Wednesday, 17 June 2015

ڊاڪٽر احسان دانش ــ سنڌي لوڪ شاعريءَ جو سماجي اڀياس (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

سنڌي لوڪ شاعريءَ جو 
سماجي اڀياس

لوڪ ادب ڪنهن به قوم جو اهڙو انمول ادبي زخيرو آهي، جنهن جي موجودگي ان قوم جي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۽ عظمت جو دليل آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي لوڪ ادب جو جنم ڌرتيءَ مان ٿئي ٿو، ۽ ان وسيلي عوام جي امنگ ۽ احساس کي نروار ڪيو وڃي ٿو. ’لوڪ‘ آهي ته سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ، پر پاڻ سولي سنڌي ۾ ان جو ترجمو ڪندا آهيون، ’ماڻهو‘ يا ’عوام‘. تنهن ڪري لوڪ ادب جي مفهوم کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ ۾ ڪو مونجھارو نه هجڻ کپي. هي اهو ادب آهي، جنهن جو سڌو واسطو عوام سان آهي، عوام به خاص دهقاني ۽ ڳوٺاڻو. ان ڳالهه ۾ به ڪنهن شڪ جي گنجائش نه آهي ته ڳوٺَ ڪنهن به قوم ۽ سماج جا تهذيبي ۽ ثقافتي گھوارا هوندا آهن ۽ اُتان ئي نج ٻولي اسرندي آهي. تنهن ڪري لوڪ ادب ان ٺيٺ ٻولي ۽ سماجي روايتن جو عڪاس هوندو آهي. لوڪ ادب جي سڃاڻپ عوامي لب ۽ لهجو آهي. ”هر قوم جو لوڪ ادب انهيءَ قوم جو آئينه دار آهي، ڇاڪاڻ جو، لوڪ ادب جو سماجي زندگيءَ سان گھرو تعلق آهي. لوڪ ادب سڀ ڪنهن ملڪ جو اصل ۽ نج شاعريءَ جو عام دفتر آهي، جنهن ۾ صاف ۽ پاڪ ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ عوام جي اخلاق، عادتن، ريتن رسمن، تاريخ، فلسفي، سمجھ ۽ عقل جو سرمايو محفوظ آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ان قوم جي رهڻي ڪهڻي ۽ هلت چلت ڪهڙي آهي.“ (1)
لوڪ، سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو لفظ آهي، لڳ ڀڳ ساڳي معنى ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ فوڪ (Folk) ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ ووڪ (Volk) لفظ استعمال ٿيندا آهن. ٽنهي لفظن جو هڪڙو ئي مفهوم آهي، يعني ’ماڻهو‘ يا ’عوام‘. ان حوالي سان ٽنهي لفظن ۾ معنوي يڪ رنگي آهي. اهو ممڪن آهي ته فوڪ ۽ ووڪ جا لفظ ٻوليائي اثرات سبب هڪ ٻئي کان متاثر هجن، جو سندن تلفظي بناوٽ به ذري گھٽ هڪ جهڙي آهي، پر اسان وٽ استعمال ٿيندڙ لفظ لوڪ، تلفظي بناوٽ ۾ هڪ جهڙائي رکڻ باوجود فوڪ ۽ ووڪ جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪهنو آهي. انگريزي ادب ۾ صدين کان فوڪ لور مروج رهيو آهي. ”لور (Lore) جي معنى آهي اهو علم يا معلومات جيڪا انسان جي ماضي جي ورثي طور زنده رهندي آئي هجي، ۽ هلندي هلندي اسان تائين پهتي هجي.“ (2) ”فوڪ لور جو لفظ سال 1846ع ۾ ڊبليو. جي ٿامس (W.J Thomas) پنهنجي جريدي اٿينائيم (Aethenaeum) ۾ ڪم آندو هو.“ (3) پر اهو واضح هجي ته اسان جو لوڪ ادب ان کان آڳاٽو علمي زخيرو آهي.

