شاعري




غزلَ


رُڃ نيڻن ۾ خواب ٿا پلجن
لمحي لمحي عذاب ٿا پلجن

تنهنجي نظرن جا گھاوَ ڪير سهي
آکــيــرن ۾ عقــاب ٿا پلجن

تـــــو هـٽــايو نقــاب چهري تان
پــــوءِ به دل ۾ حجاب ٿا پلجن

وير خوشبوءَ سان نه پاڙي سگھندين
روز ڀــون تي گلاب ٿا پلجن

ســاز ۽ سوز آ دل منجھ ڀريل
هـــا رڳــن ۾ ربــاب ٿا پلجن

درد مون لاءِ دادلا آهن
پالڪين ۾ نواب ٿا پلجن

پنهنجي ڌرتيءَ سان ناهي سچو ڪو
پر گھٽين ۾ خطاب ٿا پلجن



تيرگيءَ سان نڀاءِ چانڊوڪي
نيڻ راهن وڇاءِ چانڊوڪي

دل جي ڌرتيءَ تان سج لهي ويو آ
پنهنجا ڪرڻا وَساءِ چانڊوڪي

آءٌ تــــو لاءِ منتظـــر، تنهنجي
منهنجي اکڙين ۾ جاءِ چانڊوڪي

چنڊ چهرو لڪل ڪٿي ٿو ٺهي
زلف مُنهن تان هٽاءِ چانڊوڪي

ڌنڌلا خـــواب ســاڀيان ماڻِن
ٿورڙو مسڪراءِ چانڊوڪي

دل جو ويران شهر روشن ڪر
مون سان ناتو نڀاءِ چانڊوڪي

آس جي پُل پوي نه پرزا ٿي
آڏو بادل هٽــاءِ چانڊوڪي

ديپ جي روشني ته جھيڻي آ
ائين نه ڪنهن کي سَتاءِ چانڊوڪي


دل جون آوارگيون ڪيئن ختم ٿي ڪرين
ڇو اجايو تون نيڻن کي نم ٿي ڪرين

فاصلن ۾ به قربت کي محسوس ڪر
روح جي رابطن کي مڌم ٿي ڪرين

پيار پردن ۾ پالڻ جي ڪوشش نه ڪر
تون الائي ڇو ايڏو وهم ٿي ڪرين

آرسيءَ جي اڳيان ڪنڌ ڇو ٿو جھڪئي
او سکي پاڻ کان ڀي شرم ٿي ڪرين!

عشق کي ڪر نه نيلام بازار ۾
دل جي دولت جي قيمت ڇو ڪم ٿي ڪرين

آ خــزائن جي موسم ته گذري وئي
ڇو بهارن ۾ تازا زخم ٿي ڪرين


ڪڏهن نظرن جي تيرن جا نشانا
ڪڏهن هڪ ديد لئه تڙپن ديوانا

چمي وڃ منتظر نيڻن کي منهنجي
محبت کي ڏئي وڃ ڪائي معنى

ويا وکري اکين مان کوڙ موتي
لٽايا تنهنجـــي يــــادن ۾ خـــزانا

حياتيءَ جي حقيقت کي نه سمجھئي
دکن کي ٿي چوين آهن فسانا

اندر ۾ بس رڳو پن ڇڻ جي موسم
نه ڄـــاڻان ڪيترا گـــذريا زمانا

جدائيءَ لاءِ هڪ لمحي جي رنجش
ملڻ لئه ڪيترا گھرجن بهانا

درد وندن جا ڪري پيا ڳوڙها
دل جي زخمن جا ڪري پيا ڳوڙها

ڪوڪَ ڪاريءَ جي ٻُڌي دل ڌڙڪي
منهنجي نيڻن جا ڪري پيا ڳوڙها

وارَ نـــاريءَ جـــا ويــا چـــاندي ٿي
ڪيئن درپن جا ڪري پيا ڳوڙها

ســـاز ۾ ســـوز جـــڏهن پيـــدا ٿيو
پوءِ نغمن جا ڪري پيا ڳوڙها

ماڪ ترڪي جو پئي شاخن تي
ڄڻ ته گلڙن جا ڪري پيا ڳوڙها

رات آڪـــاس تي ســڏڪـي سـڏڪـي
نيٺ ڪڪرن جا ڪـــري پيا ڳوڙها

دل جي صحرا ۾ گل ٽڙيو نه ڪوئي
تڏهن جذبن جا ڪري پيا ڳوڙها

ڪالھ محفل ۾ ها کلندي کلندي
کوڙ مستن جا ڪري پيا ڳوڙها

مون ته روڪڻ گھريا هئا دانش
پو به لفظن جا ڪري پيا ڳوڙها


منهنجا جذبا گلاب جيان مهڪيا
دل جا اڌما گلاب جيان مهڪيا

جن ۾ توکي ڏٺو هيو جاني
سارا سپنا گلاب جيان مهڪيا

ها خوشيءَ مان ڪريا هئا جيڪي
لڙڪ منهنجا گلاب جيان مهڪيا

جن تان تنهنجو گذر ٿيو هيڪر
سڀئي رستا گلاب جيان مهڪيا

تنهنجي تعريف ۾ چيا ها جي
لفظ منهنجا گلاب جيان مهڪيا

چوطرف پکڙجي وئي خوشبو
منهنجا نغما گلاب جيان مهڪيا

مرڪ تنهنجيءَ مان ڪجھ ٽڙيون مکڙيون
ٽهڪ تنهنجا گلاب جيان مهڪيا


غم الم ڇاهي ۽ خوشي ڇاهي؟
موت ڇا آهي زندگي ڇاهي؟

پيار جو مان ڏيئو جلايان ٿو
لوڪ ڄاڻي ته روشني ڇاهي

قربَ ۾ ڪنڌ ڪپائي ڇڏجي
جڳ سمجھي ته روشني ڇاهي!

