Wednesday, 17 June 2015

ڊاڪٽر احسان دانش ــ سچل سرمست جي سُر سسئي جو سماجي اڀياس (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

سچل سرمست جي سُر سسئي جو سماجي اڀياس


سنڌي اساسي شاعري پنهنجي فڪري ۽ موضوعي جهان ۾ ڏاڍي وسيع آهي. قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي جهڙن شاعرن جو ڪلام ڪٿي صنفي يڪ رنگيءَ ته ڪٿي موضوعي هڪ جهڙائي سبب صدين کان سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين تي اثر وڌو آهي. اسان جي انهن ڪلاسيڪي شاعرن جو لب ۽ لهجو ڀلي هڪ ٻئي کان مختلف ئي ڇونه هجي پر سندن سنيهو ساڳيو آهي. هنن پنهنجي شاعريءَ ۾ ميٺ، محبت، امن، انسانيت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي آهي ۽ مذهبي تنگ نظري، انتهاپسندي ۽ بنياد پرستيءَ کان ڪوهين ڏور رهيا آهن سندن اها پرچار ئي اسان کي اصل ۾ سنڌي قوم جو فڪري منشور محسوس ٿئي ٿي. اسان جي عالمن سالن کان انهن ڪلاسيڪي شاعرن جي عظمت جا ڳڻ ڳاتا آهن پر منهنجي خيال ۾ سندن ڪلام جي هڪ رخي مطالعي سبب اڃا سندن اها اهميت اجاگر نه ٿي سگھي آهي، جنهن جا هو مستحق آهن، پر جس آهي انهن عالمن ۽ محققن کي جن انهن شاعرن جي ڪلام جي فقط صوفي فڪر جي پچار کان پري رهندي سندن ڪلام جي سماجي ڪارج تي قلم کنئيون آهي. اهڙن ئي عالمن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو نهايت اهميت وارو آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ”شاهه، سچل سامي“ ۾ ٽنهي شاعرن جي ڪلام بابت همعصر اديبن کان مختلف ۽ ڪارائتي ڏيندي لکيو آهي ته ”شاھ، سچل ۽ سامي، عظمت جي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج جا عظيم ماڻھو آھن. اھي سنڌي سماج جي ھڪ وڏي بحراني دور جي پيداوار آھن. ھو ذھني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليقڪار آھن. ھو پنھنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنھي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آھن. ھو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب آھن. ھو مفڪر به، شاعر به، فنڪار به ھئا. ھو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لڇندڙ ۽ سڄي پنھنجي زندگي ھڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ ھڪ ئي آدرش جا فدائي ھئا.“ (1) تڏهن ئي هنن پنهنجي ڪلام ۾ امن، آجپي، انسان جي ڀلائي، انسان دوستي ۽ نيڪي جو پيغام ڏنو آهي. جويو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته ”ھنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين عملي راھ ڏيکاري ــ قومي تھذيب، قومي مذھب ۽ قومي سياست جي راھ، مشترڪ مفاد ۽ باھمي تعاون جي راھ، محبت، رواداريءَ ۽ اتحاد جي راھ، عمل ۽ قربانيءَ جي راھ. ھنن جي سامھون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب ھو، ۽ ھنن وٽ ان خواب جي تڪميل جو رستو به ھو. ٻيائيءَ ۽ ويڇي کي ھٽائڻ جو، پنھنجن کي پنھنجو ڪرڻ جو، ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو، سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن کي پاڻ ارپڻ ۽ انھن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻھپي جو، ماڻھوءَ جي مريادا ۽ مانَ ۽ ماڻھوءَ جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تھذيب جي عروج ۾ پنھنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو.