ڊاڪٽر احسان
دانش
شاعري
قدامت، افاديت ۽ سماجي ڪارج
شاعري
انسان جي فطري اظهار جو سڀ کان قديم ذريعو آهي. دنيا جي قديم تاريخ جا ورق ورائڻ
سان اها ئي شاهدي ملي ٿي ته نه رڳو غير مهذب دور ۾ شاعري کي جادو ۽ ٽوڻن ڦيڻن طور
استعمال ڪيو ويندو هو پر هر مهذب ۽ متمدن قوم پنهنجي پنهنجي مذهبي رسومات کان وٺي
سماجي ڪار وهنوار تائين ابتدائي طور
پنهنجي اظهار جو وسيلو شاعري کي ئي بڻايو. آڳاٽي زماني ۾ شاعريءَ جي ذريعي ئي
ديوين ۽ ديوتائن کي ڀيٽا ڏني ويندي هئي. ان کان علاوه شاعري جي وسيلي مذهبي
رهنمائن، اڳواڻن، بادشاهن توڙي طاقتور ماڻهن جي مدح سرائي پڻ ڪئي ويندي هئي. ان
وقت شاعري جو سماجي ڪارج اهو ئي هيو. هتي هڪ ٻي ڳالھه به دلچسپ آهي ته هن وقت
تائين سڄي دنيا ۾ جن ڪتابن کي مذهبي طور مقدس ڪتاب سمجھيو وڃي ٿو، اهي پڻ اڪثر
شاعراڻي اسلوب جو پورائو ڪن ٿا. تنهن ڪري شاعري انساني تاريخ سان جڙيل هڪ اهڙو باب
آهي جنهن کي تاريخِ آدم کان ڪڏهن به ٻاهر نه ٿو ڪري سگھجي.
ان کان اڳ جو شاعريءَ جي قدامت، اهميت ۽ سماجي ڪارج تي
ڪجهه وڌيڪ ڳالهائجي، بهتر ٿيندو، ته شعر ۽ شاعريءَ بابت ڪي بنيادي ڳالهيون ۽ وصفون پيش ڪجن. ”شعر لفظ جي معنى عربي ۾ آهي ”ڄاڻ“. انگريزي
ترجمو ان جو ڪجي ته ٿيندو Perceive. شاعر جي لاءِ انگريزي لفظ Poet. Poet
يوناني لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي “Maker” جڏهن ان لفظ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو
”صنعت گر“. يا وري ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو “Craftsman”. شعر جو لفظ عربي لفظ ’شعور‘ مان نڪتل آهي، جنهن
جي معنى دانائي پروڙ يا دريافت ڪرڻ آهي..... يوناني زبان ۾ شاعر کي Poet يعني صانع يا خالق چوندا هئا ۽ روما وارا شاعر ۽
نبي يعني غيب جي خبر ڏيڻ واري جي لاءِ هڪ ئي لفظ (Vates)
استعمال ڪندا هئا. عربي، فارسي (سنڌي) ۽ اردو ۾ شاعريءَ جو لفظ استعمال ٿيندو آهي
جنهن جي اصل معنى باخبر ۽ خبر ڏيندڙ طور آهي. سنسڪرت جي لفظ ڪوي جي به اصلي معنى
دانشور ۽ عارف جي آهي.
شاعريءَ
بابت انهن ابتدائي، بنيادي توڙي ڏندڪٿائي تصورن ۽ تشريحن کان وٺي شاعريءَ جي جديد توضيحن ۽ تشريحن تائين، شاعريءَ جي باري ۾
جيتريون وصفون پيش ڪيون ويون آهن انهن کي ڏسندي اهو چوڻو ٿو پوي ته شاعري پنهنجي
وجود ۾ ايتري ئي وسيع، گھڻ رخي ۽ گوناگون آهي جيتري زندگي. ڇوته زندگي جو ڪوبه
اهڙو موضوع نه آهي جنهن جو شاعريءَ ۾ بيان نه ٿي سگھي. تنهن ڪري شاعري نه رڳو
زندگيءَ جي اُس ۽ ڇانو پر حياتي جي هر لمحي ۽ احساس کي پيش ڪندڙ آهي. لٽرري ٽرمس
اينڊ ڊيفينيشنس Literary
Terms and Definitions ۾
شاعري بابت نهايت مختصر پر ڏاڍي تُز راءِ ڏنل آهي :
The poem typically involves figurative language such as schemes and tropes, and the poem may bend (or outright break) the conventions of normal
communicative speech in the attempt to embody an original idea or convey a
linguistic experience.
(شعر
۾ لفظي معنى کان مٿاهون مطلب ڏيکاريندڙ ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي، شعر ۾ اصل
خيال کي سمائڻ جي ڪوشش ۾ يا ٻوليءَ جي تجربي کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ عام گفتگو
جي اصولن کي موڙي (يا مڪمل طور تي ٽوڙي) به سگھجي ٿو.)
شاعريءَ جي هئيت ۽ اسلوب جي حوالي سان سندس اها وصف بلڪل
مناسب آهي. خاص طور جيئن مٿي چيو ويو ته شاعراڻي ٻولي گرامر جي گھربل اصولن توڙي
عام اظهار ۽ لهجي جي پابند نه هوندي آهي. البته ايترو ضرور آهي ته ان ۾ سُر ۽ لئي، موسيقي ۽
آهنگ ضرور هوندو آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ Melody سڏيو ويندو
آهي. اهو ترنم ۽ موسيقي گھڻو ڪري قافيي جي پابنديءَ سبب پيدا ٿيندي آهي. اهڙي طرح
شاعريءَ ۾ جادوئي اثر پيدا ٿيندو آهي ۽ شعر ٻڌندڙ جي اندر جي تارن کي حرڪت ۾ آڻڻ
جو سبب بڻبو آهي.