درد جي نانگ جو ڏنگيل آهي
کيس ناهي خبر خوشي ڇاهي

زندگي ڀر نه آءٌ سمجھي سگھيس
ڪوئي سمجھائي آدمي ڇاهي؟

عشق جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان پو
هوش ڪهڙو ۽ بي خودي ڇاهي


ساز کي تار کان جدا نه ڪجي
گل کي خار کان جدا نه ڪجي

ساري ڌرتيءَ مٿان لهــو هاري
سونهن سنسار کان جدا نه ڪجي

نفرتون ڌار ڪجن جيون کان
زندگي پيار کان جدا نه ڪجي

ماڻهو ماڻهوءَ کان ڇو جدا آهي؟
مٽي هٻڪار کان جدا نه ڪجي

ڏکَ جي فلسفي کي ڪو سمجھي
لڙڪَ کي لارَ کان جدا نه ڪجي

بس خيـــالن ۾ سمـــائي ڇڏجي
دل کي دلدار کان جدا نه ڪجي

عشق جي ڌن ۾ ٿي ويو آ غرق
يار کي يار کان جدا نه ڪجي

اڄ به منصور کپي ڪو دانش
سچ کي دار کان جدا نه ڪجي


پيار ۾ پنهنجو بڻائين ڇونه ٿي
دل چريءَ کي آزمائين ڇونه ٿي

تنهنجي زلفن ۾ لڪل آ چاندني
چنڊ تان بادل هٽائين ڇونه ٿي

مرڪ تنهنجيءَ ۾ آ خوشبو پيار جي
جڳ ساري ۾ ورهائين ڇونه ٿي

تنهنجي نظرن ۾ هزارين رنگ هن
مون کي تون رنگين بڻائين ڇونه ٿي

آ اڃو مدت کان هي دل جو شهر
چاھ جون بوندون وَسائين ڇونه ٿي

هي انڌيرو مونکي ڊيڄاري پيو
ديپَ لفظن جا جلائين ڇونه ٿي

هٿ تريءَ تي نانءُ ٿي منهنجو لکين
پوءِ ڀي منهنجو سڏائين ڇونه ٿي

ائين ته ٻوسٽ ٿو ٿئي مونکي سکي
شرم جا پردا هٽائين ڇونه ٿي


ننڊ اکين منجھان آ اڏامي وئي
موج ڇولين منجھان آ اڏامي وئي

مونکي ساڳي محبت کپي ماڻهئو
جيڪا دلين منجھان آ اڏامي وئي

جيڪا خوشبو پرينءَ جي شهر ۾ هئي
سا به گھٽين منجھان آ اڏامي وئي

جاءِ لڙڪن وتي آ اچي مرڪ جي
مرڪ چهرن منجھان آ اڏامي وئي

ڪير موٽائي ڏيندو وري دوستو؟!
مهڪ گلڙن منجھان آ اڏامي وئي

وائڙا ٿا سڀئي شهر واسي لڳن
سوچ ذهنن منجھان آ اڏامي وئي
 

جي ڪجھ به مان ڪڇان ٿو
ڪافر سڏيو وڃان ٿو

آ پــنــڌ سچــوءَ وارو
سوريءَ کي ڄڻ سڏيان ٿو

ٿـيـــا پير پٿون آهن
منزل ڏي پر وڌان ٿو

اندر جڏهن جلي ٿو
تڙپي تڏهن لکان ٿو

ڪو راز آهيان شايد
جو دير سان کـُـلان ٿو

بي آب مڇيءَ وانگر
توکان بنان لُڇان ٿو


باغن ۾ گلابن زخم ڏنا
صحرا ۾ سرابن زخم ڏنا

ٽهڪن جو پڙاڏو سڏڪا هن
مرڪن جي عذابن زخم ڏنا

دل ڇيهون ڇيهون ٿي ويئي
لفظن جي عقابن زخم ڏنا

ها تنهنجي ادائن تڙپايو
اکڙين جي عتابن زخم ڏنا

احساس جي ڌرتي لرزي وئي
دردن جي ربابن زخم ڏنا
 

ڏک جيون جو باب سمجھان ٿو
۽ خوشيءَ کي سراب سمجھان ٿو

اڄ ملي دل کي آ خوشي جيڪا
سا الائي ڇو خواب سمجھان ٿو

تنهنجي وڇڙڻ جي هڪ گھڙي جاني
مان ڳرو ڪو عذاب سمجھان ٿو

ڪنهن ڏکويل جي گرم لڙڪن کي
پنهنجي اکڙين جو آب سمجھان ٿو

ڪين پُرجھي سگھيم زماني کي
فلسفي  جو ڪتاب سمجھان ٿو

سنڌ خاطر جو رتُ وهيو آهي
تنهن کي مشڪ ۽ گلاب سمجھان ٿو


منهنجي خوابن جي تعبير آن تون
يا وري منهنجي تقدير آن تو
ن

مون تصور ۾ جيڪا چٽي هئي
هوبهو ساڳي تصوير آن تون

