ڊاڪٽر احسان دانش
امر
جليل جي ڪهاڻين جو فني اڀياس
ادب جي سمورين صنفن مان ڪهاڻي هڪ
اهڙي صنف آهي، جنهن جي لذت نرالي آهي. شايد ان جو وڏو سبب اهو به آهي جو ان ۾ اسان
کي پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن انيڪ ماڻهن جي تصوير نظر اچي ٿي، اهي ماڻهو جيڪي اسان جي ئي
سماج ۾ اسان جي آس پاس رهن ٿا، جن جا چهرا ڄاتل سڃاتل لڳن ٿا ۽ جن جا ڪم، ڪرتوت ۽
عمل روز ڏسجن ٿا.... ڪهاڻين ۾ ته اهي ماڻهو به وائکا ٿين ٿا جيڪي روز پنهنجن چهرن
تي هڪ نئون ماسڪ چاڙهي گھمن ٿا. ڪهاڻين ۾ اهو سڀ ڪجھ هوندو آهي جيڪو اسين پنهنجي
اردگرد ڏسندا آهيون يا ڏسڻ چاهيندا آهيون، ڇوته ڪهاڻيون زندگيءَ جو عڪس ۽ اولڙو
آهن انهن ۾ انساني احساسن ۽ امنگن جون اهڙيون تصويرون آهن جن کي اسين پنهنجي روح
جي قريب محسوس ڪندا آهيون. ڪهاڻين ۾ اسين دک ۽ ڪرب جو ذائقو به چکندا آهيون ته
جيون جي حسناڪين ۽ رنگينين کي به پسندا آهيون تنهن ڪري غلام محمد گرامي جا اهي لفظ
سچ آهن ته ”انسان ۽ ان جي سماجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي ترجماني جيتري افساني / ڪهاڻيءَ ۾ ٿي سگھي آهي اوتري نه شعر و
شاعريءَ ۾ ٿي سگھي آهي ۽ نه تاريخ ۾. افسانو انسان جي ڪنهن نه ڪنهن جذباتي عمل ۽
رد عمل جي اهڙي ته سادي، موثر، دلڪش ۽ هوبهو تصوير پيش ڪري ٿو جنهن کان پڙهندڙ جو
ذهن هر حال ۾ متاثر ٿئي ٿو. ائين ٿيڻ سان ان تاثر جو سلسلو وسيع ٿيندي ٿيندي
انساني حيات جا ٻيا به ڪيئي شعبا پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو. خاص طرح سان طبقاتي ڪشمڪش
جا سڀ پهلو پنهنجي مڙني خباثتن سان ظاهر ٿين ٿا. ايتري قدر جو پڙهندڙ پاڻ کي اهڙي
معاشري جو هڪ زنده جُز سمجھڻ شروع ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته اُهي سڀ حالات ۽ واقعات ڄڻ
ته سندس اکين اڳيان يا سندس پاڙي ۾ يا سندس ڳوٺ ۾ يا خود مٿس گذري رهيا آهن.
افساني جي مختلف ڪردارن جي عمل ۽ خيال، ارادي ۽ نيت، ظلم ۽ تشدد جي اهڙي عڪاسي ڏسي
پڙهندڙ ۾ هڪ طرف نفرت ۽ حقارت ٿا پيدا ٿين ته ٻئي طرف اصلاح ۽ تبديليءَ جو منجھس
پُر جوش طوفان ٿو پيدا ٿئي ۽ ٽئين طرف همدردي ۽ پيار، خيرخواهي ۽ انسان دوستيءَ جو
اڻمٽ جذبو ٿو پيدا ٿئي. اثر پزيري ۽ اثر انگيزيءَ جي ان عالم ۾ پڙهندڙ سچ ۽ ڪوڙ،
هيڻي ۽ ڏاڍي، ظالم ۽ مظلوم جي پس منظرن کان واقف ٿئي ٿو.“ (1) اهڙي طرح ڪهاڻي
پڙهندڙ سان هڪ اٽوٽ رشتو جوڙي ٿي. دنيا جي افسانوي ادب ۾ اهڙيون ڪيئي عظيم ڪهاڻيون
ملنديون جن پنهنجي پنهنجي سماج تي گھرا اثر ڇڏيا ۽ اهي پنهنجي دور تي ڇانئيل رهيون.
اهڙا عظيم تخليقڪار جن جي قلم اهڙيون عظيم تخليقون سرجيون اهي مري وڃڻ باوجود ادب
جي دنيا ۾ امر آهن ۽ اهڙن امر ڪردارن جي ڪٿا ڪڏهن به پراڻي ٿيڻ جي نه آهي.
سنڌي ڪهاڻيءَ جي اتهاس ۾ اهڙا
بنهه ٿورا نالا آهن جن جي نانءَ جو اثر ۽ سحر نه رڳو سندن دور ۾ رهيو پر موجوده
دور تائين سندن تخليقن جو جادو قائم آهي. منهنجو جن ڪهاڻيڪارن ڏانهن اشارو آهي
انهن مان هاڻي اڪثر قلم رکي آرام پيا ڪن يا ڪن کي وري ازلي آرام نصيب ٿيو آهي. پر انهن
ئي ڪهاڻيڪارن منجھان ڪي اهڙا به آهن جيڪي اڄ تائين ساڳي رفتار ۽ معيار سان تخليق
پورهيي ۾ رڌل آهن. اهڙن اعلى تخليقڪارن ۾ امر جليل جو نانءُ بيشڪ اتاهون آهي. ان ۾
ڪو به شڪ ناهي ته هن جي قلم جي جوت ڪيترن ئي اونداهي روحن کي جرڪائي روشن ڪيو آهي.
امر ابتدا ۾ ٿوري گھڻي شاعري به ڪئي ۽ مستقل طور سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ڪالم به
لکيا ته ٽيلي ڊراما پڻ تحرير ڪيا پر کيس سڀ کان وڏي مڃتا هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾
ملي. امر عوام جي دلين ۾ ڌڙڪندڙ ڪهاڻيڪار آهي هن جي مقبوليت جو وڏو ڪارڻ به شايد
اهو ئي آهي جو هن پنهنجين تحريرن ۾ عوام جي اڌمن، امنگن ۽ احساسن کي چٽيو آهي. هن
جون ڪهاڻيون سماج جو اهڙو سچ آهن جن کان لنوائڻ ناممڪن آهي. سندس ڪهاڻين ۾ مظلوم
جي حمايت به آهي ته ظالم کان نفرت به. پيار جي هٻڪار به آهي ته سچ جي صدا پڻ.
مفلسيءَ جا عڪس به آهن ته ڌنوانن جا ڪرتوت به. انساني خواهشن ۽ حسرتن جا سمنڊ به
آهن ته فرسوده نظام خلاف انقلابي آواز پڻ. مايوسيءَ جا ڀوائتا ديوَ به آهن ته اميد
جون اجريون پريون پڻ.
