Thursday, 13 May 2021

هوائون گيت ڳائن ٿيون (هڪ تاثر)ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ehsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

هوائون گيت ڳائن ٿيون

(هڪ تاثر)

 

هوا، جيئاپي جو جواز آهي. سائنس چوي ٿي هوا ۾ آڪسيجن آهي، جتي آڪسيجن ناهي اُتي زندگيءَ جو تصور عبث. چنڊُ آڪسيجن کان عاري آهي، مريخ، مشتري، زهرا، عطارد ۽ ٻين کوڙ سيارن تي ساهه کڻڻ محال آهي. هِڪَ اسان جي ڌرتي آهي جتي ’هوائون گيت ڳائن ٿيون.‘ گيتَ، خوشين جي علامت آهن. شاعرَ اڪثر اداس موسمن ۾ جيئندا آهن، ان ڪري هو پنهنجي من کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪڏهن من موهيندڙ منظرن ۽ محاڪات جو سهارو وٺندا آهن ته ڪڏهن کين هوائن ۾ به گيتن جي گونجار محسوس ٿيندي آهي. نياز ملاح به هوائن جا گيت ڪنائي شعر لکي ٿو. هو اداس هوندي به مسرور آهي. هن جا شعر پڙهي نراسائيءَ جا پاڇا وڌندي محسوس ٿين ٿا پر هو وقت بوقت پنهنجي اندر جا احساس پَنن تي پرٽي، ورق ڪارا ڪري ڪتابن جي گود ڀري سرهائي محسوس ڪري ٿو.

”هوائون گيت ڳائن ٿيون“ نياز جو ڏهون ڪتاب آهي ۽ منهنجو ساڻس تعلق ان وقت کان آهي جڏهن اڃا سندس پهريون ڪتاب ”پيار جي پاڇي ۾“ ڇپيو هو. ان دوران مون سندس هڪ ڪتاب  جو مهاڳ پڻ لکيو آهي. هن جي ڪتابن ڇپجڻ جي اسپيڊ مان لڳي ٿو ته هن جيڪا به سٽ لکي آهي ان کي ڪتاب ۾ ڇپايو آهي ۽ شايد اڳتي به ائين ئي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اهڙو مثال لاڙڪاڻي جي هڪ جھوني شاعر غلام نبي گل جو به آهي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا به سٽ لکي تنهن کي ڪتاب ۾ ڇپايو. نياز تمام تيزيءَ سان لکي ٿو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو وڃي ٿو. اڪثر تکا ۽ تڪڙا قدم کڻڻ سان ٿاٻڙجڻ جو خطرو رهندو آهي پر نياز ان جي پرواهه ڪرڻ بنان پنهنجو سفر جاري رکيو آهي. هن جي شاعريءَ مان نقاد ڪيئي جھول ڳولي سگھن ٿا پر مان هن جي پورهيي ۾ جيڪو پيار ڏسان ٿو ان جو قدر ڪريان ٿو. هن جو تخليقي پورهيو ڀٽائي جي ان بيت وانگر آهي ته:

محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،

تن جو صرافن اڻ توريو اگھايو.


 

سڄي ڳالهه آهي محبت جي. محبت، جيڪا زندگيءَ کي معنى ڏئي ٿي. محبت جيڪا ماڻپي جي علامت آهي، محبت جنهن سان دلين کي فتح ڪري سگھجي ٿو..... اها ئي محبت نياز جي شاعريءَ جو محور آهي. هونءَ به شاعري ۽ خاص طور غزل جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع به رومانيت ئي آهي. رومانس کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو آهي به ڇا؟ لفظ ’انسان‘ جنهن جو مادو ئي ’اُنس‘ يعني محبت آهي ان وٽ محبت جي پچار نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪي انسان پنهنجي شرف ۽ شان کي وساري حيوان به بڻجي وڃن ٿا.... پر هڪ شاعر اهڙو انسان آهي جيڪو اُنس ۽ محبت جي مٺاڻ سان ڀريل هوندو آهي. هڪ شاعر ۾ محبت سان گڏ نمرتا ۽ ’نياز‘ به هجي ته ان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. نياز رڳو نالي جو نياز ناهي پر هن جي مزاج ۾ به نئڙت ۽ نياز جي خوبي موجود آهي.

  نياز ملاح جو تازو شايع ٿيل ڪتاب ”هوائون گيت ڳائن ٿيون“ سندس پوئين تخليقي سفر جو تسلسل آهي. مان ان کي سندس ڪا تخليقي ڇلانگ ڪوٺڻ لاءِ ته تيار ناهيان البته هن ڪتاب ۾ هُن سنڌي شاعريءَ ۾ نئين وارد ٿيل صنف ترويني تي طبع آزمائي ڪري هڪ نئين تخليقي پيچري تي پير ڌرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي. ترويني پنهنجي جوهر ۾ مختصر هوندي ڏاڍي مشڪل صنف آهي، جنهن سان هر شاعر نڀائي نه ٿو سگھي. هي ٽن سٽن جو ننڍڙو نظم پنهنجي وجود ۾ هڪ وشال فڪر سمائڻ جي طاقت رکي ٿو. نياز ملاح جي هن ڪتاب ۾ به ڪي اهڙيون تروينيون آهن، جن سان هن چڱو نڀايو آهي.

