرافيائي حدون لس ٻيلي،
ڀاڳناڙي، خضدار، مڪران، سبي، ڪشمير، ڪرمان، قنڌار، ڏکڻ پنجاب، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين
ڦهليل هيون. تنهن ڪري انهن علائقن تي مشتمل هڪ وڏي علائقي جي تاريخ دراصل سنڌ جي
تاريخ آهي. ول ڊيورانٽ سچ چيو آهي ته ”جاگرافي تاريخ جي ماءُ آهي.“
ڊاڪٽر
ممتاز پٺاڻ ”تاريخ سنڌ عرب دور“ ۾ لکي ٿو ته ”ايڇ ــ آر هال جو چوڻ آهي ته سميري
قوم سنڌو ماٿريءَ مان لڏ پلاڻ ڪري وڃي عراق ملڪ وسايو، عراقي ڪتبن ۾ هن قوم کي
”انس“ سڏيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ ”ماڻهو“ آهي. عربيءَ ۾ انس لفظ اتان ئي کنيو
ويو آهي. سنڌ پنهنجو شاندار پراچين اتهاس رکي ٿي ۽ احسان دانش ان اتهاس کي ڪتاب
”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو“ ۾ سميٽي، سهيڙي ۽ تحقيقي نظر وجھي ڄڻ
ته دڙي جي دراوڙ روح کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سچ ته اهو نهايت قابل تحسين ڪم
آهي. ڪتاب ۾ شامل ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جي مقالن ۽ مضمونن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري،
احسان دانش ترجمي، تلخيص ۽ تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ احسان سنڌ واسين
لاءِ موهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا بابت قيمتي مواد فراهم ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻاهرين
عالمن جهڙوڪ ايڇ ــ ٽي لئمبرڪ ۽ جين فيرلي، اسڪو پارپولا جون لکڻيون به شامل آهن
ته سنڌ ۽ هند جي عالمن ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر الانا، تاج
صحرائي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، محمد ادريس صديقي، سبط حسن، جمناداس اختر، دادا سنڌي،
بدر ابڙو ۽ ٻين عالمن ۽ محققن جي تحقيق پڻ موجود آهي.
ڪتاب ”سنڌو
سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو“ کي احسان دانش جنهن محنت ۽ محبت سان سهيڙي،
سميٽي ايڊٽ ڪيو آهي، ان جو اندازو خود احسان جي هنن لفظن مان لڳائي سگھجي ٿو: ”هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ ٻولي جهڙن موضوعن تي نهايت ڪارائتا
مقالا شامل آهن، جيڪي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن ۽ محققن جي تحقيق جو نچوڙ آهن. انهن
مقالن مان ڪي انگريزي ۽ اردو ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. پر منهنجي شعوري ڪوشش اها
ئي رهي ته آءٌ هن ڪتاب ۾ ’موهن جي دڙي‘ جي حوالي سان ’سنڌ‘ جي عالمن جي ٽڙيل پکڙيل
ڪم کي سميٽي اوهان جي سامهون آڻيان...... مقالن جي غير معمولي طوالت ۽ هن ڪتاب ۾
ورجاءَ کي مدِ نظر رکندي ڪافي مقالن کي ضرورت آهر مختصر به ڪيو آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي
ته ان اختصار سان مقالن جو روح به برقرار رهي...... جڏهن مون هن ڪم ۾ هٿ وجھڻ جو
سوچيو ته مونکي اندازو نه هيو ته ان لاءِ مونکي رُڪَ جا چڻا چٻڻا پوندا، بظاهر هي
سهيڙ ڀل جان سولي لڳندي هجي پر مونکي ان ڪم ۾ ڀريا ٽي ورهيه لڳا. ان وچ ۾ هن سموري
مواد کي سهيڙيندي ڪيئي معاملا ۽ مونجھارا پيدا ٿيا.“
مذڪوره ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جهڙي
ناماچار واري اداري 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جيڪا سهيڙيندڙ لاءِ به يقيناً
اعزاز جي ڳالهه هوندي. هن ڪتاب جو اهڙي اداري طرفان ڇپجڻ خود ڪتاب جي افاديت جو
ثبوت آهي. سنڌي ادبي بورڊ هونءَ ته تاريخ ۽ تحقيق جي موضوعن تي ڪيئي ڪتاب شايع ڪيا
آهن، پر اهي گھڻو ڪري ماضيءَ جي ڪهاڻي محسوس ٿين ٿا. موجوده وقت ۾ بورڊ جي موجوده
غير ادبي سيڪريٽري جيترو ٻولي، ادب ۽ تاريخ تي ڪم ڪيو آهي، ان لاءِ کيس داد نه ڏيڻ
به ڪنجوسائپ چئبي. ويجھي ماضي ۾ هن صاحب جيڪي نوان ڪتاب شايع ڪرايا آهن انهن مان ڪو
شڪ ناهي ته ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو“ به هڪ اهم ڪتاب آهي.
احسان دانش هن ڪتاب جو شاندار
مقدمو لکيو آهي جيڪو 52 صفحن تي ڦهليل آهي. اصل ۾ اهو مقدمو ڪتاب جو نهايت اهم حصو
آهي. ان مقدمي ۾ احسان جهڙوڪر ڪوزي ۾ درياهه بند ڪري ڇڏيو آهي. ائين کڻي چئجي ته ڪتاب
جو مقدمو سنڌ جي مختصر تهذيبي تاريخ آهي. اهو مقدمو اصل ۾ سنڌ جي پراڻن ماڳن، دڙن ۽
ڀڙن متعلق ڄاڻ جي کاڻ آهي. اها هڪ عام ڳالهه آهي ته سنڌ جي ڌرتي هڪ تهذيبي ميوزيم
آهي، توهان جتي به ڪوڏر جو لپو هڻندئو ته توهان کي ڪا نه ڪا پراڻي ۽ قديم شيءِ
ملندي. منهنجي نظر ۾ احسان جو لکيل مقدمو ڪتاب جي جان آهي ۽ ڪتاب لاءِ ابنِ خلدون جي مقدمهءِ تاريخ جيتري اهميت رکي ٿو. احسان دانش
مقدمي ۾ پراڻن ماڳن ۽ ڦٽل شهرن جهڙوڪ اروڙ، ڪوٽ ڏيجي، برهمڻ آباد، ديبل ۽ ڀنڀور
متعلق خاصي ڄاڻ ڏني آهي ۽ سنڌ جو ڪوبه دڙو، ڀڙو يا ٺلهه ناهي رهيو جنهن جي ڄاڻ مقدمي ۾ ڏنل نه هجي. هن
مقدمي ۾ ماڳن جو علائقي وار ذڪر ٿيل آهي. اهي دڙا ۽ ماڳ جن جي صرف بئنرجي ۽ مجمدار
پارن ماهرن سروي ۽ جاچ ڪئي يا اهي ماڳ جيڪي بنهه اوجهل هيا ۽ انهن ڏي گهٽ توجه ڏنو
ويو هيو، مقدمي ۾ انهن متعلق به ڪافي معلومات ڏنل آهي.
اروڙ شهر
نالي چيو ويو آهي ته اهو هڪ وسيع شهر هيو ۽ ملتان جيترو هيو ۽ سنڌ جي راڄڌاني هيو
جتان ويهي سنڌجي حڪمرانن ڪشمير، ڪرمان، قنڌار تي حڪومت ڪئي. اروڙ متعلق پرڏيهي
عالمن ٻڌايو آهي ته هي شهر پٿر جي دور کان وٺي آباد آهي، ۽ هتان جون لڌل شيون
هندستان جي ٻين ماڳن کان وڌيڪ خوبصورت آهن ۽ ميڪسيڪو جي قديم شين سان مشابهت رکن ٿيون.
اڄڪلهه اها ڳالهه زيرِ بحث آهي ته ميڪسيڪو تهذيب سنڌو لوڪن جي جُڙيل آهي، ڇو ته اڄ
به اتي اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا.
ڪتاب جي
مقدمي ۾ ’ڪوٽ ڏيجي‘ بابت خاصي معلومات ڏنل آهي. هي ماڳ موهن جي دڙي کان به وڌيڪ آڳاٽو
آهي. هي شهر هاڪڙي درياهه جي ڪپر تي آباد هيو. ڪوٽ ڏيجي جي ٽڪرين جي هنج ۾ هزارين
سالن جي تاريخ دفن ٿيل آهي. ڦٽل شهرن برهمڻ آباد، ديبل، نيرون ڪوٽ جو به ذڪر آهي.
اهي ماڳ جيڪي دڙن جي صورت ۾ ڪَرُ کنيو بيٺا آهن، انهن ۾ چانهونءَ جو دڙو، ڪاهؤ جو
دڙو، جهڪر جو دڙو، ٿرڙيءَ جو دڙو ۽ ٻين ڪيترن ئي دڙن جو ذڪر ٿيل آهي. مقدمي ۾ موهن جي دڙي جو خاص ذڪر ٿيل آهي ۽ ان
جي ڄاڻ لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو انتهائي ضروري آهي. موهن جي دڙي متعلق ڪتاب ۾ وڏو ڪارائتو
مواد موجود آهي. احسان دانش چوي ٿو ته ” اسين سنڌ جا ماڻهو ان
حد تائين خوشنصيب ضرور آهيون ته اسين دنيا جي ان عظيم تهذيب جا وارث آهيون جيڪا
پنج هزار سال اڳ به پنهنجي اوج تي هئي ۽ سنڌو تهذيب پنهنجي همعصر
تهذيبن جو سرچشمو هئي. سنڌو ماٿر م رهندڙ ماڻهن
کي اٿڻ ويهڻ جو ڍنگ هيو ۽ صلح جو ۽ امن پسند هئا، اسين ان تهذيب جي پونئير هجڻ
ناتي پنهنجو سِر فخر سان اوچو ته ڪيون ٿا پر افسوس جو هن وقت تائين موهن جي دڙي تي
تحقيقي حوالي سان اوترو ڪم نه ڪري سگھيا آهيون جيترو ڪرڻ کپي. اسان جي عام ماڻهوءَ
وٽ ته اڃا اها ساڃاھ به ڪونهي ته ’موهن جي دڙي جي اهميت ڪهڙي آهي!‘ ۽ اهي اگر ان
کي بچائڻ لاءِ ڪجھ نه ٿا ڪري سگھن ته ان کي وڌيڪ برباد ڪرڻ ۾ ته ڀاڱي ڀائيوار نه ٿين.“
احسان دانش
هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي متعلق هرپهلوءَ جهڙوڪ نالو، ان وقت جي ٻولي، ٻين تهذيبن سان
واپاري ۽ سماجي لاڳاپن وغيره تي وڏي معلومات فراهم ڪئي آهي. هو ان ڳالهه جو قائل
آهي ته موهن لفظ اصل ۾ ”مهين“ آهي، جنهن لاءِ هن مختلف عالمن جي راءِ سامهون رکندي
۽ پنهنجا دليل به ڏنا آهن. موهن جي دڙي جي قدامت بابت لکي ٿو ته ”تاريخ دان اڳ اها
راءِ رکندا هيا ته تهذيب و تمدن جي شروعات يونانين ۽ آريا لوڪن کان ٿي آهي، پر ول ڊيورانٽ،
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر رفيق مغل ۽ ٻين محققن جي تحقيق جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه
واضع ٿئي ٿي ته موهن جي دڙي جي تهذيب ڪا درآمد ٿيل شئي نه هئي، ڇو ته ڪريٽ، سمير ۽
ٻين ماڳن مان موهن جي دڙي جون شيون ته مليون آهن، پر موهن جي دڙي مان ڪابه اهڙي
شئي نه ملي آهي جيڪا ٻاهران گهرايل هجي. سنڌو تهذيب پنجن کان نون هزارن سالن تائين
آڳاٽي آهي، جڏهن ته آريا سنڌو ماٿريءَ ۾ چوڏهن سو سال ق.م وارد ٿيا.“
موهن جي دڙي
جي ٻوليءَ متعلق تمام گهڻو مواد هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، ان سلسلي ۾ اسڪوپارپولا، ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، انيس انصاريءَ جا ڄاڻ ڀريل
مقالا ڪتاب ۾ شامل آهن. موهن جي دڙي جي تهذيب جي عنوان تي ايڇ ــ ٽي ليمبرڪ، جين
فيرلي، تاج صحرائي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، محمد ادريس صديقي، سبط حسن، جمناداس
اختر، رحيم داد مولائي شيدائي، دادا سنڌي ۽ ٻين عالمن جا نهايت ڪار آمد مقالا ڪتاب
۾ شامل آهن.
پوڻا چار
سوء صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان هٿ آيل مجسمن، مورتين،
انساني ڍانچن، ٿانون، هارسينگار جي سامان ۽ رانديڪن وغيره جون 16 صفحن تي ڏنل
رنگين تصويرون ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. ان سان گڏوگڏ شهر جي خيالي فضائي تصوير پڻ
شامل آهي، جنهن ۾ موهن جي دڙي جي ماڻهن جي زندگيءَ کي روان دوان ڏيکاريو ويو آهي.
موجوده سنڌ
جنهن معروضي صورتحال مان گذري رهي آهي، اها نهايت ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌي ٻولي بگاڙ
جو شڪار آهي، سنڌ جي تاريخي ۽ اهم شهرن ۾ ڌارين ماڻهن جا ڪٽڪ اچي وارد ٿيا آهن ۽
اهي شهرَ ديارِ غير بڻجي چڪا آهن. سنڌو سنڌو درياهه جنهن کي
دنيا Mad River مست درياهه ڪري سڏيو، مغربي ليکڪن
ان تي The Lion River يعنيٰ شينهن درياهه جي نالي سان ڪتاب
لکيا. جن فيرلي واديِ ڪيلاش مان ان درياهه جي نڪرڻ واري هنڌ کي سنگهه ڪا باپ (سنگي
ڪباب) يعني شينهن جو
پيءُ ڪوٺيو، انگريز حڪمرانن ان درياه تي دنيا جو وڏي ۾ وڏو آبپاشي نظام جوڙيو.
دنيا جي عظيم سنڌو سڀيتا ۽ ويد جنهن درياهه جي ڪنارن تي جڙيا، اڄ ان درياهه جي پيٽ
مان واري پئي اڏامي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تهذيبي ورثي ۽ قومي تشخص کان لاتعلقي جو
شڪار آهن.
ان صورتحال
۾ چند ساڃهه وند، پڙهيل لکيل ماڻهن تي فرض ٿو عائد ٿئي ته پنهنجي ماضيءَ جي شاندار
تهذيبي ورثي کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏئي سنڌ جي موجوده نسل کي ان بابت ڄاڻ ڏين ۽ قومي
بقا واسطي تيار ڪن. منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته احسان دانش جو ڪتاب ”سنڌو
سڀيتا جو عظيم ورثو ــ موهن جو دڙو“ ان سلسلي ۾ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. احسان
دانش ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي اهڙي وقتائتي ۽ ڄاڻ
ڀريل ڪتاب آڻڻ تي جس هجي.
اے گوشِ وقت سن کہ ادا کر رہا ہوں میں
وہ لفظ جس کے حرف فراموش ہو گئے
رياض ڪلهوڙو
ڊاڪٽر احسان دانش جي ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ جو تحقيقي اڀياس
مغربي ڏاهي گولڊ سمٿ جو قول آهي ته: “ڪنهن عمدي ڪتاب کي پهرئين ڀيري پڙهان ٿو ته مون کي هڪ نئين دوست سان ملڻ جيان خوشي ٿيندي آهي ۽ جڏهن ڪنهن اڳ پڙهيل ڪتاب کي وري ٿو پڙهان ته ڪنهن پراڻي دوست سان ملڻ جيان مزو ٿو اچي”. (حوالو) واقعي ڪتاب پڙهڻ سان دل کي سڪون ۽ روح کي راحت ملي ٿي. پر جيڪڏهن ڪتاب پسند جي موضوع سان گڏ عالماڻي نوعيت جو آهي، ته سڪون ۽ راحت ٻيڻي ٿي پوي.
“پيهي پروريوم” جديد سنڌي
شاعريءَ جي تنقيدي اڀياس تي مشتمل هڪ اهم ڪتاب، ڊاڪٽر احسان دانش جي قلمي پورهيي
جو نتيجو آهي. 15 فيبروي 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گھر ۾ جنم
وٺندڙ احسان دانش، ادبي گلشن جو
اهو گل آهي، جنهن جي واس سان ماحول معطر ٿيو وڃي. احسان دانش بنيادي طور هڪ
تخليقڪار آهي جنهن ڪائنات جي فطري سونهن سان گڏ سماجي براين، ڏاڍاين، بک، بدحالي،
ظلم، جبر، غربت، پيڙا، مزدور، هاري ۽ عورت سان ٿيندڙ ناجائزين تي به قلم کنيو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، ڪالم نگار ۽ محقق سان گڏ سٺو نقاد
پڻ آهي.
تنقيدي حوالي کان سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي ڪم جي ضرورت آهي. پرکَ، ڪَٿَ، پروڙ، تپاس، سمالوچن، تميز، تورتڪ، راءِ، ڇنڊڇاڻ، تبصرو، نڪته چيني ۽ ٽيڪاٽپڻي تنقيد جا نعم البدل آهن. چارلس مورگن تنقيد جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي ته: “فنِ تنقيد ايمانداريءَ جو ٻيو نالو آهي، ڪنهن به ادب پاري جي تورتڪ، مٿس ٽيڪاٽپڻي، بيان ڪنهن رنگ، نسل، دين ڌرم جي امتياز جي فن تنقيد چئجي ٿو”.
(حوالو)“سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاري” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر
بدر اڄڻ، پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ تنقيد جا 25 قسم ڄاڻايا آهن. تنقيد لفظ کي سمجهڻ،
تنقيد جو مفهوم ڪڍڻ، تڪ تور ڪري ڪنهن تخليق جو تنقيدي جائزو پيش ڪرڻ لاءِ عالماڻه
صلاحيتن جو هجڻ لازمي آهي. تحقيق ۽ تنقيد کي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا سڏيو ويو آهي.