“ (2) سنڌ جي مذڪوره ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ انساني ڀلائي، مذهبي رواداري، عدم تشدد، سماجي ترقي جهڙا موضوع موجود آهن پر بد قسمتيءَ سان انهن پهلوئن تي تمام ٿورن محققن قلم کنئون آهي. اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن ”پنهنجي شاعريءَ ذريعي بني نوع انسان جي وچ ۾ منافرت، نفاق، منافقي ۽ ڪم ظرفيءَ بدران محبت، اتفاق، سچائيءَ ۽ اعلى ظرفي کي فروغ ڏنو آهي. انسان دوستي ۽ روشن خيالي، سيڪيولر سوچ واري متي سان امن آشتي جي تبليغ ڪئي ۽ مختلف مذهبن ۽ مسلڪن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ امن ۽ رواداري جي قدرن سان رهڻ جو درس ڏنو ۽ صحيح معنى ۾ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جو متو سمجھايو، جيڪو نه صرف سندن پنهنجي پنهنجي دور ۾ سچو هو پر اڄوڪي پُر آشوب ۽ پريشان دور ۾ رهڻ وارن ماڻهن لاءِ به اوترو ئي Relevant ۽ سچو آهي.“ (3)

سنڌ جي بيباڪ ڪلاسيڪي شاعر سچل سرمست جي شاعريءَ جي حوالي سان به هن وقت تائين جيترو تحقيقي ڪم ٿيو آهي ان جو ڳچ حصو ان فڪري پرچار جي تشريح ۽ توضيح تي مشتمل آهي جنهن تحت سچل جي سرمستي عيان ٿئي ٿي. يعني سندس اهڙي ڪلام تي گھڻي روشني وڌي وئي آهي جنهن منجھان سندس رندي، مستي ۽ بيباڪي جھلڪي ٿي. ٻين لفظن ۾ اسان اڃا سندس انا الحق واري نعري جي اسرار مان نڪري نه سگھيا آهيون. سچل سائين جو انا الحق وارو نعرو بيشڪ اهميت وارو آهي ۽ سندس بابت منصور ثاني وارو تصور به بجا طور درست آهي. جنهن جي ثبوت طور سندس هي هڪ سٽ ئي ڪافي آهي ته:
منصوريءَ جي موج ۾، ٿو انا الحق الايان
سچوءَ عشق جو جام پي مستي کان سرمستي جي ڪيفيت ۽ وجدانيت جي عالم ۾ جيڪو حق جو نعرو بلند ڪندي منصور هلاج ۽ بايزيد بسطامي واري راهه اختيار ڪئي ان تي انيڪ عالمن اعلى درجي جا علمي مقالا لکيا آهن ۽ سندس سرمستيءَ واري فلسفي تي ڳالهايو آهي پر هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا اهي رخ ان ڀرپوريت سان روشن نه ٿي سگھيا آهن جيڪي ان جذب ۽ ڪيف واري ڌارا کان ڌار آهن ۽ اهڙو ڪلام جنهن جي فلاسافي ڀٽائي جي ڪلام ۽ پيغام جو تسلسل پڻ ڀاسي ٿي. سچل سائين جي سنڌي ڪلام ۾ شامل سُر سسئي به جنهن توجه ۽ تحقيق جو گھرجائو آهي عالمن جي ابتدائي ڪوششن باوجود کيس اڃا اهو توجه نه ملي سگھيو آهي. مون هن مقالي ۾ سچل سائين جي سُر سسئي جي سماجي اڀياس جي سلسلي ۾ ان اميد تي هڪ وک کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ان وک کي اسان جا عالم ضرور اڳتي وڌائيندا.
سنڌي ڪلاسيڪي داستانن ۾ سسئي پنهون جو داستان نهايت اهم آهي. ان جي اهميت جا ڪيئي ڪارڻ آهن پر هن داستان جو سڀ کان اهم پهلو آهي هڪ نٻل ۽ ڪمزور عورت جو تڪليفن وارو سفر طئي ڪري پنهنجي محبوب سان اٽوٽ محبت جو سبق ڏيڻ. انهيءَ هڪڙي نڪتي کي سامهون رکندي اسان جي ڪيترن ئي ڪلاسيڪي شاعرن ان داستان ۾ ڪوڙين رنگ ڀريا آهن. اهڙو سڀ کان وڏو رنگريز شاهه لطيف آهي جنهن پنهنجي رسالي جا پورا پنج سُر هن ڪلاسيڪي داستان کي ارپي ان جي اهميت اجاگر ڪئي آهي. ڀٽائي کان پوءِ به ڪيترن ئي شاعرن ان داستان جا خد و خال پنهنجي پنهنجي انداز سان ظاهر ڪيا آهن. سچل سائين به پنهنجي سنڌي رسالي ۾ يارنهن داستانن جي بيتن ۽ ڪافين توڙي جھولڻي جي پنجاهه بيتن وسيلي هن داستان جي الڳ الڳ رخن تي روشني وڌي آهي. سچل سائين ڀٽائي جي انهيءَ راهه جو پانڌيئڙو آهي، جنهن تحت ڪنهن به داستان کي قصي جيان ترتيبوار بيان ڪرڻ بدران داستان جي اهم واقعن ۽ ڪردارن جي ڪيفيتن کي بيان ڪيو ويندو آهي. ان طرح ڪلام جي حسن ۾ هيڪاندو اضافو ٿئي ٿو. ڪنهن داستان يا جنگ وغيره جو بيان هڪ ترتيب ۽ تسلسل سان بيان ڪرڻ لاءِ شاعريءَ ۾ مثنوي جي صنف موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي رزميه ۽ رومانوي داستانن کي مثنوي جي انداز ۾ پڻ لکيو ويو آهي. سچل سائين سسئي واري داستان کي بيت، ڪافي ۽ جھولڻي جي صنفن ۾ بيان ڪيو آهي، تنهن ڪري ان ۾ داستان جي ترتيبوار هجڻ جو شرط لاڳو نه آهي.