شاعريءَ
جي فني ۽ فڪري حوالن کي يڪجا ڪري ڏسبو ته ان جو بنيادي مقصد روح کي تسڪين پهچائڻ،
جذبن کي جولان بخشڻ ۽ تصور ۽ تخيل جي دنيا کي خوبصورت بڻائڻ جو احاطو ڪندي نظر
ايندو. تنهن ڪري لي هنٽ (Leigh Hunt) پنهنجي ڪتاب “An Answer To the Question What is Poetry - Including remarks on
versification” ۾ لکيو آهي ته :
Poetry, strictly and artistically so called, that is
to say, considered not merely as poetic feelings, which is more or less shared
by all the words, but as the operation of that feelings, such as we see it in
the poet’s books, is the utterance of a passion for truth, beauty and power,
embodying and illustrating its conceptions by imagination and fancy.... poetry
stands between nature and convention, keeping alive among us the enjoyment of
the external and the spiritual world ; it has constituted the most enduring
fame.
(شاعري،
جنهن کي خاص ڪري فني حوالي سان رڳو شاعراڻي احساس سان منسوب ڪيو ويندو آهي ۽ اهو
سڄي دنيا ۾ ساڳيو به آهي پر حقيقت ۾ شاعري ان جذبي جو اظهار آهي جيڪو اسان ڪنهن
ڪوتا ڪتاب ۾ ڏسندا آهيون ۽ اهو سچ جو جذبو خوبصورتي ۽ طاقت جو اظهار آهي، جيڪو
شاعر جي تصور ۽ تخيل ۾ سمايل هوندو آهي...... شاعري فطرت ۽ رواجي دنيا جي وچ ۾ هڪ
اهڙي احساس جيان زنده هوندي آهي، جيڪو اسان لاءِ ظاهري ۽ روحاني دنيا مان مزو ماڻڻ
جو ذريعو بڻجي ٿو.)
شاعريءَ
بابت لي هنٽ (Leigh Hunt) جا اهڙا جامع تصور ان کي نه رڳو انساني
احساس جي تصوير ڪشي واري عام معنى بخشين ٿا پر ان ۾ شاعريءَ جي ان قوت ۽ اڏام جو
به ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪا تصور ۽ تخيل جي دنيا ۾ ان کي اُتاهين تائين پهچائي ٿي.
تنهن ڪري ائين چوڻ کپي ته شاعري ڪنهن شاعر جي اندر جي سچاين کي اهڙي فنڪاراڻي نموني آشڪار ڪري ٿي، جنهن مان هر ماڻهو روحاني ۽
احساساتي تسڪين ماڻي ٿو.
شاعريءَ جي مڙني نقادن شاعر جي تخيل ۽ تصور (Imagination) واري پهلو تي گھڻو زور ڏنو آهي، ڇوته اهو ئي هڪ پهلو آهي جيڪو
ڪنهن شاعر کي غير شاعر کان ممتاز بڻائي ٿو. جيتري شاعر جي تخيل جي اڏام اوچي هوندي
اوتري ئي سندس شاعري عظمتن جي اعلى پد تي پهچندي. ان تخيل جو تعلق شاعر جي ڪوشش
سان نه پر سندس اندر جي ڪائنات سان هوندو آهي، جيڪا منجھس انوکي حسيت پيدا ڪري ٿي.
فراق
گورکپوري شاعريءَ بابت دنيا جي ڏاهن ۽ شاعرن جا قول نقل ڪندي لکيو آهي ”ڪارلائل
شاعريءَ کي ”مترنم خيال“ ٻڌائي ٿو. شيلي (Shelley) ’تخيل جي اظهار‘ کي شاعري چوي ٿو. هينيرلٽ وٽ ”شاعري تخيل ۽ جذبات
جي زبان“ آهي..... ڪولرج جي تصور ۾ ”شاعري علم و حڪمت جو ضد آهي ۽ ان جو نصب العين
حقيقت جي تلاش نه پر خوشي جو حاصل ڪرڻ آهي.“ ورڊس ورٿ جي لغت ۾ ”شاعري سمورن
انساني علمن جي جان ۽ ان جو لطيف ترين روح آهي. شاعري جذبات جي اهڙي پُر جوش علامت
آهي جيڪا سموري علم ۽ حڪمت جي چهري ۾ چٽي هوندي آهي.“ ايڊگر ايلين پو جي خيال
مطابق ”شاعري حسن پُر آهنگ ۽ مترنم تخليق جو نالو آهي. وائيس ڊنٽن (Wais Dunton) جو قول آهي ته ”شاعري جذباتي ۽
مترنم زبان ۾ انساني شعور جي محسوس ۽ جمالياتي اظهار جو نالو آهي.“
شاعري مترنم خيال هجي يا تخيل ۽ جذبات جو اظهار، ان جي