لوڪ ادب سرجيندڙ جونجھارَ ڪو علم جا اڪابر ۽ فلسفي نه پر سادا سودا انسان هوندا آهن، جي بظاهر ٻولا ڀالا لڳندا آهن، پر جڏهن پنهنجن ٻهڳڻن ٻولن سان ٻوليندا ته عقل وارا عالم ۽ ڏاها به حيران ٿي ويندا. سنڌ جا سگھڙ ۽ سپورنج به پنهنجي سخن ۾ اهڙي ئي خوبي رکندڙ آهن. هو پنهنجي فن ۾ پنهنجي سماجي زندگيءَ جي عين بين تصوير ڪمال مهارت سان ڇڪيندا آهن. ڳوٺاڻو ماڻهو اڪثر سادو کائي، سادو پهري ۽ سادو گذاري، تنهن ڪري ديهاتي عوام جي زندگي سادگيءَ جي حسن سان ٽمٽار آهي. جنهن کي سنڌ جو سگھڙ نهايت خوبصورتيءَ سان چٽڻ جو فن رکي ٿو. ٻهراڙي جي انهن سخنورن جي زندگي سادي ضرور آهي پر سندن سخن اُچا آهن. ”جيڪو به ٻول ٻوليندا، سو چٻي، چٿي، وهڃائي ويچاري، ڳڻي پَهي ۽ ٽلي سلي، جنهن ۾ سندن روشن خيالي ۽ قوتِ مشاهده عالي پئي للڪاريندي. اهي پُٺن اگھاڙا، پيرين پيادا، کُڙيءَ کِهُه لڳل، لِيڙيون لپيٽيل، سادي قوت قرارا، جڏهن به صدري خزاني وارا موتي هاريندا، تڏهن ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا ته سادي سيني مان ڪهڙا نه ملهه مهانگا موتي ملن ٿا.“ (4) سنڌ جا اهي سياڻا ۽ سپورنج اڪثر درسي تعليم کان وانجھيل هجڻ سبب، جيڪو چوَن سو سندن سينن ۾ محفوظ رهي، تنهن ڪري اڪثر اهڙا گوهرِ بي پايان سينن ۾ ئي سمايل رهن. گھڻو ڪري اهي شبد زبان کان سينن ۽ ذهنن تائين جو ئي سفر ڪن. تنهن ڪري اهي حافظي ۾ هجن ٿا، پر انهن کي قلم جي نوڪ نصيب نه ٿي ٿئي. نتيجي ۾ ڪيئي ملهائتا موتي مٽيءَ ۾ مليو وڃن. حقيقت ۾ اهو سنڌي لوڪ ادب جو وڏو الميو آهي.
لوڪ ادب جي قدامت جو اندازو لڳائڻ نهايت اوکو ڪم آهي، البته سندس موضوعن ۽ اظهارِ بيان مان اهو اندازو لڳائڻ ۾ مدد ملي ٿي ته اهو انسان جي ابتدائي اظهار جو وسيلو هوندو ۽ اهو لکڻ واري زماني کان به اڳ جي چيز آهي. يعني جڏهن اڃا اچاريل لفظن کي ڪا شڪل ۽ لکت نه ملي هئي. لوڪ ادب ۾ ماڻهن جي اجتماعي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا توڙي سماجي حقيقتون به پسي سگھجن ٿيون. لوڪ ادب کي بنيادي طور ٻن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پهريون نثر ۽ ٻيو نظم. نثر جي حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون ۽ قصا اچي وڃن ٿا، جڏهن ته نظم ۾ لوڪ شاعري. اهڙي طرح لوڪ شاعري وري جدا جدا صنفن تي مشتمل آهي. سنڌي لوڪ شاعري انڊلٺ جهڙن رنگن سان سجايل آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جون حسناڪيون هڪ پاسي ته سماجي ۽ ثقافتي چٽ ٻئي پاسي نظر ايندا.