هونءَ ته جديد سنڌي ڪهاڻي ديون ۽
پرين جي داستانن کي ڏور ڇڏي آئي آهي ۽ هاڻي زندگي جي حسناڪين ۽ ڪربناڪين جون
ڪهاڻيون لکيون وڃن ٿيون، جن ۾ اگر ديون ۽ پرين جو ذڪر به آهي ته ظلم ۽ رحم جي
علامتن طور ۽ سچ ته اهڙين علامتن جي ڪري سنڌي ڪهاڻي ڏاڍي جديد ۽ حسين ٿي پئي آهي. امر
جليل جديد سنڌي ڪهاڻي جي مهندار ليکڪن مان آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ هڪ تڙپندڙ روح نظر
اچي ٿو جنهن جي تڙپ ۽ صدا پڙهندڙ کي به بيچين ڪري وجھي ٿي. هن جي ڪهاڻين ۾ طنز جي
مٺي ڇيت به تلوار وارو ڪم ڪندي نظر اچي ٿي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لکڻ/ ادب هڪ آرٽ آهي ۽ ان آرٽ جو تعلق تخليق سان
آهي. تخليق سان لاڳاپيل سمورا شعبا مصوري، موسيقي، سنگتراشي وغيره انساني احساسن
جي اڻ ڇهي ڪائنات منجھان جنم وٺن ٿا، پر اهي احساس جڏهن ڪجھ خاص ضابطن تحت ظاهر
ٿين ٿا ته آرٽ جا شاهڪار بڻجي وڃن ٿا. جڏهن اسين تخليق جي ادب واري شعبي کي ڏسون
ٿا ته ان حوالي سان ڪنهن به تخليقڪار لاءِ ٽي شيون لازم نظر اچن ٿيون. پهريون مطالعو،
ٻيو مشاهدو ۽ ٽيون تجربو. تنهن ڪري ڪهاڻي لکڻ لاءِ به انهن ٽنهي وٿن جو هجڻ لازم
آهي.
مطالعو ڪنهن به ڪهاڻيڪار لاءِ
ايترو ئي ضروري آهي جيترو پينسل سان ليڪيل ڪنهن تصوير ۾ رنگ ڀرڻ. يعني مطالعي بنان
ڪنهن به ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي بي رنگ ڀاسندي. اهڙي طرح مشاهدو ڪهاڻيڪار لاءِ ايترو
لازم آهي جيترو ڪنهن باغ لاءِ گُلَ. جيئن باغ جو تصور گلن سان آهي تئين اعلى ڪهاڻي
جو تصور منظرنگاري سان آهي ۽ عمده منظر نگاري ڪهاڻيڪار جي مشاهدي واري نظر جو
نتيجو ٿئي ٿي. هڪ ڪهاڻيڪار مطالعي وسيلي فن ۽ فڪر جون مختلف ڌارائون پسي ٿو ته
مشاهدي ذريعي شين کي جاچي، سمجھي ۽ پرکي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيوست ڪري ٿو پر سندس
ذاتي تجربو پڻ هن جي تخليقي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هڪ ڪهاڻيڪار جي زندگيءَ ۾
جيڪو ڪجھ وهي واپري ٿو، هو پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪا ڏک جي اُس ۽ سُک جي ڇانوَ ماڻي
ٿو ۽ سماج جي روين منجھان جيڪو ڪجھ سِکي ٿو اهو سندس زندگيءَ جو تجربو ليکيو وڃي
ٿو. هڪ سگهاري ڪهاڻي لکڻ لاءِ ان تجربي جي پڻ وڏي اهميت آهي. اسين پنهنجي اعلى
تخليقڪارن جي تخليقن منجھان اهو اندازو لڳائي سگھون ٿا ته مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي
جي ڪهڙي ۽ ڪيتري اهميت آهي. ان حوالي سان امر جون ڪهاڻيون وڏي اهميت رکن ٿيون.
امر جليل دنيا جي افسانوي ادب جو
ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي، هو دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، ورجينا وولف، چيخوف، ڪرشن چندر،
عصمت چغتائي، منٽو، غلام عباس ۽ فڪشن جي اهڙن اعلى فنڪارن جي فن کان واقف آهي ۽
کيس ڪهاڻي جي جديد لاڙن جي پروڙ آهي، هن کي اهو به پتو آهي ته کانئس اڳ سنڌي ڪهاڻي
جا فڪري ۽ فني لاڙا ڪهڙا رهيا آهن. هو پنهنجي پيش رو ۽ هم عصر ڪهاڻيڪارن جي
حسناڪين کان واقف آهي ان ڪري سندس ڪهاڻيون ان تسلسل جو حصو رهندي به هڪ انفرادي
حسن ۽ حيثيت رکن ٿيون. امر جليل جون ڪهاڻيون پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن پنهنجي مشاهدي
واري گھري نگاهه سان سنڌي سماج جو ايڪسري ڪري ورتو آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ زندگي ۽
زندگيءَ جي باريڪين کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿو. هن جي ڪهاڻين جي منظرن ۽ عڪسن ۾
جو احساس آهي اهو پڙهندڙ کي ان ماحول ۾ وٺي وڃي گم ڪري ڇڏي ٿو. ان حوالي سان امر
جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڳڻائي سگھجن ٿيون جن ۾ ”اروڙ جو مست“، ”خوني رات“، ”هن ڄار
۾“، ”عظمت جو ثبوت“ وغيره شامل آهن. امر جليل پنهنجي اڪثر ڪهاڻين ۾ سنڌ ۾ طبقاتي
نظام، هيڻي ۽ ڏاڍي، ظالم ۽ مظلوم، امير ۽ غريب، زميندار ۽ هاري واري تضاد کي ڀرپور
نموني اڀاريو آهي ۽ اهو سندس مشاهداتي اک جو ئي ڪمال آهي، ڇوته هو پنهنجي آس پاس
جي حالتن کان باخبر آهي، کيس پتو آهي ته هو جنهن سماج ۾ ساهه کڻي ٿو اُتي ڇا ٿو
وهي واپري. هن ظالم ۽ مظلوم ڪردارن کي اکين پسيو آهي. امر جليل جون ڪيئي ڪهاڻيون
سندس ذاتي تجربن جو نتيجو آهن. اهڙين ڪهاڻين کي پڙهندي اسان کي انهن ۾ ڪهاڻيڪار
سڌو سنئون نظر اچي ٿو. ان ڪري ان سچ کان انڪار ممڪن نه آهي ته امر پنهنجي حياتيءَ
۾ پنهنجي ذات سان لاڳاپيل ڪيترن ئي تجربن کي ڪهاڻيون بڻائي پيش ڪيو آهي. جليل جي
ڪهاڻي ”پڙلاءُ“ ۾ به ڪجھ اهڙي ئي جھلڪ نظر اچي ٿي. هي ڪهاڻي هڪ ڊراما نگار / اداڪار جي ڪٿا آهي، جيڪو پنهنجي
فن سان بيحد سچو آهي ۽ ان فن تي پنهنجي محبت کي به قربان ڪري ڇڏي ٿو. پنهنجي اها
ڪهاڻي خود امر جليل کي به بيحد پسند آهي. هو هڪ کرو ليکڪ ۽ سچو تخليقڪار آهي، سچ
سان کيس ازلي چاهه آهي شايد انهيءَ ڪري هن پنهنجو مرشد به سچل کي بڻايو آهي. امر
جليل جي قلم جي سچائي کيس پنهنجي پڙهندڙن ۾ وڏو مانُ ۽ مرتبو بخشيو آهي. ”امر جليل
پڙهندڙن واسطي ان ڪري ڪشش رکي ٿو، جو هو فن جي تقاضائن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ احسن
طريقي سان پورو ڪري ٿو. هو حقيقت نگار ۽ قومي درد رکندڙ مفڪر هئڻ سان گڏ هڪ فنڪار
به آهي. سندس ادبي تجربو فنڪارانه خوبين سان ٽمٽار آهي.“ (2)
ڪهاڻي جا ترڪيبي جزا ۽ امر جليل جون ڪهاڻيون
ڪهاڻي ۽ شاعريءَ ۾ جو بنيادي فرق
آهي تنهن کي هن طرح واضح ڪري سگھجي ٿو ته شاعري اهڙو فن آهي جنهن جي اظهار ۾
بيساختگي هوندي آهي ان کي لکڻ لاءِ زندگيءَ جي مصروفيتن مان وقت ڪڍڻ جي ضرورت نه
هوندي آهي پر اها پنهنجي لاءِ پاڻ وقت ڪڍي وٺندي آهي. ان جي ابتڙ ڪهاڻي هڪ اهڙو فن
آهي جنهن لاءِ اڳواٽ رٿا ڪرڻي پوندي آهي ۽ ڪهاڻيڪار ڪهاڻي لکڻ لاءِ الڳ وقت ڪڍي سندس
تخليقي گھرجن جي پورائي کي ڌيان ۾ رکي تخليقي عمل مان گذرندو آهي. باقي ان ۾ ڪو شڪ
ناهي ته تخليق جا اهي ٻئي شعبا مخصوص فن ۽ آرٽ جا گھرجائو آهن. ڪهاڻي لکڻ لاءِ
جيڪي اصول ۽ ضابطا يا فني پابنديون مقرر ٿيل آهن انهن کي ڪهاڻيءَ جا ترڪيبي جزا
سڏيو وڃي ٿو. انهن ترڪيبي جزن ۾ پلاٽ، ڪردار نگاري، ترتيب، اسلوب / ڏانءُ، ٻولي ۽ موضوع اهم آهن. جيڪڏهن ڪنهن
ڪهاڻيءَ ۾ انهن جو پورائو ٿيل نه هوندو ته اها ڪهاڻي اڻ پوري ۽ ناقص ليکي ويندي. امر
جليل سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ اعلى فنڪار آهي تنهن ڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس ڪهاڻيون
انهن فني گھرجن جو ڀرپور نموني پورائو ڪن ٿيون، پر مان هتي ڪهاڻيءَ جي ترڪيبي جزن
کي نهايت آسان نموني کوليندي امر جليل جي ڪهاڻين مان انهن جا مثال ڏئي مختصر طور
سندس ڪهاڻين جو فني اڀياس پيش ڪري رهيو آهيان، جنهن سان اميد اٿم ته سنڌ جي انهن
ڪهاڻيڪارن کي به گسُ ملي ويندو جن اڃا ڪهاڻي کيتر ۾ تازو پير پاتو آهي.