جونِ جي ڪنهن تتل ڏينهن ۾
جنوريءَ جي ٿڌي هير آن تون

آءٌ خوشبو جي ڳولا ۾ آهيان
تون عطر آهين عنبير آن تون

بي زبان آءٌ دنيا جي آڏو
منهنجي جذبن جو تفسير آن تون

آءٌ توکان سوا آهيان مفلس
ڇوته دانش جي جاگير آن تون



مـــــاٺ طــــوفان جي عـــلامت آ
۽ جـــنــون عشــق جــي ضــرورت آ

دل جي زخمن کي رفو، ڪير ڪندو
هيءَ ته تنهنجي پرين عنايت آ

پنهنجي دامن کي بچائي رکجان
گل سان خار جي رفاقت آ

خوابَ صحرا جو سفر ٿيندا وڃن
ڄڻ سرابن سان منهنجي چاهت آ

آئينه گر کان ڪو پڇي ته ڏسي
عڪس در عڪس تنهنجي صورت آ

ڀل زمانو سڄو سڏي ڪافر
تنهنجو جوڀن ئي منهنجي جنت آ

پنهنجي ديوانگيءَ کي ڇا چئجي
هيءَ ته دانش جي دل جي دولت آ



تنهنجي نيڻن ۾ جو جادو آهي
تنهن سندم دل کي ڪيو قابو آهي

پيار جو انت نه ڪائي سرحد
پيار احساس جي خــــوشبو آهي

دل جي بت خاني ۾ تنهنجي مورت
ها ســــدا منهنجي روبـــرو آهي

راھ جـــا خــــار پنبڻين ۾ پلي
ڪئي گلابن سان گفتگو آهي

جان، بيجان کي ڪري زنده
بس اها منهنجي آرزو آهي

ڪوئي آواره چوي يا پاگل
حسن جي مونکي جستجو آهي

دل جي ويرانين ۾ ڀٽڪي ٿو
عشق پياسو ڪوئي آهو آهي

سرخ رهندو ڪڏهن نه ٿيندو زرد
سچ، مخدوم جو لهو آهي


وقتَ ٻيڙيءَ تي تري ٿو ماڻهو
ميڻ بتيءَ جان ڳري ٿو ماڻهو

پنهنجي غلطيءَ کي لڪائڻ خاطر
ٻي تي الزام ڌري ٿو ماڻهو

ريت ذري کي خدا جي دعوى
ڪيئن هوائن ۾ تري ٿو ماڻهو

جي ٻڏي سج ويو ته ڇا ٿي پيو
هڪڙو ڏيئو ته ٻري ٿو، ماڻهو

روح جي تارَ تارَ کي ڇيڙي
ڪيڏو بيتاب ڪري ٿو ماڻهو

ڪير پياسو آ، پيار جو پاڻي
دل جي گھاگھر مان ڀري ٿو ماڻهو

پنهنجي نيڻن مان پياري مونکي
ڇو گنهگار ڪري ٿو ماڻهو

شهر جـــو شهر ٿي ويـــو قاتل
ڪيئن ماڻهوءَ تي مري ٿو ماڻهو


چپن جا پوپٽ اُڏي رهيا هن، گلاب چهرو چمڻ گھرن ٿا
اوهانجا ڪاڪـُل ڪڪر ڪڪوريل، هي دل جون تارون ڇُهڻ گھرن ٿا

اوهانجي نيڻن جا پيارا جُگنو، اسان جي دل لئه ڏيئن سمان هن
ائين اجھائي ڇڏيــــو نه جــــانان، اڃــــان هي ڏيئا جــلڻ گھرن ٿا

هي لفظ جيڪي وسن ٿا دل جي اداس ٿر تي ڪنهن وڏ ڦڙي جان
خـــدارا تـــن کـي نه روڪجـــو، ڪجھ پيار جا گل ٽڙڻ گھرن ٿا

ڪٿي آ سورج، ڪٿي آ چندر، ڪٿي ستارا، ڪٿي سمندر
جڏهن اوهان تي نظر ڄمي ٿي، نه نيڻ پو ڪجھ ڏسڻ گھرن ٿا

وجـــــود پنهنجو ائين آ وکـــريل، جيئن زمين تي ڪي ريت ذرا
اوهانجي ٻانهن جا منتظر هن، ذرا ذرن سان ملڻ گھرن ٿا

بهار موسم لٿي بدن تي، جــــوان جذبا به رقص ڪــــن ٿا
هي چين جا جلترنگ دل ۾ گھڙي گھڙي پيا ڇڙڻ گھرن ٿا

هي سارا لمحا جيئن ڪي موتي، ٿا وقت مالها ۾ پوئجن پيا
هي ســـارا احساس دل جي اُجري نديءَ ۾ هــــر هــــر ترڻ گھرن ٿا

ها جلوى سارا ۽ روشنيون سڀ، جھڪيون جھڪيون ڪجھ لڳن ٿيون شايد
اوهانجي زلفن جي ڇانوري ۾ هي چنڊ تارا لڪڻ گھرن ٿا