سچل سائين جي سُر سسئي ۾ جيڪي ٽي شعري صنفون موجود آهن هتي مون انهن مان رڳو سچوءَ جي بيتن کي اڀياس هيٺ آندو آهي. سرمست جي سُر سسئي جي الڳ الڳ داستانن جي فڪري ۽ موضوعي تاڃي پيٽي تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ۾ سسئي پنهون جي داستان کي گھڻ رخي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي: هڪ سرسري نظر ۾ حاوي فڪر ۽ موضوعن جي حوالي سان ڏسندا سين ته داستان پهرين ۾ سسئي جي بيوسي ۽ بي حالي جو بيان، پنهونءَ سان ملڻ جي خواهش ۽ سڪَ توڙي وندر ووڙڻ جون ڳالهيون شامل آهن. داستان ٻئي ۾ سسئي قرباني جي جذبي سان لبريز نظر اچي ٿي. هوءَ پنهنجي ڪوتاهي ۽ ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪري ٿي ۽ پنهونءَ کان ٻاجھ جي طلبگار آهي. هن داستان ۾ سچوءَ سسئي جي پڇتاءَ جا هٿ مهٽڻ، پنهل لاءِ دانهون ۽ ڪوڪون ڪرڻ، ڪيچ ڏانهن پنڌ ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ جهڙا موضوع شامل ڪيا آهن. داستان ٽئين ۾ دک ۽ درد جي پچار آهي ۽ سُک تي ڏک کي ترجيح ڏنل آهي. داستان چوٿين ۾ جستجو جو سنيهو ملي ٿو. پنهونءَ لاءِ فطري تڙپ ۽ لوڇ ۽ درد جي لذت پڻ هن داستان جا اهم موضوع آهن. داستان پنجين ۾ ڪيچ مڪران کان آيل قافلي جي خوشي جو منظر سسئي جي سرهائي جو باعث بڻجي ٿو ۽ جڏهن اهو قافلو پنهونءَ کي پاڻ سان وٺي وڃي ٿو ته سسئي وڇوڙي جا نوحا ڳائڻ لڳي ٿي. هن داستان ۾ سچل سائين پنهل جي سار ۽ سسئي جي ڏيرن جي ساڻس ڪيل ويساهه گھاتي جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. داستان ڇهين ۾ سسئي جي شڪستگيءَ جا احساسَ، پنهونءَ جي واپسيءَ جي آسَ ۽ پاهڻي پنڌ ۽ پياسَ جهڙا موضوع موجود آهن. هن داستان ۾ سسئي پنهنجي پنهل سان اٽوٽ رشتي کي وري وري ورجايو آهي ۽ خواهش ڏيکاري آهي ته ڀلي کانئس سارو جڳ وسري وڃي پر سندس پنهل کيس هر پل ياد هجي ۽ سندس اها به آس آهي ته هن وانگر سندس محبوب به کيس ساريندو رهي. هن داستان ۾ سرمست سچل سسئي جي غفلت واري ننڊ جو پڻ نتيجو ظاهر ڪيو آهي ۽ سورمي پنهنجي خطا کي دل سان قبول ڪيو آهي. مسلسل ڳولا کان پوءِ ٻن وجودن جو هڪ ٿي وڃڻ وارو فڪر ۽ فلسفو پڻ هن داستان جو اهم پهلو آهي. داستان ستين ۾ سسئي سڀ ميارون پاڻ ڏي ڪندي پنهنجي ڀتار لاءِ سڪي ۽ سُڏڪي ٿي ۽ خواهش ظاهر ڪري ٿي ته محبوب سان ملڻ بنان شل سري مان ساهه نه وڃي. هن داستان ۾ سچل سائين سورميءَ جي راهه ۾ ايندڙ خطرن کي بيان ڪيو آهي. سسئيءَ جا پنهونءَ سان شڪوه ۽ شڪايتون پڻ هن داستان جو موضوع آهن. سچل سائين هن داستان ۾ سسئي جي پنهل سان ملڻ واري احساس کي به سهڻي نموني بيان ڪيو آهي. داستان اٺين ۾ سچل سائين منزل جي جستجو ۾ ملندڙ موت کي امرتا ڄاڻڻ واري عالمي نظريي کي پيش ڪيو آهي. پنهونءَ سان سُٻنڌ، عشق جي آڳ، مارڳ کي منزل ڄاڻڻ جهڙا موضوع هن داستان ۾ موجود آهن. داستان نائين ۾ سهڻي سچل ورهه ۽ وڇوڙي جي ماريل سسئي کي جدائي جي غم کي طاقت بڻائڻ جو ڏس ڏنو آهي ۽ سندس زباني بلوچ جي برهه مان راحت ملڻ واري احساس کي بيان ڪيو آهي. هن داستان ۾ ٻڌايل آهي ته عشق جو پنڌ عجيب آهي ان واٽ تي رڳو پيرن سان پنڌ نه ڪبو آهي پر هنئين سان به هلڻو پوندو آهي. سچ جو سندرو ٻڌڻ، سپرين کي سارڻ ۽ سندس ڳڻ ڳائڻ وارو ورجاءُ هن داستان ۾ پڻ ملي ٿو. داستان ڏهين ۾ به پرين جي سار جو سلسلو موجود آهي. هن داستان ۾ سچل سائين سسئي کي پورهيت ڪري ڪوٺيو آهي ۽ ان پورهيت جي دلي تمنا آهي ته جيڪر سندس محبوب ڪيچ مڪران ۾ به کيس ياد ڪندو هجي ۽ ساڻس ملڻ جي خواهش ڪري. هن داستان ۾ سرمست محب ۽ محبوب جي ميلاپ جي سرهائيءَ واري احساس کي به بهترين نموني بيان ڪيو آهي. داستان يارنهين ۾ سچل سائين سجاڳيءَ جي اهميت کي پڌرو ڪندي سسئي جي غفلت واري ننڊ جي خراب نتيجي جو افسوس ظاهر ڪيو آهي ۽ کيس جابلو پنڌ ڪرڻ ۽ جدوجهد لاءِ اتساهيندي رستي جي تڪليفن کي نظر انداز ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. غم کي خوشي ڄاڻڻ وارو فلسفو به هن داستان جو اهم نڪتو آهي.
مٿي بيان ڪيل داستانن جي جدا جدا واقعن، پهلوئن ۽ سسئي جي ڪيفيتن کي ترتيب ڏبو ته ڳالهه ڪجھ هن ريت ٿيندي ته پنهون سسئي جي سونهن تي هرکي مٿس مهربان ٿيو ۽ ڌوٻياڻيءَ سان نينهن جو ناتو جوڙيو. اڃا محبت جون ميخون مضبوط پئي ٿيون ته سسئي جا ڏير پنهونءَ کي ڪيچ کڻي ويا. وچ ۾ آئي غفلت واري ننڊ، جنهن سسئي جا ڇيهه ڇڃي وڌا ۽ سورن ۾ سامايل سسئي جي سر تان سُک جي ڇانوَ هٽي وئي. پوءِ هيون رڳو آهون ۽ دانهون. ويچاريءَ جو درد پِرايو تنهن سندس اکين مان جَرُ جاري ڪري وڌو ۽ پشيماني جا هٿ مهٽڻ لڳي. جڏهن پنهونءَ بنان کيس ڀنڀور شهر بي چسو ٿي ڀاسيو تڏهن تنها ڳولا جي رڻ ۾ نڪري پئي ۽ جبل جھاڳڻ ۽ وندر وڙڻ لڳي. هن جي اندر ۾ وهمن ۽ وسوسن جا وڻ وڌي وڏا ٿي ويا، خوف ۽ پريشاني، آس ۽ نراس، ڏک ۽ خوشي وارن گڏيل احساسن سان هوءَ ڪيچ ڏانهن ڪاهيندي رهي ۽ ائين منجھس جوش ۽ ولولو، همت ۽ حوصلو وڌندو رهيو ۽ رستي کي ئي منزل ڄاڻي اڳتي وڌندي رهي، نيٺ آخر منجھس اهو احساس به وڌندي محسوس ٿيو ته هوءَ جنهن محبوب جي تلاش ۾ آهي سو ته سندس ئي اندر ۾ موجود آهي.