1. پلاٽ يا سٽاءُ (Plot)
جهڙي ريت انساني جسم جي بيهڪ جو
مدار ان جي هڏائين ڍانچي تي آهي، تهڙي ريت ڪهاڻيءَ جي بيهڪ ۽ تخليق جو مدار وري ان
جي پلاٽ تي آهي. ٻين لفظن ۾ ڪهاڻيءَ جي سموري اڻت ۽ تاڃي پيٽي جو بنياد پلاٽ تي ئي
هوندو آهي. ڪهاڻيڪار طرفان ڪهاڻيءَ ۾ ڏنل واقعن جي چونڊ ۽ ترتيب کي پلاٽ يا سٽاءُ
چئجي ٿو. ان ۾ ڪردارن جي عمل ۽ رد عمل کي به ظاهر ڪيو ويندو آهي. پلاٽ کي مختلف
حصن ۾ ورهايو ويندو آهي. شروعات، عروج ۽ پُڄاڻي ان جا ٽي اهم حصا آهن. پلاٽ جي اهم
جزن مان تجسس (Suspense) يا اڀار وارو
عمل (Rising Action) وڏي
اهميت رکي ٿو، جنهن جي مدد سان ڪهاڻيڪار قاري جي ذهن ۾ ڪشمڪش پيدا ڪري جذبات کي
جھنجھوڙي کيس ڪهاڻيءَ ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
جڏهن اسين امر جليل جي ڪهاڻين جا
پلاٽ ڏسون ٿا ته اندازو ٿئي ٿو ته هن پنهنجي ڪهاڻين لاءِ نهايت سگھارا پلاٽ چونڊيا
آهن ۽ انهن پلاٽن ۾ خاص طور Rising Action واري خوبي اتم درجي موجود آهي. هن جي ڪهاڻين جي مطالعي مان معلوم
ٿئي ٿو ته سندس هر ڪهاڻي هڪ جاندار پلاٽ تي آڌاريل آهي. هن جي ڪهاڻين جي پلاٽن ۾
واقعن جو تسلسل به آهي ته انهن واقعن سان ڪردارن جو اٽوٽ ناتو پڻ ظاهر ٿئي ٿو.
مثال طور سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پيش ڪري سگھجن ٿيون جن ۾ ”سوجھرو“، ”سج اڀرڻ کان
اڳ“، ”دل جي دنيا“، ”ڪپيل ٻانهن جو وارث“، ”شڪست“، ”تاريخ جو ڪفن“، ”منهنجو پٽ
مهدي“، ”ڌرتيءَ جي ڌوڙ آسمان جا تارا“ ۽ ”ساجن منهنجو دوست“ خاص اهميت رکن ٿيون.
مثال طور هتي سندس ڪهاڻي ”دل جي دنيا“ جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. هي امر جي اهم ۽
مشهور ڪهاڻين مان هڪ آهي ۽ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڀرپور پلاٽ واريون سموريون خوبيون
موجود آهن. هيءَ ڪهاڻي هڪ مفلس ماڻهوءَ جي اندر جي اڌمن، ٽٽل احساسن ۽ اڻ پورين
خواهشن جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي هڪ واقعي جي جھلڪ ڏسو:
مون پنهنجين ڪنبدڙ آڱرين سان تمنا جي سنگ مر مر جهڙي ٻانهن
کي ڇهيو ”تمنا“.
”تمنا“ مون ڳيت ڏئي ڳالهايو. ”ڊپٽيءَ جي ڪهڙي ڪار آهي؟“
”اوپل.“
”اسان شيورليٽ، يا مرسڊيز بينز وٺندا سين ها نه تمنا؟“ مون
گھٽيل آواز ۾ ڳالهايو.
تمنا جواب نه ڏنو، پنهنجيون آڱريون منهنجي آڱرين ۾ جڪڙي
ڇڏيائين.
لفظ گھايل روح جي ڪنهن ڪُنڊ مان لڇندا پڇندا، تڙڦندا، درد
جي ٻٻر سان وچڙندا، ٻاهر ايندا رهيا. ”اسان جو پنهنجو گھر هوندو تمنا، اسانجي
بيمار ماءُ ڪنهن مشهور ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندي، اسان روز روز دال نه کائيندا
سين.“
”مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪندس ۽ تون سينٽ جوزف
ڪاليج.......“
پوئين ڏاڪي وٽ تمنا پنهنجون آڱريون منهنجي آڱرين مان ڇڏائي،
ڊوڙندي موٽر جي پوئين سيٽ تي وڃي ويٺي. رئي جي ڪُنڊ وات ۾ وجھي، چپ ڀيڪوڙي اکيون
بند ڪري ڇڏيائين. ڪار هڪ سٽ سان اک ڇنڀ ۾ دز اڏائيندي آفيس جي حدن مان نڪري وئي.
پويان ڏاند رڙ ڪندي چيو ”بئڊ لڪ مجنون.“
منهنجي مُنهن تي ويران مرڪ تري آئي ۽ ٽٽل تاري وانگر
روشنيءَ جي ليڪ ٺاهي، مايوسيءَ جي ٻاٽ، اونداهين ۾ گم ٿي وئي. (دل جي دنيا)
امر جليل جي ڪهاڻين ۾ پلاٽ جي هڪ
اهم خاصيت اڀار واري عمل Rising Action جو ڀرپور استعمال ٿيل آهي. اها هن جي ڪهاڻين جي هڪ وڏي خوبي آهي.
هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ واقعن جي تسلسل سان تجسس واري خوبي کي اهڙي ريت اڀاري ٿو جو
پڙهندڙ سندس تخليق جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو ۽ اها گرفت تيسيتائين قائم رهي ٿي
جيسيتائين ڪهاڻي پنهنجي نقطهءِ عروج تي نه ٿي پهچي. اڀار واري ان عمل ۽ تجسس جي
حوالي سان سندس ڪهاڻي ”سوجھرو“ مان مثال طور هي حصو پيش ڪري سگھجي ٿو.