افاديت هر دور ۾ رهي ٿي. شاعريءَ بابت پيش ڪيل مٿين سمورين وصفن کي ملائي ڏسبو ته
اها ئي ڳالھه سمجهه ۾ ايندي ته شاعري خيال جي اڇوتي انداز، جذبن جي جولان، حسن ۽
لطافت توڙي علم ۽ ڏاهپ جي خوبصورت لفظن جي بندش وسيلي ڪيل اظهار جو نالو آهي. مٿين
وصفن ۾ هڪ تضاد پڻ نظر اچي ٿو. جيئن ڪولرج ’شاعريءَ کي علم و حڪمت جو ضد سڏيو آهي‘
ته ورڊس ورٿ (Words worth) وري ’سمورن انساني علمن جي جان‘. ان کان به هڪ قدم
اڳتي ورڊس ورٿ پنهنجي مجموعه ڪلام “Lyrical
Ballads” جي مهاڳ ۾
لکي ٿو ته ”شاعري علم جي ابتدا ۽ انتها آهي، اها ايتري ئي زنده و جاويد آهي جيتري
انسان جي دل.“ حقيقت اها آهي ته شاعريءَ بابت ڪولرج جي راءِ اڻپوري ۽ اڻ ڪٿيل آهي،
ڇوته شاعريءَ جو تعلق شعور سان آهي ۽ شاعر باشعور هوندو آهي تنهن ڪري شاعريءَ کي
’علم و حڪمت جو ضد سڏڻ‘ خام خيالي چئبي. ”انگريزي جي مشهور شاعر شيلي (Shelley) شاعر جو جيڪو جامع
تصور پيش ڪيو آهي اهو بلڪل درست آهي ته ”اهي ماڻهو (شاعر) قانونن جا مرتب، مهذب،
اجتماعي هيئت جا باني ۽ زندگي جي علمن ۽ هنرن جا موجد آهن....“
ميٿيو
آرنولڊ (Matthew Arnold) پنهنجي مضمون The Study of Poetry ۾ بهترين ۽ عظيم شاعريءَ لاءِ
لکيو آهي ته:
The best poetry is what we want; the best poetry will be found to have a power of forming, sustaining and delighting us,
as nothing else can. (9)
(بهترين
شاعري اها آهي، جيڪا اسان جي خواهشن جي ترجمان
هجي؛ سٺي شاعري ۾ لطف اندوز ڪرڻ جي قوت موجود هوندي آهي. ان کان سواءِ ان
جو ٻيو ڪوئي ڪارج نه آهي.)
ميٿيو
(Matthew) جي اها راءِ
نهايت وزنائتي آهي ته ’بهترين شاعري اسان جي خواهشن جي ترجمان هوندي آهي‘، پر
شاعريءَ کي فقط لطف ڏيڻ جي قوت چوڻ سان شعر جي وسيع معنى جي تشفي نه ٿي ٿئي. ڇو ته
شاعري جو ڪارج رڳو وندر ۽ ورونهن نه آهي، پر ان جو اهو سماجي پهلو جيڪو معاشري ۾ تحرڪ پيدا ڪري
ٿو به نهايت اهم آهي. بلڪه ٽي ايس ايليٽ ته شاعريءَ کي اهڙو
فن سمجھي ٿو جيڪو مڪمل طور قومي آهي. هو لکي ٿو ته ”شاعريءَ جو واسطو بنيادي طور
احساس ۽ امنگ جي اظهار سان آهي، ۽ احساس ۽ امنگ مخصوص ٿئي ٿي، ۽ خيال ان جي برعڪس
هڪ عام شي آهي، ڌارين زبانن ۾ سوچڻ سولو آهي، محسوس ڪرڻ ڏکيو آهي. تنهن ڪري ڪو به
فن ايترو مڪمل قومي نه آهي، جيترو شاعري......“ اهو ئي سبب آهي جو حافظ ۽ رومي، ڪبير ۽ ڪاليداس پنهنجي پنهنجي زبان ۾
شاعري ڪري پنهنجو قومي فرض نڀايو. سنڌ ۾ اهو ڪم ڀٽائي سر انجام ڏنو ۽ سنڌ جي قومي
شاعر جو درجو ماڻيو.
شاعري
تاثر ۽ تفڪر جو نتيجو آهي ۽ تاثر ۽ تفڪر خارجي دنيا سان مقابلو ۽ ڪائنات جي مطالعي
جو نتيجو آهي. مختلف وقتن تي مختلف تحريڪون، قومن جي زندگيءَ ۾ نئين تاريخ مرتب
ڪنديون رهيون آهن. هڪ اهڙي تاريخ جيڪا سوچ جي نواڻ، تازگي ۽ جدوجهد سان عبارت آهي.
ان عرصي ۾ نااميديءَ جو جتي به ڪو خلا نظر اچي ٿو، ان کي شاعريءَ، لفظن جي روشنيءَ
سان پُر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انسانيت، امن ۽ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ شاعرن پنهنجي
ڏات ۽ پنهنجي ڏانءَ وسيلي، دلين توڙي ذهنن ۾ ڇانئيل اڻ ڄاڻائيءَ جي سانت کي
ڇرڪائي، سوچ کي نوان گس، نيون راهون ڏسيندي، هميشه ڪنهن نئين روايت کي ضرور قائم
ڪيو آهي.