تنهن ڪري نقاد لاءِ ضروري آهي ته هو هڪ سٺي تخليقڪار سان گڏ هڪ سٺو محقق به هجي،
کيس تخليق ۽ تحقيق جي باري ۾ چڱي خاصي معلومات هجي. بين جانسن لکيو آهي ته: “هڪ
نقاد ۾ حقيقتن کي پرکڻ لاءِ اعليٰ درجي جو شعور هجڻ کپي، اهو شعور ڪا عام ڳالهه
ناهي يا ڪو معمولي تحفو ناهي ۽ ڪا اهڙي ڳالهه به ناهي، جيڪا جھٽ پٽ ۾ حاصل ڪري
مقبول بڻائي سگھي. حقيقت کي پرکڻ جو شعور هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جيڪا آهسته آهسته
پيدا ٿيندي آهي ۽ ان جي ڪماليت معنيٰ تهذيب جي اوسر ۽ ترقي”. (حوالو)
سنڌ جي مشهور ۽ نامياري اديب،
شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر احسان دانش تنقيدي دائرن کي نظر ۾ رکي، جديد سنڌي شاعريءَ
جو تنقيدي اڀياس لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ سنڌ جي 13 برک شاعرن جي شاعريءَ
جو تنقيدي جائزو ورتو آهي، اهڙن شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسي، انور
پيرزادو، ادل سومرو، اياز گل، سعيد ميمڻ، روبينه ابڙو، اياز جاني، جواد جعفري،
شبير هاليپوٽو، شهمير سومرو ۽ گوهر شيخ شامل آهن. 288 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي
شروعات ”پبلشر نوٽ“ سان ٿئي ٿي. نقاد جي شخصيت جو حوالي ڏيندي، ساجد سنڌيءَ ”پبلشر
نوٽ“ ۾ لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر احسان دانش هن ادبي پورهئي ۾ پڻ اکين جو نور نچوئي جديد
سنڌي شاعريءَ جو ڀرپور نموني فني ۽ فڪري ڇيد ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ٽن مختلف
دورن جي چونڊ ڪوتاڪارن جي ڪوتائن تي هڪ نقاد ۽ بهترين پڙهندڙ جي حيثيت سان ڊاڪٽر
احسان دانش پنهنجي ذاتي پسند ناپسند کي پر ڀرو رکي وت آهر نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي
آهي“. (پيهي پروڙيوم ص ........)
تنقيدي حوالي سان، سنڌي ادب ۾
”پيهي پروڙيوم“موجوده دور جو اهم دستاويز آهي. هن ڪتاب جو ”مهاڳ“ سنڌ جي خوبصورت
اديب ۽ اياز شناس پروفيسر ڊاڪٽر فياض لطيف لکيو آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف 24 صفحن تي
مشتمل، تفصيلي مهاڳ ۾ حوالا ڏئي، مهاڳ کي مفصل ۽ تحقيقي نوعيت جو بڻايو آهي. ڊاڪٽر
صاحب جو لکيل هي مهاڳ ”مقدمي“ جي حيثيت رکي ٿو. تنقيد، تنقيد جي اصطلاحي معنيٰ،
تاريخي پسمنظر، تنقيد جي صحت، نقاد، نقاد جي قابليت ۽ مطالعي کان وٺي احسان دانش
جي شخصيت تائين، هن مهاڳ ۾ مفصل ۽ جامع انداز ۾ بحث ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ
ڪتاب ۾ موجود مقالن تي پڻ روشني وڌي وئي آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف ”مهاڳ“ ۾ احسان دانش
جي حوالي سان لکيو آهي ته ”احسان دانش پنهنجي هن اينٿالاجي ۾، گھڻي قدر انهن شاعرن
جي شاعريءَ تي، پنهنجي اتفاق ۽ اختلاف راءِ جو اظهار ڪيو آهي، جيڪي سندس سهيوڳي
آهي، جن مان ڪيترن سان سندس ذاتي مراسم ۽ قريبي تعلقات به آهن، پر هن کرائي، ادبي
سچائي ۽ پنهنجي ايمانداريءَ سان انهن جي تخليقن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو
آهي، جنهن کي آءٌ موجوده روايتي تنقيد جي ملول ماحول ۾ هڪ مثبت ۽ منفرد وک سمجھان
ٿو... ۽ احسان دانش جي هن تنقيدي پورهئي کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي اهميت جو حامل
سمجھان ٿو، ڇو ته اهو جديد سنڌي شاعريءَ جي تخليقي، فني، فڪري ۽ جمالياتي رخن ۽
رعنائين جو هڪ عڪس ۽ آئينو پيش ڪري ٿو“. (پيهي پروڙيوم ص
........)
”مهاڳ“ کان پوءِ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر
احسان دانش جو ”تنقيد جا معيار ۽ جديد شاعري“ جي عنوان سان هڪ تفصيلي مقدمو لکيل
آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب علمي ۽ ادبي بحث ڪندي، تنقيد ۽ جديد شاعريءَ جي موضوعن تي
مختلف رخن کان روشني وڌي آهي. هي مقدمو لکڻ کان پهرين مصنف عالمي سطح جو مطالعو
ڪيو آهي. ڏيهي توڙي پرڏيهي محقق ۽ نقاد هن جي مطالعي هيٺ رهيا آهن. مقدمي ۾ ڊاڪٽر
احسان دانش جن عالمن جا حوالا پيش ڪيا آهن، انهن ۾ ايمرسن، هڊسن، ميٿيو آرنولڊ،
ايليٽ، سر فلپ سڊني، ڪولرج، اي هنٽ، ڪارلائل، هينري آءِ ڪرسٽ، ڊاڪٽر عبادت، ن م
راشد، ڊاڪٽر سيد محمد عبدالله، تنوير عباسي، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر اسحاق سميجو،
احمد سولنگي، تاج بلوچ، علي آڪاش ۽ ٻيا
شامل آهن. ڊاڪٽر احسان دانش مقدمي ۾ تنقيد جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”اسان وٽ تنقيد جي عام معنيٰ
آهي عيب جوئي، نقص نگاري، تنقيص، نڪته چيني ۽ خاميون ڪڍڻ. ۽ عام طور تخليقڪار ان
کي سٺو ڪم نه سمجھندا آهن. ڪن ماڻهن ته نقاد لاءِ ناڪام تخليقڪار جو اصطلاح به
استعمال ڪيو آهي“.(پيهي پروڙيوم ص ........)
ڊاڪٽر احسان دانش لفظ ”تنقيد“
جي بنياد تي به چڱو خاصو ڪم ڪيو آهي. تنقيد لفظ ڪٿان آيو ۽ ڪهڙي صيغي ۾ استعمال
ٿيڻ لڳو وغيره تي ڪافي بحث ٿيل آهي. ڊاڪٽر احسان دانش هي مقدمو جديد تحقيق جي
اصولن موجب لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن مقدمي کي ٽن ذيلي عنوانن ”تنقيد ۽ ان معيار“،
”تنقيد ۽ شاعري“ ۽ ”جديد سنڌي شاعري ۽ تنقيد“ ۾ ورهايو آهي. علم بيان جي لحاظ کان،
ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ مقدمو نهايت خوبصورت، جاندار ۽ بازيب آهي. هن مقدمي ۾ ”واٽون
ويهه ٿيام“ جهڙيون تمثيلون، تلميحون، اصطلاح، استعارا ۽ تشبيهون ڪتب آنديون ويون
آهن. مقدمي ۾ تنقيد جي تشريح تي پڻ وضاحت سان لکيل آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:
”تنقيد جي تشريح جي سلسلي ۾
ٽي نظريا وڏي اهميت رکن ٿا. پهريون: تنقيد ڪنهن به فن پاري جي تعريف جو ڪم آهي،
جنهن ۾ ان جي خوبين کي اجاگر ڪيو ويندو آهي. ٻيو: تنقيد ڪنهن به تخليق جي تشريح
ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. ٽيون: تنقيد جو مقصد ڪنهن به فن پاري جو تجزيو ڪرڻ آهي“.(پيهي پروڙيوم ص ........)
هن مفصل مقدمي ۾ ڊاڪٽر احسان
دانش تنقيد جي قسمن تي ڳالهائڻ سان گڏ اصولي تنقيد جي اهم جزن جذبي، خيال، مواد ۽
اسلوب تي به روشني وڌي آهي. ”تنقيد ۽ شاعري“واري ذيلي عنوان ۾ شاعر جي انفراديت جو
ذڪر ڪندي لکيو اٿائين ته:
”هڪ شاعر ۽ غير شاعر ۾ ۾
بنيادي طور فرق اهو آهي ته هڪ شاعر ڪنهن شاعر جي ڀيت ۾ زندگيءَ جي معمولي کان
معمولي چرپر ۽ ننڍي وٿ ۽ سادي کان سادي منظر کي به پنهنجي گھري مشاهدي وسيلي اهڙي
ريت پيش ڪندو آهي، جو اهي سڀ معمولي شيون غير معمولي محسوس ٿينديون آهن. اهو هڪ
اعليٰ درجي جي شاعر جي بيان جو حسن آهي“.(پيهي پروڙيوم ص
........)
”جديد سنڌي شاعري ۽ تنقيد“ جي ذيلي عنوان ۾ جديد سنڌي
شاعريءَ جي معيارن تي تفصيل سان لکيو ويو آهي. مصنف معيار بيان ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر تنوير
عباسي جي مضمون ”جديد سنڌي شاعري“ ۾ ڏنل ڇهن خاصيتن کي بنياد بڻايو آهي. تفصلي بحث
کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جديد شاعرن ۽ جديد نقادن جا ڪجھ نالا به ڏنا آهن، شاعرن ۾
ڪشنچند بيوس، هري دلگير، هوندراج دکايل، شيخ اياز، نارائڻ شيام، حيدر بخش جتوئي،
عبدالڪريم گدائي، شمشير الحيدري، امداد حسيني، تنوير عباسي، اياز گل ۽ ٻيا شامل
آهن. جڏهن ته نقادن ۾ غلام محمد گرامي، تنوير عباسي، احسان بدوي، رسول بخش پليجو،
رشيد ڀٽي، سراج، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر
بشير احمد شاد، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ۽ ٻيا
شامل آهن. نقاد جي ذميواري بيان ڪندي ڊاڪٽر اسحاق سميجي کي هن طرح ڪوٽ ڪيو اٿائين:
“اسان جي تخليقڪار کي زمانن کان وٺي، فقط ساراهه ۽ تعريف
ٻڌڻ جو عادي بڻايو ويو آهي، تنهن ڪري ئي هن جي ويچار جي صلاحيت محدود ٿي رهجي وئي
آهي، ۽ سندس ذهن سواءِ ڪوڙي ساراهه جي ٻيو ڪجھ به ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي، پوءِ
ڀلي اهو سچ ئي ڇونه هجي. جيتوڻيڪ ساراهه وارو عمل به خراب ۽ منفي ناهي، پر سکڻي،
بي روح ۽ لفاظيءَ تي ٻڌل ساراهه تخليق توڙي تخليقڪار، ٻنهي لاءِ موت برابر آهي.
جيڪڏهن ايماندارانه جائزو وٺجي ته همعصر ادبي دور اهڙي ئي سطحي موت مرندي نظر اچي
ٿو...ڪوڙي واهه واهه مان انتهائي بيزاريءَ واري حالت جنم ورتو آهي، تنهنڪري ئي رد
عمل ۾ اڀري آيل تنقيد تي به تنقيصي رويي جو غلبو رهي ٿو. تنقيص ته وري به تخليق جي
دشمن ناهي پر تنقيد نالي ۾ ڪردار ڪشي، شخصي تضحيڪ ۽ ذاتيات تي گفتگو، خسيس ۽ سطحي
حرڪت آهي ۽ اهڙي ڪنهن حرڪت ۾ ملوث شخص کي نقاد چوڻ، نقاد لفظ جي سڀ کان وڏي تضحيڪ
آهي”. (پيهي پروڙيوم ص ........)
ڊاڪٽر احسان دانش هن ڪتاب ۾ جن شاعرن جي شاعري تي تحقيقي ۽
تنقيدي مقالا ۽ مضمون لکيا آهن، انهن کي هن پاڻ ئي جديد شاعريءَ جي ٽن مخلتف دورن
۾ ورهايو آهي. هڪڙو دور جنهن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ تنوير کي شامل ڪيو اٿس،
ٻيو دور جنهن ۾ انور پيرزادو، اياز گل ۽ ادل سومرو شامل آهن ۽ ٽيون دور جنهن ۾
سعيد ميمڻ، روبينه ابڙو، اياز جاني، جواد جعفري، شبير هاليپوٽو، شهمير سومرو ۽
گوهر شيخ شامل ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر صاحب، چوڏنهن حوالا ڏئي هن مقدمي کي هڪ مضبوط
ڪوٽ ۾ بند ڪرڻ سان گڏ مدلل انداز ۾ تنقيد جي گھڻ رخي تشريح ۽ جديد شاعري سان ان جي
سُٻنڌ تي ڀرپور روشني وڌي آهي.
جيڪڏهن ”پيهي پروڙيوم“ کي جديد سنڌي شاعري جي پرک جي هڪ اهم
ڪڙي چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. هن ڪتاب ۾ ترتيبوار هنن عنوان سان مقالا شامل آهن
”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت“، ”استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ سماجي، انقلابي ۽
مزاحمتي شعور“، ”تنوير عباسي جي شاعري جا دور (هڪ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)“، ”انور
پيرزادي جي شاعري“، ”ادل سومري جي شاعريءَ جا رنگ“، ”اياز گل سنڌي شاعريءَ کي نئون
لهجو ڏيندڙ شاعر“، ”سعيد ميمڻ جي ڪتاب ”ازل جو آڏاڻو“ جو تنقيدي جائزو“، ”روبينه
ابڙو جي شاعريءَ جي پرک“، ”اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿ“، ”جواد جٿفيرءَ جي شاعريءَ
جو مطالعو“، ”شبير هاليپوٽو ۽ سندس شاعري“، ”شهمير سومري جي غزلن جو اڀياس“ ۽
”گوهر شيخ جي شاعريءَ جي پروڙ“.
ڊاڪٽر احسان دانش ڪتاب ۾ موجود هر مقالو تحقيق ۽ تنقيد جي
مروج اصول کي سامهون رکي وڏي محنت سان لکيو آهي. ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت“ ۾
ڊاڪٽر صاحب، ترنم، لئي ۽ موسيقيءَ کان بغير شاعريءَ کي ٻُٽي ۽ پُسي ڪوٺيو آهي. هو
لکي ٿو ”جيستائين شاعر جا لفظ روح جي تارن کي نه ٿا ڇيڙين ، تيسيتائين اها بي ساهي
۽ بي ست محسوس ٿئي ٿي. عظيم شاعريءَ جو وڏو ڪمال اهو ئي آهي ته اها پنهنجي پڙهندڙ
جي وجود ۾ ائين سرائيت ڪري ويندي آهي جو سندس اندر ۾ ”مي رقصم“ جي ڪيفيت پيدا ٿي
ويندي آهي. اها ڪيفيت ۽ اهو جادو لفظن جي ترنم ۽ موسيقي سبب ئي پيدا ٿيندو آهي ۽
شاعري انهي منزل تي اچي ساحري بڻجي ويندي آهي“. (پيهي پروڙيوم ص ........) شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت جي حوالي کان ڊاڪٽر احسان
دانش لکيو آهي ته:
”شيخ اياز
جي شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جو بنيادي سبب اهو آهي ته هن جو روح فطري سرن، سازن ۽ آلاون
سان رچيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن کي رباب جو رون رون گلاب جي خوشبو جيان پئي
ڀاسي. شيخ اياز جي شاعريءَ جي موسيقي ۽ مڌرتا، ساز ۽ سرلتا، سر ۽ آهنگ، نغمگي ۽
لطافت، رواني ۽ نفاست جا انيڪ مثال آهن“.(پيهي پروڙيوم ص
........) شيخ اياز جي اهڙي شاعريءَ مان مقالي مان ڪوريل ڪجھ مثال
هيٺ ڏجن ٿا:
هي تار به تون آهين،
ميهار به تون آهينم سيسار به تون آهين،
يا
هي ديس سڄو ئي اوڳو آ
من روڳي آ جو موڳو آ
هر گيان انهيءَ جو گيڙو آ
۽ رات مٿان جو ٽيڙو آ
يا
اچو اچو!
نچو نچو!
تمام ڪائنات رقص جام ۾ رچي وئي
سروف و ساز جي صدا ڪلام ۾ رچي وچي،
حيات مختصر خيام خام ۾ رچي وئي
شباب جي عظيم انتقام ۾ رچي وئي
اچو اچو!
نچو نچو!
”استاد بخاري جي شاعريءَ ۾
سماجي، انقلابي ۽ مزاحمتي شعور“ ۾ ڊاڪٽر احسان دانش نهايت ديانتداري کان ڪم ورتو
آهي، سندس لفظ لفظ تارازيءَ ۾ تورڻ جهڙو آهي. ڊاڪٽر جي لکڻيءَ جي هڪڙي خصلت اها به
آهي ته پاڻ ڪٿي به انگريزي لفظن جو استعمال نه ڪيو اٿس، ڪوشش ڪئي اٿس ته نج سنڌي
لفظ لکجن ۽ سنڌي به سليس نه ڪي دقيق. استاد بخاريءَ جي شاعري بابت مصنف لکيو آهي
ته:
”استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو
وينجھار شاعر آهي. هو لفظ لفظ کي سوڌي سنواري، اجاري موتين جو روپ ڌئي ٿو ۽ هڪ هڪ
موتيءَ کي جڙي لفظن جي اهڙي مالها ٺاهي ٿو، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي ڳلي جي سونهن ۾
اضافو آڻي ٿي. حقيقت اها آهي ته استاد لفظن جو جادوگر آهي...استاد جي شاعريءَ ۾
لفظن جو هڪ وڏو جهان آباد آهي ۽ لفظ ئي ٻوليءَ جو بنياد آهن. سنڌي ٻولي به ائين ئي
حشين لفظن جو شاهڪار آهي. بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ حسناڪين جا هزارين رنگ
پسي سگھجن ٿا“.(پيهي پروڙيوم ص ........) استاد
بخاريءَ جي شاعريءَ منجهان احسان دانش، جيڪي شعر چونڊيا آهن، انهن مان هڪڙو مثال
هيٺ ڏجي ٿو:
ڪـــلــفــت ڪــٺي ڪـــرڻ کان مــحبـــت رتــي چــڱي آ
ڪـــــوڙي قــــصي کڻـــڻ کان هڪ سٽ سچي چڱي آ
کاريون کٽيون نه کوليو، ٻوليون مٺيون ڪي ٻوليو،
رسوَل رکـــــي چــــــڱـي آ، مـــاکـــي چــــکـــــي چــــڱـي آ.