”چاچا“ مون ڏانهس شڪي نگاهن سان ڏسندي پڇيو. ”تو پئسا ڪٿان
آندا چاچا.“
”توکي پئسن جي گھرج آهي يا..؟“
”ها، پر ــــــ“
چاچا مون ڏانهن غور سان نهاريو چيائين”پُٽ کان سڪايل آهيان
ته ڇا ٿيو! جوان ڌيءَ ته اٿم نه.“
”چا چا!“
”ڪڏهن ڪڏهن جوان ڌيءَ به ٻڍائپ جو سهارو ٿي پوندي آهي.“
چاچي آسمان ڏانهن ڏسندي چيو.
”منهنجي اکين ۾ رَتُ لهي آيو. مون چاچا کي هميشه عزت جي
نگاهه سان ڏٺو هو. منهنجي گمان ۾ به نه هو، ته جيڪا وير غم جا ڪنارا لٽيندي ٿي وئي
تنهن ۾ چاچو واحد به پُسي ويو هوندو.
هن چيو ”پر منهنجي گھر واري به پنهنجي ڌيءَ کان ڪنهن حالت ۾
پٺتي نه آهي.“
دل چاهيو ته ڪراڙي، بدڪار، خبيس جو مٿو مترڪن سان چٿي چور
ڪري ڇڏيان. جهڙي نموني ڳالهايائين پئي. ڀانءِ ته بنڊل دادا جو مقابلو ڪري رهيو هو.
”پر تون وڃ ڊاڪٽر کي وٺي جلدي گھر پهچ.“
مان نفرت ۽ حقارت سان ڏانهس نهارڻ لڳس.
منهنجي ڪُلهي تي هٿ رکندي چيائين ”سڀاڻي کان تون به ڪموءَ ۽
زيبوءَ کي ڪم سان لڳائجانءِ.“
ڪراهت مان منهنجيون مٺيون ڀيڪوڙجي ويون.
”منهنجي ڌيءَ ۽ گھر واري زيبو ۽ ڪموءَ جي مدد ڪنديون، هڪ ٻن
ڏينهن جي تڪليف ٿيندن، ۽ پوءِ هفتي کن ۾ ٺهي وينديون.“
مون دل ئي دل م ان اگھاڙي پوڙهي کي گھٽو ڏئي ماري ڇڏڻ جو
فيصلو ڪيو. جنهن وقت منهنجي ٻانهن جون مُشڪون وٽجي سٽجي، ڪشيل نوڙ وانگر ٿي ويون ۽
جنهن گھڙيءَ منهنجا هٿ آهستي آهستي چاچا جي ڳچيءَ ڏانهن اٿڻ لڳا تنهن وقت چاچا چيو
”هڪ ڏينهن ۾ ٻن رَوَنِ تي پَٽي لڳائي وينديون آهن ۽ چئن سلوارن جا پاچا ڀري
وٺنديون آهن.“
رڳن ۾ ٽهڪندڙ رت ڄڻ اوچتو ئي اوچتو ڄمي برف ٿي ويو ۽ سَنڌ
سَنڌ ۾ ڪنبڻيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو. (سوجھرو)
2. ڪردار نگاري (Characterization)
ڪردارنگاري ڪهاڻي جو هڪ اهم
ترڪيبي عنصر آهي. ڪهاڻي جي پلاٽ جي دائري ۾ ڪم ڪندڙ فردن کي ڪردار چيو وڃي ٿو. ”ڪردار
زمان ۽ مڪان جي آئيني ۾ عمل ڪندا ۽ متحرڪ رهندا آهن.... زمان ۽ مڪان کان جيڪڏهن ڪردارن
کي جدا ڪجي ٿو ته سندن پيشڪش جو مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو..... ڪردارن جو صحيح تشخص
ئي تڏهن ٿي سگھندو آهي جڏهن انهن جو عمل وقت ۽ جڳهه سان وابسته هوندو آهي...... هڪ
سُٺي ڪهاڻي ۽ هڪ سٺي ناول ۾ ”پلاٽ“ ۽ ”ڪردار“ جو پاڻ ۾ گھرو ربط ٿيندو آهي. پلاٽ ۽
ڪردار جي ربط کان بغير ڪابه تخليق سٺي ٿي نه ٿي سگھي.“ (3) ڪهاڻي جي اڻت ۾ ان جي
اندر چر پر ڪندڙ ڪردارن جي تمام وڏي اهميت آهي. مختصر طور ائين چئجي ته ڪهاڻيءَ ۾
ڪم ڪندڙ ڪردارن جي ڏيک، چُر پُر، ڳالهه ٻولهه، مزاج ۽ لاڙن توڙي سندن رتبي، رهڻي
ڪهڻي ۽ ريتن رسمن جي عڪاسي کي ڪردارنگاري ڪوٺيو وڃي ٿو.
امر جليل جون ڪهاڻيون لازوال
ڪردارنگاري جي ڪري مقبوليت جي عروج تي پهتل آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪهاڻين
توڙي ڪالم ڪهاڻين جا انيڪ ڪردار اڄ تائين سندس پڙهندڙن ۾ مقبول آهن. هن جون
ڪهاڻيون ”ساجن منهنجو دوست“، ”زندگي هڪ ڪُن“، ”پڙلاءُ“، ”تاريخ جو ڪفن“، ”اروڙ جو
مست“، ”چرٻٽ ۽ هڪ نرس“، ”جڏهن مان نه هوندس“ ۽ ”بارينس اسٽريٽ جو غنڊو“ اعلى
ڪردارنگاري جو عمدو مثال آهن. اهڙي ريت سندس ڪالم ڪهاڻين جا ڪردار چينو، سنڌو ۽
چرٻٽ به اڄ تائين ڪنهن کان ناهن وسريا. هن جي مٿي ذڪر ڪيل ڪهاڻين توڙي اهڙين ٻين
ڪهاڻين جا ڪردار انهيءَ ڪري ئي امر آهن جو امر انهن ڪردارن کي اهڙي ته عمدگي ۽
سليقي سان پيش ڪيو آهي جو انهن سان ڄاڻ سڄاڻ کان پوءِ قاريءَ جي ذهن مان اهي ڪڏهن
نڪري نه ٿا سگھن. سندس ڪهاڻين ۾ سماج جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ڪردار جهڙوڪه
پٽيوالا، ڪلارڪ، آفيسر، ماستر، داداگير، ليڊر، لوفر، مستري، مزدور، شاگرد، سياسي
ڪارڪن وغيره شامل آهن. انهن ڪردارن جي چرپر، سندن احساسن ۽ اڌمن جي عڪاسي، سندن
ذهني لاڙن جي اولڙي ۽ پنهنجي ماحول ۾ پيوست هجڻ وارن گڻن سبب انهن کي جديد سنڌي
ڪهاڻيءَ ۾ اعلى ڪردارنگاري جي مثال طور وٺي سگھجي ٿو. ”امر جليل جي ڪردارنگاريءَ
جي ساخت، سندس ڪهاڻين جي موضوع ۽ ان جي اندروني فني سٽاءَ جي ضرورت مطابق بيهاريل
آهي. ڪهاڻيڪار جيڪو ڪجھ معاشري ۾ ٿئي پيو ۽ قوم مٿان جيڪي گذري پيو ان کان سواءِ
هڪ عام فرد جي خواهشن جي عڪاسي پنهنجي ڪردارن وسيلي نهايت موثر طور ڪئي آهي.“ (4) امر
جليل جي ڪهاڻين مان زبردست ڪردارنگاري جي حوالي سان سندس ڪهاڻي ”ساجن منهنجو دوست“
کي وڏي اهميت حاصل آهي. ساجن سماج جو هڪ ڌڪاريل ڪردار آهي ۽ هيءَ ڪهاڻي سندس
پيڙائن جو پورٽريٽ آهي. ان ڪهاڻيءَ مان عمده ڪردارنگاريءَ جي رڳو هڪ جھلڪ پسو.
