ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک
شاهه
لطيف جي حقيقي عظمت سمجڻ لاءِ سندس شاعريءَ جي فني، ادبي ۽ لسانياتي پرک ڪرڻ نهايت
ضروري آهي. هن وقت تائين ڀٽائي جي ڪلام جي اهڙي پرک ٻن سطحن تي ٿي آهي. پهريون
مقامي ۽ ٻيو بين الاقوامي. مقامي سطح تي شاهه کي سندس ٻوليءَ جي خاصيتن، علم
البيان توڙي مروج شعري اصولن، موسيقيت ۽ ٻين خوبين جي بنياد تي پرکي اسان جي عالمن
۽ محققن کيس هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ڏني آهي ۽ اهڙي
ريت ٻين عالمن وري سندس شاعريءَ کي بين الاقوامي ادبي اصولن، معيارن ۽ قدرن تي
پرکي عظمت جي بلندين تي بيهاريو آهي. هن مقالي ۾ مون ڀٽائي جي ڪلام جي مقامي سطح تي
يا ننڊي کنڊ جي سنڌي عالمن ۽ محققن مطابق، مروج فني، ادبي ۽ لسانياتي اصولن کي
سامهون رکندي ڪيل تحقيق ۽ پرک جي حوالي
سان مختصر تحقيقي جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڊاڪٽر
گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽
هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو آهي.... سندس شاعراڻيءَ ”خستوريءَ جي
خوشبوءِ سڀ ولات واسي ڇڏي آهي. شاهه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي لياقتون
موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هي آهي، ته جيئن جيئن اسين سندس شعر تي
اونهو غور ڪندا سين، تئين تئين اسان ۾ نئين حيرت اتپن ٿيندي.“ (1) ساڳي ڪتاب ۾
گربخشاڻي صاحب شاهه جي شاعريءَ جي جمالياتي پهلوءَ تي روشني وجھندي چيو آهي ته
”ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجھس جمال جي مشاهدي
ماڻڻ جي قابليت آهي ۽ جيتري قدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ امنگ اٿن ٿا.
جمال جا پڻ ڪيترا ئي قسم آهن جهڙوڪه طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. مگر درحقيقت
سڀ حسن جو مول هڪ ئي آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ
سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا.“ (2) جماليات بيشڪ شاعريءَ جو روح آهي ۽ دنيا
جي سمورن وڏن شاعرن جي شاعري حسن ۽ جمال جي خوبي سان ڀريل آهي. جتي فارسي جي عظيم
شاعرن رومي، سعدي، حافظ، فردوسي، جامي ۽ تبريزي جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جي جوت جرڪي
ٿي اُتي عربي جي سبعه معلقات وارن ستن قادرالڪلام شاعرن امرءُ القيس، زهير بن ابي
سلمى، عمرو بن ڪلثوم التغلبي، طرفه ابن عبدالبڪري، عنتره بن شداد العبسي، لبيد بن
ربيعه العامري ۽ حارث بن حِلزه اليشڪري ۾ پڻ جمال جا جلوى نظر اچن ٿا. ائين ئي
هندي ڪوتاڪارن ۾ جئين رامانند، ڀرتري هري، ميران ٻائي، دادو ديال، سورداس، ڀڳت
ڪبير، تلسيداس ۽ ڪاليداس جا شبد سونهن جا پُر پيالا آڇين ٿا تئين ئي انگريزي ۽
يورپي شاعرن شيڪسپيئر، ورڊس ورٿ، گوئٽي، ٽي ايس ايليٽ، والٽ وٽمن ۽ بادليئر جي
نظمن ۾ به جماليات جھلڪندي محسوس ٿئي ٿي. ان جماليات شاهه جي شاعريءَ ۾ به انوکو
نکار پيدا ڪيو آهي. ان ڳالهه جي عملي ثبوت ۽ تحقيقي نتيجي طور نوجوان محقق ڊاڪٽر
شير مهراڻي جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“ پڻ موجود آهي.