ڊاڪٽر احسان دانش جيڪي مقالا
هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن، انهن مان اڪثر مقالا ڪتاب کان پهرين ڪٿي نه ڪٿي ڇپيل آهن،
ڊاڪٽر صاحب مقالي جي آخر ۾ اهڙا نوٽ به لڳايا آهن، جيئن تنوير عباسيءَ واري مقالي جي
آخر ۾ لکيو اٿائين ته: ”تنوير عباسي جي ورسيءَ جي مناسبت سان 2002ع ۾ لکيل، جيڪو
2003ع ۾ ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل ۾ شايع ٿيو“.
”تنوير عباسي جي شاعري جا دور
(هڪ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)“ هن ڪتاب جو هڪ مفصل مقالو آهي، جنهن 30 صفحن جي جڳهه
والاري آهي. هن مقالي کي ڊاڪٽر صاحب جن مختلف ذيلي عنوانن ۾ ورهايو آهي، انهن ۾
”تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جا دور“، ”روايتي دور (ابتدائي دور) جي شاعري“، ”ترقي
پسند دور (وچين دور) جي شاعري“، ”ترقي پسند تحريڪ جو پس منظر ۽ سنڌي ادب“، ”ون
يونٽ خلاف تحريڪ“ ۽ ”جديد دور جي شاعري“ شامل آهن. تنوير عباسيءَ جي شاعري بابت
ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي ته:
”تنوير عباسي سنڌي شاعريءَ جي
ارتقائي سفر ۾ اهم شاعر واري حيثيت رکي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ نه ته فڪر، تخيل ۽
تصور جي ڪمي آهي، ۽ نه ئي اعليٰ قسم جي فن جي...تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ هڪ ئي
وقت آمد ۽ آورد واريون خوبيون موجود هيون. هن پنهنجي شاعريءَ جي الڳ الڳ دورن ۾
جدا جدا موضوعن کي ڇهيو ۽ گڏوگڏ فن جي پالوٽ پڻ ڪئي. هن سنڌي شاعريءَ ۾ نوان تجربا
به ڪيا ته نيون صنفون پڻ متعارف ڪرايون. هن جي شاعري قدامت کان جدت، فارسيٽ کان نج
سنڌي لهجي تائين جي سموري سفر ۾ پنهنجو ڌار مقام رکي ٿي“. (پيهي پروڙيوم ص ........)
ڪتاب ۾
لکيل چوٿون مضمون ”انور پيرزادي جي شاعري“ ڇهن صفحن تي لکيل آهي. هي مضمون عوامي
آواز اخبار ۾ پڻ ڇپيل آهي. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر احسان دانش انور پيرزادي جي شاعريءَ
تي تبصرو ڪيو آهي. انور پيرزادو سنڌي ادب ۽ صحافت جي دنيا جو مقبول ڪردار ٿي گذريو
آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو. پاڻ ٻلهڙيجي تعلقي ڏوڪري جو رهواسي هو. انور
پيرزادو شاعريءَ سان گڏ نثر به لکندو هو، ڪهاڻيڪارن ۾ به سندس چڱو خاصو مقام آهي.
انور پيرزادي سنڌي سماج جي مسئلن تي قلم کنيو آهي. ”ڪارنهن جا چٽا“، ”ون يونٽ“،
”مارشلا“ ۽ ”زندگي هڪ آپريشن ٿيٽر“ وغيره جهڙا عام ۽ اهم موضوع سندس شاعريءَ جو حصو
رهيا آهن. ڊاڪٽر احسان دانش، انور پيزادي جي شاعريءَ لاءِ لکيو آهي ته:
”زبان بنديءَ جي دور ۾ شاعرَ
علامتن جو سهارو وٺندا آهن. انور پيرزادي جي گھڻي شاعري ان آمراڻي دور جو نوحو
آهي، جنهن ۾ آڪسيجن گھٽجي ويندي آهي ۽ ماڻهو ساهه نه کڻي سگھندا آهن. اظهار تي
پابنديون هونديون آهن. سچ جو نعرو بلند ڪندڙن جي زندان جون ديوارون آجيان ڪنديون
آهن. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ علامتن جا ميڙ آهن. انور جي اهڙن علامتن مان زندگي ۽
ان جي تلخين جا مختلف روپ پسي سگھجن ٿا“. انور پيرزادي جي نهايت مشهور نظم ”اي چنڊ
ڀٽائي کي چئجان“ در اصل هڪ دانهن آهي، جيڪا هڪ حساس دل شاعر جي من پاتال مان نڪتي
آهي. هن نظم ۾ بيوسي جو اظهار به آهي ته التجا به:
اي چــــنـــڊ ڀــــٽـــائي کـــي چئجــان!
اڄ رات رنــــــــو آرت ڦــــــڙو
۽ تـــارا ســـور پيـــئـــن ٿـــا پـــــيـــا،
هوءِ سانجهي سڏڪي روئي ٿي
۽ ســـوريءَ گيـــت چـــڙهـن ٿا پيا
توکي نه چوان ٻيو ڪنهن کي چوان
اي چـــنـــڊ ڀــٽـــائـــي کـــي چــئـــجـــان. (پيهي پروڙيوم ص ........)
“ادل سومري جي شاعريءَ جا
رنگ“ ارڙنهن صفحن تي مشتمل هڪ جامع مقالو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڊاڪٽر ادل سومري
جي شاعري جو اڀياس پيش ڪيو آهي. هن اڀياس کي ڊاڪٽر صاحب ”ادل جي شاعريءَ جا رنگ“
جي عنوان سان هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، ”پهريون رنگ (ادل جي رومانوي شاعري)“، ”ٻيو
رنگ (ادل جي سماجي شاعري)“ ۽ ”ٽيون رنگ (ادل جي عڪسي شاعري)“ جي موضوعن ۾ ورهايو
آهي. هر رنگ ۾ ادل سومري جي شاعريءَ منجھان نموني طور شعر پيش ڪيا ويا آهن. ادل
سومرو جديد دور جو سرموڙ شاعر آهي. ادل سومري لاءِ شِخ اياز لکيو آهي ته:
”ادل سومرو نئين ٽهيءَ جو اهو
شاعر آهي، جنهن فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي، شعري روايات جا سارا زنجير ٽوڙي ڇڏيا
آهن ۽ پنهنجو ترنم پنهنجي اندر جي آواز مان اڀاريو آهي. اڄڪلهه جديد شاعر پاڻ تي
ڪو به زنجير رکڻ نه ٿا چاهين. انهن جون اکيون کليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن
مان برل شاعر آهي“. (حوالو)
ادل سومري جو اصل نالو
عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. ادل شاعر هئڻ سان گڏ هڪ سٺو محقق به آهي.ادل
سومري ٻاراڻي ادب ۾ به شاعري ۽ نثر جا ڪتاب لکيا آهن. ڊاڪٽر ادل جي شاعريءَ لاءِ
احسان دانش لکيو آهي ته:
”ادل جي شاعريءَ ۾ فني توڙي
فڪري حوالي سان ڪيترائي رنگ موجود آهن پر مون هتي سندس شاعريءَ مان فقط ٽي رنگ
چونڊيا آهن... ادل سومري جي شاعريءَ ۾ فني حوالي سان کوڙ ساريون خوبيون موجود آهن.
هن جي ڪلام ۾ بهترين تشبيهون ۽ استعارا، ترڪيبون ۽ تلميحون توڙي علامتي اظهار
موجود آهي“.(پيهي پروڙيوم ص ........) ادل
سومري جي شاعري جيڪا ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مقالي ۾ ڏني آهي، ان مان ڪجھ هيٺ ڏجي ٿي.
جيڪو پوکي پيار، تنهن وٽ آ سرهاڻ
اندر اُلا آڳ جا، لفظن منجھ ٿڌاڻ،
اکين ۾ آلاڻ، پوءِ به مرڪ چپن تي.
يا
لفظن کي ڄڻ لوڻ لڳل آ
تنهنجو لهجو ساڳيو ناهي.
”اياز گل: سنڌي شاعريءَ کي
نئون لهجو ڏيندڙ شاعر“ ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ ۾ شامل ڇهون مقالو آهي، جنهن نون صفحن
جي جڳهه والاري آهي. اياز گل، جنهن جي شاعري سندس شخصيت جيان خوبصورت آهي. هن جي شاعريءَ
۾ خوشبو، گل، خوبصورتي ۽ خوشيءَ جي موضوع سان گڏ سماجي مسئلن جي اپٽار ٿيل آهي.
اياز گل جي شاعري لاءِ ڊاڪٽر دانش لکيو آهي ته:
”اياز گل جي شاعري هونءَ ته
موضوعن جي حوالي سان گوناگون آهي، پر خاص طور تي هن وٽ رومانوي رنگ، پنهنجي پوري
جمالياتي ذوق، ڦوهه جواني ۽ جوڀن ۾ نظر اچي ٿو. هن جا لفظ پيار ڪرڻ واري دل کي
امرت پيا آڇين. اهڙو امرت، جنهن کي اندر ۾ اوتي زندگيءَ مان سرور حاصل سگھجي“. (پيهي پروڙيوم ص ........) اياز گل جي شاعري مان ڪجھ شعر
هيٺ ڏجن ٿا.
منهنجي دل جي ڌرتيءَ مان،
تــنــهنــجو پيــار ڦٽي نڪتو.
يا
هر گھڙي ڪِرڻ جو رهي خطرو،
پــيــارُ پهــريــــن اڏار وانــــگي آ
اياز گل جي شاعريءَ ۾ سونهن،
پيار ۽ محبت جي موضوع سان گڏ حب الوطني، غربت، تنهائي ۽ وڇوڙي جهڙا موضوع به ملن
ٿا. اياز گل موجوده دور جو هڪ اهم شاعر آهي.
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر احسان دانش
هڪڙي ڪتاب تي تنقيدي تبصرو ۽ تجزيو به ڪيو آهي. سعيد ميمڻ جو اهو ڪتاب ”ازل جو آڏاڻو“
هڪ طويل غزل تي آڌاريل آهي. سعيد ميمڻ، احسان دانش جو همعصر ۽ ويجھو دوست رهيو
آهي، ٻنهي لکڻ جي شروعات به گڏ ئي ڪئي ۽ ٻنهي جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي. سعيد ميمڻ
جي شاعريءَ مان سنڌوءَ جي تهذيب ۽ ثقافت جي خوشبو ايندي آهي. سعيد جديد دور جو اهو
نمايان شاعر آهي، جنهن جي شاعري، انسان جي ڪيفيتن جي مٽيءَ مان ڳوهيل آهي. سعيد جي هن طويل غزل لاءِ احسان دانش لکيو آهي
ته:
”هي غزل خيالن ۽ موضوعن جو
گھاٽو جھنگ آهي. هڪ پاسي هن ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ لوڪ داستانن جا ڪردار ٿا نظر اچن
ته ٻي پاسي جديد عهد جو درد. هي غزل تاريخ پيرا کڻندي تخليق ڪائنات جي رازن کي
کوليندي وجود جي گھراين جي مسافت به ڪري ٿو ته انسان جي شعور جي ڪايا پلٽ ڪندي
انيڪ اڻ ڇهين احساسن کي به پاڻ ۾ سمائي ٿو. هي غزل رڳو سعيد جي داخلي احساسن جو
ڪٿارسس ۽ ماورائي حقيقت جو اظهار ناهي ۽ نه ئي ان ۾ رڳو وجودي فڪر جي مٽي ڳوهيل
آهي، پر ان مان سعيد جو سماجي شعور پڻ جھلڪي ٿو“.(پيهي پروڙيوم ص ........) ڊاڪٽر صاحب جي هن غزل جا جي ڪي
شعر ڪوٽ ڪيا آهن انهن مان ٻه هيٺ ڏجن ٿا.
ذوق وارن جو قحط پيو آهي
خود لکيو شعر، خود پڙهيو آهي،
سڀ هي وجدان جي عنايت آ
شعر ويهي نه مون گھڙيو آهي.
ڪتاب جي اٺين مقالي ”روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي پرک“ ۾
ڊاڪٽر صاحب روبينه جي نظمن، غزلن ۽ گيتن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. هن مقالي جي
شروعات ۾ احسان دانش، عورتن کي، ادبي ميدان ۾ اچڻ سان گڏ سماج جي ٻين سرگرمين ۾
شامل ٿيڻ لاءِ اتساهيو آهي. مردن جيان عورتن کي به پورو حق حاصل آهي ته اهي به
اڳتي اچن ۽ پنهنجون تخليقون دنيا آڏو پيش ڪن. روبينه جي شخصيت ۽ سندس شاعريءَ بابت
ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي ته:
”روبينه ابڙو 90 واري ڏهاڪي
کان مسلسل لکندي رهي آهي ۽ لکڻ رڳو هن جي رياضت نه آهي پر ان کان اڳتي هوءَ ان کي
تڪميل ذات جو هڪ لازمي ۽ اهم مرحلو ڄاڻي ٿي ۽ اهو عمل هن جي صدين کان اڃاري ۽
ٿڪاري روح جي آٿت ۽ نرواڻ جو ذريعو بڻجي ٿو...هن جي شاعريءَ ۾ سار جو سرور به آهي
ته پيار ۾ اعتبار ۽ تهمتن جا معاملا به. هن وٽ نسواني جذبات ۽ احساسات جو فطري
لقاءُ به موجود آهي“.(پيهي پروڙيوم ص ........) روبينه ابڙو جي شاعريءَ مان ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا.
پرواهه لوڪ جي مون
ســڀ خــاڪ ۾ اڏائـــي.
يا
مليو جو رقص جو مـوقعو
ســـڄو عــالــم نــچايــوسين.
”اياز جاني جي شاعريءَ جي ڪٿ“
ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ ۾ سترنهن صفحن تي لکيل هڪ جامع مقالو آهي. جنهن جي شروعات ۾
ڊاڪٽر صاحب اياز جانيءَ سان ٿيل ملاقات ۽ ملاقات ۾ ٿيل ڪچهريءَ جو ذڪر ڪيو آهي.
اياز جانيءَ احسان دانش کي ان ملاقات ۾ پنهنجي زندگيءَ جا حال احوال ٻڌايا آهن،
جيڪي ڊاڪٽر کي اڄ به ڪنهن ڀارتي آرٽ مووي جي سين جيان ياد آهن. ڊاڪٽر دانش، ميٿيو
آرنولڊ جي قول سان مقالي کي اڳتي وڌائيندي، اياز جانيءَ جي شخصيت، شاعري، فن ۽ فڪر
تي تفصيلي ڳالهايو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن مقالي ۾ غزل جي اوسر کي ڇهندي، اياز جانيءَ جي
شاعريءَ جي ٻين صنفن سان گڏ خاص طور غزل ۽ وائي تي جامع اڀياسي نظر وڌي آهي. وائي
جانيءَ جي محبوب صنف رهي. اياز جانيءَ جي وائي جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا.
منهنجي مايا اڃ آ،
سپنا سپنا نيڻ،
آءٌ مسافر آهيان.
نيڻ اجھاميل آڳ جيان،
ڳاهيل ڳاهيل ڳل،
اجياري جي آس ۾.
اياز جانيءَ جي شاعري بابت
ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي ته: ”اياز جانيءَ جون ڪيئي وايون اهڙي ٻوٽي وانگر آهن
جن تان هڪڙا گل ڇڻن ئي مس ٿا ته وري ٻيا ٽڙي پون ٿا. هو ڪنهن هڪ به وائيءَ کي
اجائي طوالت ڏئي ساهه گھٽڻ کان انهيءَ وائي جي ڪُک مان هڪ ٻي وائي جنمڻ کي بهتر
سمجھي ٿو. اهڙين وائين جو هڪ ٻئي سان انوکو ربط ۽ تعلق محسوس ٿئي ٿو ۽ لڳي ٿو ته
اياز اهي وايون هڪڙي ئي ويهڪ ۾ ٿوري ٿوري ڪيفيت جي تبديلي سان لکيو آهن“. (پيهي پروڙيوم ص ........)
ڊاڪٽر
احسان دانش جي هن ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ ۾ ڏهون مضمون ”جواد جعفري جي شاعريءَ جو
مطالعو“ آهي. جواد جعفري جديد سنڌي ادب جو خوبصورت نالو آهي. جواد جعفريءَ جو پورو
نالو جواد حسين ولد انور حسين جعفري آهي. هي 6 ڊسمبر 1963ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو.
جواد جعفريءَ جو نانو، نواز علي ’نياز‘جعفري پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو. جواد جعفري ان نسبت سان گهريلو ماحول ۽ شاعر دوستن جي صحبت ۾ 1987ع کان باضابطا شاعري ڪرڻ لڳو. جواد جعفري ۽ احسان دانش جو هڪ ٻئي
سان تعلق به انهن ئي ڏينهن کان رهيو آهي ۽ سندن تخليقي سفر گڏ گڏ شروع ٿيو هو. جواد
جي رهنمائي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٿي، هن شاعريءَ جي اڪثر
صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. هن
ڪيترائي نوحا پڻ لکيا آهن. سندس ڪيترائي نوحا نديم سرور، صادق علي، غلام شبير سمي سميت ٻين ڳايا آهن. جواد جعفريءَ جا
ڪيترائي ڪلام، احمد
مغل، ارشد محمود، حميره
چنا، عاشق نظاماڻيءَ سميت ٻين
فنڪارن، فنڪارائن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. ارشد محمود جي آواز ۾: “توکي
چاهيوسين” بيحد مقبول ٿيو. ڊاڪٽر احسان سندس
شاعريءَ متعلق لکيو آهي ته:
“پنهنجي سٽ سٽ تي ساهه ڏيڻ ۽
اکر اکر ۾ پنهنجي جگر جو خون اوتيندڙ شاعرَ جواد جعفريءَ جي شاعريءَ ۾ هڪڙي
بيساختگي آهي هو تڪي توري لفظن جي ڳنڍ ٽوپ نه ٿو ڪري پر لفظ سندس خيال سان هم آهنگ
ٿي پاڻ ئي موتين جي هار وانگر مرتب ٿي وڃن ٿا. جواد جي شاعري ۾ فڪر جي تازگي ۽ حسن
جا جلويٰ نمايان آهن ۽ اهي ٻئي شيون سندس نانءَ کي زنده رکڻ لاءِ ڪافي آهن”. (پيهي پروڙيوم ص ........)
جواد جعفري جي شاعري، اندر جي احساسن جي ترجماني ڪري ٿي. ٻولي به اهڙي سليس ڪتب
آندي اٿس جو هر ماڻهو سولائي سان سمجهي سگھي ٿو.