پيرو موالي جي اڏي تي جانو مڪراني ساجن کي خوب شراب
پيئاريو. مفت جو مال قاضيءَ کي حلال! ساجن ڍوَ تي پيتو. ڪنتري جي ڪڙاڻ جڏهن سندس
وات کي زهر ڪري ڇڏيو تڏهن هو ٽيبل کي لت هڻي گتي کان ٻاهر نڪري آيو. هن قدمن کي
هوا ۾ ٿڙندي محسوس ڪيو. دل ۾ رستي تي ليٽي پوڻ جي تمنا جاڳي اٿيس، پر هلندو رهيو.
ٿاٻو آيس ته فٽ پاٿ تي اجايو ويهي پئسا ڳولڻ لڳو. هلندي هلندي جڏهن اليڪٽرڪ پول
سامهون آيس ته ان کي خوب گاريون ڏنائين. چنڊ بادلن ۾ لڪي ويو ته پٿر کڻي آسمان
ڏانهن اڇلائي ڇڏيائين. ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏئي ٽنگ ٽنگ تي رکي اکيون پوري
ڇڏيائين. (ساجن منهنجو دوست)
3. ترتيب (Setting)
جيسيتائين ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ ترتيب
نه هوندي ته تيسيتائين اها بي سمت لڳندي ۽ پنهنجو اثر ظاهر نه ڪري سگھندي. ترتيب مان
مراد آهي ڪهاڻيءَ ۾ ان جاءِ يا جڳهه کي ظاهر ڪرڻ جتي واقعو پيش اچڻ وارو هجي ۽
گڏوگڏ وقت جي نشاندهي ڪرڻ جنهن ۾ واقعو ٿيندو هجي. ڪجھ ڪهاڻيڪار ڪهاڻي جي ان خوبي
کي نظر انداز ڪندا آهن، نتيجي ۾ سندن ڪهاڻين ۾ کوٽ ۽ جھول پيدا ٿي پوندو آهي. واقعي
جي جاءِ توڙي وقت جو تعين ڪرڻ سان ڪهاڻي چٽي ٿي پوندي آهي ورنه پڙهندڙ جي ذهن ۾
ڪهاڻيءَ متعلق ڪيئي سوال ۽ مونجھارا پيدا ٿيندا آهن. ڪهاڻي جو ماحول ۽ منظر نگاري
به ترتيب جا اهم جزا آهن. ماحول يا منظر نگاري وسيلي ڪوبه ڪهاڻيڪار ڪهاڻي جي وايو
منڊل کي واضح ڪري بيهاريندو آهي. خوبصورت منظرڪشي جو ڪنهن به ڪهاڻي جي ڪاميابيءَ ۾
اهم حصو ٿئي ٿو. ترتيب اصل ۾ ڪهاڻي جي مجموعي ماحول کي فنڪاراڻي نموني پيش ڪرڻ جو
هنر آهي، جنهن کان سواءِ ڪابه ڪهاڻي اڻ پوري ۽ اڌوري چئبي.
امر جليل پنهنجي ڪهاڻين ۾ ترتيب Setting)) جو تمام گھڻو خيال رکيو آهي. هن
جون ڪهاڻيون، وقت، ماحول ۽ حالتن پٽاندڙ پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌنديون آهن، انهن
۾ منظرڪشي به ماحول مطابق نظر ايندي. هن جون ڪهاڻيون ”خوني رات“، ”هن ڄار ۾“، ”اروڙ
جو مست“، ”جڏهن مان نه هوندس“، ”سج اڀرڻ کان اڳ“ وغيره اعلى ترتيب ۽ منظر نگاري جي
مثال طور پڙهي سگھجن ٿيون. امر ڪابه ڪهاڻي تخليق ڪرڻ وقت ڪهاڻيءَ جي ماحول، جاءِ ۽
وقت کي ڌيان ۾ رکندي هڪ خاص ترتيب تحت منظرن کي به اهڙي ريت پيش ڪري ٿو جو پڙهندڙ
ڪهاڻي ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هو جنهن ماحول جي ڪهاڻي لکي ٿو ان ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏي ٿو ۽
ان پل سندس مشاهدي واري اک مائڪرو اسڪوپ وارو ڪم ڪري ٿي ۽ آس پاس جي هر ننڍي وڏي چرندڙ
۽ ساڪت شيءِ کي ڏسي وٺي ٿي ۽ ڪهاڻي لکندي هو انهن منظرن کي هڪ خاص ترتيب سان چٽيندي
اهڙو ماحول پيدا ڪري ٿو جو قاري خود کي انهيءَ ماحول جو حصو محسوس ڪري ٿو. امرجليل
جي هڪ شاندار ڪهاڻي ”جڏهن مان نه هوندس“ ڪهاڻيءَ جي ترتيب Setting)) واري ان گڻ جو بهترين مثال آهي.
بيڊن روڊ ماڻهن سان سٿيو پيو هو مان پيهه مان واٽون ڪندو،
ڌڪبو ۽ ڌوڪيندو مال روڊ تائين هليو آيس، پوليس وارن شاگردن کي ٽولٽن مارڪيٽ ڏانهن
ڌڪي ڇڏيو هو. ٽولٽن مارڪيٽ جي پسگردائيءَ ۾ شاگرد گھٽين ۽ گھٽن تي قبضو ڪري ورتو
هو ۽ اتان پوليس تي پٿر اڇلائي رهيا هئا. پوليس وارن ترڪن پويان پناهه ورتي هئي.
جتان ساگردن تي ٽيئر گئس جا گولا هلائي رهيا هئا. ڪجھ شاگرد آلين ڳوڻين ۾ ٽيئر گئس
جا گولا جھٽيندا، اک ڇنڀ ۾ پوليس تي ورائي رهيا هئا. سڄو ماحول جيتوڻيڪ دونهاٽيل
هو ۽ هر ڪو اکين مان پاڻي اُگھي رهيو هو، پر تنهن هوندي به هزارين ماڻهو مال روڊ ۽
بيڊن روڊ جي چو واٽي کان پوليس ۽ شاگردن جي ويڙهه ڏسي رهيا هئا. (جڏهن مان نه
هوندس)
ترتيب يا ماحول جي عڪاسي توڙي
منظر نگاري جي حوالي سان امر جليل جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”خوني رات“ پڻ لاجواب آهي.
منجھانئس هڪ منظر ڏسو، جنهن کي پڙهندي هر ڪوئي بيساخته داد ڏيندو.
سنڌوءَ جي پرين ڀر جيتوڻيڪ سکر جي بندر جون بتيون ٽمڪي
رهيون هيون، پر روهڙيءَ جي رستي تي هيبتناڪ اوندهه هئي. ٻير لوءِ کان نڪرندي به
جمال آسمان تي ڪارا ڪڪر ڏٺا هئا، پر اوندهه ايڏي نه هئي جو هٿ هٿ کي ڏسي نه سگھي.