شاعر
جي نظر توڙي فهم ۽ ادراڪ عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيز هوندو آهي. تنهن ڪري هو
پنهنجي دور ۾ رهندي مستقبل ۾ به ڏسي سگھندو آهي، ان ڪري عظيم شاعر کي سندس دور ۾
گھٽ سڃاتو ويندو آهي ۽ مستقبل ۾ جڏهن انساني شعور وڌيڪ پختو ٿي ويندو آهي ته ان
شاعر کي عظمتن جون بلنديون نصيب ٿينديون آهن. برصغير ۾ ان جو وڏو مثال مرزا غالب
آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي اها ڳالھه ڏاڍي وزنائتي آهي ته ”شاعر
پنهنجي دور ۾ سُڃاتو نه ويندو، جيسيتائين دور پاڻ کي ان شاعر جي شاعريءَ ۾ ڏسي نه
سگھندو.“ ايليٽ لکي ٿو ته ”عظيم شاعرن ۾ ڪي خصوصيتون هونديون آهن جي ترت ظاهر ٿي
نه سگھنديون آهن، ۽ صديون پوءِ وارن شاعرن کي سڌي طرح متاثر ڪري، اهي عظيم شاعر
زنده زبان تي هميشه اثر وجھندا رهندا آهن.“ جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي مقبوليت سندس
جيئري، تمام جلد وڌي وڃي ٿي ته اها صورتحال خود شڪ جو باعث بڻجي ٿي. ڇاڪاڻ ته ان
مان اهو انديشو ٿئي ٿو ته هو ڪا نئين شيءِ پيش ڪانه ڪري رهيو آهي، سو اهو ئي ڪجهه
آهي جنهن تي ماڻهو اڳي ئي هريل آهن..... پوءِ اها ڳالھه اشد ضروري آهي ته شاعر کي
پنهنجي دور ۾ صحتمند ۽ باشعور چاهيندڙن جو هڪ ننڍڙو حلقو ضرور هجي... جي فڪر ۾
آزاد هجن ۽ پنهنجي دور کان ٻه قدم اڳتي هجن. يعني اهڙا، جو نئين شيءِ کي جلد قبول
ڪرڻ لاءِ تيار هجن.
هتي اهي ٽي ڳالهيون نهايت غور طلب آهن، پهرين ته ’دور
خود شاعر جي شاعريءَ ۾ پاڻ کي ڏسي‘ ٻيو ’عظيم شاعريءَ جون خاصيتون ترت ظاهر نه
ٿينديون آهن‘ ۽ ٽيون ’شاعر جي پنهنجي دور ۾ مقبوليت خود هڪ سواليه نشان هجڻ کپي.‘
اهي ٽئي ڳالهيون هڪ بهترين شاعر جي منزل ۽ مقام متعين ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ ٿيون، ۽ انهن
مان ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ عظيم شاعر پنهنجي عصري حالتن ۽ تجربن کان به گھڻو مٿانهون
سوچيندو آهي.
شاعريءَ ۽ شاعر بابت اهو سڀ ڪجهه لکڻ باوجود جيڪڏهن ڪو
اهو پڇي ته ”لفظ شاعر جي ڪهڙي معنى آهي؟ هڪ شاعر ڇا هوندو آهي؟ ۽ ان کان ڪهڙي قسم
جي زبان جي توقع رکڻ گھرجي؟ (ته ايترو ئي چئي سگھجي ٿو ته) اهو هڪ اهڙو انسان
هوندو آهي جيڪو ٻين انسانن سان خطاب ڪندو آهي. اهو سچ آهي ته هو هڪ اهڙو انسان
هوندو آهي جنهن کي عام انسانن کان وڌيڪ حسيت، گرم جوشي ۽ طبيعت جي نرمي مليل هوندي
آهي. هڪ اهڙو انسان جنهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ انساني فطرت جو علم هوندو آهي ۽
جنهن جي روح ۾ انهن کان وڌيڪ همه گيري ۽ وسعت هوندي آهي، هڪ اهڙو انسان جنهن کي
ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ پنهنجن جذبن ۽ ارادن سان وڌيڪ دلچسپي هوندي آهي، جيڪو ٻين
ماڻهن جي مقابلي ۾ ان روحِ زندگي مان، جيڪو هر ماڻهوءَ جي اندر لڪل هوندو آهي، منجھان
وڌيڪ لذت ماڻيندو آهي ۽ جيڪو هن ڪائنات جي واقعات ۾ انهي قسم جي جذبن ۽ ارادن جي
مظهرن جا مشاهدا ڪري وڌيڪ مزو وٺندو آهي...... ٻين ماڻهن جي ابتڙ هو غائب شين مان
به ائين متاثر ٿيندو آهي، ڄڻ اهي سچ پچ حاضر هجن.“ شايد انهي سبب شاعر جي تخيل جي
اڏام اوچي هوندي آهي. هو
ڌرتيءَ تي رهي به چنڊ تارن ۽ خلائن جون ڳالهيون ڪري سگھندو آهي. سمنڊ جي پاتال ۾
پيل سپن کي به لفظن جي مالها ۾ وجھندو آهي ۽ ڪئين اڻ ڏٺل شين کي پنهنجن ڪومل لفظن
جو جسم ڏيندو آهي. اهڙي قوت رڳو ڪنهن شاعر وٽ ئي هوندي آهي ۽ اهڙو اظهار رڳو
شاعريءَ ۾ ئي ممڪن هوندو آهي. ”شاعري
هر شيءِ کي حسين بڻائي ڇڏيندي آهي. اها حسين کان حسين شيءِ کي چار چنڊ لڳائي
ڇڏيندي آهي ۽ بدصورت کان بدصورت شيءِ کي هڪ جھٽ ۾ حسن بخشي ڇڏيندي آهي. شاعر عجب
ڪيفيتن جي سمنڊ ۾ ٻڏندو ۽ اپڙندو رهندو آهي، ان وٽ پنهنجي ذات جي ڪرب کان سڄي سماج
جي اجتماعي درد تائين ڪيفيتن جا عجيب رنگ نظر ايندا آهن پر اهو سچ آهي ته بنيادي
طور شاعر جي نگاھ ۾ رڳو حسن جا جلووا هوندا آهن. ڇو ته هن جي اک جنهن طرف به ڏسندي
آهي ان طرف کيس خوبصورتي ئي نظر ايندي آهي، ان ڪيفيت ۾ شاعر رڳو حسن جا رنگ چٽيندو
آهي.