ها اکين مـان گـذر ٿي ڪري
سونهن دل تي اثر ٿي ڪري
يا
مون چکيو مون کي پتو آ
درد
جــو پـنـهـنـجـو مـزو آ.
ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ ۾ يارهون
مضمون “شبير هاليپوٽو ۽ سندس شاعري” آهي. شبير هاليپوٽو سنڌ جو نهايت منفرد ڪردار
هو. سندس زندگيءَ ۾ ناممڪن جو ڪو به لفظ موجود نه هو. پاڻ جبل ڏاريندڙ حوصلي جو
مالڪ هو. سڀ ڪجھ ڪري ٿي سگھيو ۽ ڪري ڏيکاريائين. شبير هاليپوٽي جو جنم 24 فبروري 1974ع تي ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽي، تعلقي هالاڻي،
ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول هالاڻي، مئٽرڪ ووڪيشنل
پوليٽيڪنڪ اسڪول سکر، انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان ڪئي.
انٽر بعد کيس اکين جي بيماري ٿي پئي. جنهن سبب ڏسڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويو. هن ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيو هو، پر نابين
ٿيڻ سبب سندس خواب پورو ٿي نه سگهيو، پوءِ به هن همت نه
هاري. هن خاص ٻارن جي اسڪول مان بريل ذريعي تعليم کي اڳتي وڌايو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان
سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪيائين. ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾
ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيائين. بعد ۾ سنڌ
پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري استاد
بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو. سندس ڇپيل
ڪتابن ۾‘گيت منهنجا ميت’، ‘هينئڙو هيرڻ پن’ ۽ ‘تو بن ڪجهه به نه’ شامل آهن. هن
9 مئي 2014ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه هالاڻيءَ ۾ آهي. شبير هاليپوٽي
جي شخصيت ۽ شاعريءَ کي سامهون رکي، ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي ته:
“شبير جي شاعريءَ ۾ اوندهه ۽ انڌيري جو فطري احساس جھجھو نظر
اچي ٿو. ان ڪري سندس شاعريءَ تي ڪارو رنگ حاوي آهي.
ڪاري ڪاري
هيءَ اداسي
کائي ويندي
زندگيءَ کي
ان اوندهه ۽ انڌوڪار جي جهان کي شبير ڪيترن ئي رنگن سان سجائي
پنهنجي ڪائنات کي حسين به بڻايو آهي. اهي رنگ يقينن زندگيءَ جا رنگ آهن:
۽ اڃا به زرد
هئا
پَــنَ اهــي
بهار ۾
آءٌ انــتــظـار
۾”. (پيهي پروڙيوم ص ........)
ڊاڪٽر احسان دانش، شيلي، خوان ريمون
خيمينيز، سميت ڪيترن ئي عالمن جا ادب، فن ۽ تنقيد بابت چيل جملا هن ڪتاب ۾ سمائي
ڪتاب کي وڌيڪ وزنائتو بڻايو آهي. ڊاڪٽر احسان دانش وسيع مطالعو رکندڙ عالم، محقق ۽
هڪ سٺو نقاد آهي. پاڻ ڪنهن به تخليقڪار جي شخصي قد ڪاٺ کان هٽي تخليقن تي روشني
وجھڻ جو قائل آهي. تخليق مان تخليقڪار جي علمي ۽ ادبي حيثيت جي خبر پوندي آهي. ڪن
مضمونن ۾ جتي هن ضرورت محسوس ڪئي آهي اُتي تخليقڪار جي شخصيت جي اهڙن پهلوئن تي به
روشني وڌي آهي، جن تي ڳالهائڻ سان خود تخليقڪار جي فن ۽ تخليقي جوهر جي پروڙ ٿي
سگھي. انهيءَ ڪري ڊاڪٽر احسان دانش، شبير هاليپوٽو سان سلهاڙيل يادن کي پڻ هن
مقالي ۾ شامل ڪيو آهي. شبير جي شخصيت، شاعري ۽ سندس حوصلا پهاڙن جيان اوچا، اٽل،
عمدا ۽ بي مثال آهن. شبير هاليپوٽي پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي عڪس چٽيا آهن، تن ڊاڪٽر
احسان دانش کي موهي وڌو هو، تنهن ڪري ئي هن مقالي ۾ ڊاڪٽر احسان دانش سندس شاعريءَ
جي ان پهلو کي اجاگر ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن يارهن صفحن تي مشتمل مقالي مان
پورا پنج صفحا عڪس جي اهميت ۽ شبير جي عڪسي شاعريءَ کي ڏنا آهن. شبير جي عڪسي
شاعري واقعي اعليٰ مقام رکي ٿي. سندس اهڙي شاعريءَ مان ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا.
هو مسلسل چنڊ
جُھڙ ۾
ويـو وڃـائي
پـاڻ لُـــڙ ۾
يا
کير مان، کنڊ
تون، اچ ته گڏجي رهون.
يا
هيءَ دنـيـا
آ ڀـيـڻ دوزخ جي،
کيس ايڏو نه
چاهه، ساڙيندي.
“شمهير سومري جي غزلن جو اڀياس” ڪتاب جو
ٻارهون مقالو آهي. شهمير سومرو بنيادي طور غزل جو شاعر آهي. غزل سنڌي شاعري جي
نهايت مقبول صنف آهي، جيڪا ڏينهون ڏينهن وڃي پئي وڌندي. غزل اهڙو متحرڪ لفظ آهي،
جو اچارڻ سان جسم حرڪت ۾ اچيو وڃي. غزل ۾ محبوبن جا ناز، نخرا، ادا، وفا ۽ جفا
سميت سندن سينگار جو تذڪرو هوندو آهي. غزلن جي دنيا ۾ شهمير سومرو منفرد مقام رکي
ٿو. سندس شاعريءَ ۾ رابيل جيان هڪ الڳ ۽ منفرد خوشبو سمايل آهي. شهمير سومرو، پهرين آگسٽ 1976ع تي ڳوٺ سيد بچل شاهه، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. شاعريءَ جي
شروعات 1993ع کان ڪيائين، جيڪا وقت به وقت مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپجندي رهي
ٿي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ‘اکڙين جي ڀاڪر ۾’ ۽ ”جدائيءَ جي جزيري تي“ڇپجي چڪا
آهن، شهمير جي شاعريءَ ۽ خاص طور غزل لاءِ ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي ته: “هن
شاعريءَ جي ان حسين صنف سان نڀائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي. هن جي غزلن ۾ غزل جو
بنيادي رنگُ رومانيت، غالب نظر اچي ٿو. هن پنهنجي وس آهر پنهنجي غزلن ۾ سليس ٻولي
ڪتب آندي آهي ۽ تز لفظن جو استعمال ڪيو آهي. سهڻن قافين ۽ رديفن جو استعمال ڪندي،
هن پنهنجي غزلن ۾ خيال جي ندرت ۽ نزاڪت کي ڌيان ۾ رکندي منجھن معنوي حسن پيدا ڪيو
آهي”. (پيهي پروڙيوم ص ........) تيرنهن
صفحن تي مشتمل هن تحقيقي مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب، بشر احمد شاد، جمال احساني، فيضي،
ساحر لڌيانوي، ساغر صديقي ۽ فارسي جي عظيم شاعر عرفي جي شاعريءَ مان به مثال پيش
ڪيا آهن. ڊاڪٽر احسان دانش، شهمير لاءِ لکيو آهي ته: “شهمير سومرو نوي واري ڏهاڪي
۾ اڀري آيل ٽهيءَ مان هڪ اهڙو برجستو شاعر آهي، جنهن وٽ شعري آرٽ موجود آهي، هن وٽ
نه رڳو سطن فهمي پر تخليقي وجدان پڻ موجود آهي. هو جديد سنڌي غزل جو هڪ اهرو آواز
آهي، جنهن وٽ پنهنجا سُر ۽ آهنگ آهن. هن وٽ فڪر جي جدت ۽ تجرباتي جهان جي وسعت
آهي”. (پيهي پروڙيوم ص ........) شهمير سومري جي شاعريءَ مان ڪجھ مثال هيٺ
ڏجن ٿا:
ڏسي حال منهنجو دوائن دعا ڪئي
مگر تـون نه آئيـن شفا ٿـيـڙ کاڌا.
يا
جھوپڙيءَ ۾ وڃي سُتي آهي،
گھگھ اوندهه ۾ هوءَ بتي آهي.
يا
تون ملي وئين مون ڇڏيا اڇلي
هاڻ ســارا خــواب پــاڻــيءَ
۾،
هڪڙي ميهار لئه سَٺا سهڻيءَ
هـاءِ
ڪـيـڏا عـذاب پـاڻيءَ
۾
ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ جو
آخري مقالو “گوهر شيخ جي شاعريءَ جي پروڙ”سورنهن صفحن تي مشتمل آهي. مٿين مقالن
جيان هن مقالي ۾ به ڊاڪٽر احسان دانش مخلتف شاعرن جي شاعري ۽ عالمن جون چوڻيون ڏنيون
آهن. ڊاڪٽر احسان دانش جي ان عمل مان سندس اونهي ۽ ڳوڙهي اڀياس جي سُڌِ پوي ٿو.
اوڪتاويو پاز، زين پال سارتر، هارپر لي، ڪبير ۽ غالب جي شاعريءَ جا مثال هن مقالي
کي وڌيڪ سگھارو بڻائين ٿا. گوهر شيخ جي شاعريءَ متعلق ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته:
“گوهر شيخ هڪ مشڪل پسند شاعر آهي. سڌو سنئون اظهار کيس پسند ناهي، ان ڪري هو
پنهنجي فڪر ۽ تخيل کي انوکين علامتن، ترڪيبن ۽ استعارن، تشبيهن، اشارن ۽ ڪناين
وسيلي ظاهر ڪري ٿو. هڪ عام پڙهندڙ لاءِ هن جا غزل دماغ جون Nerves
پڪڙيندڙ آهن”. (پيهي پروڙيوم ص ........) واقعي گوهر جي شاعريءَ کي سمجھڻ لاءِ گوهر جي سوچ کي
سمجھڻو پوندو، گوهر جي تخيل کي رَسَڻو پوندو. سندس اهڙي منجھيل، اونهي، ڳوڙهي ۽
ڳجھ ڀري شاعري جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا.
جڏهن ڪا خوشي ٿي حياتي گھُري،
لڳو خودڪشــي ٿــي حيــاتـي گھُري.
يا
شــعاعــن ڇِــلي
لڱ سـارا ڇڏيا
هن،
رهــي ٿــو ڀــلا ڪـٿ رحم روشنيءَ جو،
ڪڏهن کان اسان جي نصيبن کي ڪارو،
بڻـــائـــي ويــو
آ قــلــم روشــنــيءَ
جـــو.
ڊاڪٽر احسان دانش، گوهر شيخ جي شاعريءَ جو مجموعي
جائزو پيش ڪندي لکيو آهي ته: “گوهر شيخ جي شاعري پنهنجي فن ۽ اسلوب جي حوالي سان
سگھاري ۽ فڪر ۽ تخيل جي لحاظ کان گھري ۽ گھڻ رخي آهي. اها نه رڳو ثقافتي رنگن ۾
رچيل آهي، پر منجھس دور جي تلخين جون تصويرون به موجود آهن. هن جي شاعري بيشڪ
احساسن کي جنجھوڙي ٿي ۽ ماڻهوءَ ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ٿي”. (پيهي پروڙيوم ص ........) گوهر شيخ جي شاعريءَ مان ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا.
سنداڻن تي ڪوئي سمهاري ويو،
روان هانءَ تي بـس هٿــوڙا رهـيـا.
يا
ڪيئن ڏانئڻ توکي ڏينهن چوان!
تـــون اونـــدهه
تيـــز اجـــاري ۾.
ڪيئن ڪانئر تنهنجي ڪڍ لڳان!
تـــون ســـرهـــو
آن انـــڌاري ۾.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي موجوده عالمن ۾ ڊاڪٽر احسان دانش، پهرين صف ۾ پنهنجي جڳهه جوڙي چڪو آهي. ادب جي ميدان ۾ پاڻ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. هڪ ئي وقت محقق به آهي ته نقاد به آهي، نثر نويس به آهي ته شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. ان ڪري هو هڪ ئي وقت گھڻو ڪجهه ڪرڻ جو هنر رکي ٿو. هڪ تخليقڪار ۽ محقق جي حيثيت ۾ هن جي شاهپارن تي هن کان اڳ ڳالهايو ويو آهي پر هڪ نقاد طور هن جي علمي پورهيي اڃا به ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. منهنجي نظر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيدي ادب ۽ خاص طور عملي ۽ اطلاقي تنقيد جي حوالي سان ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل هي ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ هڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
رياضت ٻرڙو
ڪهاڻي ڪتاب ”بي سُڪون خواب جو سچ“
اڄ مون کي اهو ئي بهتر ٿو لڳي ته سڄاڻ ڪهاڻيڪار، شاعر، محقق
۽ ڪالم نويس احسان دانش جي ڪهاڻين بابت ڪي سِڌيون ۽ کَريون ڳالهيون ڪجن،
ڇاڪاڻ ته سندس ڪهاڻي-ڪتاب ”بي سڪون خواب جو سچ“ (2005ع) جو مهورت ٿيو آهي. اهو
ان ڪري به، جو ڪهاڻين بابت سنڌي ادب ۾ گهڻيون ئي فتوائون جاري ٿيل آهن. انهن
فتوائن جاري ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ احسان دانش جون ڪهاڻيون نه پڙهڻ گهرجن، جيئن
انهن ڪجهه ٻين سٺن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين کي به نه پڙهيو آهي.
احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ اها شَي موجود آهي جنهن کي ڪهاڻي
چئجي ٿو.
ڏِسو:
پهرين ڪهاڻي ”خوشبو“ ۾ کِل مان ذِل ٿيندڙ واقعاتي
ڪهاڻي بيانيل آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ مذاق جو اگرو نتيجو ڄاڻايل آهي.
ٻِي ڪهاڻي ”بي انت مسافت“ ۾ زندگيءَ جي اڻکُٽ سفر جي
وارتا آهي. اها ڪهاڻي صوفيءَ جي فلسفي تائين وٺي هلي ٿي.
ٽين ڪهاڻي ”سچ ۽ سپنو“ ۾ انصاف کان ملندڙ ناانصافيءَ
جو اظهار آهي.
چوٿين ڪهاڻي ”پڙاڏو زندگيءَ جو“ اسان کي اها ڪهاڻي ٿي ٻڌائي ته زندگي جيئن به آهي، گذارڻ گهرجي. زندگيءَ ۾ جيڪڏهن پرينءَ کان وڇوڙو ٿو ٿئي ته اهو سَهڻ گهرجي.
پنجين ڪهاڻي ”دوزخ“ ۾ بيمارَ کي ملندڙ ڌڪارَ ۽ نفرت
جي ڪهاڻي آهي. ان ۾ ٻڌايل آهي ته پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ ماڻهو وڏي ۾ وڏي تذليل
سَهي ٿو.
ڇهين ڪهاڻي ”وڻ ويڙهي“، پاڻَ تي اخلاقي ضابطو رکڻ جو
ڏَس ڏي ٿي، جنسي بي راهه رويءَ جي سخت تڪليفده نتيجي کان آگاهه ڪري ٿي ۽ ’جذبات‘
کي ڪنٽرول ۾ رکڻ تي زور ڀري ٿي.
ستين ڪهاڻي ”جِنُ“ ٻڌائي ٿي ته جوانيءَ جي جِن کي
ڏاڍ سان روڪي نه ٿو سگهجي.
اٺين ڪهاڻي ”ڪارنهن“ ماڻهوءَ جي اندر ۾ موجود ڪارنهن
کي وائکو ڪري ٿي.
نائين ڪهاڻي ”پِيڙا جو پڙلاءُ“ ٻڌائي ٿي ته پريتم جو
وڇوڙو جيءُ جهوري ٿو وجهي. هيءَ ڪهاڻي حساس فرد جي بيوسيءَ جي ڪٿا آهي.
ڏهين ڪهاڻي ”نيڻن جي ساغر ۾“ ماڻهوءَ جِي غرض کي پيش ڪيل آهي. ماڻهو پنهنجي لاءِ پرفيڪٽ (perfect، ڪامل) ”شَي“ چاهي ٿو، پوءِ ڀلي ته اها ”شَي“ ڪو ٻيو ماڻهو ئي ڇو نه هجي. ان ”شَي“ جي خامي/کوٽ کان بچڻ لاءِ هو ڪي نه ڪي سبب ڳولي وٺي ٿو.
يارهين ڪهاڻي ”سودو“ عورت جي واپار تي لکيل آهي،
جنهن ۾نوجوان نينگريءَ جِي پوڙهي مرد سان پيسن عيوض شاديءَ تي ٽوڪَ ڪيل آهي.
ٻارهين ڪهاڻي ”آزادي“، ان قول کي واضح ٿي ڪري ته
غلام ماڻهوءَ جا آزاد خواب ٿِي سگهن ٿا، هو اهي لَهي سگهي ٿو.
تيرهين ڪهاڻي ”بي سڪون خواب جو سچ“ ۾ هيءَ ڪهاڻي آهي
ته حساس ماڻهو ماحول جي سنگينيءَ کان سخت متاثر ۽ بيحد پريشان آهي، پر هُو ڪجهه
ڪري نه ٿو سگهي، سواءِ دعا گهرڻ جي.
چوڏهين ڪهاڻي ”مان ۽ تون“ ٻڌائي ٿي ته ”مان“ ڪجهه به
ناهي، سڀ ڪجهه ”تون“ آهي. ”مان“ مجازي عشق ۽ ”تون“ حقيقي عشق آهي. ”مان“ کي ڇڏ،
”تون“ کي اختيار ڪر، تڏهن ئي خدا ڏانهن رجوع ڪري سگهندين. ”تون“ ۾ ئي خوشي آهي،
پنهنجي تعريف پاڻ نه ڪر.
پندرهين ڪهاڻي ”لمحن جو درد“ اپريل فُول جي مذاق تي
مبني آهي، ته اهو مذاق ماڻهوءَ کي بيحد ڀوڳرائي ۽ پريشان ڪري ٿو.
سورهين ڪهاڻي ”رانديڪو“ غربت بابت آهي، ته اها وڏي
مجبوري آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ بي جوڙ ۽ ٻيءَ شاديءَ جي مسئلن کي بيان ڪيل آهي ۽ ان ۾
ٻڌايل آهي ته پئسن تي وڪڻيل عورت جي مڙس وٽ ڪا عزت ناهي.