پر نم، بڙن ۽ پپرن جي گھاٽن وڻن هيٺان لنگھندي کيس سچ پچ اوندهه ۾ پنهنجو هٿ به
ڏسڻ ۾ نه آيو. سندس ساڄي هٿ تي قاضين ۽ قريشين جا باغ هئا جن ۾ بيٺل کجون چٽڪٻرن
ڪڪرن جي پس منظر ۾ راڪاسن وانگر واءُ ۾ ڄڻ وار کولي لُڏي رهيون هيون. ڪنهن ڪنهن
وقت رکي رکي ڪو ٽانڊاڻو ٽمڪيو ٿي ۽ وري ٻاٽ اوندهه ٽانڊاڻي جي جوت ڳڙڪائي پئي
ڇڏيو. (خوني رات)
واقعن جي اها ترتيب، منظرن جو
اهڙو حسن ۽ وقت جي اهڙي رفتار جنهن سان ڪهاڻي پڙهندڙ جي روح ۾ لهندي وڃي تمام ٿورن
ڪهاڻيڪار وٽ نظر ايندي. امر جليل لفظن جو جادوگر آهي. هو جڏهن صحرا جهڙي ڪاغذ جي
سيني تي لفظن جي بارش ڪري ٿو ته هر پاسي حسين منظر مرڪي پون ٿا، وقت پنهنجي رفتار
تي ٻهڪي پوي ٿو ۽ ڪهاڻي جا سڀئي رنگ ائين باترتيب ٿي بيهن ٿا جيئن انڊلٺ ۾ اچي
بيهندا آهن.
4. اسلوب / ڏانءُ (Style)
اسلوب يا ڏانءُ هڪ گھڻ رخو ادبي
اصطلاح آهي، جنهن جو تعلق هر لطيف فن سان آهي. اهڙي طرح هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار لاءِ
به اسلوب جي تمام وڏي اهميت آهي. امير علي چانڊيي مطابق ”اسٽائيل اُها خوبي آهي،
جنهن جي ذريعي ڪو ليکڪ پنهنجي انفراديت پيدا ڪري سگھي. شخصيت جي وحدت مان نڪتل
تحرير، جنهن ۾ وحدت تاثر ۽ منفرد انداز هجي، ان کي اسلوب سڏي سگھجي ٿو. مطلب ته
اسلوب مصنف جي ذهن جو عڪس آهي.“ (5) مصنف جي ذهن جو اهو عڪس سندس تحرير ۾ هڪ مخصوص
ڏانءُ بڻجي سندس نانءُ روشن ڪري ٿو. اسلوب کي ڪهاڻي جو ورتاءُ (Treatment) به چئي سگھجي ٿو، جنهن وسيلي
ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي پڻي واري ڍنگ ۽ انداز جي پڻ پروڙ پوندي آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته امر جليل
هڪ مخصوص ۽ نرالو ڏانءُ رکندڙ ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين جو اسلوب انوکو آهي ۽ جيڪو
سندس سڃاڻپ پڻ آهي. امر جليل جون اهڙيون انيڪ ڪهاڻيون آهن جيڪي سندس نرالي ڍنگ سبب
گھڻيون مشهور آهن. اهڙين ڪهاڻين ۾ ”هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا“، ”عشق ۽ انٽرويو“،
”ڪپيل ٻانهن جو وارث“، ”سچل ان ٽربل“، ”اسٽار سرڪس جو جوڪر“، ”دي موسٽ ڊينجرس مين
ان پاڪستان“، ”آدم جي ماءُ“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون شامل آهن. هتي سندس ڪهاڻين ”آدم جي
ماءُ“، ”عشق ۽ انٽرويو“ ۽ ”ڪپيل ٻانهن جو وارث“ منجھان سندس نرالي اسلوب جا مثال
پيش آهن.
جنهن
ڏينهن مون آدم جي ماءُ کي ريگل
بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو، تنهن ڏينهن مون کي پڪ ٿي ويئي ته آدم نه بچندو. آدم مري ويندو. (آدم جي ماءُ)
رمل
رڌڻي ڏانهن هليو ويو. کڏيءَ ۾ مان رهجي ويس ۽ منهنجي اڪيلائي. کڏيءَ ٻاهران ڪٽهڙي
وٽ ڌنو محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رهيو هو. مون ڌني کي ڊسٽرپ ڪرڻ نه چاهيو، ۽ کيس
محبت جا ڊائيلاگ ياد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنم. رڌڻي مان ڪفگير ۽ ديڳڙيءَ جي جلترنگ سان گڏ
رمل جي ڳائڻ جو آواز اچي رهيو هو، جنهن ۾ هو ڪڪڙ جي تعريف ڪري رهيو هو. (عشق ۽ انٽرويو)
هڪ
وچولي عمر وارو شخص اڳتي وڌي آيو، هو ڏسڻ ۾ عجيب پئي لڳو. کيس مٿي تي پراڻو ٽوپلو،
ڊگھو ڪوٽ ڪالر وٽان ڦاٽل قميص ۽ تمام ڍلي پتلون پاتل هئي. کيس ڪوٽ جي کيسي ۾ اڌ
ڊزن فائونٽن پينون ۽ چار ڳاڙهيون نيريون پينسلون ٽنبيل هيون. هن اڳتي اچي ٻانهن جو
معائنو ڪيو. صوبيدار جي هٿ مان ڪپيل ٻانهن وٺي، چڱيءَ طرح جانچي، صوبيدار کي
موٽائي ڏنائين. پوءِ ٿورو سيٽجي ۽ ٿورو آڪڙجي بيٺو. چيائين، ”مان سر چارلس نيپيئر
ديسي آهيان.“
غمگين
۽ اُداس بيٺل ماڻهن کي کِلَ اچي ويئي.
”اڙي! توهين کلو ٿا!“ سر چارلس نيپيئر
ديسيءَ چيو، ”وڏا ڪي بي شرم آهيو.“
ايس پيءَ مئجسٽريٽ کي
ڪَن ۾ چيو، ”هيءُ موهن جي دڙي جو گم ٿيل انگريز نڪ ۾ دم ڪندو.“
”اي کوٻلا.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ
ايس پيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”مان توکي سڃاڻان ٿو. تون جيڪب آهين.“
ماڻهو کِلي پيا.
”کلو نه روئو ـــــ هنجون هاري روئو،
ڇو جو توهان کي خبر ناهي ته هيءَ ڪپيل ٻانهن ڪنهن جي آهي.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ
انبوھ تي نگاھ ڄمائي ڇڏي.
نوجوان
مئجسٽريٽ ڏڪندي ڏڪندي کانئس پڇيو، ”سر، توهان کي خبر آهي ته هيءَ ٻانهن ڪنهن جي
آهي؟“
”ها. مون کي خبر آهي ته هيءَ ٻانهن
ڪنهن جي آهي.“
”ڪيئن سائين؟“
”
۱۸۴۳ع
کان اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان.“
”۱۸۴۳ع کان!“
”ها ۱۸۴۳ع کان.“ سر چارلس نيپيئر ديسيءَ
وراڻيو، ”مان هر دور ۾ اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان. تنهنڪري مونکي خبر آهي ته هي
ٻانهن ڪنهن جي آهي.“ (ڪپيل ٻانهن جو وارث)
هنن ٽنهي ڪهاڻين جي مٿين ٽڪرن منجھان امر جليل جي انوکي
اسلوب کي چڱيءَ پر محسوس ڪري سگھجي ٿو. انهن ۾ اگر ڪٿي مزاح جو رنگ به آهي ته منجھن
طنز جو نشتر به لڪل آهي. امر جي ڪهاڻين جي اها وڏي خوبي آهي ته هو هلڪي ڦلڪي انداز
۾ سماج جي فرسوده رسمن، رواجن ۽ روين تي اهڙي چٿر ڪري وڃي ٿو، جنهن سان مک تي هلڪي
مرڪ ته ڦهلجي وڃي ٿي پر ان مرڪ پڄاڻان روح تي درد جي نهنڊ به محسوس ٿئي ٿي.