لفظ
غير مادي چيز آهن پر شاعر هڪ اهڙو فنڪار آهي جيڪو انهن کي اهڙي خوبصورت ترتيب سان
پيش ڪري ٿو جو اهي پنهنجي پوري تاثر ۽ تاثير سان ماڻهوءَ جي دل تي اثر ڪن ٿا. شاعر
اڪثر انهن جذبن ۽ احساسن کي پنهنجي اڇوتي اسلوب ۾ پيش ڪندو آهي، جيڪي هر ماڻهوءَ
کي پنهنجي دل جي قريب محسوس ٿيندا آهن. شاعريءَ جو اهو رخ پوري طرح عوامي آهي.
شاعريءَ جو علامتي اظهار خود ان کي انيڪ معنائون ڏئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه لطيف
جي شاعري ان جو اعلى ترين مثال آهي. شمشير الحيدري لکي ٿو ته ”لفظ
شين جون علامتون (Symbols) آهن، اصل شي
نه آهن. شين کي اکين جي ذريعي ته ڏيکاري سگھجي ٿو، پر جذبا ۽ خيال، جن جي ڪابه
مادي شڪل ڪانهي، جن کي نه ڏسي سگھجي ٿو نه ڏيکاري سگھجي ٿو، تن جي صورتگري ڪيئن
ڪجي؟ غم ۽ خوشي جي شڪل ڪنهن ڏٺي آهي؟ انهن کي فقط محسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. شاعري
جذبات ۽ محسوسات جي اڻ ڏٺل دنيا آهي، جيڪا شاعر ٻين کي سندن ڳالهايل لفظن
ذريعي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جن سان انهن جذبن جي وابستگي آهي.“ سچي شاعريءَ لاءِ
ٽي ڳالهيون ضروري آهن. پهرين اها ته شاعر کي اهو سوچڻ ئي نه کپي ته هو ڪهڙن موضوعن
۽ ڪهڙين شين تي لکي، بلڪه هن کي رڳو انهن ئي موضوعن تي لکڻ کپي جيڪي سندس پنهنجن
تجربن ۽ مشاهدن تي پورا لهندا هجن ۽ جن کي بيان ڪرڻ لاءِ هو ان خلش کان مجبور ٿي
ويو هجي جيڪا سندس من ۾ قيامت برپا ڪري چڪي آهي....... شاعر لاءِ ضروري آهي ته هو
قاري جي اهميت کي دل سان مڃي ۽ انٽليڪچوئل Intellectual ۽ Dull شاعريءَ کان پاسو ڪري. هي ڳالهيون شاعريءَ
جي بي ساخته اظهار ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ۽ ان بي ساخته اظهار ۾ ڪنهن به شاعر جي
اندر جي اجھل ڪيفيتن کي محسوس ڪري سگھبو آهي.
دنيا جا اڪثر نقاد ۽ محقق ان ڳالھه جي تائيد ڪن ٿا ته
ادب جي سڀ کان پراڻي شڪل شاعري آهي. ڊاڪٽر عبدالحليم ندوي پنهنجي ڪتاب ”تاريخِ
عربي ادب“ ۾ لکي ٿو ته ”سڀ کان پهرين شي جيڪا شعر سان ملندڙ جلندڙ هئي اهي مسجع
جملا هيا، جن کي عام طور ڪاهن (پروهت يا ساڌو قسم جا ديني پيشوا) ۽ دانشور ماڻهو
چوندا هيا. اهي مقفى جملا هوندا هئا.“ پراڻي
زماني جي شاعريءَ جا جيڪي نمونا اسان تائين پهتا آهن، انهن جي مطالعي مان اهو
نتيجو نڪري ٿو ته هر ملڪ ۽ دور ۾ شاعري پنهنجي زماني جي اجتماعي ۽ تمدني حالات ۽
معاملات جو آئينو رهي آهي ۽ ان سان ماڻهو کي پنهنجي اردگرد جي دنيا کي پنهنجي
ضرورتن ۽ مرادن مطابق ٺاهڻ ۾ وڏي مدد ملي آهي. شاعري نه رڳو حال جي عڪاسي ڪندي آهي
پر مستقبل جي تشڪيل ۽ انساني حياتي جي تهذيب ۽ ترقي ۾ هڪ موثر قوت ثابت ٿيندي رهي
آهي........ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ سڄو انساني علم مذهب جي شڪل اختيار ڪري
چڪو هيو ۽ ان علم جي زبان شاعري هئي.
اسين جڏهن دنيا جي قديم ادب تي نگاھ وجھون ٿا ته مصري،
سميري، لاطيني، هندي ۽ عربي ادب جا آثار نمايان نظر اچن ٿا. اهو سمورو ادب اسان کي
صدين ۽ سالن جي سنڌن ۽ سيڙهن کان به ڪوهين ڏور وٺي وڃي ٿو ۽ اهڙي ادب جو آغاز گھڻو
ڪري شاعري وسيلي ئي ٿيل آهي. ابن حنيف جي چوڻ مطابق ”تحريري صورت ۾ مليل قديم ترين
مصري شاعري هاڻي کان ڪوئي ساڍا چار هزار سال پهريان جي آهي.“ (جڏهن ته ان جي تخليق
جو حقيقي عرصو اڃا به گھڻو پرا ڻو آهي.) هو پنهنجي ڪتاب ”دنيا ڪا قديم
ترين ادب“ ۾ سميري ادب جي قدامت بابت لکي ٿو ”عراق جي سميرين جو ادب تحريري صورت ۾
2800 قبل مسيح يعنى اڄ کان پوڻا پنج هزار سال قبل مسيح کان آهي. جڏهن ته هو هند جي
ويدي ادب بابت لکي ٿو ته ”ويدي لٽريچر جو زمانو گھٽ ۾ گھٽ پنڌرنهين صدي قبل مسيح
کان وٺي ٻي صدي قبلِ مسيح تائين آهي.“ هندن جي
ويدن ۾ سڀ کان اهم رگ ويد آهي. رگ ويد ڪنهن هڪ شاعر جي نه پر تمام گھڻن پروهت شاعرن
جي تخليق آهي. رگ ويد جي تقريباً سڀني نظمن جو رنگ مدحيه، دعائيه ۽ مناجاتيه آهي.