سترهين ڪهاڻي ”درد لا دوا“ ۾ اڪيلي ۽ بي گهر عورت
سان سماجي زيادتيءَ جو روپ ڏيکاريل آهي، جنهن سماج جا اڪثر ماڻهو وحشي آهن. اهو پڻ
ٻڌايل آهي ته نشو ماڻهپو وڃائي ٿو.
ارڙهين ڪهاڻي ”پاڻي“ علامتي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ صحرا
جي اُڃ جو سبب/ڪارڻ ٻڌايل آهي.
اڻويهين ڪهاڻي ”اُڃ“ وڇوڙي جي اُساٽ جو اظهار آهي.
ويهين ڪهاڻي ”برساتي رات جو الميو“ سماجي خدمتگذارن
جي روپ کي وائکو ڪري ٿي ۽ انهن جي ٺَٺن ۽ بي حِسين کي چِٽو ڪري ڏيکاري ٿي.
ايڪويهين ڪهاڻي ”روپ ٻهروپ“ سماج ۾ مختلف معزز هستين
جي بهروپ کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن توهان وٽ سچ آهي ته پوءِ هر شَي جو
اصل روپ ڏسي سگھو ٿا.
آخري ٻاويهين ڪهاڻي ”ڏوهي“
وري اهو ٿي ٻڌائي ته اسان وٽ سچ چوندڙ کي ڏوهي ٿو سڏيو وڃي. اهڙو ڏوهي، جنهن کي
پنهنجي اِن سچ چوڻ واري عظيم ڏوهه جي به خبر ناهي.
اهي ڪهاڻيون سماج جي ڪنهن نه ڪنهن رُخ، ڪردار، مسئلي ۽
موضوع کي چِٽو ڪن ٿيون. انهن ڪهاڻين جي پاڙ هوا ۾ نه، پر سماج ۾ آهي. سماجي مسئلن
جي تڪليف هنن ڪهاڻين ۾ ٻڌايل آهي.
احسان دانش جي هنن ڪهاڻين کي پڙهندي، پڙهندڙ بوريت محسوس نه
ڪندو. ڪهاڻين ۾ ڪا به ڊيگھه ناهي. ڪهاڻيون پڙهندڙَ کي مُنجهائن نه ٿيون، کيس سماج
جي عڪاسي ڏيکارن ٿيون.
هنن ڪهاڻين ۾ کوڙ خوبصورت تشبيهون آهن، جيڪي پڙهندڙ کي سهڻي
۽ روان ٻوليءَ جو چَس وٺرائن ٿيون. جملن ۾ ترڪيبن جِي به ججهائي آهي، جنهن سان
جملي جي سونهن ۾ اضافو ٿيل آهي.
۽ آخري ڳالهه، ته هنن ڪهاڻين کي
تنقيد نگار ضرور پنهنجي تنقيد سان پرکن، ته جيئن هاڻوڪي سنڌي ڪاڻيءَ جي تصوير کي
چڱيءَ طرح ڏسِي ۽ پرکي سگهجي.
(هي ليک نوجوان ڪهاڻيڪار احسان دانش جي ڪهاڻين جي پهرين مجموعي ”بي سڪون خواب جو سچ“ جي مهورت جي موقعي تي، تاريخ ........... 2005ع تي، لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو ويو.)
حفيظ چانڊيو
املهه انسان : ڊاڪٽر احسان دانش
سلسلو 59 هون
ڊاڪٽر احسان دانش سنڌ جو ناميارو اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار،
محقق ،نقاد ۽ لطيف شناس آهي. سندس جنم لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾ نامور
دانشور ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي گهر ۾ ٿيو. ڊاڪٽر دانش جي اڻ ٿڪ محنتن کي ڏسندو
آهيان ته مون کي هو لطيف سائين جي سر کاهوڙي جو ڪوئي ڪردار ڀاسندو آهي.
هو نهايت محنتي، پڙهيو لکيو ۽ نهايت محبتي انسان آهي. ڊاڪٽر
احسان دانش ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي ۽ ساڳي مضمون ۾ 2014ع ۾ پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي. هن جن
ادبي شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي تن ۾ تحقيق، تنقيد، شاعري ۽ ڪهاڻيون قابلِ ذڪر آهن. هن
شاعريءَ جي شروعات 1988ع کان ڪئي. سرڪاري نوڪري کان اڳ هن پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾
اردو ليڪچرار طور مسلسل پنج سال درس و تدريس جون ذميواريون نڀايون.
اهو 2000ع جو دور هو، جڏهن
ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ليڪچرار جي لکت واري امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ پهرين
پوزيشن ماڻي هئي، اهو امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ورتو، امتحان پاس ڪرڻ بعد هن ڊگري
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بطور سنڌي ادب جي ليڪچرار ڪم ڪيو، سخت محنتن سبب اڄ هو ساڳي شعبي
جو سربراهه پڻ بڻيل آهي، جتي هو درس تدريس وارو ڪم جاري رکيو ٿو اچي. هن جو شمار ڪاليج
جي نهايت اهم پروفيسرن ۽ شاگردن جي پسنديده استادن ۾ ٿئي ٿو. هو لاڙڪاڻي جي الائي ڪيترن
نجي ادارن ۾ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي ڪلاسن ۾ وڃي اعزازي طور شاگردن کي سنڌي
سبجيڪٽ جي تياري پڻ ڪرائيندو رهيو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش کي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪيل
خدمتن عيوض مختلف ادارن طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون آهن. ان ۾ ڪو شڪ
ناهي ته هن جو سنڌي ادب ۾ منفرد مقام آهي، سندس مثبت ۽ تعميري ڪردار الاهي ساترو
اتساهڪ آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ هن سچل ادبي مرڪز ۽ ٻين
ادارن پاران الائي ڪيتريون ڪانفرنسون، سيمينار، مذاڪرا ۽ مشاعرا منقعد ڪرايا آهن،
جن ۾ سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهرين شاعرن، اديبن شرڪت ڪئي آهي.
هو شاعر آهي، ان ڪري نهايت حساس آهي، وٽس حسناڪ خيال پرديسي
پکيئڙن جيان سندس قلم کي عقيدت مان چمي اڏري هليا ويندا آهن. سندس اظهارِ بيان
سادو سلوڻو پر آرٽ سان ڀرپور آهي، پڙهندڙ کي جلد سمجهه ۾ ايندڙ سندس ڪلام ۾ سندس
اندر جون ڪيفيتون ۽ اهي سموريون وارتائون بيان ٿيل آهن، جيڪي هر ماڻهو سان لاڳو
آهن، پڙهندڙ کي محسوس ٿيندو ته شاعرَ سندس اندر ئي اوريو آهي. هو ڏکين حالتن ۾
حوصلي کي هٿان وڃڻ نٿو ڏئي.
ڊاڪٽر احسان دانش جي ڇپيل ڪتابن ۾ بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون)، لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو (تحقيق - ترجمو)، ويل نه وسريام (شخصيتون - ترتيب) لفظن جي خوشبوءِ (شاعري)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو - موهن جو دڙو (تاريخ) شاهه لطيف جي شاعري جو سماجي ڪارج(پي ايڇ ڊي مقالو)، پيهي پروڙيم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس) ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو (لطيفيات) شامل آهن.
مٿين ڇپيل ڪتابن کان علاوه ڊاڪٽر احسان دانش صاحب جو علمي،
ادبي، تاريخي، تنقيدي، شاعري ۽ ڪهاڻين جي اڻ ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو ڏهاڪو کن آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي بطور آرٽسٽ
(ميزبان) ڪم ڪندو رهيو آهي، سندس ادبي پروگرام "تخليق" ۾ هن 100 کان وڌيڪ
ناميارن اديبن ۽ دانشورن کان انٽرويوز ڪيا، جيڪي هن وٽ محفوظ آهن..
ڊاڪٽر احسان دانش جي جدا جدا تخليقن کي مختلف ٻولين جهڙوڪ
انگريزي، اردو، هندي، فارسي، براهوي ۽ بلوچي ۾ الڳ الڳ مترجمن ترجمو ڪيو آهي، جنهن
سبب کيس وڏي مڃتا ملي چڪي آهي.
ڊاڪٽر دانش کي ادبي کيتر ۾
مڃتا خاطر ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن. جن مان سڀ کان اهم سنڌ جو سڀ
کان وڏو ايوارڊ، جنهن کي سنڌ جو نوبل پرائز يا آسڪر ايوارڊ سڏيو ويندو آهي، يعني
"لطيف ايوارڊ" به سندس حصي ۾ آيو آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت کاتي پاران کيس
2016ع ۾ ارپيو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران پڻ هن کي لطيف ايوارڊ ڏنو
ويو، ان کان علاوه انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کيس بهترين تحقيقي ادب جو ايوارڊ ڏنو، ڊاڪٽر
تنوير عباسي ايوارڊ مسلسل ٻه سال سندس حصي ۾ آيو، زخمي چانڊيو يادگار ايوارڊ، ايڪسيلينس
ايوارڊ، طارق عالم ابڙو يادگار ايوارڊ، انجمن ترقي پسند منصفين سنڌ ايوارڊ، بهترين
مقالا نگاريءَ بهترين ڪهاڻيڪار سميت لاتعداد مڃتا ايوارڊ ۽ اعزاز کيس ملي چڪا آهن.
ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ٻوليءَ جو نهايت برجستو ليکڪ، نقاد،
محقق،ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. هو سنڌي ٻوليءَ جو وينجھار آهي، لفظن کي پنن تي پوکي
مئل اندر جيئاريندو رهيو آهي. سندس ادبي پورهئي ۾ شاعري، تنقيد، تحقيق، ترتيب سان
گڏ لطيف شناسي قابلِ ذڪر آهن. هن جي تخليقن ۽ تحريرن ۾ هڪ انفراديت آهي، هن مسلسل
پتوڙيو آهي ۽ اڄ تائين ٻوليءَ جي وسعت ۽ واڌاري لاءِ نور نچوئيندو رهي ٿو. آرٽ ۽
ادب لئه سنڌ جي هن اديب جون خدمتون انتهائي ساراهه جوڳيون آهن.
دنيا جو مڃيل اصول آهي ته هر مزدور پنهنجي اجرت گهرندو آهي،
پر ڊاڪٽر احسان دانش صاحب جهڙي محبوب شاعر، معتبر محقق، ڪمال جي ڪهاڻيڪار، لطيف
شناس، اديب ڪنهن اڳيان قلمي پورهئي عيوض اجرت ناهي گهري نه ئي هن ڪٿي سنڌي ٻوليءَ
جي خدمتن واري ڪارڊ کي ڪٿي ڪيش ئي ناهي ڪرايو. هن اجرت گهرڻ بجاءِ پنهنجي رت ساڙي
قوم جي لئي ڏياٽين ٻارڻ کي ايمان جو جزو سمجهيو آهي. هن ڪنهن کان ڪجهه ڀي ناهي
طلبيو...
نوٽ: اهڙي گهڙيءَ ۾ مون سنڌ جي سڄڻن ۽ املهه انسانن جي خاڪن
کي قلمبند ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي جا هڪ نه هڪ ڏينهن نئين نسل جي هٿن تائين ضرور
پهچندي..
ثناءُالله
عتيق
مُھين
جي تھذيبي دانش ڪدي جهڙي
پرين
پياري ڊاڪٽر احسان دانش کي جنم مبارڪون
زيتونن جي هُڳاءُ،
ڳاڙهسُرين ڀتين ۽ مُھين جي تھذيبي دانش ڪدي جهڙي پرينءَ پياري ڊاڪٽر احسان دانش جي
شخصيت مون کي فڪر لطيف جو جديد فن ڪدو ڀاسندي آهي. يقينن، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جا
نينگر آزاد پکيءَ جي پرن جيان جمالياتي خوبصورتيءَ جو ولر لڳندا آهن پر جيئن هر گُل
جي پنهنجي خشبوءِ هوندي آهي ايئن ئي ڀٽائيءَ جي فڪري محرڪن، ماخذن، جمالياتي
موضوعن ۽ سماجي ڪارج تي لڳاتار لکندڙ ڊاڪٽر احسان دانش به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
پنھنجي نمايان ادبي خدمتن عيوض سنڌ جي نوبل پرائز جو درجو رکندڙ ”ڀٽائيءَ ايوارڊ“
وارو اعزاز پڻ حاصل ڪري چڪا آھن.
سدائين مُرڪون
وکيريندڙ ۽ طبيعت ۾ انتهائي معصوميت سانڍيندڙ ڊاڪٽر احسان دانش هڪ نوجوان محقق
واري حيثيت ۾ پنهنجون توانائيون سدائين علم ۽ ادب جي واڌ ويجھہ لاءِ ارپيندو رهيو
آهي. ساڳي ريت، نثر توڙي نظم تي ڀرپور دسترس رکندڙ هڪ منفرد تخليقڪار جي ناتي طور
سندس علم ۽ قلم سان رشتو پڻ ازلي آهي. شخصي طور سندس اڪيڊمڪ ذميواريون هجن، تحقيق
لاءِ جستجو ڪرڻي هجي، علمي ادبي پروگرامن ۾ ڪردار نڀائڻو هجي هر ڏسا ۾ سندس شموليت
مدلل رهي آهي.
اڄ جڏھن ڊاڪٽر
احسان دانش جي سالگرھہ جو ڏينهن آهي، سندس باڪردار شخصيت بابت هيءُ سٽون لکندي
بيحد مسرت پئي محسوس ٿئي ته سنڌ جي فڪري رستن تي دل ڪش گلاب پوکيندڙ محقق طور
لاڙڪاڻي ساھہ سيباڻي جي ڀرپور ادبي سُڃاڻپ بڻيل آهي. اھيو ئي سبب آھي تہ سندس وجود
ڪيترن ئي سوچيندڙ ذهنن جي لاءِ مشعل راهه بڻيل آهي. مونکي پختو يقين آهي ته
ڀٽائيءَ جو يگانو پارکو ڊاڪٽر احسان دانش تحقيق جي وسيع دنيا ۾ ھڪ ڪيمياگر جي
حيثيت ۾ پنھنجي قوم ۽ ٻوليءَ جي نمايان خدمت سرانجام ڏيندو رهندو.
امتياز
دانش
لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾
شاعر، ڪهاڻيڪار،
مضمون نگار، ڪمپيئر، استاد، شارح،
تنقيدنگار ۽ محقق ڊاڪٽر
احسان دانش کي ڀيٽا!
اسان وٽ باڊهه ۾ ٻه ڀائر اديب، اصغر سنڌي ۽ عادل عباسي گهڻ مطالعاتي اديب هئا. (جيڪي هاڻي باڊهه کان لاڙڪاڻي شفٽ ٿي ويا آهن.)اهي بهترين مقرر ته هئا ئي هئا پر جڏهن سنڌي ادبي سنگت باڊهه جي گڏجاڻين ۾ ڪنهن تخليق تي ڳالهائيندا هئا تڏهن سندن زبان مان ادب، سياست، فلسفي، سماجيات ۽ ٻين موضوعن جا گل ڇڻندا هئا. هو ڪنهن به ليکڪ جي تخليق تي حوالو ڏئي، دليل ۽ منطق سان ڳالهائيندا هئا. هڪ دفعي ته اصغر سنڌيءَ، منهنجي ڪچي ڦڪي شاعريءَ تي ڪلاڪ کان مٿي ڳالهايو، جيڪا مون سيکڙاٽ لاءِ خوشيءَ جوڳي ڳالهه هئي. ڇو ته هيڏي وڏي پائي جي اديب مون ناچيز جي تخليق تي ڳالهايو هو پر اصل ۾ اها تنقيد هئي، جنهن کي موجوده وقت ۾ عيب سمجهيو پيو وڃي. جنهنڪري پنهنجو پٽڪو بچائڻ لاءِ ڪير به ڪنهن جي تخليق تي تنقيدي حوالي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي ”واهه واهه“ سان ڀلي اها اسان کي خوشفهمي هجي ته اسين سٺو لکون پيا ۽ وڏا اديب آهيون پر حقيقت ۾ فني حوالي سان اسان جي تخليق ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. ايتري تائين جو غزل ۾ صحيح قافين جي به خبر نه ٿي پئي...!
مون اصغر سنڌي ۽ عادل عباسيءَ جي ڳالهه پئي ڪئي پر ڳالهين جا ٿان کوليندي ڪٿان جو وڃي ڪٿي پهتس.مون پهريون ڀيرو احسان دانش جو نالو سنگت جي گڏجاڻين ۾ عادل عباسيءَ واتان ٻڌو. ساڻس ملاقات گهڻو وقت پوءِ ٿي ۽ اها به ڪڏهن به نه وسرڻ جهڙي. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ منهنجو هڪ ننڍڙو ايڊمٽ ڪارڊ جو ڪم هو. ان سلسلي ۾ هڪ شاعر هئڻ ناتي پنهنجي علائقي جي ڪاليج ۾ مقرر هڪ ليکڪ ليڪچرر سان مليس. جنهن ويهارڻ _ چانهن پاڻيءَ جو پڇڻ ته ٺهيو، ڪم نه ڪندي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ” اسان ڪاليج ۾ شاعرن جي ڪمن لاءِ ويٺا آهيون ڇا.....؟“ ڪجهه وقت کانپوءِ مون اها ڳالهه پنهنجي شاعر دوست ساجد سنڌيءَ سان ڪئي، جنهن چيو ته ”اهو ڪو مسئلو آ ڇا؟ ڪاليج ۾ منهنجو ليڪچرر دوست احسان دانش آهي ۽ اوهين وڃي ان سان ملو.“ پر ملڻ کان اڳ ۾ مون احسان دانش کي ۽ هُن منهنجين ڪچين ڦڪين لکڻين کي پڙهيو هو. تنهنڪري شناسائي پهرين ئي هئي. اها ملاقات ئي هئي، جيڪا احسان دانش جي ويجهو کڻي آئي. هاڻي اها ملاقات کيس ياد آهي به الائي نه پر مون کي ياد آهي ۽ هونئن به مان پنهنجن دوستن کي وساريندو ناهيان ۽ وري جيڪي ڏکئي وقت ۾ ڪم آيا هجن ۽ اڃا سوڌو ڪم ايندا هجن، انهن کي وساري ڇڏڻ نه منهنجي ضمير ۾ آهي ۽ نه منهنجي خمير ۾.