پنهون پنهون ٿي ڪريان آءٌ پڻ پنهون پاڻ،
اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي. (داستان ڇهون)
ªªªªª
جان پروڙيم پاڻ کي، تا آءٌ پنهون آهيان،
ڪنهين طرف ڪاهيان، جو طرف مڙئي تَمَ ٿيا. (داستان ڇهون)
سسئي پنهون جي داستان جا علامتي ۽ سماجي پهلو نهايت اهم آهن. سسئي ظاهري طور ڪمزور هجڻ باوجود هن داستان جو هڪ ارڏو ڪردار آهي، جنهن کي سچوءَ همت ۽ حوصلي جي علامت طور پيش ڪيو آهي. سچل سائين به ڀٽائي جي ”ووءِ ووءِ ڪندي وت متان ووءِ وسارين“ واري وائي ورجائيندي سسئي جي زباني فرمائي ٿو:
هي هي ڪارڻ هوتَ، ڏونگر ڏورڻ آئيا،
ميان! تائين موت، وءِ وءِ تان نه وساريان. (داستان ٻيو)
ªªªªª
وءِ وءِ تان مَ وسار، متان ماٺ ڪري وهين،
ٿيو پِرُ تَنهين پار، جاتي ٻئو ناهه ڪو. (داستان ٻيو)
”پنهل جي جدائيءَ کان پوءِ سسئيءَ جي حياتي سڄو سور بڻجي پئي هئي ۽ هوءَ پنهل جي تلاش ۾ نڪري پئي. پٻ ۽ وندر جي ور وڪڙن، پٿريلن رستن سندس پير پٿون ڪري ڇڏيا. واٽن تي پنهل کي پڪاريندي ووءِ ووءِ پئي ڪندي رهي.“ (4)
روئي هاريان رت، ووءِ ووءِ واٽڙين تي،
جيڏيون ڪارڻ جت، سارو وندر ووڙيان. (داستان يارهون)
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو زندگيءَ جو مقصد ۽ منزل ماڻڻ کان پوءِ پنهنجي غلطي جي ڪري ان ڪاميابيءَ کي هٿان وڃائي ويهندو آهي. سسئيءَ سان به ڪجھ ائين ئي ٿيو هو. پنهون جو پيار ماڻڻ ۽ ساڻس لانئون لهڻ کان پوءِ هن هٿاران جا خطا ٿي ان جي پٺيان سندس غفلت شامل هئي ۽ غفلت هڪ منفي سماجي قدر آهي. هن سُر ۾ سچل سائين غفلت کي وڏو عيب ڄاڻائيندي سُجاڳيءَ تي زور ڏنو آهي. اهڙي طرح محبت ۽ قرباني جهڙن مثبت سماجي قدرن کي پڻ اجاگر ڪيو آهي. سسئي جي اندر پنهنجي پنهل تان قربان ٿيڻ جو جذبو اتم درجي موجود هيو ۽ هوءَ پنهنجي پرينءَ مٿان جان گھورڻ لاءِ تيار هئي.
ڪوڙيين قرباني، ٿيان هوت پنهونءَ تان،
ساهه سري صدقي ڪريان، سندن مهماني،
هي جوڀن جواني، ٿي اجائي گذري. (داستان ٻيو)
سسئي جنهن راهه تي رمي رهي هئي تنهن ۾ ڪيئي خطرا موجود هيا. هڪ پاسي خطرناڪ جانور موجود هيا ته ٻئي پاسي غارن ۾ بڇڙيون بلائون لڪل هيون ۽ اهي سڀ هن مسڪين کي مارڻ لاءِ آتيون هيون پر هوءَ پرينءَ جي عشق ۾ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هئي، تنهن ڪري هوءَ اهڙن خطرن کان بي خوف اڳتي وڌندي رهي.
ڪاف ڪشالا ڪيترا، جت جانارن جايون،
غفائن غارن ۾، اُت بيحد بَلائون،
مانديءَ کي مارڻ لاءِ، نِڪتيون نِنايون.
مون سِرَ تي سهايون، سڀُ آريءَ سندي عشق ۾. (داستان اٺون)
سسئي جو ڪردار انسان جي فطري تقاضائن مطابق ڪٿي ڪٿي خوف، وسوسن، اميد ۽ نااميدي جي لاهن چاڙهن ۽ اهڙين ٻين مختلف ڪيفيتن مان به گذري ٿو پر انهن ڪيفيتن مان گذريندي اهو ڪردار پنهنجي اندر جيڪو جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ٿو اهو سماج لاءِ اتساهه پيدا ڪري ٿو ۽ مايوسي ۽ ناڪامي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي حوصلو ڏئي ٿو. ان ڪردار منجھان پنهنجي مقصد سان سچو هجڻ ۽ ڏکين حالتن ۾ به ثابت قدم رهڻ جو پيغام به ملي ٿو ۽ سسئيءَ جو مقصد ۽ منزل پنهونءَ سان ميلو هيو تنهن ڪري هوءَ ٿڌيون ڇانئون ۽ سُکَ تياڳي، خوفن ۽ خطرن کي ڳلي لائي رڻ جي راهي بڻجي پنڌ ڪرڻ لڳي ۽ ڌرتتيءَ ۽ لُڪن ۾ آڏن ٽيڏن لَڪَن منجھ پنهون کي پڪاريندي رهي ڇوته هن جو پنهنجي محبوب سان جنم جنم جو رشتو هيو، تنهن ڪري هوءَ ڀنڀور ۾ کانئس جدا گھارڻ جو سوچي ئي نه پئي سگھي.