لوڪ شاعري سنڌي سخنورن جي اندر مان ڦٽل اهڙو آبشار آهي، جيڪو ڪئين بنجر دلين کي آباد ڪري ٿو. سنڌي لوڪ شاعري نه رڳو سنڌي ماڻهوءَ جي اندروني اڌمن ۽ احساسن جي ترجمان آهي پر سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، رهڻي ڪهڻي ۽ رسم و رواج جي پڻ عڪاس آهي. ”انهي عوامي شاعريءَ جا سُر نغمگي ۽ هم آهنگيءَ جي بهترين خزاني سان ڀرپور آهن؛ هن ۾ نه لفظن جو اجايو اڊنبر، نه عربي فارسي تشبيهون ۽ نه بحر وزن جي پابندي. هن ۾ رس رهاڻ، راحت ۽ رواني، لئي ۽ نماڻائي سمايل رهن ٿا. هن جو تعلق دل سان آهي ۽ نه دماغ سان. لفظن جي ٻڌ ۽ جڙاوت دماغي پورهئي جي علامت آهي، پر لوڪ ادب دل جي ڌُنِ آهي.“ (5). دل جي ڌن تي تخليق ٿيل انهي شاعريءَ ۾ ڪٿي به تصنع جي بوءِ محسوس نه ٿيندي، پر ان ۾ هڪ بي ساخته اظهار نظر ايندو. ان ۾ زندگيءَ جي گوناگوني، فطري جمال ۽ سماجي وارتائون نهايت سلوڻي ۽ نج ٻهراڙڪي ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل ملنديون. حقيقت ۾ اها سادگي ۽ بيساختگي ئي لوڪ شاعريءَ جو حسن آهي. هڪ ڏور بيت مثال طور ڏسو:
پنهو نڪتو ڀنڀور مان، ڪري سسئي ساڻ،
ڇڏيائين ٿي ڇپرين، پَلي پنهنجو پاڻ،
آريءَ ڏنس اهڃــاڻ، منڌ وٺيــو وڃ محمود چوي.
سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ انيڪ انوکيون صنفون موجود آهن ۽ شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي عام شاعريءَ ۾ ايتريون ۽ اهڙيون صنفون موجود هجن. انهن صنفن جي فني ۽ موضوعاتي ورڇ هيٺين چئن حصن ۾ ڪري سگھجي ٿي.
1.      واقعاتي ۽ روايتي لوڪ شاعري: هن قسم جي شاعريءَ ۾ خاص صنفن اندر ڪن اهڙين روايتن ۽ واقعن کي قلمبند ڪيو ويندو آهي، جيڪي تاريخي طور يا پنهنجي دور ۾ اهميت رکندا هجن. اهڙي شاعري مذهبي اعتقادن، قدرتي ڪرشمن، جنگي معرڪن، جوڌن ۽ جوانن جي سورهيائي ۽ غير معمولي ڪردارن جي ڪارنامن جي ذڪر سان ڀرپور هوندي آهي. واقعاتي ۽ روايتي لوڪ شاعري ۾ واقعاتي بيت، ڏور، مدح، مناجات، معجزو، مولود، مناقبو، مناظرو ۽ جنگ نامو جون صنفون شمار ڪيون وڃن ٿيون.
2.      وندر ۽ ورونهه واري لوڪ شاعري: وندر ۽ ورونهن به لوڪ شاعريءَ جو اهم جز آهي، جنهن وسيلي سگھڙَ عوام جي دل وندرائڻ جو ڪم ڪندا آهن. هونءَ دل لڀائڻ جو سامان ته هنر ۽ ڳجھارت جي شاعريءَ ۾ به موجود آهي پر گھڻو تڻو اهڙي قسم جي شاعري وري انهن ٻاراڻن ٻولن ۾ ملندي، جيڪي فطري حسن، سادگيءَ ۽ معصوميت سان مالا مال آهن. اهي ٻول، ٻاراڻا ضرور آهن پر پڪ سان ڪن سياڻن ۽ سپورنجن جا چيل آهن. جهڙوڪه:
اچو ڙي ٻارو
راند جو وارو
اڪ جون ڪاٺيون
نم جو پائو
ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو
موٽي اچي مکڻ کائو.
يــــــــــــا
گنجو هليو ميٽ ملائي
وار نه لڀي ڇا کي لائي؟
هٿ ڀري ٿو پيٽ کي لائي
گنجو هليو..........