اڄ سموري حيات مرڪي ٿي
دل ۾ جو تنهنجي تات مرڪي ٿي

نيڻ ٻــولــن ٿــا چَپَ چُپِ آهـــن
تنهنجي من ۾ ڪا بات مرڪي ٿي

تون ٿي مرڪين ته ٿو لڳي مونکي
ڄڻ سڄي ڪائنات مرڪي ٿي

تنهنجي آواز جي خوشبو آ اڃان
تڏهن ڪمري ۾ سانت مرڪي ٿي

چنڊ سڏڪي ٿو بادلن پويان
هـــا تڏهن ڪاري رات مرڪي ٿي

لفظ ڪاغذ تي جھومندا ٿا اچن
ڪيڏي اڄ منهنجي ڏات مرڪي ٿي


نيڻ تنهنجا ڪـــنول
ڪونه تنهنجو بــــــدل

پيا ڪـُهن ٿا پـــرين
ريءَ سرمــــي ڪجــــل

تنهنجو جوڀـــن جيئن
ڪــــوئي تازو غـــــزل

تنهنجا لب سرخ هن
يا ڪــوئي گل ٽڙيل

چــــوڏســــــا آ سڳـنـــڌ
ڀــــــونر ڀـــي آ ڀــلــيـــل

يـــــــاد آهـــيـــن ســـــدا
ناهي واندو ڪـــو پل

تـــوسان ناتــــو جُــــڙي
ٿــــي حـيــاتــــي سـڦـل



هي زندگي آ يا پاڻيءَ تي ڪو حباب آهي
مان جنهن کي سمجھو حقيقت سو ڪوئي خواب آهي

ڪَٿيان ٿــــو وقت جي ميزان ۾ حياتـــي کـــي
خـــوشي آ ٿــورڙي ۽ درد بـــي حساب آهـــي

قـــدم قـــدم تي هي شيشا ۽ پير هن ننگا
نــه ڄــــاڻ ڪهڙي جرم جو ٿيو ارتڪاب آهي

جنم جنم کان جليو هان، مگر جيان ٿو پيو
لهوءَ مان منهنجي ٽڙيو روز هت گلاب آهي

وڃــائجي نـــه وڃــان عشــق جــــي سمنـــدر ۾
لـــهر لـــهر ۾ آ مستي لڇــي پيو آب آهــي

ٽٽي نــه آئينو دل جـــو نه عڪس ڌنڌلو ٿي
صدين کان ساھ ۾ ســـانڍيو مون ماهتاب آهي

تتل آ ريت گھڻي روح جي رستن جي پرين
مگـــر نظـــر جـــي حـــدن ۾ اڃـــان ســراب آهي