متان وهين ماٺ ۾، منجھ جلديءَ ڄُلُ،
هتي ويهه نه، هَلُ، تان ڪي پُڄين پنڌ کي. (داستان ٻيو)
ªªªªª
گھڻا ڏينهن ٿيا، مون ڏوريندي ڏونگرين،
جي مون سڏ ڪيا، سي ٻُڌي ٻاروچا ورين. (داستان ڇهون)
ªªªªª
منهنجو پيچ پنهونءَ سان، ازل لاڪون آهه،
هاڻي ويهڻ ڇاهه، ڀينر هن ڀنڀور ۾. (داستان ڇهون)
ªªªªª
ڪريان ڪوهه ڀنڀور ۾، پُڄاڻان پرين،
وارُ نه سي ويهن، جنين مٿي مامرو. (داستان ڇهون)
حقيقت ۾ سسئي هن داستان جو هڪ مظلوم ڪردار آهي. مظلومن تي حاڪمن جا ظلم ڪا نئين ڳالهه ناهي. سسئي پنهونءَ جي وني هئي ۽ هڪ ونيءَ کان ورُ ڇنڻ يقيناً هڪ وڏو ظلم آهي. سچل جي ڪلام ۾ ان ظلم ۽ زيادتي تي سورميءَ جي زباني آه زاري ڪرايل آهي ۽ هوءَ گھڙي گھڙي پئي ڏيرن کي ڏوراپا ڏئي پر کيس پتو هيو ته انهن ڏکن ڏوراپن مان ڪجھ ورڻو ناهي، تنهن ڪري ڏکن کي سيني لائي تلاشِ يار ۾ ڏونگر ڏورڻ لڳي ڇوته کيس پتو هيو ته ”ڏونگر منجھان ڏسُ، پونديم هوت پنهونءَ جو“. تنهن ڪري جڏهن جتن جو قافلو ڪيچ ڏانهن روانو ٿيو ته هوءَ انهن جا پيرا کڻڻ لڳي. پنهونءَ جي سڪ هن کي سمهڻ نه ڏنو. هوءَ پنهنجي ڪانڌ کي حاصل ڪرڻ واري حق لاءِ لڪَ لتاڙيندي رهي، برهه جي باهه سندس اندر رک ڪري ڇڏيو هو. هن اهو پاهڻي پنڌ ڪندي به ان آس ۽ اميد جو دامن هٿان نه ڇڏيو هيو ته سندس پنهل مٿس پنهنجي ٻاجھ جي نظر ضرور ڪندو.
ويم نڪري قافلو، آءٌ پڻ کڻان پيرَ،
ڏُک ڏيئي ويا ڏيرَ، مانَ ٻاروچو ٻاجھ ڪري.

ڪري ڏمر ڏير، اُٿي آڌي رات ويا،
تون کڻي وقت صبوح جي، پيراڍن جان پيرَ،
هو ڍڪيو ساٿ سوير، وڃي ڪيچ وڻن ۾. (داستان ڏهون)
ªªªªª
ڪوڙين آهن ڪيترا، راهن اُتي رُڪَ،
هَي هَي ڪارڻ حق، هي سارو ڏونگر ڏوريان. (داستان يارهون)
ªªªªª
ويٺي ورهه وسائيان، ڪانڌَ، اچي لَهه ڪَلَ،
جاني تُنهن جي جَلَ، منهنجو اندر اڌ ڪيو. (داستان پنجون)
سچل سائين جو دور سنڌ مٿان تاريخي جبر ۽ استبداد جو تسلسل هيو. ان وقت سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي ڇڪتاڻ عروج تي هئي. اهو طبقاتي اوچ نيچ ۽ مذهبي جنونيت وارو دور هيو ۽ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هيا. جاگيردار ۽ هاري وارو تضاد زورن تي هيو. دولت، طاقت ۽ اقتدار جي نشي ۾ غلطان ڏاڍن مڙسن لاءِ غريب ۽ پورهيت ماڻهن جا حق غصب ڪرڻ ۽ ساڻن ظلم ۽ زياديتون ڪرڻ معمول جي ڳالهه هئي. سچل سائين هڪ سجاڳ ذهن شاعر هيو ۽ هو پنهنجي دور ۽ تاريخ کان چڱيءَ پر واقف هيو، کيس پنهنجي دور ۽ هم عصر دور جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ مذهبي اٿل پٿل جي ڄاڻ هئي. هن پنهنجي دور جي حالتن کي مد نظر رکندي پنهنجي پيش رو شاهه لطيف جي واٽ ورتي ۽ سماج جي هيڻي طبقي لاءِ سسئي جي ڪردار کي همت ۽ حوصلي جي علامت طور اڀاريو. جهڙي ريت ڀٽائي سسئي جي زباني ”آڏو ٽڪر ٽرُ، متان روهه رتيون ٿئين“ جهڙي سٽ اسان جي سماج ۾ ڪمزور سمجھي ويندڙ عورت جي واتان چوائي عزم ۽ همت جو عظيم مثال ڏنو تهڙي ريت سچل سائين به ان بهادر سورميءَ جي واتان ”اُٿي ڪمر ٻڌ، لوچ ته لهين سپرين“ جهڙا الفاظ چوائي جدوجهد جو اعلى سنيهو ڏنو آهي.