3.      هنري ۽ ناصحانه لوڪ شاعري: هن قسم جي شاعريءَ ۾ سنڌ جا سگھڙ پنهنجي خاص فن وسيلي مخصوص صنفن اندر هڪ ڳجھ ۽ لڪُ رکي منجھن اهڙا ته نصيحت جا نڪتا پيش ڪندا آهن، جو ٻڌندڙ نه رڳو ان مان محظوظ ٿيندا آهن، پر کين ڪيئي سمجھ جون ڳالهيون به پلئه پونديون آهن. لوڪ شاعريءَ جي اهڙين صنفن ۾ هنر، ڏهس، ڏٺ، ڏور، پروليون، پهاڪا، دراها ۽ ڳجھارتون شامل آهن. ان کان علاوه نڙ جا بيت، ٽيهه اکريون، هفتا ڏينهن، راتيون ۽ مهينا به فن ۽ هنر جي معراج تي نظر اچن ٿا، جن ۾ ڪو ڳجھ ته نه آهي، پر ڪانڀ ڪڍي ويٺل ڪچهريءَ جي ڪوڏين وٽ انهن جو به وڏو مانُ آهي.
4.      سماجي ۽ ثقافتي لوڪ شاعري: لوڪ شاعريءَ جي هن قسم ۾ مقامي ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي، ساٺن سنوڻن، خوشيءَ جي لورين ۽ نغمن توڙي غم جي ڪيفيتن کي بيان ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ پيار، محبت، دوستي ۽ دل لڳي توڙي ٻين سماجي رشتن ۽ ناتن جي سٻنڌ ۽ لوڪ رقص ۽ جھمر جهڙين ثقافتي سرگرمين کي به هن قسم جي شاعريءَ ۾ اجاگر ڪيو ويندو آهي. ڳيچ (لوڪ گيت)، سهرا، لوليون، ڇلڙو، سينگار، مورو، هو جمالو، همرچو، ٻيلڻ، مانجھيئڙو، اپنگ، پارَ، اوراڻو وغيره سماجي ۽ ثقافتي لوڪ شاعريءَ جو احاطو ڪن ٿا.
مٿي بيان ڪيل لوڪ صنفن مان اڪثر اهڙيون آهن جن ۾ سنڌ جي سماجي زندگيءَ جا عڪس ۽ اولڙا نظر اچن ٿا. واقعاتي بيتن ۾ سماج جي اهم واقعن کي بيان ڪرڻ، جنگ نامن ۾ پنهنجي دور جي جنگين ۽ جوڌن جو ذڪر ڪرڻ، ٻاراڻن ٻولن ۾ عام زندگي ۽ ٻاراڻين شرارتن جي حسناڪين کي بيان ڪرڻ، ناصحانه شاعريءَ وسيلي سماج جي چڱاين ۽ مَٺاين مان نصيحت جا نڪتا ڪڍڻ ۽ لوڪ گيت، لولي، اپنگ ۽ پارَ جي صنفن مان سنڌ جي سماجي زندگيءَ، رسمن ۽ رواجن توڙي کلڻ ۽ روئڻ جي احساسن کي پَسڻ، لوڪ شاعريءَ جي سماجي پهلوءَ کي اُجاگر ڪري ٿو. هتي سمورين صنفن مان مثال ڏيڻ ممڪن نه آهي.