احسان دانش جي نالي سان هڪڙو حَسِين اتفاق آهي. ڪيترائي ماڻهو مون کي احسان دانش سمجهندا آهن ۽ ان نالي سان مخاطب ٿي ڳالهائيندا آهن. ايتري تائين جو سندس اسڪولي دوست به ۽ ڪيترائي ماڻهو وري سندس ڀاءُ سمجهندا آهن. مون کي اها خبر ناهي ته اهو مسئلو احسان دانش سان به پيش ايندو آهي الائي نه پر مون سان اهو مسئلو ضرور پيش ايندو آهي. جڏهن به احسان دانش کي پنهنجي ڪم تي ڪٿان ايوارڊ ملندو آهي ته الاهي سارا ماڻهو مبارڪون وري مون کي فون تي ڏيندا آهن پر سچ اهو آهي ته شروع کان ويندي هن وقت تائين ادبي دنيا ۾ احسان دانش صرف ٻه رهيا آهن. هڪ اردو شاعريءَ ۾ احسان دانش ۽ ٻيو سنڌي ادب ۾ اسان جو احسان دانش پر ٻنهي جي ذات ۽ شخصيت ۾ فرق آهي. هُو صرف شاعر هو هو ۽ هن وٽ شاعريءَ سان گڏ ٻيون به انيڪ ادبي صلاحيتون آهن ۽ وٽس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به آهي. سنڌي ادب ۾ احسان دانش هڪ آهي ۽ ان جهڙو ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي.
احسان دانش هڪ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ڪمپيئر، محقق ۽ استاد. هونئن ته هو لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. ڊاڪٽر بشير شاد جو پٽ آهي پر ادب ۾ هِن سنڌ جي ٻين اديبن وانگر جتي ڪٿي پنهنجي پيءُ جو نالو وٺي پنهنجو قدڪاٺ نه ٺاهيو آهي. هو پنهنجي تخليقي ڪم سان اڳتي نڪري آيو آهي ۽ پنهنجي هڪ سڃاڻپ قائم ڪئي آهي، جيڪا هڪ سُچيت اديب جي خوبي آهي ۽ اديب هجي به ته ائين. پنهنجي ڪم تي اڳيان اچي ۽ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ قائم ڪري. نه ڪي پنهنجن وڏڙن جي نانءَ تي.
هونئن ته احسان دانش جي ڪريڊٽ ۾ شاعري، ڪهاڻي، مضمون نويسي، ڪمپيئرنگ ۽ ٽيچنگ اچي ٿي پر جنهن پورهيي سنڌي ادب ۾ کيس هڪ منفرد حيثيت ڏياري ۽ مٿانهون رتبو ڏياريو، اهو آهي تحقيق. تحقيقي ميدان ۾ هِن ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي تحقيق ڪري هڪ اهڙو ڪم ڪيو آهي، جيڪو پهرين نه ٿيو هو. احسان دانش جو شاهه لطيف تي تحقيق وارو ڪم، هڪ اهڙو ڪم آهي، جو هو ٻيو تحقيقي ڪم نه به ڪري، تڏهن به اهو ڪم کيس سنڌي ادب ۾ زنده رکندو پر هن، جيڪو پاڻ کي تحقيق سان جوڙيو هو، اهو سلسلو اڃا جاري آهي. تحقيق هڪ ڏکيو ڪم آهي. اهو تخليق ۽ تنقيد کان به ڏکيو ڪم آهي.تحقيق ڪيترو ڏکيو ڪم آهي؟ اهو ڪم اهو ڄاڻي سگهي ٿو، جيڪو تحقيق جي اڻانگن پيچرن تان گذريو هوندو. تحقيق هڪ ذميداراڻو ڪم آهي ۽ اهو هڪ ذميداريءَ سان ڪبو آهي. ڇو ته تخليق ۽ تنقيد کي ڪير به چئلينج نه ٿو ڪري سگهي پر تحقيق هڪ اهڙو ڪم آهي، جنهن کي ڪير به چئلينج ڪري سگهي ٿو ۽ احسان دانش پنهنجي حَسِين زندگي ان ڪم جي نذر ڪري ڇڏي آهي. هو تحقيق جي ميدان ۾ اڃا به اڳ کان اڳڀرو آهي. نت نين شين ڄاڻڻ جي ايتري ته اڃ آهي جو تحقيق جي رڃ ۾ اها ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي.
احسان دانش هڪ اهڙو شارح ۽ محقق آهي، جنهن جو تحقيق ۾ پنهنجو هڪ انداز آهي. هڪ نرالو انداز. هو تاريخ جي بند گهٽين ۾ گم ٿي ويل شين کي دانشوراڻي نظر سان ڏسي ٿو ۽ سماج کي لاڀ ڏيندڙ نتيجا اخذ ڪري ٿو. هو تحقيق ۾ روايتي حوالن تي نه ٿو ڀاڙي پر پنهنجون تخليقي صلاحيتون ڪتب آڻي ٿو. جنهنڪري سندس پورهيي مان سوچ جا ۽ لوچ جا رستا نڪرن ٿا.
سچ ته ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ادب جو هڪ اهڙو پهاڙ آهي، جنهن تي هيٺ زمين تي بيٺل امتياز دانش جهڙو پتڪڙو ماڻهو لکي نه ٿو سگهي. پهاڙ تي پهاڙ جهڙو ماڻهو ئي لکي سگهي ٿو. ڇو ته هڪ پهاڙ جي بلنديءَ کي ٻيو پهاڙ ئي ڏسي سگهي ٿو ۽ صحيح نموني ڪٿ ڪري سگهي ٿو. بس محبت ۾ هيءَ هڪ ننڍڙي ڀيٽا آهي، جيڪا ڊاڪٽر احسان دانش کي پيش ڪجي ٿي.
اوهان جا عاشق هزار آهن _ اسان جي ياري قبول پئي شل
مسرور سيال
پيارا امتياز دانش
اوھان پاران پياري احسان دانش کي ڏنل خوبصورت ڀيٽاء اصل ۾ اوھان جي انسيت جو دليل
آھي اوھين پيارن اصغر سنڌي ۽ عادل عباسي جو بہ ذڪر ڪري حقيقت۾ ماضي جي يادن جي دري
کي کوليو آھي جتان منھن جھاتي پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي واھ واھ ٿڌي مٺڙي ذھن کي تازگي بخشيندڙ ھير
محسوس ڪيم ! ڇاتہ آھي ڏينھن ھئا اختلاف به سھپ پيدا ڪندڙ تنقيد به تعلقات کي مضبوط
ڪندڙ شاگرد بوڪ بئنڪ کان رائيس ڪئنال جي ڪڙ ۽ ٻيڙي ٻانڌن جي ڀانڊن کان بحر بوٿرائي
سميت ٻين دوستن جي اوطاقن تائين ڪھڙي نه منظم انداز ۾ ڪچھريون ھلايون ويون. انھي دوران مون مھراڻ ادبي ڪائونسل جي بنياد
وڌو ۽ "لڪيل رستم " ڳولھي لڌا ھئا جن ۾ ساجد منگي ، ضمير درگاھي ، بکن
باڊاھي ، علي آزاد، سڄڻ گوپانگ ، خالد خاموش ، زاھد جتوئي ، زاھده مھڪ ، صدر مشوري ، عزيزالله ابڙو ، رفيق
سومرو ، ساجد ٻٽ ، امرابڙو ، عنايت الله عنايت ۽ ٻيا دوست شامل آھن وري پوءِ
سينئير دوست ذوالفقار ناصر ، سائين راز سروري جھڙن جي سرپرستي حاصل ٿي .
ھڪ دلڪش ماحول ھو
باڊھ ادبي حوالي سان سنڌ جو متحرڪ شھر ليکيو ويندو هو . باڊھ جو اثر ڀر پاسي جي
ڳوٺن تي پئجي رھيو ھو مونکي ياد آھي غلام
شبير حيدري ۽ حبدار ڀنڊ سان گڏجي سيھڙ ۾ به ھڪ لائبريري ۽ سماجي تنظيم جو بنياد
وڌو ھيوسين جيتوڻيڪ ان ۾ سيھڙ جي نوجوانن جو پنھنجو ڪردار ھو پر پاڻ سندن حڪم تي
خدمت ڪئي ھئي .
ڊاڪٽر احسان دانش ۽
مون "ايم اي اردو" گڏ ڪئي ھئي سکر ۾ لاڪاليج ۾ وائيواز ڏيڻ ويا ھئاسين
نمبر جو انتظار ڪندي ڇٻراٽي تي ھڪ دائري ۾ دوستن کي ويھاري ڪچھري لڳائسين ڊائريون کوليون شاعري
شروع ٿي وئي احسان دانش جي ان وقت پختا خيال ۽ اندازبیان دل ۾ گھر ڪري
ويو ھو تڏھن مان به دانش جي دانائي جو عاشق بڻجي ويو ھئس ۽ ان عشق کي اڃا به ڪٽ
ناھي چڙھيو ، چڙھندؤ به نه ! پياري احسان دانش جي پيار جو اندازو ان وقت لڳايم
جڏھن ھن منھنجي ڪالمن واري ڪتاب "ڇپن ڇنا پير " لاءِ پنھنجي محبت جو
اظھار ڪيو ٻه اکر لکي موڪليا جڏھن ته سندس والد صاحب جي طبعيت ناساز ھئي اسپتال
ھجڻ سبب کيس اجاڳا ھئا ٿڪل ھو ان ٿڪاوٽ دوران سندس ڪيل محبت زندگي ڀر تازي رھندي .
پيارا امتياز دانش
اوھان لئه ڪٿان لفظ آڻيان ۽ انھن جوگلدستو ٺاھي
پيش ڪيان اوھان جو احسان جو ماضي جي ياد کي تازگي بخشي .
شيخ اياز چواڻي
ھي لھرون لھرون وقت
اڳتي
ٿو دور وڃي درياھ
جيان
۽ نيٺ سمندر
سان ھڪ ٿي
جو آھي انت اٿاھ
جيان
سلامت ھجو شاد آباد
ھجو
سارنگ
لطيف چنجڻي
ڊاڪٽر
احسان دانش جي ڪتاب
”شاھ
لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو“ جو تجزيو
سڀ کان پهريان آءُ نهايت ئي شڪر گذار ۽ احسانمند آهيان. لطيف جي عاشق، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، اديب، شاعر ۽ منهنجي محبوب شخصيت ڊاڪٽر احسان دانش صاحب جو هن نهايتي ئي خلوص، ادب ۽ پيار منهنجان پنهنجو هي ڪتاب (شاھ لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو) منهنجي لاءِ نامياري ليکڪ، لطيف جي عاشق ۽ منهنجي ٻي محبوب شخصيت پروفيسر ستار سومرو جي هٿو هٿ موڪلي ڏنو. سچ پچ مون لاءِ اوهان ٻئي انسان ڪنهن استاد ۽ رهنما کان گهٽ نه آهيو ڇو ته اوهان ۾ مونکي اها محبت ۽ مٺاس نظر ايندو رهندو آهي جيڪو لطيف جي نالي ۾ آهي. ۽ اوهان پڻ لطيف جي ان مٺاس کي مان ڏيندي لطيف سان بي پناهه پيار ڪيو ٿا. سچ پچ آءُ اهو لطيف اوھان کان ئي سکي رهيو آهيان. شال شاد و آباد هجو پيارا ڊاڪٽر احسان دانش ۽ پروفيسر ستار سومرو.
ڪتاب جو پهريون
مضمون
شاھ لطيف
واقعي اهو سچ آهي
ته شاھ لطيف جي شاعري سنڌ جي نه پر دنيا جي عظيم شاعريءَ جو ورثو آهي. جيئن هن ڪتاب
۾ ڊاڪٽر صاحب چيو آهي.
ان حساب سان اسان وڏا خوش نصيب آهيون جو اسان وٽ هر مسئلي جو دڳ ڏسيندڙ شاعر شاھ لطيف آهي. جنهن جي شاعريءَ جو هڪ هڪ لفظ ڪنهن موتي کان گهٽ نه آهي.
هن مضمون ۾ پڻ ڊاڪٽر
صاحب شاھ لطيف جي لکيل پورهئي کي سهڻن لفظن سان سنواريو آهي. نه صرف ان جي پورهئي
يعني شاعري تي پر شاھ لطيف جو به ذڪر انتهائي شاندار نموني ڪيو آهي ته لطيف ڪيئن
سنڌ سميت ٻين ماڳن ڏانهن گهمي آيو آهي جنهن جو ذڪر لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ به ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب ڊاڪٽر غلام علي الانا جي لفظن جو حوالي ڏيندي ٻڌائي ٿو ته لطيف ڪنهن هڪ
شخص جو نالو نه آهي، لطيف ڪنهن هڪ ڪردار جو روپ نه آهي، پر لطيف هڪ دور جو نالو
آهي.
وڌيڪ چوي ٿو ته
لطيف جو ڪلام رڳو سنڌ جي جاگرافيائي حدن جو نقشو پيش نٿو ڪري پر تاريخي تناظر ۾ سنڌ
جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي تاريخ جا نقش به چٽي ٿو. ڊاڪٽر احسان دانش جو هي ڪتاب
ان لاءِ به نهايتي شاندار ڪتاب آهي جو ڊاڪٽر صاحب هر مضمون ۽ مقالي ۾ ان جي موضوع
جي حساب سان ڪيترن ئي ليکڪن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ فلاسافرن جا نالا، چوڻيون ۽
حوالا ڏنا آهن. ايئن نه آهي ته ڪو ڊاڪٽر هر مضمون ۽ موضوع تي رڳو انهن شين جو ذڪر ڪيو
آهي پر ڪٿي ڪٿي ڊاڪٽر جي پنهنجي لکڻي منجهان ئي اسان کي شاندار جملا ۽ سنڌي ٻولي
جا نوان لفظ ملن ٿا. هن مضمون به ڊاڪٽر ايئن ئي ڪيو ۽ لکيو آهي. جيئن
شاهه جو ڪلام اڻ ڳڻين
موضوعن جو ڀنڍار آهي، سندس ڪنهن هڪ بيت ۾ به ڪيئي موضوع ملن ٿا. ايئن کڻي چئجي ته ڀٽائي
جي رسالي ۾ سمنڊ جي لهرن جيان اڻ ڳڻيا موضوع آهن.
شاھ سائين جي شاعري
تصوف، فلسفي، نفسيات، تاريخ، جاگرافي، اقتصاديات، سماجي قدرن، حسن ۽ حق، امن ۽
اهنسا ۽ مجموعي جاڳرتا جو سنجوڳ آهي. انهي حوالي سان پڙهندڙن کي ايئن محسوس ٿيندو ته ڄڻ هر مضمون
ايندڙ مضمون سان ڳنڍيل آهي ۽ ايندڙ مضمون کان اڳ ڄڻ ته ان جو ذڪر هر مضمون جي پڇاڙي
۾ اچي وڃي ٿو. ڇو ته ڊاڪٽر صاحب هر مضمون جو اختتام ايئن ٿو ڪري جو ايندڙ موضوع يا
مضمون ان سان گڏوگڏ هلندڙ آهي جنهن جو ذڪر شايد ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پاران ۾ لکيل ٻه
اکر ۾ پڻ ڪيو آهي.
هن مضمون ۾ ڊاڪٽر
پاران لکيل لطيف ۽ لطيف جي شاعري بابت ڪن ليکڪن ۽ اديبن جو چوڻ ۽ ذڪر هن ريت آهي.
مغربي شاعر ڪيتروئي
اسان جي ذهنن تي اثر انداز ٿيڻ پر جامعيت ۽ آفاقيت اسان کي پنهنجي شاھ مان ملي ٿي.
پروفيسر اڪرم علي
انصاري
شاهه سائين بحيثيت
انسان توڙي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ زندگيءَ جي مختلف دورن مان گذريو ۽ هن انهن تجربن ۽
احساسن کي پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو.
ڊاڪٽر در شهوار
شاهه جي اعلي شاعري
پنهنجي سوچ، نيڪي ۽ ڪمال حسن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ محفوظ آهي. ۽ سنڌي ٻولي سندس
انهيءَ فڪر ۽ فن جي قوت سان اڄ سنڌي ماڻهن جي اجتماعي وجود ۽ ان جي اتحاد ۽ بقا جو
نشان ۽ ان جي پيڙهه ۽ ضمانت آهي.
محمد ابراهيم جويو
هن ڪتاب جي ٻئي
مضمون (درد جي حقيقت) کي ليکڪ تمام گهرائي سان ڏٺو ۽ پرکيو آهي جنهن بابت تمام
سولائي ۽ سهڻي نموني سان ان جي معني، مفهوم ۽ مطلب سمجهائي ٿو. درد بابت ٻڌائي ٿو
ته اهو فارسي ٻولي جو لفظ آهي جنهن کي فارسي ۾ رنج، آسيب، افسردگي، افتاد ۽ سوڳ سوڳ
چئبو آهي. ان کان علاوه درد جا ڪيترائي لفظ عربي، ۽ انگريزي ۾ ڏنا اٿس. جيئن درد
لاءِ عربي ۾ حُزن، ملال، مصيبت، آفت، الم، ۽ عذاب جڏهن ته انگريزي ۾ pain,
pity, paroxysm, pathos, achae, sorrow, trouble, grief کان وڌيڪ لڳ ڀڳ 22 لفظ ليکڪ
پاران ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن.. درد لاءِ پراڪرت ٻولي ۾ ڪسڪ، ۽ سنسڪرت ۾ دک، گهن، ٽيس ۽ پيڙ جهڙن لفظن کان پڻ
روشناس ڪيو ويو آهي. اچون ٿا سنڌي ٻوليءَ تي جن لفظن تي پڻ ڊاڪٽر سٺي نموني سان
ليکيو آهي. ته غم جي احساس جي بيان لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي نج
نبار لفظ موجود آهن جيئن ڏک، ڏرتُ، ڏنجھ، ڏولائو، ڏن، ورھُ، سور، پور، اهنج، اولاڪو،
انگور، کام، لڇ، گوندر، جھوري ۽ جهڄڻ.