موهن جي دڙي جي عظيم تهذيب جي وارث سنڌ جي دياوان ڌرتي جنهن عورت کي ديوي جو درجو ڏيندي Mother Goddess بڻايو، انهيءَ ڀونءِ دنيا جي ٻين تهذيبن، مذهبن، رسمن ۽ رواجن جو اثر قبوليندي جڏهن مرد کي عورت کان اعلى ۽ ارفع بڻايو ته سماج ۾ تضادن جنم ورتو ۽ عورت ديويءَ مان پير جي جُتي بڻجي وئي ۽ مرد ڪڏهن سندس جسماني ڪمزوريءَ جو فائدو وٺدي کيس ظلم جو نشانو بڻايو ته ڪڏهن پنهنجن هٿ ٺوڪين اصولن جي سوريءَ تي چاڙهي کيس هيچ ۽ نيچ ڏيکاريو. سسئي به اهڙي ئي مرداڻي سماج ۾ جنم ورتو هيو. ”سسئي ڄمندي ئي مرداڻي سماج جي ڪُڌين روايتن جو بَکُ بڻي. نائون مل (سسئي جو پيءُ) جي معاشري محض انهيءَ ڪري قبول نه ڪيو جو هڪ جوتشي (مرد) هن جو سڱ ڪنهن غير قوم جي مرد سان ٿيڻ جي اڳ ڪٿي ڪئي هئي. محمد کٽي (سندس پاليندڙ پيءُ) کيس انهيءَ ڪري پنهل سان نه پئي پرڻايو، جو اهو سندن ڪڙم يا نک مان نه هو. پنهون سان لانئون لهڻ بعد ساڻس ڏيرن جا ڏُک ۽ ويساهه گھاتيون شروع ٿي ويون. پنهونءَ ڏانهن ڪيچ ويندي ڪو به مرد ساڻس ساٿي ڪونه بڻيو. اڪيلي عورت پهڻن جا پنڌ ڪندي، هاڙهي ڏونگر ۾ آيل پنهوار نالي ٻڪرار (جيڪو پڻ مرد هيو) جي ڪُڌي خواهش کان پاڻ بچائيندي، پهاڙي غارن ۾ ٽپو ڏئي، پنهنجو انت آندو. اها آهي مرداڻي سماج جي گھڙيل روايتن جي ڪهاڻي، جنهن عورت جي راهه ۾ ڪٿي رڪاوٽون وڌيون ته ڪٿي انهن کي آزاد ۽ ڇڙواڳ ڇڏيو. جيئن سماج کي ڏوهاري عورت ئي نظر اچي.“ (5) اسان جي صوفي شاعرن سماجي روين ۽ مرداڻي سماج جي هٿ ٺوڪين اصولن سان بغاوت ڪندي عورت جي عظمت جا گيت ڳاتا آهن. سسئي جڏهن پختي عزم ۽ ارادي سان پنهنجي منزل جي تلاش ۾ اڳتي وڌي ٿي ته ان پل نه ته کيس پنهنجي جسماني ڪمزوري ۽ نزاڪت ياد اچي ٿي ۽ نه ئي رڃ، سڃ ۽ پهاڙن جا پنڌ ۽ تڪليفون نظر اچن ٿيون. هوءَ مرداڻي سماج ۾ ڪنهن مرد جي سهاري کان سواءِ پنهنجي محبوب جي تلاش ۾ جڏهن پيرين پنڌ نڪري ٿي ته انسان هجڻ ناتي رستي جون مشڪلاتون به يقيناً کيس تڪليف ۾ مبتلا ڪن ٿيون. پر ”سسئي جي پنهل لاءِ پريت ايتري ته پڪي آهي جو هوءَ سرتين جا سهما، ماڻهن جا مهڻا ۽ ڏونگر جا ڏاڍ سڀ سهڻ لاءِ تيار آهي، هوءَ ورهه ۾ وياڪل آهي ۽ ڪانڌ جي ڪَل لهڻ جي آسري ۾ آهي.“ (6) لطيف سائين پنهنجي رسالي ۾ سسئي جي زباني چيو آهي ته ”مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.“ ۽ سچل سائين وري ساڳي سسئي جي زباني فرمائي ٿو:
مارڳ مٿاهون ٿيو، مارڳ چڙهي ڪير؟
سا پُڇي ساٿ سوير، جائي مارڳ تي مري. (داستان اٺون)
يعني اهو پنڌ موت جو پنڌ هيو، ان ڪري اهو انهن کان زور هيو جن کي جان پياري هئي. سسئي ته پنهنجي پنهل جي عشق ۾ اهڙي نموني غرق هئي جو سندس تلاش ڪندي کيس پنهنجي جان جو سودو به سستو پئي لڳو تڏهن ئي ته چيائين ته:
مارڳ مران شال، دعا ڪريجو جيڏيون،
هوت ههڙي حال، مانَ مٿان مون هٿ ڏئي. (داستان اٺون)
سسئي پنهنجين تڪليفن ۽ ڏکن کي ئي جڏهن پنهنجي طاقت بڻائي ٿي ته اهو ئي مرداڻو سماج حيرتن جي سمنڊ ۾ ٻڏي وڃي ٿو.