ڳيچ يا لوڪ گيت سنڌ جي قديم شعري صنف آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج ۾ مروج ريتن، رسمن جو نهايت دل فريب انداز ۾ ذڪر ملي ٿو. حقيقت اها آهي ته ”گيتن، سماج ۽ انسان جي وچ ۾ هڪ نئون رشتو ۽ تعلق ڳولي لڌو، جنهن زندگي ۽ ڪائنات جا نوان نوان رخ دريافت ڪيا. گيتن ئي ٻڌايو ته انسان جي اندر ۾ به هڪ الڳ دنيا آباد آهي..... اها دنيا گيتن کان اڳ گھڻو اوجھل هئي، پر گيتن اها عجيب، پر اسرار ۽ خوابناڪ دنيا کوٽي ڪڍي. اهي گيت ئي هئا جن زندگيءَ جي سونهن وڌائي ۽ ان کي سهل بڻايو. ماڻهوءَ جي جذباتي ۽ نفسياتي مونجھارن کي حل ڪيو. ان جي وهمن ۽ عقيدن، ويچارن ۽ نظرين کي ڦهلائڻ جو ڪم ڪيو. اعلى سماجي قدر تخليق ڪيا ۽ ماڻهوءَ کي ’انسان‘ بڻجڻ ۾ مدد ڪئي.“ (6) لوڪ گيت جي تخليق انساني تهذيب ۽ ثقافت ڏانهن وڌڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم قدم هيو. لوڪ گيت جو تعلق ڳائڻ سان آهي ۽ سُر، ساز ۽ آواز سماج ۽ زندگيءَ سان مربوط آهن. ڳيچ اهو خوشيءَ جو نغمو آهي، جنهن جو نه رڳو ماڻهو جي اندروني جذبن ۽ احساسن سان تعلق آهي پر ان وسيلي سماجي خوشحالي ۽ خوشيءَ جي خوبصورت جھلڪ به پسي سگھجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا لوڪ گيت چيا ويا آهن. سنڌي سماج ۾ پُٽَ جي ڄمڻ کان وٺي سندس ڇٺي، طوهر، مڱڻي ۽ شادي تائين انيڪ رسمون نڀائيندي جدا جدا جدا قسم جا ڳيچ ۽ سهرا ڳايا ويندا آهن. ساڳي طرح نياڻي جي شادي ويل به الڳ قسم جا گيت چيا ويندا آهن. اهي سموريون رسمون ۽ رواج لوڪ گيتن اندر نهايت وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪيل آهن. ”علم الانسان جي محققن لاءِ ڪنهن به سماج ۾ ٻار جي ڄمڻ، سامائجڻ ۽ پرڻجڻ وارن مرحلن جو مطالعو هڪ اهم مضمون پئي رهيو آهي ۽ انهيءَ لحاظ کان سنڌ جي ڳيچن ۾ انهيءَ مطالعي لاءِ ڪافي مواد موجود آهي.“ (7) سنڌي ڳيچن مان مثال طور مينديءَ جو هڪ ڳيچ ڏسو:
ميندي مــور لايــان، ميندي خــان لايـــــان،
پنهنجي لاڏل کي، ميندي ملير جي لايان 

ميندي رنگ سهڻو، ميندي رنگُ سهڻو
ماءُ کڻي آئي، ڀيڻ کڻي آئي ــــ مور لايان، ميندي خان لايان،

ميندي رنگُ ڳاڙهو، ميندي رنگُ ڳاڙهو
جيجل کڻي آئي، ڀيڻ کڻي آئي ــــ مور لايان، ميندي خان لايان،

ميندي رنگ رتڙو، ميندي رنگ رتڙو
جيجل کڻي آئي، ڀيڻ کڻي آئي ــــ مور لايان، ميندي خان لايان،
سنڌي سماج ۾ مروج رسمن ۾ طهر يا شادي جي موقعي تي گھوٽ کي ميندي لائڻ جي رسم صدين کان موجود آهي. ميندي هٿ پير سرخ ڪندي آَهي ۽ سُرخي ڪاميابيءَ ۽ خوشيءَ جي نشاني آهي. تنهن ڪري عورتون ته اڪثر خوشيءَ جي موقعن تي پنهنجن هٿن ۽ پيرن تي سرهائيءَ وچان ميندي لائينديون آهن ۽ پرڻجي ويندڙ نينگرين جي هٿن ۽ پيرن تي به مينديءَ سان چٽ چٽيا ويندا آهن. مٿين لوڪ گيت ۾ ماءُ ۽ ڀيڻ خوشي خوشي گھوٽ کي ميندي لائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪي گيت جي هر لفظ ۾ مٿس ٻلهار ٿيندي نظر اچن ٿيون. خوشيءَ جو اهو نغمو جيتوڻيڪ سنڌي سماج جي هڪ ننڍڙي رسم جي باري ۾ آهي پر ان مان سنڌي سماج جي ڪشاده دلي ۽ رشتن جي باهمي محبت کي محسوس ڪري سگھجي ٿو. اهڙي طرح گھوٽ جي سيج ماڻڻ واري لمحي جو هي گيت ملاحظه ٿئي:
پوئين رات لاڏل، ســدا سيج ماڻي
سدا سيج ماڻي، الله توکي آڻي
 
بينسر ته گھڙائيندو، لاڏلو پارائيندو
لاڏلو پارائيندو، مشعلون ٻارائيندو
پوئين رات لاڏل، سدا سيج ماڻي....... الخ
سنڌي سماج منڍ کان وٺي روشن خيال ۽ اعتدال پسند رهيو آهي، ان ڪري سنڌ جو عوام مذهبي منافرت توڙي ڪٽرپڻي کان پري ۽ پنهنجي وجود ۾ انسان دوست آهي. سنڌ جدا جدا دورن ۾ مختلف مذهبن جو آماجگاهه رهي آهي، خاص طور هندو مذهب وارن جو هن ڀونءِ جي تهذيب ۽ ثقافت تي گھرو اثر رهيو آهي. سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ هندن جا مخصوص گيت پڻ ملن ٿا، جن مان سندن ريتن رواجن، وهمن سنسن، پوڄا پاٺ جي رسمن، خوشي ۽ غم جي احساسن کي ڀلي ڀت محسوس ڪري سگھجي ٿو. لوڪ گيت جي اهڙن قسمن ۾ ساکي، اُپنگ، پار، اوراڻو، پوڄا جا گيت، سلوڪ، پنجڙو، ڪٿا گيت، ٻال گيت وغيره شامل آهن. مثال طور هڪڙو گيت اُپنگ ڏسو، جيڪو وڇوڙي ۽ انتظار جو گيت آهي:
انبن جھليو ٻور، ڦٽا گل انگور
انبن جھليو ٻور.
وڇوڙي جي ويل، ڏکي وڇوڙي جي ويل
سڄڻ اچ سويل، نچويان ٿي نور
انبن جھليو ٻور
هن گيت مان وڇوڙي جو احساس لئاڪا پائيندي محسوس ٿئي ٿو، هي گيت سنڌي سماج جي ان اعلى قدر ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته سنڌي عورت پنهنجي ور لاءِ ڪيڏي محبت ۽ اڪير رکي ٿي. جڏهن اهو کانئس ڏور هليو وڃي ٿو ته کيس ڪيڏي سڪ ۽ سوز سان ساري ٿي. حقيقت ۾ اها ڳالهه اعلى آدرشي سماج جي ساکي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سُر سامونڊي به اهڙي ئي ڪيفيت سان سرشار آهي، جنهن ۾ وڻجاري جي وني پنهنجي ورَ لاءِ سامونڊي تڙ تي اندر ئي اندر ۾ دکندي ۽ سڏڪندي، جيءَ ۾ ساجن جي سار جي تار جھلي جيئي ٿي.
سنڌي لوڪ ادب ۾ بيحد خوشيءَ جي اظهار لاءِ ”هو جمالو“ جو گيت پڻ مشهور آهي. جيڪو سنڌي سماج جي، پنهنجن جي آجيان ۽ آڌرڀاءُ واري گڻ کي ظاهر ڪري ٿو، ڇوته اڪثر ڪري ”هو جمالو“ ان وقت چيو ويندو آهي، جڏهن ڪوئي ڪنهن امتحان مان پار لنگھي يا بازي ماري، ٻئي کي شڪست ڏئي ۽ سرخرو ٿي موٽندو آهي. هي ڳائڻ واري شعري صنف آهي، جيڪا رقص واري ڪيفيت پيدا ڪندي آهي ۽ سنڌي ماڻهو ”هو جمالو“ تي پنهنجي خوشيءَ جي اظهار طور بي اختيار جھمر هڻڻ لڳندا آهن. هي ڪاميابي ۽ ڪامراني جو ڪلام ڏاڍي ميٺ ۽ محبت سان چيو ويندو آهي. اهو اسان کي ان ابتدائي زرعي سماج جي ياد ڏياري ٿو، جنهن ۾ هاري، پورهيت ۽ ڪمي ڪاسبي سٺي فصل ٿيڻ يا اهڙي ٻي ڪنهن خوشي کي گڏجي، جھومي، نچي ۽ ڳائي ملهائيندا هئا، ڇوته ”هو جمالو“ به اجتماعي طور ڳايو ويندو آهي ۽ ان تي گڏجي رقص ڪيو ويندو آهي.
منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو
جنهن جا پير پنج سير، هو جمالو
جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾، هو جمالو
جيڪو لڙي ايندو لاڙ ڏانهن، هو جمالو
بيتُ هونءَ ته ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنف آهي، پر لوڪ ادب ۾ خاص قسم جا بيت رائج آهن. جن ۾ لوڙائو بيت، نڙ بيت ۽ واقعاتي بيت مشهور آهن. واقعاتي بيت لوڪ شاعريءَ ۾ مڪمل طور سماجي نوعيت جي صنف آهي، ڇوته هن صنف اندر سگھڙ انهن واقعن ۽ حادثن کي قلم بند ڪندا آهن، جن مان ڪن جي مقامي سطح تي ته ڪن جي وري عالمي سطح تي  تاريخي نوعيت هوندي آهي. هي بيت نه رڳو مقامي راڄ، رسم ۽ ثقافتي لاهن چاڙهن کي بيان ڪندا آهن، پر سماج ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين ۽ انقلابن جي تاريخ به مرتب ڪندا آهن. الله بخش نظاماڻي لکي ٿو ته ”عام طرح اهڙي قسم جا بيت ڪن اهم واقعن، مثال طور: درياهه جون اٿلون ۽ ٻوڏون، سخت برساتون، ڪاڄ ۽ شاديون، نوان واهه ۽ آباديون، ڏڪار، زلزلا، گاڏين جا حادثا، ڌرين جا جھڳڙا، اليڪشن جا مقابلا، چڱن مڙسن ۽ بهادرن جا ڪارناما ۽ مسجدن جي اڏاوتن وغيره تي چيل آهن.“ (8) نه رڳو ايترو پر ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم ۽ انصاف جي روايتن کي پڻ واقعاتي بيتن جو موضوع بڻايو ويندو آهي. هن صنف ۾ ملڪ جي مانائتين هستين، جوانن ۽ جھونجھارن جي ساراهه جا ڍڪ به ڀريا ويندا آهن ته استحصالي قوتن، ظالمن ۽ جلادن کي پاراتا به ڏنا ويندا آهن. اهڙي طرح سنڌي لوڪ ادب جي هن نج شعري صنف ۾ سگھڙ ۽ سپورنج سنڌي سماج جو ڀرپور عڪس پيش ڪندا آهن. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ پڻ انيڪ واقعاتي بيت ملن ٿا. هتي مثال طور غلام محمد بگائيءَ جو هي بيت ڏسو :
ڪاتي پوندئي قهر جي، ٻُنڀان ڪا ٻرنداٰءِ!
جهڙي ڪيئي جهان ۾، آڏي سا اينداءِ،
اچي ڪڙڪي قهر جا، گھوڙا گھر پونداءِ
هيڏي ڦر نه ڦٻندياءِ، جي تو ڀيلاڙا ڀانيان.
مٿين بيت ۾ غلام محمد بگائي دشمن کي پٽ ۽ پاراتو ڏنو آهي ۽ کيس ’جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي‘ واري چوڻي ياد ڏياريندي چيو آهي ته تنهنجو هي ظلم ۽ جبر سدائين رهڻو ناهي. تنهن ڪري يقين ڄاڻ ته تنهنجي هيءَ ظلم ۽ ڏاڍ جي ريت دير تائين نه ٿي هلي سگھي. سنڌ جو سگھڙ هميشه سماج جي هيڻن ڪردارن جو همدرد رهيو آهي، ۽ ڏاڍ جي ڏونگرن سان مهاڏو اٽڪايو آهي. هيڻن سان همدردي حقيقت ۾ سنڌي ماڻهوءَ جي مزاج ۾ شامل آهي. شاهه لطيف خود پنهنجي ڪلام ۾ اٻوجھن ۽ اگلڙن جي ڀَرِ جھليو بيٺو آهي.