اهڙي طرح تمام
بهترين انداز سان ڊاڪٽر درد جي حقيقت کي پڙهندڙن آڏو بيان ڪري ٿو جو عام انسان به
درد جي حقيقت کان بخوبي سان باخبر ٿي ويندو. هُو ٻڌائي ٿو ته درد بنيادي طور ٻن
قسمن جو ٿئي ٿو. پهرين جسماني درد (physical pain) ۽ ٻيو نفسياتي يا احساساتي درد
(emotional pain) جسماني درد جسم جي ڪنهن به عضوي جي ظاهري يا لڪل تڪليف
جو نتيجو آهي. جڏهن ته نفسياتي يا احساساتي درد جو تعلق ڪنهن نظري لقاء بدران
انسان جي ذهن، سوچ ۽ نفسيات سان هوندو آهي. اهو ڊپ ۽ پريشاني، ذهني اذيت سان لاڳاپيل
هوندو آهي. نفسياتي يا احساساتي درد خالص اعصابي معاملو آهي.
ڪتاب جي ٽئين مضمون
(شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جا لفظي روپ) ۾ ليکڪ
درد جي انهن ساڳن لفظن جو ورجاءُ ڪيو آهي جيڪي ٻئي مضمون ۾ ڏنا ويا آهن.
منهنجي خيال ۾ اهو ضروري به آهي ڇو ته اهي لفظ هن موضوع جي حساب سان ڏيڻ به گهرجن.
شاھ لطيف ڪيئن انهن لفظن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ درد جا روپ پارايا آهن اهو پڻ ڏاڍي سٺي
نموني سان ليکڪ متعارف ڪرائي ٿو. جيئن هڪ
اڌ مثال کڻي وٺو.
ڏرتُ
سٻاجھي ستار لاٿا ڏرت
ڏيھ تان.
ڏنُ
ڏنُ لڳو، ڏونگر ٻريو،
پينر کاڻي ڀُون.
ڪتاب جي چوٿين مضمون جيڪو هن ڪتاب جو نالو پڻ آهي. (شاھ لطيف
جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو) انتهائي خوبصورت انداز ۾ انهي کي پيار ۽ دل سان لکيو
ويو آهي. جنهن ۾ ليکڪ اسان کي شاھ جي شاعريءَ ۾ درد جي فلسفي کان روشناس ڪري ٿو.
هو ٻڌائي ٿو ته فلسفو ۽ شاعري ٻئي ڪُليت ۽ ڪامليت جا ڳولائو هوندا آهن. ڀٽائي جي ڪلام
۾ اهي ٻئي گڻ موجود آهن. انهي ڪري اسان لطيف کي فلسفي شاعر سمجهون ٿا. ارسطو جو
قول آهي ته شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي.
انهي ڪري جو شاعري مجموعي طور انساني فطرت ۾ زياده اونهو ڏسي ٿي. هن مضمون ۾ ليکڪ
اسان کي دنيا جي ڪيترن ئي فلاسافرن جا نالا پڻ ٻڌائي ٿو ڇاڪاڻ ته انهن پڻ اونهي فڪر
۽ نظرئي جي پورائي ڪئي آهي.
جن ۾ افلاطون،
سقراط، ارسطو، ايپيڪيورس، سڌارٿ، الڪندي، فارابي، ابن سينا، زينو، بڪيشو، اسپونزا،ڪانٽ،
هيگل، ڊانٽي، ابن هثيم، ٿامس اڪويناس، ملارمي، فرائيڊ ۽ نٽشي کان علاوه ڪيترائي هن
ڪتاب ۾ ڏنل آهن. ۽ انهن جي فلسفي تي پڻ ٿوري روشني وڌي وئي آهي. ليکڪ جي هڪ ٻي سٺي
خوبي اها آهي ته هو ڪٿي پنهنجي لکڻي کان هٽي ڪري انهي موضوع حوالي سان ٻين ليکڪن،
اديبن، دانشورن ۽ شاعرن جا حولا نثر ۽ نظم ٻنهي ۾ بيان ڪري ٿو جنهن سان هي ڪتاب
آساني سان هر پڙهندڙ کي سمجھ ۾ اچي ويندو. هن مضمون ۾ به ايئن ئي آهي ته ليکڪ ڊاڪٽر
احسان دانش جڏهن فلسفي ۽ دنيا جي فلاسافرن بابت ٻڌائي ٿو ته هُو ان کي ٻين اديبن
جي لفظن ۽ شاھ جي شاعريءَ سان به سبيندو هلي ٿو. هڪ هنڌ هو ڊاڪٽر شير مهراڻي جا
لفظ هن طرح چيا آهن ته ۾ اهو ڪو نظريو ڪا تحريڪ ڪو لاڙو ناهي جنهن جو اشارو يا اهڃاڻ
سڌي يا اڻ سڌي طرح شاھ سائين وٽ موجود نه هجي.
شاعري پنهنجي اظهار
بيان ۾ نفاست ۽ جماليات جي گهرجائو هوندي آهي. انهي ڪري هڪ شاعر جيڪا لفظن جي چونڊ
ڪري ٿو ۽ جيڪا ٻولي استعمال ڪري ٿو اها وڻندڙ ۽ حواسن کي حظ بخشيندڙ ٿئي ٿي. ليکڪ ڊاڪٽر
اياز قادري جي لفظن جو سهارو به هن طرح ورتو آهي ته
شاعر ۽ فلسفي جي
پيغام ۾ فرق رڳو هي آهي ته فلسفي پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي نتيجي کي نهايت خشڪ ۽
دميق لفظن ۾ بيان ڪري ٿو جو پڙهندڙ جو دماغ جلدي ئي ٿڪجي پوي ٿو ان جي برعڪس شاعر
ساڳي ڳالھ نهايت سهڻي انداز، ٿورن لفظن ۽ دل کي ڇڪيندڙ لهجي ۾ بيان ڪري ٿو جو ٻڌندڙ
جو دل ۽ دماغ ان جي رس ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
هاڻي ليکڪ ٻڌائي ٿو
ته اها ڳالهه به واضع آهي ته هر شاعر به فلسفي شاعر نه هوندو آهي.
مضمون ۾ فلسفي جي
بنياد کي سوالن جي نه کٽندڙ سلسلي جي
وضاحت ڪندي ليکڪ ڀٽائيءَ تي اچي ٿو ته ان وٽ به سوال جا هر روپ موجود آهن.
سوال جا اهي لفظ پڻ ڏنا ويا آهن. لطيف سائين کي اسين ان ڪري به هڪ فلسفي شاعر چئون
ٿا ته هن وٽ به انيڪ سوال آهن. اهي سوال زندگي ۽ موت، هن ڌرتي ۽ ڪائنات، نيڪي ۽
بدي، غم ۽ خوشي ۽ ٻين کوڙ معاملن متعلق آهن. ۽ ڀٽائي انهن سوالن جا هڪ فلسفي وانگر
ئي جواب ڏنا آهن. جيئن
جت نه پکيء پير، تت
ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير،
کاهوڙڪيء کير ري؟
ليکڪ شاھ جي شاعري
۾ موجود درد جو فلسفي تي به ڏاڍي سهڻي نموني سان لکيو آهي ۽ انهي جا مثال ٻين ليکڪن،
فلاسافرن ۽ پنهنجن لفظن کان علاوه شاھ جي شاعريءَ جا بيتن طور مثال ۽ حوالا ڏنا
آهن. شاھ سائين دنيا کي ڌٻڻ ۽ دريا سمجهي ٿو، جتي اَکٽُ دک، درد ۽ آزمائشون آهن. جنهن
مان پاند آجو ڪرڻ اوکو آهي. شاھ وٽ به اڻ
کٽ درد جو اهڙو تصور ۽ فلسفو موجود آهي.
مون کي مون پرين، ٻڌي
وڌو ٻار ۾،
اڀا ائين چون، مڇڻ
پاند پسائيين. شاھ
ڀٽائي اها به ڳالھ ڪئي
آهي ته سور، غم، ڏک، درد ۽ ايذاءُ ماڻهو جي اندر کي ڌوئي اجرو ڪن ٿا.
دل ڌوتائين دک سين،
ڌاڳا هڏ نه ڌوءِ،
لاهوتي لطيف چئي،
روحان اندر روءِ،
ڪون ڏٺوسين ڪوءِ،
سناسي ۽ سور ري. لطيف سر پورب
اهڙي طرح ليکڪ اسان
کي سسئي جي سورن کان به واقف ڪرائي ٿو ته مارئي جي تڪليفن جو به هن ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪافي
سارا بيت پڻ ڏنا آهن جن کي پڙهندڙي اسان کي شاھ جي شاعريءَ ۾ موجود سمايل سارو درد
نظر ايندو. هن مضمون تي جيترو دل کولي لکجي ته لکي سگهجي ٿو. هي نھايت ئي شاندار
مضمون ان حوالي سان به آهي ته هن ۾ هر
انسان کي پنهنجو درد ۽ ڏک جو عڪس ملندو ۽
نظر ايندو. شاھ جي شاعري ۾ موجود درد جي مختلف انداز ۽ پاسن تي روشني وڌي وئي آهي.
مضمون جو خلاصو هي آهي ته ليکڪ چوي ٿو ته شاھ لطيف جي درد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ
سندس ڪلام جو بغور مطالعو ڪرڻ ضروري آهي ۽ رسالي جي سمورن سرن ۽ داستانن کي ڌيان ۽
گيان سان پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي گهرج آهي. شاھ صاحب جي انهن داستانن ۾ غم جو جيڪو فلسفو
لڪل آهي، ان جي تفهيم ۽ سندس ماهيت کي لطيف شناسي جو وڏو جُز سمجهڻ گهرجي.
درد جي گهرائي، سوز
جي سچائي ۽ غم جي فلاسافي کي سمجهڻو هجي ته لطيف جي هن بيت تي غور ڪجي.
سُڻُ تہ سوزُ
پِرائِيين، ” آءُ “ چيائُون اَڄُ؛
ٻولِي ٻِي نہ
سِکِيا، ”پاڻا“ چوندءِ ”ڀَڄُ“؛
واڄي وَٽِ مَ وَڄُ،
ٻُڌُ تہ ٻِيائِي لَھي.
سُر سسئي آبري
اهڙيءَ ريت درد جي
حقيقت کان وٺي شاھ جي جي شاعريءَ ۾ درد جو سماجي ڪارج تائين سمجهڻ ۾ هي ڪتاب هر پڙهندڙ
۽ ادب دوست کي نھايتي ئي شاندار ۽ رهنمائي ڪندڙ ڪتاب ثابت ٿيندو. ڪتاب ۾ جهڙي طرح
درد جي حقيقت ۽ شاھ جي شاعري ۾ درد جي فلسفي تي روشني وڌي وئي آهي اهڙي طرح هر
مضمون جنهن ۾ شاھ جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون، سور جي سونهن، شاھ جي سورمين وٽ
درد جا انواع، درد ۽ عشق جو لاڳاپو ۽ شاھ جي شاعري ۾ درد جو سماجي ڪارج تائين هر
مضمون تي تمام سهڻي انداز ۽ دل سان لکيو ۽ روشني وڌي وئي آهي. جنهن سان پڙهندڙن کي
نه صرف پنهنجي زندگيءَ جي ذاتي تڪليفن جي خبر پوي ٿي پر هر انسان جي تڪليفن جو به
درد سمايل نظر اچي ٿو. ۽ لطيف وٽ درد يا درد جو فلسفو ڇا آهي ان جي پڻ چٽي طرح سان
خبر پوي ٿي. ليکڪ نه صرف هر مضمون ۾ انهي جا ڄاڻ طور حوالا ڏنا آهن. پر ڪتاب جي
آخر ۾ پڻ سڀني مضمونن جا نتيجا ٻڌائڻ سان گڏ ببليوگرافي ڏني وئي آهي...
مُحَبَتَ پائي مَنَ
۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ؛
تِنِ جو صَرافَنِ،
اَڻَ تورِيو ئِي اَگهائِيو.
سُر ڪاپائتي
شھزادو
شيخ
ڊاڪٽر
احسان دانش جي ڪتاب
"شاهه
لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو" تي هڪ نظر
سنڌي ٻوليءَ ۾
روزانو ڪو نه ڪو ڪتاب ڇپجي ٿو، پر انهن مان ٿورا ڪتاب پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا
آهن. تازو ئي اهڙو هڪ ڪتاب "شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو" عنوان
سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق، نقاد ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر
احسان دانش جو لکيل آهي.
ڊاڪٽر دانش هن ڪتاب ۾ لاکيڻي لطيف سائين جي شاعري ۾ درد جي فلسفي کي موتين جھڙن لفظن ۾ پوئي سمجهايو آهي. سچ ته هي ڪتاب ساڃوندن توڙي ادب دوستن لاءِ انمول تحفو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ لطيف سائين جي ڪلام ۾ موجود دردن ۽ ڏکن جو گهڻ رخو مطالعو سولي ۽ سهنجهي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.
جنھن درد، ڏک ۽ پيڙا
کي عام طور اسين آفت ۽ مصيبت سمجهون ٿا، لطيف سائين انهن ڏکن ۽ دردن کي ڳلي لاهي ٿو
۽ انهن ڏکن ۽ پيڙائن سان مقابلو ڪرڻ لاء حوصلو ۽ ھمت پيدا ڪري ٿو ۽ اعلي مقصدن کي
حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۽ جستجو ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو.
لطيف سائين جي
شاعريءَ جي مختلف موضوعن ۽ مختلف پھلوئن تي سنڌ جي وڏن اديبن عالمن پنهنجي پنهنجي
انداز سان علمي ۽ تحقيقي پورهيو ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر احسان دانش هڪ اهڙو لطيف شناس
عالم آهي، جنهن پنهنجي هن ڪتاب ۾ لطيف جي
شاعري ۾ درد واري فلسفي کي نهايت عالمانا انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
درد جو موضوع ڏاڍو، وسيع، گهرو ۽ دل کي ڇھيندڙ آهي. ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي ته "مان پنهنجي مطالعي ۽ شاھ جي رسالي کي وري وري اٿلائڻ ۽ ڀٽائي جي ڪلام تي غور ڪرڻ سان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته شاهه لطيف جي شاعري ۾ ٽي وڏا موضوع آهن جيڪي سڄي رسالي تي ڇانيل آهن ۽ لڳ ڀڳ هر سر ۾ اهي موضوع ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڀري اچن ٿا اهي ٽي موضوع هي آهن. پھريون عشق ٻيون درد ۽ ٽيون جدوجهد." هن ڪتاب کان اڳ ڊاڪٽر دانش شاهه جي شاعريءَ ۾ عشق ۽ جدوجهد جي موضوع تي پڻ ڀرپور نموني قلم کڻي چڪو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش اڳتي
لکي ٿو ته" انهن ٽنهي موضوعن جو وري هڪ ٻئي سان گهرو تعلق به آهي عشق درد
کانسواءِ اڌرو آهي ۽ جدوجهد درد بنا ناممڪن. درد باقي ٻنهي موضوعن جو مرڪزي نڪتو
آهي." درد واري موضوع تي ڪيترن ئي سالن کان سندس خواهش هئي ته هو ان اهم
موضوع تي قلم کڻي جڏهن سندس اھا خواهش پوري ٿي ته سنڌي ٻوليءَ کي" شاهه لطيف
جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو " جهڙو ڪارائتو ڪتاب مليو. ان ڳالهه ۾ ذري برابر
به وڌاءُ نه آهي ته مذڪوره ڪتاب لطيف فهمي جي سلسلي جو هڪ اهم ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾
موضوع جي مناسبت سان انگريزي، فارسي، هندي، اردو ۽ ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ مان پڻ کوڙ
سارا حوالا ڏنل آهن. خاص طور دنيا جي مختلف فلاسافرن، ڏاھن ۽ اديبن جون درد بابت ڏنل
وصفون ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.
ڊاڪٽر احسان دانش
لطيف سائين تي هن کان اڳ به شاندار تحقيقي ڪم ڪري سنڌ ۽ هند ۾ نالو پيدا ڪيو آهي،
سندس لطيف سائين تي ڪيل تحقيقي ڪم پنهنجي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿو. هن کي لطيف سائين
سان عشق ۽ خاص رغبت آهي. هن ڪتاب ۾ درد جي ڪيفيتن ۽ سورن جي سونهن کي کوليو ويو آهي ۽ دنيا جي مختلف ٻولين جي ذخيري مان حوالا ڏئي معني ۾ ٻڌايو
ويو آهي ۽ درد جي حقيقت کي اجاگر ڪيو ويو
آهي. درد جي فلسفي کي سمجهائڻ لاءِ ڊاڪٽر احسان دانش لطيف جي سرن ۽ بيتن جا مثال ڏئي
سمجهايو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش هڪ
برجستو جفاڪش محنتي ۽ جدوجهد ڪندڙ شخصيت آهي هي ھميشہ پنهنجي تحقيقي ۽ علمي ادبي ڪمن
۾ مصروف عمل هوندو آهي سندس ڪيل هن قلمي پورهيي ۾ ڏنل سندس ھي لفظ ڏاڍا وڻيا
"هڪ درد مند انسان خرد مند به هوندو آهي ڇو ته اهو دک مان سبق سکندو آهي ۽ بي
درد انسان جي سرشتي جو لازمي جز آهي ۽ اهو شعوري طور به پختو ۽ توانو رکي ٿو."
درد کي ڪيترو نه سهڻي
نموني ڊاڪٽر احسان صاحب بيان ڪيو آهي پنهنجي ڪتاب ۾ ان جون ڪيفيتون به بيان ڪيون
آهن قسم به. درد بنيادي طور ٻن قسمن جو ٿئي ٿو پھريون جسماني درد (physical
pain) ۽ ٻيون نفسياتي يا احساساتي درد (psychogenic (or emotional pain ڊاڪٽر دانش درد جي انهن ٻنهي پهلوئن کي کولي
سمجهائي ٿو ته "جسماني درد جسم جي ڪنهن عضوي جي ظاهر يا لڪل تڪليف زخم اھنج
يا ايذاءُ جو نتيجو هوندو آهي جڏهن ته نفسياتي ۽ احساساتي درد جو تعلق ڪنهن نظري
لقاء بدران انسان جي ذهن سوچ ۽ نفسيات سان ھوندو آھي انسان جي زندگيءَ ۾ ڏک اڻٽيهن
رات جي آسمان وانگر آهي گھرو ڪارو وشال ۽ خوشي جرڪندڙ تارن جيان آهي ۽ درد شاعري
جو بنيادي موضوع آهي درد جون کوڙ صورتون آهن."