گوندر ڪيئن گھاريان، جنهن ڪيس سينڌي سڄڻين،
جان تِڪ پئي توريان، تان ڏک موچارا سُک کئون. (داستان ٽيون)
ªªªªª
سارو لوڪ سُکن، پوءِ رهايو پرينءَ کئون،
ڏسو واه ڏکن، هوتُ وهاريو هنج ۾. (داستان ٽيون)
ªªªªª
چڱو گوندر غمُ، جي مون پُڇو جيڏيون،
منجھ ڪشالي ڪم، آهي ورهه وارئين. (داستان چوٿون)
          ڪرشن کٽواڻيءَ لکيو آهي ته ”اهي انسان جي سستن سُکن مان خوشي پائين ٿا، زندگيءَ ۾ اونهو ڪونه ٿا وڃن. ڪجھ به پائڻ ايترو سنهجو نه آهي. زندگي هڪ ڳولها آهي. راهه تي ڏک ڏاکڙا سَهڻا آهن. دکن کي ولوڙي انهن مان سچي سُک جو مکڻ ڪڍڻو آهي.“ (7) شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ ڏکن کي سُکن جي سونهن سڏيو آهي ۽ سسئي جي زباني فرمايو آهي: ”ڏيکاريس ڏکن، گوندر گسُ پرين جو“ جيڪي ماڻهو ڏکن جي ڏونگرن کي ڪڪرن جيان ڪُلهن تي کڻڻ جو هنر ڄاڻن ٿا اهي ڪڏهن به غمناڪ نه ٿا رهن پر غم سندن رهنما بڻجن ٿا ۽ اهي هميشه ڏکن جي آرسيءَ ۾ سُکن جو چهرو پسن ٿا. ڏک ۽ درد ڪاميابيءَ جو رستو ڏسين ٿا. هوءَ به مشڪلاتن ۽ تڪليفن کان سواءِ منزل ملڻ محال هوندي آهي. سچل سائين جو سسئيءَ جي زباني ڏکن کي سکن کان موچارو چوائڻ يا اهو چوڻ ته ”ڏسو واه ڏکن، هوتُ وهاريو هنج ۾“ اصل ۾ درد ۽ اذيت کان پوءِ ملندڙ ڪاميابيءَ ڏانهن اشارو آهي ۽ ان پٺيان وسيع پيماني تي ڏسبو ته دراصل سچوءَ جو مقصد هي آهي ته جيڪو سماج ڏک کي سگھ بڻائڻ جو حوصلو رکندو آهي اهو ئي انقلابن کي جنم ڏيندو آهي ۽ منزلون ماڻيندو آهي. تنهن ڪري سچل سائين جي سُر سسئيءَ جون هي سٽون به وري وري پڙهڻ جي ضرورت آهي.
ڏکن منجھان سُکَ، مون تا لڌا جيڏيون،
ڏوريندي کي ڏُکَ، سونهان ٿيڙا سڄڻان. (داستان ٽيون)
      

حوالا

1.        جويو محمد ابراهيم، ”شاهه سچل سامي“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1990ع، ص 31 32
2.        ساڳيو ص 90
3.        فهميده حسين ڊاڪٽر، ”اديون آءٌ اڄاڻ“ ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2012ع، ص 129 130
4.        شاد بشير احمد ڊاڪٽر ”عرفانِ سچل“ سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2013ع، ص 38
5.        قناصرو منظور احمد ”سُر ڪوهياري“ مقالو: ”سُر ڪوهياري ۽ سنڌي سماج جا رويا“ (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو) ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2007ع،  ص 63
6.        مورائي رکيل، (مرتب) ”سنڌ جو سرمست“ مقالو سچل جي شعر ۾ عورت جو روپ“ (ڊاڪٽر موتي پرڪاش) ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2009ع، ص 138
7.        گل اياز (مترب) ”آشڪار 3“ مقالو: ”سچل جي شاعريءَ ۾ انسان جو تصور“ (ڪرشن کٽواڻي) سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، 1993ع، ص 65

(مقالي ۾ ڏنل بيتَ عثمان علي انصاري جي ترتيب ڏنل ”سچل سرمست جو سنڌي ڪلام“ مان ورتل آهن.)

¥¥¥¥¥¥¥

No comments:

Post a Comment