پتنگ آهـــيـــان پچڻ ٿــــــو چاهيان
 مان بس ٻه ٽي پل جيئڻ ٿو چاهيان

سجــــود ۾ ســــر رکـيـــو آ جـــانان
چپن جي چانئٺ چمڻ ٿو چاهيان

وجــــود جــــــــو ٿـــــر تــتــل گھڻـــو آ
ڪي پيار بوندون پَسڻ ٿو چاهيان

گـــلابَ ڪـــــومائجن نه دل جـــا!
مان خوشبوئن ۾ رهڻ ٿو چاهيان

نه مونکي ڪوئي بچائي، تنهنجي
اکين جي نَئي ۾ ٻڏڻ ٿو چاهيان

کپي نه مونکي هي جڳُ سارو
مان تنهنجي دل ۾ رهڻ ٿو چاهيان

هـــي ديد تنهنجـــيءَ ۾ گھاوَ ڪيڏا
گھڙي گھڙي مان ڪـُسڻ ٿو چاهيان

ها تنهنجي لهجي جو سارو امرت
مان پياسو آهيان پيئڻ ٿو چاهيان


ڪو چنگ چُري جيڪر
ڪو ساز ڇــِڙي جيڪر

بـــي رنــگ حـيــاتــي آ
ڪـــو رنگ ڀــري جيڪـر

دل ساگـــر ۾، چاهت
جي ناوَ تري جيڪر

تڙپي ٿــو پتنگو پيو
ڪـــا لاٽ ٻَري جيڪر

مــان تارِ محبّت سان
ڪــو پيار گـُھري جيڪر

هـــا مــــاڪ محبّت جي
دل گلَ تي ڪِري جيڪر


ڪيڏي سندر سار رکي ويو نيڻن ۾
تيز تکي تلوار رکي ويو نيڻن ۾

ساڀيائن جا پنڇي زخمي ٿيندا ويا
سپنن جو سنسار رکي ويو نيڻن ۾

دل ڌرتيءَ تان گلَ سڙي ويا چاهت جا
پن ڇڻ جا آثار رکي ويو نيڻن ۾

ٽهڪ ته پاڻيءَ ڦوٽا ها، گم ٿيندا ويا
پل ۾ لڙڪ هزار رکي ويو نيڻن ۾

چَپَ سدائين لاءِ اڃارا رهجي ويا
۽ هو ڪيڏا نار رکي ويو نيڻن ۾

جيون جو هي سمنڊ ڪٿي جھاڳي سگھندس
زخمن جا انبار رکي ويو نيڻن ۾



وحشتون کوڙ واٽ تي ملنديون
دهشتون کوڙ واٽ تي ملنديون

زندگــــيءَ جــــو سفــــر اڻــانــگـــو آ
بي رخيون کوڙ واٽ تي ملنديون

حــــوصلو ۽ عــــزم هجــــي پختــو
روشنيون کوڙ واٽ تي ملنديون

بي جرم جي اَڇون ٿيون ڪاريون
سي ونيون کوڙ واٽ تي ملنديون


بي گناهن جي رَتُ ۽ ڳوڙهن جون
ها! نديون کوڙ واٽ تي ملنديون

پيــــار جـــي راھ جـــي مســافر کـي
چاهتون کوڙ واٽ تي ملنديون

بُک جي باھ ۾ جلن ٿيون جي
زندگيون کوڙ واٽ تي ملنديون



پيار آ چومکي ڏيئي وانگر
چئن اکرن ۾ روشني آهي

ايترو ڀـــــي سمـــاج سـَنــڍ نـــه آ
کــــوڙ چـهــرن ۾ روشنــي آهـــي

منهنجي اونداهي دل تي هڪڙي نظر
تنهنجـــي نيڻــن ۾ روشنــي آهـــي

ڀـــل اداسيءَ ۾ تيــر ڀـــاســن پــــر
چـــنڊ ڪــــــرڻن ۾ روشــنــي آهــــي

نيٺ تـــارا تڪي ٿڪي پوندين
ريــت ذرڙن ۾ روشنــــي آهــــي

مــــرڪ تهنجيءَ ۾ جـــوت آ ايڏي
جـيـــڏي بــلــبــن ۾ روشنـــي آهـــي

ٻاٽ دهشت جي هر ڳلي دانش
ڪــــاٿي شهـــرن ۾ روشني آهي


بختُ پنهنجو تون آزمائي ڏس
نينهن جي شينهن کي جھڪائي ڏس

عڪس هُن جو ملي وڃئي شايد
لڙڪَ لارون ڪري وهائي ڏس

هـــي انــڌيرو نــه انــڌيرو رهنــدو
هڪــڙو ڀيرو ته مسڪـــرائي ڏس

دل جـــــي آرام لاءِ ڪــــــافـــي آ
خوابُ نيڻن ۾ ڪو سجائي ڏس

’پيـــار‘ هـــڪ لفــظ نـــه آ دريـــا آ
دل ۾ دريـــاھ کــي سمائي ڏس

چــــوطرف پکــــڙجي وئـــي آخر
پيـــار خـــوشبو آ، آزمائي ڏس


اڄ تـــه چهــرو لٿل لٿل آهي
اک به منهنجي ڀنل ڀنل آهي

درد ڌاڳي ۾ مون خوشيون پويون
هـــار اڄ سو ڇڳل ڇڳل آهي

سئه ورهيه ڀل گذارجن ليڪن
زندگي ڄڻ ته هڪڙو پل آهي

تنهنجو چهرو هو آئينو منهنجو
اڄ اهــــو ڇـــو ٽــٽــل ٽــٽــل آهي

چـــوطــرف ٽهـڪ ٿـا پيـا گــونجن
پو به من ڇو منجھيل منجھيل آهي

غم الم سان ڀــريل آ جيون هي
ڄڻ ته شاعر جو ڪو غزل آهي

تنهنجي دل تي لکيل هو دانش جـو
نــــانءُ هـــاڻي ڊٺــل ڊٺــل آهي


حسيـــن لــمحـــا، جــميــل چهـــرا، هـــا يـــاد آيـــا شباب سارا
نه ڪر تون حائل حيا جو پردو، هٽاءِ رخ تان نقاب سارا

لبن تي مرڪون، اکين ۾ جگنو، ادائون قاتل ۽ لفظ شبنم
بدن جي خوشبو سرير سانڍي، کـُـلي ويا دل جا باب سارا

ڪو چنگ چاهت سندو چُري ٿو، هي دل دنبوري جيان وڄي ٿي
تڏهن ته رڳ رڳ منجھان او جانان! ڇڙي پيا هن رباب سارا

هـــا رنگ و بو جــو لڳي ٿو ميلو، ڦرن ٿا ڀونرا، ڪـُـڏن ٿا پوپٽ
چمن ۾ چــاهت جـــو آهي چرچو، تڏهن ٽڙيا هن گلاب سارا

مان تنهنجي نيڻن جي ميڪدي مان، پيئان ٿو جانان، جيئان ٿو جانان
ائين جوانيءَ جا جام ڏي تون، وسار هاڻي حجاب سارا