سنڌي لوڪ شاعريءَ جي هڪ نهايت خوبصورت صنف لولي آهي. لولي کي هندي ۾ لوري ۽ سنسڪرت ۾ لولا چيو ويندو آهي. لولي هڪ سريلو گيت آهي. اهو بنيادي طوي ننڊ ڏياريندڙ ۽ پينگھي جو گيت آهي، جيڪو اڪثر مائرون پنهنجي ٻچي کي سمهارڻ لاءِ چونديون آهن. سنڌي مائرون به پنهنجن ٻارن کي پينگھي ۾ لوڏي يا هنج ۾ هوريان هوريان ڪڏائي وڏي هيج ۽ محبت سان مٺڙي ۽ سريلي انداز ۾ لولي ڏينديون آهن. جڏهن ڪنهن عورت جي اولاد جي نعمت سان جھولي ڀرجي ٿي ته فطري طور مامتا جي محبت سندس من ۾ اوتجي اچي ٿي. مختلف سماجن ۾ ماءُ پنهنجي اولاد سان محبت جو اظهار مختلف انداز ۾ ڪري ٿي، پر سنڌ جي عورت خاص طور ڳوٺاڻي عورت پنهنجي ٻچي لاءِ محبت جو ساگر لوليءَ جي گيت ۾ اوتيندي آهي. لوليءَ ۾ اڪثر اولاد لاءِ دعائيه شعر چيل هوندا آهن، جهڙوڪه:
بسـم الله ست، تـــو ۾ الهه جـــي برڪــت
بسـم الله جي رتي، توکي واءُ نه لڳي تتي
توکي ڪوسا نه لڳن جھولا
رب ڏيکارئي نه ڏينهن اولا
لولي جيتوڻيڪ بنيادي طور ماءُ جي زباني اولاد لاءِ چيل دعائيه نغمو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ لولي رڳو ماءُ جي چپن تائين ئي محدود نه آهي، پر عورت وٽان پنهنجي ور کان وٺي پنهنجي محبوب تائين لوليءَ جي ٻولن جا ورلاپ ٻڌڻ ۾ ايندا. لولي جي ٻين قسمن ۾ سينگار لولي، اسلامي لولي، سُرائتي لولي ۽ واقعاتي لولي شامل آهن. لوليءَ جي انهن سمورن قسمن ۾ سنڌي ماڻهوءَ جي محبت ۽ هڪ ٻئي لاءِ نيڪ خواهشن واري جذبي کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
اهڙي ريت سنڌي لوڪ شاعريءَ جي مجموعي مطالعي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ شاعرن پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي سماج جا سهڻا چٽ چٽيا آهن. اها شاعري رڳو ڪنهن شاعر / سگھڙ جي اندر جي انفرادي ڪيفيتن جو جهان ئي نه ٿي پَسائي پر منجھس سنڌي سماج جي ريتن، رسمن، ساٺن سنوڻن توڙي خوشيءَ ۽ غم جي علامتن جي جھلڪ به محسوس ٿئي ٿي. ان ڪري اسان چئي سگھون ٿا ته سنڌي لوڪ شاعري سنڌي سماج جي چٽو عڪس پيش ڪري ٿي.

حوالا

1.       نظاماڻي الله بخش ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“ انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڇاپو ٻيو 1981ع ص 2
2.       ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1978 ص 101
3.     Agne, M. Sister and David, S. J: “A Book of play”, The Pageant of literature, The Mc Millan Co: New York, 1960, p:1
4.       سنديلو عبدالڪريم ڊاڪٽر  ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1986ع ص 1
5.       نظاماڻي الله بخش، ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڇاپو ٻيو 1981ع ص 8
6.       سميجو اسحاق (مرتب) ”ناوَ هلي آ گيت کڻي“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ص 9
7.       بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر   ”ڳيچ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1963 ص 32
8.       نظاماڻي الله بخش ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“ انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڇاپو ٻيو 1981ع ص 73

No comments:

Post a Comment