ڪتاب ۾ هند جو
ناليوارو محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عالم ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي لکيو آهي ته" ڊاڪٽر
احسان دانش پھريون ليکڪ نه آهي جنهن هن موضوع تي قلم ھلايو آهي شاهه تي ٿيل ھيڏي
جاکوڙ ۾ ڪا اها ڳالهه نئين ڪانهي البت ڊاڪٽر احسان دانش جو هي اڀياس پنهنجي موضوع
جي لحاظ کان گھڻ رخو مفصل ۽جامع ضرور آهي هن ڪتاب ۾ دک درد جون معني ڏنل آهن جيڪي
لطيف سائين پنهنجي سرن ۽ بيتن ۾ ٻڌايون آهن شاهه جي شارحن لفظ رپ جي معني آفت ڏسي
آهي يعني غم جي آفت. ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي هن ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿو ته شاھ جي رسالي
۾ ان اذيت ۽ الم کي ڏک، ڏرت، ڏولائو ڏنجھ، دک، درد، گوندر، غم، ورھ، سور، پور،
سوز، مصيبت، حزن، پيڙا، رنج، اھنج، اندوھ، عذاب، اولاڪو، انگور، آزار، کام، لڇ،
جھوري ۽ جھڄڻ جهڙن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي."
هن ڪتاب ۾ جيڪا ڊاڪٽر
احسان دانش دنيا جي مختلف مختلف فلاسافرن ڏاھن اديبن جا درد ۽ ڏک بابت قول ڏنا آهن اهي با ڪمال آهن. انهن مان جن مون کي بيحد متاثر ڪيو انهن
مان ڪجهه هتي ڏيان ٿو.
سڌارٿ ڏک ۽ درد جي
باري ۾ چوي ٿو ته "سروکم دکم دکم" انگريزي ۾ چوندا آهن No pain No
gain يعني
سور کان سواءِ ڪجهه حاصل ٿيڻو ناهي. صائب تبريزي فرمائي ٿو ته بي دردن وٽان پنهنجي
درد جو علاج ڳولڻ ائين آهي جيئن وڇون جي ڏنگ وسيلي پنهنجي پير مان ڪنڊو ڪڍڻ. لبنان
جي ڏاهي خليل جبران جو قول آهي ته درد هڪ املهه تحفو آهي جيڪو هر ڪنهن کي نه ملندو
آهي مان پنهنجي غم تي فخر ڪريان ٿو منهنجو غم پيدا ٿيو ته مان گهڻي احتياط ۽ وڏي
محنت سان سندس پرورش ڪئي.
ڏسو ته ڪيڏي سولي ۽
آساني طريقي سان درد جون وصفون پيش ڪيو
ويون آهن. ڪي ماڻهو دردن ۽ ڏکن کان ڏور ھليا ويندا آهن سکن جي قريب ٿيندا ويندا
آهن ته ڪي دردن کي ڳلي جو ھار بڻائيندا آهن ۽ انهن سان هر وقت منھن مقابل ٿيندا
آهن، اهڙي طرح لطيف سائين جي پنهنجي شاعري درد جھڙي اهم موضوع تي چيل آهي. شاهه
سائين جي شاعري جو موضوع عورت آهي جيڪا ڏکن ڏاکڙن سان مقابلو ڪري ٿي ۽ جنگ جوٽي ٿي
جڏهن اها وري ٿڪجي پوي ٿي ته وري لطيف اتساهي ٿو ۽ ھمت افزائي ڪري ٿو ئ سفر جي راھ
تي گامزن ڪري ٿو ۽ منزل مقصود ڏانهن ھلڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته
(شعر)
ڏک سکن جي سونهن گھوريا ڏکن سکن ري!
جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
لطيف سائين چيو آهي
ته اھڙا سک ئي نه ٿا گهرجن جيڪي ڏکن کان سواءِ حاصل ٿين شاهه سائين کي ڏکن سان ڪيڏو
پيار آهي اهو سکن جي بدلي ۾ ڏکن کي خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ڪيفيتن جي طرف اچجي ٿو
ته شاهه سائين رسالي ۾ انسان جي هر ڪيفيت کي ڀرپور نموني اڀاريو آهي. ڊاڪٽر احسان
دانش انهن ڪيفيتن جي واضح تشريح ڪئي آهي ته شاهه جي شاعريءَ ۾ ڪيفيتن جو هڪ سمنڊ
آهي جنھن جون موجون ڪڏهن اتاھيون اٿن ٿيون ته ڪڏهن انهن لهرن ۾ لاٿ آهي.
هن ڪتاب ۾ ڪيفيت جي
لفظي معني کي سھڻي انداز ۽ مفهوم ۾ سمجهايو ويو آهي ڪيفيت جي معني آهي حالت آهي پر
عام طور لفظ ڪيفيت کي ڪيف سرور لطف ۽ مزي جي معني ۾ ورتو ويو آهي جئين چيو ويندو
آهي ته فلاڻي ماڻهو تي ڪيفيت طاري ٿي وئي آهي يعني ڪنهن خاص رنگ ۾ رچي ويو ڪيفيت اصل
۾ احساس مان جنم وٺندي آهي ۽ احساس وري لفظ (حواس) sense مان ورتل آهي اهڙي طرح احساسن
مان وري جذبا جنم وٺندا آهن. ڪيفيتن جو تعلق انسان جي ذهن سان آهي تنهن ڪري بنيادي
طور اھو نفسيات جو اصطلاح آهي ڪيفيت کي سهڻي انداز ۾ کولي پيش ڪيو ويو آهي ڇا ته
عالمانه انداز آهي ڪوئي عام يا خاص ڪيفيت کي پڙهندو ته پڙهندڙ سولائي سان سمجهي
ويندو.
ڊاڪٽر احسان دانش هڪ
ته شيء کي لفظن ۾ کولي بيان ڪيو آهي ۽ معني سان بيان ڪيو آهي سندس اها هڪ اعلي
خوبي آهي. شاهه سائين جي بيتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي ۽ درد جي سونهن کي به سهڻي انداز
۾ بيان ڪيو آهي ته سونهن جنهن لاءِ حسن جمال ۽ خوبصورتي جا لفظ به استعمال ٿيندا
آهن ان جا انيڪ قسم آهن، سونهن جڏهن
جماليات بڻجي ٿي ته حسن جو فلسفو سمجهائي ٿي پر سونهن جو هڪ سچ درد به آهي
درد جنهن ۾ پنهنجي لذت ۽ لطف آهي ڪنهن اعلي مقصدن کي حاصل ڪرڻو آهي ته ماڻهن کي مشڪلاتن
۽ مصيبتن ڏکن ۽ دردن کي سھڻو آهي بنا ڪنهن تڪليف ۽ درد جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ناممڪن
آهي،
شاهه سائين جي
شاعريءَ جا اڪثر ڪردار ڪنهن نه ڪنهن ريت سورن جو سفر ڪن ٿا ۽ ڀوڳنا جا ڀاو ماڻين ٿا
شاهه سائين جي شاعري ۾ جدوجهد محنت ۽ جستجو جو سبق سمايل آهي ڊاڪٽر صاحب درد ۽ عشق
جي فلسفي کي سمجهائڻ لاءِ شاھ سائين جي بيتن کي چونڊ ڪري بيتن جي ذريعي آسان ڪري
سمجهايو آهي لطيف سائين جي ڪردارن ۾ عورت کي اعلي مقام مليل آهي، جيڪا عورت جي روپ ۾ ئي جبل جهر جهنگ صحرا سان
جنگ ڪري ٿي دردن ڏکن ۽ پيڙائن کي منهن ڏئي ٿي.
ڊاڪٽر احسان جو
لکيل هي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ ناياب ڪتاب آهي ۽ ادبي خوبين سان سنگاريل
آهي. ٻولي نھايت سولي ۽ آسان آهي بيان پر اثر ۽ دلڪش آهي نه فقط ايترو پر هن ڪتاب
۾ ٺيٺ سنڌي لفظن سان فارسي اردو ۽ انگريزي لفظن جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو هي ڪتاب
نون بابن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي هر هڪ باب جي پٺيان حوالا ۽ پڇاڙڪن صفحن تي ببليوگرافي شامل آهي. هن ڪتاب ۾ هند جي
ٽن محققن ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي ۽ وينا شرنگي رايا شامل آهن. جڏهن
ته ڪتاب جو مهاڳ نامياري محقق ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. ڪتاب جو بئڪ
ٽائيٽل نامياري اديب ۽ اڪيڊمي ادبيات جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ لکيو آهي ۽ فليپ
تي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري شبنم گل جو رايو ڏنل آهي. هي ڪتاب
184 صفحن تي مشتمل آهي ۽ پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي اداري ڇپيو آهي ڪتاب جو ملهه فقط 300
روپيا آهي.
مان پنهنجي محسن
استاد ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر احسان دانش جو نهايت شڪر گذار آهيان جنهن هن پياري ۽
قيمتي ڪتاب جي سڀ کان پهرين اعزازي ڪاپي مون کي ڏني، جنهن کي مان پنهنجي لاءِ هڪ
اعزاز سمجهان ٿو. مونکي سندس ڪيل تحقيقي ڪم تي فخر آهي ۽ اهڙي اعلي ڪم تي مان کيس
لک لک واڌايون ڏيان ٿو منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آهن، دعا آهي ته ڌڻي
سندن قلم ۾ وڌيڪ قوت بخشي ۽ سنڌي ادب توڙي دنيا جي ٻين علمي ادبي حلقن ۾ کين اعلي
مقام عطا فرمائي.
ساجد
مسڻ
ڊاڪٽر
احسان دانش جي ڪتاب
”شاھه
جي شاعري ۾ درد جو فلسفو“ جو اڀياس
ڊاڪٽر احسان دانش
علم و ادب جو خاص طور تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان وڏو ۽ سگهارو نالو آهي، سندس
لطيف شناسيءَ وارو پاسو عالم آشڪار ۽ ادبي شناخت وارو مڪمل حوالو آهي.
هونءَ ته پاڻ هڪ ئي
وقت گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي، سندس نرالي شخصيت جا سڀئي پاسا مڪمل آهن، جن ۾
پاڻ عالم، اديب، تعليمدان ،محقق ،تخليقڪار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم ۽
مبصر به آهي.
ڊاڪٽر دانش شاھ
عبداللطيف ڀٽائي تي "شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج" عنوان هيٺ پي
ايڇ ڊي به ڪئي آهي، جيڪا 2016 ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان ڇپجي پڌري ٿي ۽ ساڳي
سال انهيءَ تحقيقي پورهيي تي کيس سنڌ صوبي جو سڀ کان وڏو ادبي ايوارڊ "شاهه
لطيف ايوارڊ" پڻ مليو.
ڊاڪٽر احسان دانش
هون ته 8 ڪتاب لکي چڪو آهي پر تازو سندس ڪتاب" شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو
فلسفو" مارڪيٽ ۾ آيو آهي، سندس لکڻ جو انداز تحقيقي ۽ حوالن سان ڀرپور آهي،
اهو ئي سبب آهي جو سندس هي ڪتاب پڙهندڙن ۾ گهڻو مقبول ويو آهي ۽ ڪتاب جي ڪاميابي جو اندازو ان مان ئي
لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ مهيني جي اندر هن ڪتاب جي کپت ايتري گهڻي رهي آهي، جو ڪتاب جي پبلشر قمر آفتاب کي به ان ڳالهه تي
خوشگوار حیرت آهي ۽ سندس چوڻ
آهي ته جلد ئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پڌرو ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر احسان دانش
جي هن ڪتاب ۾ ڪل نو باب آهن جن ۾ شاھ لطيف، درد جي حقيقت، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾
درد جا لفظي روپ، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو، شاھ جي شاعريءَ ۾ درد جون
ڪيفيتون، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سور جي سونهن، شاھ لطيف جي سورمين وٽ درد جا
انواع، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد ۽ عشق جو لاڳاپو، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو
سماجي ڪارج شامل آهن، جڏهن ته آخر ۾ نتيجو ۽ ببليوگرافي پڻ ڏنل آهي، جنهن ۾ ڪتابن
جي حوالن جي ڊگهي لسٽ پڻ موجود آهي.
هن ڪتاب جو مهاڳ لکندي سنڌ جي ناليواري اديبا، محقق، لطيف شناس ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته: "ڊاڪٽر احسان دانش درد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ سنڌي، اردو، هندي، فارسي توڙي انگريزيءَ ۾ ان لاءِ مروج لفظن جي ڊگهي فهرست ڏني آهي".
مونکي ذاتي طور تي
اها خبر ضرور آهي ته ڊاڪٽر احسان دانش جنهن به موضوع تي قلم کنيو آهي ته ان سان
خوب نڀايو آهي ۽ تحقيقي انداز ۾ پنهنجي عالمانه راءِ ڏيندو آهي. سندس لاءِ اهڙي
قسم جي شاهدي هند جي مشهور اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي به ڏني آهي، جيڪو لکي ٿو ته "ڊاڪٽر احسان دانش جو هي اڀياس، پنهنجي
موضوع جي لحاظ کان گهڻ رخو، مفصل ۽ جامع آهي".
ڊاڪٽر احسان دانش
جو شمار هند سنڌ جي ناليوارن محققن، لطيف شناس عالمن ۾ ٿئي ٿو، اهڙي ڳالهه هنڌ جي
عالم، محقق ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي به ڪئي آهي. هوءَ هن ڪتاب ۾ سندس
لاءِ لکي ٿي ته" ڊاڪٽر احسان دانش کي سلسليوار ۽ تُز ڀاشا ۾ ڀرپور دليلن ۽
مضبوط حوالن سان پنهنجي ڳالھ پيش ڪرڻ جي صلاحيت ۽ هنر آهي ۽ اهي ڳڻ کيس هڪ ڪامياب
محقق ثابت ڪن ٿا".
مونکي هن ڪتاب مان
اها ڳالهه پڙهندي سچ پچ حيرت سان گڏوگڏ خوشي جو احساس به ٿيو آهي، جنهن ۾ ليکڪ شاھ
لطيف جي سموري شاعري بابت ڪيڏي نه ڀلي راءِ ڏني آهي. ڊاڪٽر احسان دانش شاھ صاحب کي
پڙهڻ، پرکڻ ۽ سمجهڻ جي مجموعي طور تي ڪيڏي نه ڀلي ڳالهه ڪئي آهي، چوي ٿو ته"
شاه لطيف جي سموري شاعريءَ ۾ ٽي موضوع اهم رهيا آهن، هڪ عشق ٻيو درد ۽ ٽيون جدوجهد."
شاھ صاحب جي سموري
شاعري انهن ٽنهي موضوعن جو محور ۽ مرڪز بڻيل آهي. پاڻ پنهنجي هڪ مضمون "درد
جي حقيقت" ۾ جيڪا درد لفظ جي باقاعده تشريح ڪئي آهي ۽ درد لفظ جي روح کي ڇهڻ
جي مڪمل ڪوشش ڪئي آهي، سا بيحد تعريف جي قابل آهي. ڊاڪٽر احسان جيڪا صرف "درد"
لفظ کي سمجهائڻ لاءِ، انگريزي، سنڌي، عربي، فارسي ۽ سنسڪرت ٻولين جا لفظ ميڙي سولي
طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سو به وڏو تحقيقي ۽ دلچسپ ڪم ڪيو آهي.
صاحبِ ڪتاب درد جا
بنيادي ٻه اهم قسم جن ۾ هڪ جسماني درد( Pysical pain) ۽ ٻيو احساساتي يا نفسياتي
درد (Emotional or psychogenic pain) شامل آهن، سي ڀرپور نموني بيان
ڪيا آهن.
"شاھ لطيف جي
شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون " واري موضوع کي ليکڪ وڏي محنت، جاکوڙ ۽ تحقيقي
انداز سان لکيو آهي، جنهن ۾ پاڻ درد جي اهميت کي سائنسي انداز سان پيش ڪيو اٿائين،
لکي ٿو ته "مغربي دنيا ۾ نيورو سائنس (Neuro Science) جي آڌار تي درد، ڏک، سور،
اهنج، رنج، الم، غم، سڪ، سوز تڙپ، طلب، لڇڻ واري ڪيفيتن کي سمجهڻ لاءِ تحقيق ٿي
رهي آهي."
سندس تحقيق ڪرڻ جو
انداز اهڙو ته مقصد ڀريو آهي جو ليکڪ درد جي داستان کي ٻڌائيندي درد جي روح تائين
پهچي وڃي ٿو.
اڳتي لکي ٿو ته
" نفسياتي وصف مطابق جذبو ان مستقل احساس جو نالو آهي، جيڪو ڪنهن فرد جي اندر
موجود هوندو آهي، پر ان جو اظهار ڪنهن خاص وقت تي ٿيندو آهي".
اها حقيقت آهي ته
تحقيقي ڪم ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، پر جهڙي طرح سان ڊاڪٽر احسان دانش باب اٺين ۾ جيڪا
تحقيق، محنت ۽ مشقت ڪئي آهي ۽ شاھ جي شاعري سان ملندڙ جلندڙ فارسي ۽ اردو شعر ڏنا
آهن ۽ عشق لفظ جي جيڪا جامع ۽ مفصل انداز ۾ وضاحت پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ جيڪي عالمن،
اديبن ۽ اڪابرن جا حوالا ڏنا آهن، اهو عمل سندس وسيع علم، ڪشادي تجربي ۽ بهترين
مشاهدي جي شاهدي ڏئي ٿو.
هر باب جي آخر ۾
حوالن جو وچورُ، محقق جي جاکوڙ ۽ ڳوڙهي اڀياس کي ظاهر ڪري ٿو.
هن ڪتاب جي جيڪا سڀ
کان اهم ڳالھ مون محسوس ڪئي آهي، اُها اِها آهي ته ليکڪ هر موضوع سان گڏ اتي هڪ
علامتي ۽ تصوراتي اسڪيچ پڻ ڏنو آهي، جنهن مان سندس ذوق ۽ آرٽ سان پيار جو اندازو
لڳائي سگهجي ٿو.
هي ڪتاب پيڪاڪ
پبلشرس طرفان شايع ٿيو آهي، جيڪو 184 صفحن تي مشتمل هجڻ سان گڏوگڏ 300 روپين جي
قيمت سان سنڌ جي پيڪاڪ پبلشرس ڪتاب گهرن کان علاوه هر ادبي ڪتاب گهر تي موجود آهي،
هي ڪتاب سنڌ جي هر شعور وند ۽ ساڃاه وند ماڻهوءَ کي پڙهڻ گهرجي، خاص طور تي انهن
علم ادب دوستن کي جلد ۽ اول پڙهڻ گهرجي جيڪي لطيف سائين جي فڪر کي پڙهڻ ۽
سمجهڻ گهرن ٿا.












No comments:
Post a Comment