قرب جاري هجي
عمر ساري هجي

چــوطـرف دوسـتو
بس بَهاري هجي

شـــــال آلــــي ســدا
ٿرَ جي واري هجي

ڪانه گھرجي خوشي
جـــا اڌاري هجي

سنڌ دشمن مٿان
موتُ طاري هجي

دشمني جي جڳھ
يـــــارَ يــــاري هجي

سچَ جي راھ تي
وکَ جاري هجي


منهنجو جيون به ڄڻ ته ٿر آهي
مرڪَ تنهنجي ڪوئي ڪڪر آهي

ڳولي ڳولي ٿڪس ته ياد پيو
منهنجي دل ۾ ئي تنهنجو گھر آهي

سانجھ سرهيءَ ۾ ساٿ آ تنهنجو
ڪيڏو پيارو پـــرين پهـــر آهي

تنهنجي زلفن ۾ شام آ منهنجي
تنهنجي چهري ۾ ڄڻ سحر آهي

ڪـــوئي ناهي سفر ۾ گڏ ليڪن
ســـوچ تنهنجي ته همسفر آهي

منهنجي نظرن ۾ ها رڳو تون آن
تنهنجي نظرن جو هي اثر آهي

مون لئه امرت آ پيار تنهنجو پرين
تنهنجي ڪاوڙ جئين زهر آهي

تون ئي سيراب ڪر اچي سهڻي
ورنـــه هـــي زندگـــي تـــه بــــر آهي


اکڙين تي ڪرڻن جي بارش
لفظن تي جذبن جي بارش

ڪائي ڪوتا سرجيان ٿو مان
ذهن مٿان سوچن جي بارش

نيڻن جــــا بـــادل ڀرجي ويـــا
ڪــاغذ تي لڙڪن جي بارش

دل جي ڌرتي پياسي آهي
شـــال وسي قربن جي بارش

جيون تـــــو بــــن رُڃَ لڳي ٿو
هيڪر ڪر ٽهڪن جي بارش

جيون جي ڪوري ڪاڳر تي
ڪو ته ڪري رنگن جي بارش

احساســـن جــــي انڊلٺ نڪتـــي
۽ بند ٿي ڳوڙهن جي بارش


اڄ کـُـلندا ڏوھ ثواب نوان
جيون جي ڪتاب جا باب نوان

هر ڏينهن ٿو ڳوليان تعبيرون
هر رات ڏسان ٿو خواب نوان

دل ڌرتيءَ تي احساسن جا
ڪي ٽڙندا گل گلاب نوان

پرواز ڪندو ڪيئن پيار پکي
ٿــــا اڏرن روز عقــاب نوان

مرڪي ته نظر کي ڦير نه تون
مون لاءِ نه خلق عذاب نوان


واءُ جي جھوٽي جيان گذري ويو
‎لڙ
ڪُ دامــن ۾ ڪٿي گــــم ٿي ويو

مــــرڪ تنهنجي آ ڪيو ايڏو اثـــر
دردُ دل مان ٿي دونهون اڏري ويو

تنهنجي ٻانهن مان جو نڪتو هي وجود
ريت جي ذرڙن جيان وکري ويو

هر گھڙي تنهنجي ئي آهيان ڌيان ۾
مونکان سڀ ڪجھ آپرين وسري ويو

گــّلَ چونڊيا پئي مون جيون باغ مان
خـــارُ دامن ۾ ڪٿان اٽڪي ويو

پيار جـــو هڪڙو ڏيئو دل ۾ رکيو
ڀوتُ نفرت جو ڀَڄي نڪري ويو


عشق جي الفي پاتي آ
هستي هاڻ سڃاتي آ

چاهت منهنجو مذهب آ
نفرت جي ڪنڌ ڪاتي آ

تو سان، جيون رنگ رتول
تـــوبـــن رُڃَ حيــــاتــي آ

توسان جيءُ جڙي ويو آ
نــاتـــــــو هــي جـذبــاتــي آ

دل ۾ درد ائين ويٺو
ڄڻ ڪوئي گھر ڀاتي آ


کڻ پنبڻين کي ڪجھ کول اکيون
ايئن سپنن ۾ ته نه رول اکيون

هيرا به ڀتر، موتي به رتيون
تنهنجون هي ٻئي انمول اکيون

مرڪن ٿيون رڳو، ڪجليون ڪاريون
ٿيون مُنڊي ڇڏن ماحول اکيون

ڪيئن لـــــوڪ سمورو ســاڃاهي
جــــو ٻـــولن ويٺيون ٻـــول اکيون

ٻوڙي ٿيون ڇڏن، هڪ لمحي ۾
ائين سمنڊ جيان ته نه ڇول اکيون

جاچي مون ڏٺيون جڳ ساري ۾
اهڙيون نه ڏٺيون مون ڍولَ اکيون


سوچون ۽ سپنا، توکي ڳولن ٿا
اندر جا اڌما، توکي ڳولن ٿا

تو جي پيرن سان، چيڀاٽيا ها سي
ڪوماڻيل گلڙا، توکي ڳولن ٿا

دل جي آڳر تي، آهن جي ڦهليل
هي تنهنجا پاڇا، توکي ڳولن ٿا

پيارا مون جيڪي، تنهنجا ها رکيا
سي سارا نالا، توکي ڳولن ٿا

جن تان گذري تون، مونڏي ايندي هئينءَ
هاڻي سي رستا، توکي ڳولن ٿا

تو جي لفظن جي خنجر سان ڪيا ها
دل جا سي ٽڪرا، توکي ڳولن ٿا










œ   

هي جو هيڏو زيان ٿي ويو آ
درد جو داستان ٿي ويو آ

رنگَ ڌرتيءَ تي هن اداسيءَ جا
زرد ڪيئن آسمان ٿي ويو آ!