عربي ادب جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته دورِ جاهليت ۾ شاعر جو مرتبو ۽
مقام تمام بلند هيو، ان حد تائين جو جيڪڏهن ڪنهن قبيلي ۾ ڪو شاعر پيدا ٿيندو هيو
ته وڏيون خوشيون ۽ شادمانا ٿيندا هئا. ”جاهلي زماني ۾ شاعر جي اها حيثيت بلاوجه نه
هئي. ان معاشري ۾ شاعر جي ايتري اهميت ۽ سماج ۾ ايترو اثر هيو جو رڳو هڪ شعر چوڻ
سان عزتون بگڙجي وينديون هيون ۽ بگڙيل عزتون ٺهي وينديون هيون.“
شاعري
يقيناً روشنيءَ جو اهو پهريون ڪرڻو آهي، جنهن جهالت جي اوندھ کي دور ڪيو، پراڻي
تاريخ جا ورق ورابا، ڪالديا،
بابل، ايران، اشوريه، چين، هندوستان، مصر، فلسطين، يونان ۽ روما جي تمدن جو جائزو
وٺبو ته اها ڳالھه اجري ڏينهن وانگر روشن ٿي ويندي ته اڳلي زماني ۾ شاعري انسان جي
سمورن علمي ۽ عملي اڪتسابات (ڪوششن) تي ڇانئيل هئي. ويد جا اشلوڪ، اوستا جا فرگرد، ڪنفيوشيش جا الهامي ملفوظات، اشعارِ موسوي
جون تنبيهون ۽ هدايتون، زبور جون مناجاتون، سليمان بن دائود جا مثال ۽ گيت، انجيل
جون بشارتون سمورا شاعريءَ جو مثال آهن. قديم يونان جا حڪيم شاعريءَ جو ئي لباس
پائي ظاهر ٿيا نه رڳو ميوزيوس (Musiaeus) هيسيڊ (Hesiod) ۽
هومر (Homer) پنهنجا اختراعات شعر ۾ پيش ڪيا بلڪه طاليس (Thales) امباء قليس (Emhedocles) ۽ فيثا غورث (Pythogords) جهڙن حڪيمن ڪائنات ۽ حياتِ انساني جي باري ۾
پنهنجن سڀني فڪرن ۽ نظرين کي شاعريءَ جي ئي زبان ۾ ادا ڪيو.
شاعر
کي عربي ۾ ”تلميذ الرحمان“ يعني خدا جو دوست پڻ چيو ويندو هيو. ابتدائي طور يورپ ۾
به شاعرن لاءِ لڳ ڀڳ ساڳيو تصور نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ ان تصور ۾ مذهبي اثر جي جھلڪ
چٽي ظاهر ٿئي ٿي ۽ مبالغه آميز محسوس ٿئي ٿو، پر شاعريءَ جي ابتدائي تصورن ۾ ان کي
وڏي اهميت رهي آهي. دنيا جي عالمن يونان کي علم، شعور ۽ ڏاهپ جي ڀومي سڏيو آهي،
تنهن ڪري اهو ممڪن ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته جتي سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جهڙا ڏاها پيدا ٿيا هجن اتي ادب ۽ شاعري بابت
نه ڳالهايو ويو هجي. سقراط، افلاطون ۽ ارسطو يونان جي اها ٽه مورتي آهي، جتان دنيا
کي علم، فلسفي ۽ ڏاهپ جي روشني ملي. سقراط زهر جو پيالو پيئڻ کان اڳ پنهنجي تاريخي
خطاب (Applogy) ۾ شاعري ۽
شاعرن بابت ڳالهايو، جنهن بعد سندس شاگرد افلاطون پنهنجي ڪتاب (Republic) ۾ شاعرن بابت پنهنجي واضح راءِ
ڏني، جيتوڻيڪ هو پاڻ هڪ شاعر هيو ۽ بعد ۾ پنهجي استاد جي اثر هيٺ فلسفي ڏانهن رخ
رکيائين پر هن شاعرن لاءِ جيڪا راءِ رکي سا ڪافي تلخ هئي، ڇو ته هن پنهنجي مثالي
رياست مان انهن کي نيڪالي ڏني هئي، پر ان لاءِ هن وٽ ڪجهه دليل هيا. افلاطون جي
شاگرد ارسطو وري (Poetica) نالي هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن علمي دليلن سان نه رڳو پنهنجي استاد جي راءِ
جي نفي ڪئي، پر شاعريءَ ۽ شاعرن بابت تمام وضاحت سان پنهنجي راءِ ڏني. سقراط ۽
افلاطون خيال پرست (Idealist) هئا، پر انهن جي ڀيٽ ۾ ارسطو معقوليت (Rationalism) جو حامي هو، هن وٽ عقل (Reason) جي اهميت هئي.