5. ٻولي (Diction)
ڪنهن به اعلى تخليقي لکڻي وانگر
ڪهاڻيءَ ۾ پڻ عمده ٻوليءَ جو استعمال وڏي اهميت رکي ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ
ٻولي جا ٻه حوالا آهن. پهريون اها ٻولي جيڪا ڪردارن جي زباني پيش ڪئي وڃي ٿي. ٻيو
اها ٻولي جيڪا ڪهاڻيڪار پاڻ استعمال ڪري ٿو، يعني جيڪا ڪهاڻي جي ماحول، منظرنگاري
يا ڪهاڻي کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. ڪيتريون ئي ڪهاڻيون خود ڪلامي (Mono Log) واري انداز ۾ به لکيون وينديون
آهن، جن ۾ ڄڻ ليکڪ پنهنجي ڪٿا پاڻ ٻڌائيندو آهي. مطلب ڪهاڻي ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي گھڻي
اهم ٿئي ٿي ۽ ان وسيلي پڻ ليکڪ پنهنجو مخصوص اسلوب جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي. دنيا
جي ڪيترن ئي عظيم ڪهاڻيڪارن جي مخصوص ٻولي به سندن سڃاڻپ بڻي. ”هڪ سٺي فنڪار جو ڪم
آهي ته هو Filthy کان پاسو ڪري. لفظن جو استعمال
ايڏو ته مناسب ۽ برمهل هجڻ گھرجي، جو مصنف جيڪو منظر پيش ڪرڻ يا جيڪو تاثر ڏيڻ
چاهي، تنهن کي بلڪل چِٽو ڪري سگھي. غير ضروري لفظ استعمال ڪري ٻوليءَ کي ثقيل Bombastic ڪرڻ کان پاسو ڪري. ڇاڪاڻ ته اهي تحرير جا
خاص عيب آهن.“ (6)
امر جليل جي ڪهاڻين جي ٻولي سندس
خاص سڃاڻپ آهي. اها سادي، سرل ۽ روان هوندي ادبي چاشني سان ڀرپور آهي. هن جي
ڪهاڻين جي وڏي خوبي اها آهي ته هن هميشه پنهنجي ڪهاڻين ۾ ماحول پٽاندڙ ۽ ڪردارن جي
سماجي رتبي، ذهني پهچ ۽ نفسياتي لاڙن مطابق ٻولي ڪتب آندي آهي. سندس ڪهاڻين ۾ جيڪي
محاورا، پهاڪا ۽ تشبيهون موجود آهن، اهي نهايت عام فهم ۽ وڻندڙ آهن ۽ انهن جو
ڪهاڻين جي پلاٽ ۽ موضوع سان گھرو واسطو هوندو آهي. هونءَ ته امر جليل جون سموريون
ڪهاڻيون ان مخصوص ٻوليءَ جي حسن سان سينگاريل آهن پر ان حوالي سان جيڪڏهن سندس ڪجھ
خاص ڪهاڻين جو ذڪر ڪجي ته انهن ۾ ”پڙلاءُ“، ”مان ديوداس نه آهيان“، ”هڪ ديسي عشق
جو داستان“، ”مٽيءَ جا ماڻهو“، ”دل جي دنيا“، ”عشق ۽ انٽرويو“، ”ڇتي ڪُتي جو موت“
۽ ”بڙ جو غم“ جا نالا شامل ڪري سگھجن ٿا. امر جي انهن ڪجھ ڪهاڻين منجھان رڳو
شروعاتي جملا پڙهي به سندس ٻوليءَ جي حسن ۽ مخصوص انداز کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
”مون اڌ رات جو پنهنجي ڪچي گھر جي ڪچيءَ ڇت تي چڙهي، ڪچي
مغز سان پڪو فيصلو ڪيو. مون چاهيو ٿي ته تاريخ ساز تحريڪن جو شاهد آسمان منهنجي
فيصلي جو شاهد هجي.“ (هڪ ديسي عشق جو داستان)
”جمعي جو ڏينهن هو. صبح جو وقت هو. مان موڳي مغز سان اخبار
جا صفحا ڏسي رهيو هوس. سموري رات مون خواب ۾ پاڻ کي اڏامندي ڏٺو هو. صبح جو اٿيس
ته مٿو جائيتو نه هو.“ (مٽيءَ جا ماڻهو)
اُن ڏينهن مان ڏاڍو اُداس هوس. اُداس ٿيڻ کانپوءِ مان مرحوم
سي ايڇ آتما سنڌيءَ جو ڳايل اردو گانو جهونگاري رهيو هوس ۽ وڌيڪ اُداس ٿي رهيو هوس
گاني جا ٻول هئا؛ ”روئون مين ساگر ڪي ڪناري، ساگر هنسي اُڙائي.“
جذباتي ۽ فنڪار قسم جو ماڻهو اُداس ٿيڻ کانپوءِ ٻه ڪم ڪندو
آهي؛ هو گانو ڳائيندو آهي، يا سگريٽ ڇڪيندو آهي. هو ڪڏهن ڪڏهن خودڪشي به ڪندو
آهي. پر، خودڪشي ڪرڻ کان اڳ هڪ عدد گانو ضرور ڳائي وٺندو آهي ۽ هڪ سگريٽ به ضرور
ڇڪي وٺندو آهي. هڪ دفعي اُداس ٿيڻ کانپوءِ مون سگريٽ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پوءِ
مان گانو ڳائڻ جي قابل نه رهيو هوس. سگريٽ ڇڪڻ کانپوءِ ڪيتري دير تائين مان
کنگهندو رهيو هوس ۽ کنگهي ساڻو ٿي پيو هوس. مونکي کنگهندو ڏسي پارو چيو هو، ”ڳالهه
ٻُڌ. سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏي.“ (مان ديوداس نه آهيان)
شهمير کي ڇتو ڪتو مارڻو آهي. ڇتي ڪتي کي ملان حجري ۾
پناهه ڏني آهي. شهمير جي هٿ ۾ بندوق آهي. ڇتي ڪتي ۽ بندوق جي وچ ۾ ملان اچي
بيٺو آهي. شهمير کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇتي ڪتي کي مارڻ کان اڳ ملان کي
ماري يا ملان کي جيئرو رکڻ لاءِ ڇتي ڪتي کي جيئدان ڏيئي! (ڇتي ڪُتي جو موت)
امر جليل جي انهن ۽ اهڙين انيڪ
ٻين ڪهاڻين منجھان سندس ٻوليءَ جي حسناڪين کي محسوس ڪري سگھجي ٿو. هو پنهنجي
ڪهاڻين ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪري ٿو ان ۾ طنز به آهي مزاح به آهي، محبت جو احساس به
آهي ته درد ۽ ڪرب جي شدت به. هو ڪهاڻي جي ماحول ۽ ڪردارن جي گھرج مطابق اهڙي ٻولي
گھڙي ٿو جيڪا ڪهاڻي جي سڄي وايو منڊل کي اکين اڳيان اچي بيهاري ٿي ۽ قاري ٿوري دير
لاءِ ان ٻوليءَ جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿو.
6. موضوع (Theme)
ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي مرڪزي نقطي کي
موضوع (Theme) چيو
وڃي ٿو. ان ڪري موضوع کان سواءِ ڪهاڻي جو تصور اڻ پورو آهي. هر ڪهاڻيڪار ڪنهن نه
ڪنهن موضوع يا مقصد کي سامهون رکي تخليقي عمل مان گذرندو آهي. جڏهن ڪو موضوع ڪنهن
تخليقڪار جي اندر ۾ چهنڊڙي وجھي ٿو ته هن جو قلم جنبش ۾ اچي ٿو. ڪجھ عرصو اڳ ڪن
ڪهاڻيڪارن اڪهاڻي يا Theme less Story لکڻ جي ڪوشش ڪئي پر پڙهندڙن ان کي قبول نه ڪيو، ڇوته ڪهاڻي اها ئي
آهي جنهن ۾ ڪهاڻي پڻو هجي ۽ ڪو موضوع يا مسئلو هجي. موضوع ڪهاڻي کي با مقصد بڻائي ٿو.