ڀلي راهون انڌيريون هن

مٺا! منزل تي پڄندا سي،

 

اکين ۾ روشني آهي.

...........

پوي برسات شل برسي

وري ساجن پوي ترسي

 

اکين ۾ التجائون هن.

..........

سمهن ٿا ڪين هڪڙو پلُ،

ستارن سان ٿا ڳالهائن،

 

اسان جا نيڻ جاڳن ٿا.

نياز ملاح جي شاعريءَ مان سندس هم عصر شاعرن جي شاعريءَ جو اولڙو ڳولي سگھجي ٿو، پر سچ اهو آهي ته هن شروع کان پنهنجي تخليقي سفر ۾ هڪ الڳ ۽ جدارو لهجو تراشڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال موضوعاتي لحاظ کان ڏسندا سين ته نياز جي شاعريءَ ۾ غمِ جانان جو غوغاءُ گھڻو محسوس ٿيندو. ان ۾ به وڇوڙي جا ورلاپ جھجھا ملندا. هن جي شاعريءَ ۾ شڪوه شڪايت ۽ هجر ۾ هنجون هارڻ جهڙيون ڳالهيون جام آهن.

پاڻ ٻيهر پَئون مٺا پرچي

وقت ٻيهر ورِي وَري هاڻي

..........

ٽڪرا ٽڪرا يار ڪرڻ ٿو چاهين تون

پاڻ کان هاڻي ڌار ڪرڻ ٿو چاهين تون.

..........

وقتَ جهڙو اسان جو حال ڪيو

اهڙو دنيا ۾ ٻيو مثال نه هو

نياز جي هن ڪتاب ۾ جدا جدا شعري صنفون موجود آهن، جن ۾ غزل، وائي، بيت، دوها، ڏيڍوڻا ۽ تروينيون شامل آهن. سندس انهن صنفن مان مثال طور ڪو نه ڪو ڪارائتو تخليقي وکر ضرور ملي ويندو، جنهن کي ڪوٽ ڪري سگھجي. جيئن بيتن منجھان مثال ڏسو:

ساعت ساعت سپرين، سِڪي تولئه ساهه

تنهنجي لئه چارئي پهر، چريو منهنجو چاهه،

منهنجو آ ويساهه، ساجن! ايندين سِڪَ کڻي

ائين ئي سندس هي ڏيڍوڻو به پيار سان پڙهڻ جهڙو آهي:

ڇا ڇا نه سَٺو آهي،

سڀ ساٿ ڇڏي ويا پر، هڪ دردُ ڪَٺو آهي.

نياز ملاح جي شاعري پڙهندي ڪي اهڙا شعر به ملن ٿا جن کي جديد سنڌي شاعريءَ جي حسناڪين جو تسلسل سڏي سگھجي ٿو. مثال:

دوست توکان سُري رهيو آهيان

هوريان هوريان ڀُري رهيو آهيان.

مان سمجھان ٿو، جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي شعري مجموعي ۾ اهڙا ڏهه شعر به هجن ته ان شاعر جو پورهيو سجايو چئبو... ۽ نياز ملاح جي هن شعري مجموعي ۾ اسان کي اهڙا ٻيا به ڪي شعر ملن ٿا. جيئن:

توکي ڳولڻ نڪتس پر،

پنهنجو پاڻ وڃائي آيس.

..........

ڇا ته تنهنجي اکين ۾ آ جادو

مونکان مونکي کسڻ لڳو آهين

..........

ڇا ته آ مهڪار مٽيءَ ۾ مٺا!

خوشبو اهڙي ناهي ڪنهن رابيل ۾

هن ڪتاب جي ادبي ڪٿ ڪرڻ جو هي موقعو ناهي، هي سندس خوشيءَ جو ڪاڄ آهي.... جنهن ۾ کيس رڳو مبارڪن جا گل ئي آڇي سگھجن ٿا...... سچ اهو آهي ته مان نياز جي هن ڪتاب جي حوالي سان گھڻو ڪجھ چوڻ چاهيان ٿو پر هر وار سندس هي شعر منهنجي رستا روڪ ڪري ٿو ته:

هِڪُ نه ليڪن هزارَ ٿا ڳولن.

عيب مون ۾ ئي يارَ ٿا ڳولن.

No comments:

Post a Comment