ان ۾
ڪو شڪ ناهي، ته شاعري انساني جذبن ۾ تحرڪ پيدا ڪري ٿي ۽ ماڻهوءَ جي جمالياتي حس کي
بيدار ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن انسان جو من ڪنهن اجري نديءَ وانگر آهي ته شاعري
ان ۾ سج جي ڪرڻن وارو ڪم ڪري ٿي، ان جوت وسيلي جمال جا جلوا پسي سگھجن ٿا. شاعرن
جي لفظن ۾ جذبات ۽ احساسات جو سمنڊ ڇلندو آهي. ”شاعرن ۽ پيغامبرن جا زباني گفتا
بيحد جذباتي هوندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اهي اسان کي ايترو متاثر ڪن ٿا، پر
انهي مان اهو مقصد نه سمجھڻ گھرجي ته هنن اهي گفتا يا فقرا ٻڌندڙن کي محض جذباتي
طرح متاثر ڪرڻ لاءِ ويهي گھڙيا آهن.“ جيڪڏهن ائين هجي ها ته شاعريءَ جو سماجي ڪارج ئي فوت ٿي وڃي ها. جڏهن ته
دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته شاعري کوکلي جذبات جي راند نه آهي پر ان وسيلي دنيا ۾
انقلابي تبديليون به اينديون رهيون آهن.
ٽي
ايس ايليٽ لکيو آهي ته ”جيڪڏهن اسان کي شاعريءَ جو لازمي سماجي ڪارج ڳولهڻو آهي ته
پهريان ته اسان کي انهن ظاهر ظهور ڪارجن ڏانهن بشرطيڪه ان کي ڪي ڪارج پورا ڪرڻا
آهن ــ ڏسڻ گھرجي، جيڪي ان کي واقعي پورا ڪرڻا آهن، انهن منجھان پهريون منهنجي
خيال ۾ جنهن بابت اسان کي خاطري ٿي سگھي ٿي سو هي آهي ته شاعريءَ کي لطف يا ورونهن
ڏيڻ گھرجي......... آءٌ سمجھان ٿو ته هيءَ ڳالھه پڻ مڃي ويندي ته هر سُٺي شاعر کي
پوءِ هو ڪو وڏو شاعر هجي يا نه، لطف سان گڏ پنهنجن پڙهندڙن کي ٻيو ڪجهه به ڏيڻو
آهي، ڇو ته جي هو خالي ۽ محض لطف ڏيندو، ته اهو لطف بذات خود به ڪنهن ڪمال درجي جو
نٿو ٿي سگھي.“ تنهن ڪري عظيم شاعريءَ لاءِ رڳو لطف
ڏيڻ وارو اهو معيار ڪافي نه آهي، پر ڀٽائي جي لفظن ۾ ’او ڪو ٻيو
فهم‘ آهي ۽ حقيقت ۾ اهو
ٻيو فهم آهي؛ شاعريءَ ۾ پنهجي دور جي ڪرب جو اظهار ڪرڻ، غلط ريتن ۽ روايتن جي نندا ڪرڻ ۽ انسانن کي خوابِ غفلت مان سجاڳ ڪرڻ
جو سنيهو ڏيڻ، جنهن کي اسين ادب ۾
سماجي حقيقت نگاري ۽ شاعريءَ جو سماجي ڪارج سڏيون ٿا.
شيلي (Shelley) پنهنجي مضمون Defence of Poetry ۾ شاعريءَ بابت ڏاڍي بهترين راءِ ڏني آهي. هو لکي ٿو ته ”شاعري وڄ
جي تلوار آهي جيڪا هميشه بي مياڻ ئي رهندي آهي، ڇو ته ان کي جيڪڏهن مياڻ ۾ رکڻ جي
ڪوشش ڪئي وڃي ته اها مياڻ کي جلائي رک ڪري ڇڏيندي آهي.“ حقيقت ۾ شيلي (Shelley) جي اها وصف عظيم
شاعريءَ جي پرک لاءِ هڪ وڏو معيار آهي. هن راءِ ۾ شاعريءَ جي
جمالياتي رخ جي نه پر ان جي سماجي ڪارج جي ڳالھه ڪيل آهي. شاعري وڄ جي تلوار ان
وقت ئي بڻجي ٿي جڏهن ان جا موضوع دور جون تلخ حقيقتون بڻجن ٿا ۽ شاعر پنهنجن شعرن
وسيلي پنهنجو مزاحمتي ڪردار ادا ڪري ٿو.