امر جليل جي ڪهاڻين ۾ بهترين
موضوع ملن ٿا، انهن مان ڪي موضوع ته اهڙا به آهن، جن تي کانئس اڳ ڪنهن ڪهاڻيڪار
قلم ئي نه کنئيون آهي. امر پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جي سورن ۽ ناسورن توڙي فرد
جي اندر موجود ڪدورتن ۽ غلاظتن کي وائکو ڪيو آهي. غريب، پورهيت ۽ پيڙيل طبقي جي
مسئلن، وطن پرستي ۽ انقلاب جهڙن موضوعن تي ڀرپور ڪهاڻيون لکيون آهن. طبقاتي ۽
استحصالي نظام، سياسي چالبازين، وڏيرا شاهي، نا انصافي ۽ اهڙن ٻين سماجي، سياسي ۽
معاشي مسئلن ۽ موضوعن تي هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهي، اهي اسان جي سماج جون چرندڙ
پرندڙ تصويرون آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ محبت ۽
مزاحمت گڏ گڏ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، تنهن ڪري هن جون ڪهاڻيون پُر اثر ۽ با مقصد آهن. ”پنجين
موسم“، ”ساڻو ساڻو ساهه“، ”ڪپيل ٻانهن جو وارث“، ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“، ”ٽين
دنيا“، ”تاريخ جو ڪفن“ ۽ اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون موضوعاتي حوالي سان نهايت
سگھاريون ۽ بامقصد آهن. هتي جليل جي مشهور ڪهاڻي ”ڪپيل ٻانهن جو وارث“ جي موضوع جي
جھلڪ ڏئي رهيو آهيان. هيءَ هڪ اهڙي ڪپيل ٻانهن جي ڪٿا آهي، جنهن کي ظالم قوتون هر
دور ۾ ڪپينديون رهن ٿيون. ڪڏهن سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ ڪڏهن فن ۽ آرٽ سان چاهه جي گناهه
۾، ڪڏهن محبت جي سزا طور، ڪڏهن بي سهارن کي سهارو ڏيڻ جي الزام هيٺ اها ٻانهن
ڪپجندي ئي رهي ٿي. ڪهاڻي جي پڇاڙڪن جملن مان هي جملا ڪهاڻي جي موضوع کي چِٽو ڪن
ٿا.
اوچتو،
هڪ تمام ننڍڙو ٻار، جيڪو مشۡڪل سان پنڌ ڪرڻ لائق هو. اڳتي هليو آيو. هو هلندو اچي
ڪپيل ٻانهن جي ڀرسان بيٺو. ٻار جو قد ڪپيل ٻانهن کان ننڍو هو. هن مئجسٽريٽ کي تمام
چِٽي آواز ۽ لهجي ۾ چيو، ”مان هن ڪپيل ٻانهن جو وارث آهيان.“
مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ
کان ڇرڪ نڪري ويو. ايتري ننڍڙي ٻار کي اهڙي چٽي نموني ڳالهائيندي ٻڌي ٻنهي کي بدن
۾ سياٽو محسوس ٿيو.
ٻار
چيو، ”ان ٻانهن ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي، سو زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد
آهي. مان ان ڪپيل ٻانهن جي آڱر جھلي محبت ۽ نفرت، ڪوڙ ۽ سچ جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڄندڙ ماحول
۾ هلندو آهيان. پوءِ هلندي هلندي، جڏهن مان جوان ٿيندو آهيان، تڏهن اِها ڪپيل
ٻانهن تاريخ ٿي پوندي آهي. وقت جا ويري تاريخ سان پڄي نه سگھندا آهن. هو منهنجي
ٻانهن ڪپي ڇڏيندا آهن. وري ڪو ٻار ان ڪپيل ٻانهن جي آڱر جھليندو آهي، ۽ تاريخ ٺهي
ويندي آهي. هيءَ ڪپيل ٻانهن منهنجي آهي، ۽ مان ئي هن ٻانهن جو وارث آهيان.“ (ڪپيل ٻانهن جو وارث)
امر جليل جي ڪهاڻين جو تمثيلي ۽ تجريدي انداز به
موهيندڙ آهي. اهڙين ڪهاڻين مان ”پنجين موسم“ به هڪ آهي. ان ڪهاڻيءَ جا آخري جملا
ڪهاڻيءَ جي موضوع کي واضح ڪن ٿا.
ان
کان اڳ جو مان تڪليف وچان سور اسرافيل سان ابدي اوندهه کي روشنين ۾ بدلي ڇڏيان،
هنن منهنجي جسم تي ٻڪر جي کل چاڙهي ڇڏي. مان اڪثر وساري ويهندو آهيان ته ٻڪر خواب
نه ڏسندا آهن. جاڳندي هڪ خواب ڏسڻ جي تمنا ۾ مان گھاٽن جھنگن ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان
ــ اهڙا گھاٽا جھنگ، جتي قديم بڙ جا وڻ آهن ۽ جن جي ٽارين تي چٻرا ويٺل هوندا آهن.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته موت منهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي. مونکي ڊوڙڻ گھرجي. مان ڊوڙندو
آهيان. تسلسل جي ٽٽل پيچرن تي مان ڊوڙندو رهندو آهيان. ۽ ڪڏهن ڪڏهن جھنگ ۾ هيڪلي
روئيندڙ شينهن کي ياد ڪندو آهيان، جنهن، ٻڪر جي کل پائي زندهه رهڻ جي تمنا ڪئي هئي. (پنجين موسم)
امر جليل جي ڪهاڻين ۾ اهڙا ڪيئي موضوع آهن، جن کي کانئس
پوءِ وارن ڪيترن ئي ڪهاڻيڪار به ڇهيو آهي، پر امر جي ڇهاءَ ۾ هڪ الڳ ڪشش آهي جنهن
سبب کيس هم عصر ڪهاڻيڪارن ۾ مانائتو مقام مليو آهي. هن جي سمورين ڪهاڻين جا موضوع سماج
جي اهڙين تلخ حقيقتن جو اولڙو آهن جن کي اسين روز پنهنجين اکين سان پسون ٿا ۽ انهن
کي پَسي لڇون ۽ تڙپون ٿا پر امر جليل وانگر اسان وٽ انهن حقيقتن کي ڪهاڻي بڻائڻ جو
فن ۽ هنر نه آهي.
حوالا
1.
گرامي غلام محمد ”امر جليل
جو افسانوي فن“ ماهوار ”سهڻي“ امر جليل نمبر ص 11
2.
عرساڻي شمس الدين ”آزاديءَ
کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو 1982ع ص 424
3.
سومرو ادل ۽ ٻيا ”سنگت ــ
سنڌي ڪهاڻي نمبر“ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، 1993 ص 16، 17
4.
عرساڻي شمس الدين ”آزاديءَ
کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو 1982ع ص 436
5.
سومرو ادل ۽ ٻيا ”سنگت ــ
سنڌي ڪهاڻي نمبر“ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، 1993 ص 20
6.
ساڳيو ص 20
(سنڌي ادبي سنگت شاخ رتوديرو طرفان 8 نومبر
1996ع تي امر جليل جي 60 هين جنم ڏينهن جي حوالي سان ڪوٺايل پروگرام ”امر جليل
مڃتا ميڙ“ ۾ پيش ڪيل مقالو.)
No comments:
Post a Comment