سنڌ جا نير ڀريندا سنڌو!
سارو عالم حيران ٿي ويو آ

دوستيءَ جي هٿن ۾ خنجر آ
هر ڪوئي بدگمان ٿي ويو آ

لڙڪ نيڻن ۾ ڦتڪندا ٿا رهن
دل ۾ برپا طوفان ٿي ويو آ


اڃان رات آهي سويرو به ٿيندو
هتان دور آخر  انڌيرو به ٿيندو

سدائين نه رهندا اهي درد پيارا
خوشين جو دلين منجھ ديرو به ٿيندو

ڪڏهن ڀل ۾ ڀي نه سوچيو هيو مون
ته پيارو ڪوئي من ميرو به ٿيندو

هميشه دکن جي ته لوري نه ٻڌبي
ڪڏهن ڀاڳ پنهنجو ڀليرو به ٿيندو

اسين پيار پنڇي نه آهي ڪوئي گھر
ڪڏهن دل اوهانجي ۾ ديرو به ٿيندو


توکي چيم ته مون سان نگاهون ملائي ڇڏ
۽ تو چيو ته ٻوٽي اکيون من ۾ لاهي ڇڏ

توکي چيم ته دل جي زخم جو علاج ڪر
۽ تــــو چيو ته لوڻ ڦٽن تي ڇٽائي ڇڏ

توکي چيم ته حسن تي پردو نه ٿو ٺهي
۽ تو چيو ته روح کي اجرو بڻائي ڇڏ

توکي چيم ته گھور وڃان، ٿي پتنگ مان
۽ تو چيو ته آڳ اندر ۾ جلائي ڇڏ

توکي چيم ته ڪيئن جدا توکان آءٌ ٿيان
۽ تو چيو ته گھاوَ اندر جا وڌائي ڇڏ

توکي چيم ته ڪيڏي آ سرهاڻ گلن ۾
۽ تو چيو ته باغ مان ڪنڊا هٽائي ڇڏ

توکي چيم ته درد اندر جو پيو وڌي
۽ تو چيو ديوانو تون دانش سڏائي ڇڏ


سج سانجھيءَ جو ويو لڙي جاني
چنڊ چوڏهينءَ جو پيو کِڙي جاني

مرڪ تنهنجي آ کنڊيڙي خوشبو
ڄڻ ڪوئي گل پيو ٽڙي جاني

پيار ٺاريو اندر اسانجي کي
جڳ سارو ويو سڙي جاني

تنهنجي هر ڳالھ لکَ جي آهي
تنهنجي آڏو مان ڄڻ ٻُـڙي جاني

نيٺ ٺهندو محبّتن جو تلاءُ
هر ڪوئي ڏي ڦڙي ڦڙي جاني

پوءِ دشمن نه کڻندو اَکِ ميري
جي ٿجي گڏ مِڙي سِڙي جاني
 

وقت سچن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو
کوڙ جذبن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

باغ ۾ هڪڙي جھوٽي خزان جي اچي
سڀني گلڙن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

بادلــو! ٿــورڙو چنــڊ کــان دور ٿيو
ڇوٿا ڪرڻن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

پيار کي ’پاپ‘ ۽ سونهن کي ’زهر‘ چئي
ائين نه لفظن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

تــــوکي اڌمو ٻـــڌايو انـــدر جــــو، کِلي
تو ته جذبن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

ساڀيان ٿي ملينءَ تون ته مون او پرين
پنهنجي سپنن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

تنهنجي تخليق کان پوءِ ڄڻ ڪي خدا
سڀني رنگن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو

پــيــار جــــا گــّل دانش پکيڙيــا رڳـــو
دڳ جي ڪنڊن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو


جڳ لاءِ حوالــــو ٿي نه سگھيو
ڇو پيار نرالـــــو ٿي نه سگھيو

جيون جون بهارو گذري ويون
دردن جو ازالـــــو ٿي نه سگھيو

لڙڪـــــن کي سهيڙيو نيڻن ۾
۽ دامن آلـــــو ٿي نه سگھيو

گلشن جون هوائون مهڪن پيون
صحرا ۾ جھڙالو ٿي نه سگھيو

هـــــا نيڻ چميا چـــانڊوڪي پـــر
ڇو دل ۾ اجالو ٿي نه سگھيو

دانش کي اندر ۾ اوتڻ لئه
ڪو زهر پيالو ٿي نه سگھيو


تو بنان راھ ۾ ٿو رُلان هيکلو
ٿو مسلسل هوا جيان گھلان هيکلو

گڏ کِليا سين ته مکڙيون به ٽڙنديون رهيون
تو سوا ڪيئن هاڻي کِلان هيکلو

روشني جو شهر ڀي ٿو اوندھ لڳي
ڪائي منزل نه آ پيو هَلان هيکلو

تون ته خوشين ۽ ٽهڪن جي ٻانهن ۾، مان
درد جي جھول ۾ ٿو پَلان هيکلو

چنڊ چوڏهينءَ جو تون آن پرين، مان سدا
سمنڊ جي موج وانگر ڇُلان هيکلو



لمحا ٿا گذري وڃن
يادون ٿيون رهجي وڃن

توبن منهنجيون نظرون
راهون ٿيون ڀلجي وڃن

توکي هڪ ڀيرو ڏسان
۽ لــمحــا رڪــجي وڃن

سورن جي سيلاب سان
اکڙيون ٿيون ڀرجي وڃن

ٽهڪن جي پويان ڏسو
سڏڪا ٿا رهجي وڃن


ڪيترا هن خمار نيڻن ۾
خواب، ڪونجن قطار نيڻن ۾

ايتري جستجو ڀلا ڇا لئه
حسن جــــا آرَ پارَ نيڻن ۾

پيار جي تــــار سان اڻيل آهن
اڻ ڳڻيا ڄار، يار نيڻن ۾

ڪجھ ڪـُـٺل خواب ڦتڪندا ٿا رهن
حسرتون هــــن هزار نيڻن ۾

روز سينگارجــــن پيا مقتل
ڪائي خنجر جي ڌار نيڻن ۾

آ اداسيءَ جي رُڃَ اندر ۾
درد جــــا آبشار نيڻن ۾

تنهنجا جلوا شمار کان ٻاهر
جگنوئن جي قطار نيڻن ۾


توکي سپنن ۾ سمائي ڇڏجي
دل جي ڌڙڪن ۾ سمائي ڇڏجي

پنهنجي پنبڻين کي ڪري بند، پرين
ڇونه اکڙين ۾ سمائي ڇڏجي

شـــور ساگر کان گھڻو آ دل ۾
ڪيئن لفظن ۾ سمائي ڇڏجي

تــــو سوا ڪيئن رهان مان زنده
ساھ کي تن ۾ سمائي ڇڏجي

سونهن لفظن جي وڌي ويندي جي
پيار لهجن ۾ سمائي ڇڏجي


اڄ هوا ساز ڪو وڄايو آ
گيت ڪويل خوشيءَ مان ڳايو آ

لوڪ چاهي ته مونکي ڀل چاهي
مون ته توکي ئي پرين چاهيو آ

تنهنجي سڏڪن ۾ مان شريڪ سدا
تنهنجي مرڪڻ تي مسڪرايو آ

نفرتن جي سياھ راتين ۾
پيار جو مون ڏيئو جلايو آ

راھ تي گل ۽ گلن جي مٿان
تو لئه نظرن کي مون وڇايو آ


چوطرف ٿي ويو هڳاءُ پرين
دل جو گھرو جو ٿيو گھاءُ پرين

آءٌ توکي اکين ۾ جاءِ ڏيان
تون به ٿورو ته ويجھو آءُ پرين

توکي ٻانهن جا هار پارايا
خوابَ اکڙين سان ڪيو نڀاءُ پرين

مونکي تون جاءِ ڏي رڳو دل ۾
پيار جو مان ڪندس پڙاءُ پرين

ايڏو ڇو ٿو ڊڄين زماني کان
پيار ناهي ڪوئي انياءُ پرين

لڙڪ ميڙي اکين جا دل ۾ رکيا
درد جو ٿي ويو درياءُ پرين

چاھ جا گــّل ويا سڙي دانش
هيءُ ڪهڙو وريو آ واءُ پرين


تــــــو ته مندر ۾ پڄايو ڏيئو
هي اندر ۾ ڪٿان آيو ڏيئو

تنهنجي يادن جو پنهنجي لڙڪن سان
نيٺ آخــر مــون وسايو ڏيئو

پنهنجي دل جي لهوءَ سان هو مس مس
پــيـــار جــو جـيـڪـو جـلايو ڏيئو

موتَ طوفان جو وري ويس ڍڪي
زنـــدگــيءَ جــــــو آ اجــھايو ڏيئو

چــوطـرف گــھـور انـڌيــرو آهي
قبر منهنجي تي جلايو ڏيئو

پيار جـــــي روشني پکڙجڻ ڏيو
ڪٿ به ڪوئي نه وِسايو ڏيئو

دل جي گھر ۾ هو انڌيرو ڪيڏو
هاڻ مون آهي سجايو ڏيئو



چيم ته تنهنجي نظر ۾ قتل جو آ سامان
چيائين عشق ۾ جانان ڪـُـسڻ ضروري آ

چيم ته دل جي ٽٽڻ جو سوال آ جاني
چيائين بي دل ۽ بي نام ٿيڻ ضروري آ

چيم ته تنهنجي تصور جو ڇيھ ناھي ڇا؟
چيائين رُڃَ جو راهي هجڻ ضروري آ

چيم ته زلف ٿا تنهنجا لڳن زنجيرن جيان
چيائين حُسن جو باندي ٿيڻ ضروري آ

چيم ته تنهنجي وڇوڙي جي باھ ساڙي ٿي
چيائين آڳ جي کوري پچڻ ضروري آ

چيم ته روز ٿو احساس جي سوريءَ ٽنگجان
چيائين تڙپ جي تند جو تپڻ ضروري آ

چيم ته بارشن ۾ مور ٿو ٽهوڪي پيو
چيائين پوءِ ته پنهنجو ملڻ ضروري آ


تنهنجي نيڻن منڊي ڇڏي آ دل
تنهنجي مسڪار ڀي پرين قاتل

تو هٽايو نقاب چهري تان
شهر ساري ۾ آهي شور متل

تنهنجي موجودگي ائين آهي
ڌرتتيءَ ۾ جئين ڀريل بادل

تنهنجو اندازِ گفتگو اهڙو
ڄڻ ته صحرا ۾ آهي مينهن اٺل

تنهنجي هر گام آ لهر وانگر
تون بيابان ۾ سنڌوءَ جي اٿل

تون اچين ٿي ته ٿي سڳنڌ اچي
تو بنان آ ٻسي ٻسي محفل

تنهنجي زلفن جو ڇانورو ۽ مان
گل جي هنج ۾ آ ڀونر سُتل

قرب تنهنجي سان ڪائنات حَسين
تنهنجي ناراضگي آ موت مثل



گل ناهن چمن ۾ شعلا هن
حالتن جي هٿن ۾ شعلا هن

رک ڪري ٿي ڇڏي وجود سڄو
ڄڻ سکيءَ جي لبن ۾ شعلا هن

بارشن ۾ بدن هي ڀڙڪي ٿو
ڪڪر ناهن گگن ۾ شعلا هن

ميڻ بتيءَ جيان ڳري نه وڃان
هن جي سڀني خطن ۾ شعلا هن

شعر سمجھن ٿا، پر نه ٿا سمجھن
شاعريءَ جي پنن ۾ شعلا هن

بيحسيءَ کي به نيٺ تئه ايندو
چوطرف هن وطن ۾ شعلا هن

پنهنجي ڌرتيءَ سان وفادار نه هو
ڏس ته هن جي ڪفن ۾ شعلا هن

ڪو پتنگو هجي ڪڏي پئي جو
ديپ جي تن بدن ۾ شعلا هن

ڄاڻ دک جو دونهون اٿيو دانش
دل جي هيٺان ڪکن ۾ شعلا هن


جھات پائي نه در ورائي ڇڏ
ديد سان ديد اڄ ملائي ڇڏ

هي حجابن جي نه آهي موسم
سڀئي پردا پرين هٽائي ڇڏ

چاھ جي چودڳي تي ملنداسين
لوڪ ساري کي تون ٻڌائي ڇڏ

ها خوشين جا ڪيئي پکي ايندا
دل ۾ آکيرو رڳو ٺاهي ڇڏ

مان ٻڌا موڙ هن محبت جا
تون هٿن تي حِنا لڳائي ڇڏ 


No comments:

Post a Comment