شيلي لکيو آهي ته ”شاعري تاريڪ کان تاريڪ دور ۾ به زندگيءَ جي روشني هوندي
آهي ۽ ڪنهن انتشار جي دور ۾ حسن، شرافت ۽ صداقت جو جيڪو آخري ذرو باقي رهجي ويندو
آهي اهو انهيءَ جي ڪري قائم رهندو آهي..... شاعريءَ جو جادو ان
وقت تائين هلڻ بند نه ٿيندو آهي جيسيتائين اخلاق جي خرابي سوسائٽي جي ڍانچي کي صفا
تباھ نه ڪري ڇڏي.“ ان مان ظاهر ٿيو ته هڪ شاعر پنهنجي تخليق جي ٻلَ تي سماج جي
سڌاري لاءِ آخري حد تائين به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ڪري ڊاڪٽر سحر امداد جي
اها ڳالھه درست آهي ته ”شاعري ڪنهن به خاص دور جي نبض جي رفتار آهي، جنهن جي ذريعي
ان خاص وقت جي حرارت معلوم ڪري سگھجي ٿي. ان ريت ڪنهن خاص دور جي پيڙائن، اهنجن،
ايذائن جو اندازو ڪري سگھجي ٿو. ان دور جي سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي مسئلن
بابت ڄاڻي سگھجي ٿو. ائين انهن کان بچاءَ جون تدبيرون اختيار ڪري سگھجن ٿيون. ان
ڪري اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته شاعري هر دور ۾ هڪ عهد ساز ڪردار ادا ڪري ٿي.“
شبنم
گل ٽي ايس ايليٽ (T.S Eliot) جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”ادب ۾ وقت ۽
حالتن جي جھلڪ قدرتي ڳالھه آهي. وقت جي گھرجن
کي سمجھندي شاعر کي پنهنجي صلاحيتن کي ان انداز ۾ استعمال ڪرڻ گھرجي، جو دور جون
حالتون کانئس ڪا رهنمائي وٺنديون رهن. ڪنهن به تازي مسئلي (Current Issue) تي قلم کڻندي، جيڪڏهن هو اهو سوچي ته ان رجحان جي ختم ٿيڻ سان
سندس شاعريءَ جي اهميت به ختم ٿي ويندي ته پوءِ فن، فن نه رهندو بلڪه ان ۾ بناوٽ (Artificiality) اچي ويندي. جيڪڏهن وقتي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن شاعر وٽ شعوري
طور تي ڪا وقتي Choice (چونڊ) آهي ته اها
عارضي ۽ غير موثر آهي، ان رويي تي ٽي ايس ايليٽ (T.S Eliot) هن
انداز سان روشني وجھي ٿو :
ممڪن آهي جيڪڏهن شاعر ڪنهن خاص
لمحي جي مقبول رويي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪندو هجي ته ان ۾ هن جي خراب شاعري به
عارضي طور تي مقبول ٿي وڃي، پر حقيقي شاعريءَ جو معيار اهو آهي ته اهو ڪنهن رويي
جي عام مقبوليت جي بدلجي وڃڻ کان پوءِ به زنده رهندي آهي، بلڪه ان حد تائين جو
جڏهن ان مسئلي ۾ ڪنهن جي ٿوري دلچسپي باقي نه رهندي آهي، جنهن تي شاعر پُر جوش
انداز ۾ پنهنجي شاعريءَ جو بنياد رکيو، ان وقت به ان جي شاعريءَ ۾ اها ئي توانائي
۽ اها ئي تازگي برقرار رهندي آهي. ( تنهن ڪري) ........ شاعر وٽ جيڪڏهن جذبي جي
سچائي ۽ فڪر جي گھرائي آهي ته سندس لهجي جي مضبوطي ڪنهن مشعل جيان تيز هوائن ۾ به
ٻرندي رهندي آهي.“ شاعريءَ جو سماجي منصب سمجھڻ لاءِ ان حقيقت جو اداڪ هجڻ ضروري
آهي ته شاعري رڳو ڪنهن اداس دل لاءِ ڪو پيارو نغمو نه آهي پر هڪ دور جي دانهن به
آهي جنهن جو پڙاڏو صديون پوءِ به ساڳي شدت سان ٻڌو ويندو. مان هتي وري به ٽي ايس
ايليٽ جا لفظ ورجايان ٿو ته ”هڪ زنده سماج ۾ ان جي هڪ حصي جو ٻئي حصي تي باهمي اثر
مستقل طور پوندو رهندو آهي. ۽ آءٌ ”شاعريءَ جي سماجي ڪارج“ مان اها ئي ڳالھه، سندس
وسيع معنى ۾، مراد وٺان ٿو : يعني هيءَ، ته شاعري پنهنجي رفعت زور ۽ تاثير جي
مناسبت سان سڄي قوم جي ٻول چال ۽ شعور ۽ ادراڪ تي اثر وجھي ٿي.
مددي ڪتابَ
- ”ادب، زندگي، سماج“ هڪڙو ڊاڪٽر انور فگار (مرتب) مقالو ”علم ادب“ علامه آءِ آءِ قاضي؛ مهراڻ اڪيڊمي 2006
- ”ادب ۽ تنقيد“ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ڇاپو ٽيون 1996 ص 90
- ”شعر اور غزل“فراق گورکپوري ادبي اڪيڊمي دهلي ڪالوني ڪراچي
4. “An Answer To
the Question What is Poetry Including remarks on versification” Leigh
Hunt
- ”مغربي شعريات“ محمد هادي حسين مجلس ترقيء اردو لاهور طبع اول 1986
6. “Essays in
criticism” Matthew Arnold,
Famous products urdu bazar Lahore 2006
- ٽي ـــ ايس ــ ايليٽ (فن ۽ فڪر) بدر اڄڻ مضمون: ”شاعري جو سماجي ڪارج“ (ٽي ــ ايس ــ ايليٽ ترجمو: محمد ابراهيم جويو) گل حيات انسٽيٽيوٽ آريجا ڇاپو ٻيو 1995
- ”نيڻ مهٽي خيال جاڳيا“ تاج جويو مهاڳ ”شاعر ديپ جلائن ٿا“ (شبنم گل) روشني پبليڪيشن حيدرآباد 1993
- ”تنقيدون“ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
- ”سنڌي آزاد نظم جي اوسر“ شمشير الحيدري، حيدري انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر اينڊ آرٽس ڪراچي، 1987
- ”ادب، ڪلچر اور مسائل“ (ڊاڪٽر جميل جالبي ڪي 56 تنقيدي و فڪري مضامين) خاور جميل رائل بک ڪمپني ڪراچي اشاعت اول 1986
- ”تاريخِ عربي ادب“ڊاڪٽر عبدالحليم ندوي پرنٽ لائن پبلشرز 1999
- ”مصر کا قديم ادب“ ابن حنيف، بيڪن بڪس ملتان بار اول 1992
- ابن حنيف ”دنيا کا قديم ترين ادب“ جلد دوم بيڪن بڪس ملتان بار سوم 1998
- ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“ ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي ڇاپو پهريون 1997
- سحر امداد حسيني ڊاڪٽر ”شعور، شاعر، شاعري“ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو پهريون 2008
No comments:
Post a Comment