عابد ڪاظمي
ڊاڪٽر احسان دانش ــــ مختصر تعارف
ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ادب جو ڄاتل سڃاتل نالو آهي. هن ادب جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. تخليق سان گڏ تحقيق ۽ تنقيد هن جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهن. ڊاڪٽر احسان دانش گذريل ٽن ڏهاڪن کان قلمي پورهيي سان لاڳاپيل آهي. ڊاڪٽر دانش 2015 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي سنڌي ادب ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪري چڪو آهي. شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ کان علاوه هن جديد سنڌي شاعري تي ڪيترائي ڪارائتا مقالا لکيا آهن، ڊاڪٽر دانش سنڌي ڪهاڻي جي جديد رجحانان توڙي سنڌي ادب ۾ تنقيد جهڙن اهم موضوعن تي پڻ تحقيقي مقالا لکيا آهن، سندس اهڙن تحقيقي مقالن جو انگ 160 آهي، جيڪي ايڇ اي سي کان منظور ٿيل مختلف تحقيقي جرنلن ۽ معياري ادبي جريدن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
ڊاڪٽر احسان دانش آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو، انڊس لٽرري فورم ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون، 2005ع)، لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو ( لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مقالن جي سهيڙ 2005)، ويل نه وسريام (لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن بابت مقالا، 2007)، لفظن جي خوشبو (شاعري، 2010)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو (تحقيق ۽ تلخيص 2012ع)، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج (تحقيق / لطيفيات، 2016) ۽ پيهي پروڙيوم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس2017 ) شامل آهن. هن شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي حوالي سان سال 1994 کان 1995 تائين روزاني ”جاڳو“ ۾ هفتيوار ڪالم لکيا، جڏهن ته 1998 ۽ 1999 ۾ هن روزاني ”جاڳو“ کان علاوه روزاني”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“۾ پڻ مختلف موضوعن تي ڪالم لکيا آهن. ڊاڪٽر دانش 2017ع کان سنڌالاجي جي تحقيقي جرنل ”سنڌي ادب“ ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي اياز چيئر جي تحقيقي جرنل ”اياز“ جي رويوئر ڪميٽي جي ميمبر هجڻ سان گڏ ”ادبِ پاڪ“ انٽرنيشنل ۽ ٽه ماهي ”بيلاگ“ ڪراچي جو لاڙڪاڻي جو خصوصي نمائندو پڻ رهيو آهي ان کان علاوه ماهوار ”شعور“، ”ماهوار ”سرواڻ“ ۽ ماهوار ”سورٺ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهندو آيو آهي. هو ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ جي پبليڪشن ڪاميٽي جو 2016ع ۾ ميمبر رهي چڪو آهي. جڏهن ته هن وقت شهيد محترمه بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي.
ڊاڪٽر دانش صوبائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح جي 42 ڪانفرنسن ۾ بحيثيت مقالانگار شرڪت ڪري چڪو آهي. هن کي مختلف علمي، ادبي ادارن طرفان ادبي خدمتن جي مڃتا طور 18 ادبي ايوارڊ ملي چڪا آهن. 2016 ۾ هن کي ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ طرفان ادب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ هڪ اهم ۽ وڏي ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ سان پڻ نوازيو ويو آهي. جڏهن ته سندس ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد طرفان لطيف شناسي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان سال جي بهترين تحقيقي ادب جا ايوارڊ پڻ مليا آهن. ان کان علاوه انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان طرفان سندس ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ کي سال 2017ع جي بهترين تنقيدي ادب جو اوارڊ پڻ مليو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش 1999ع کان درس و تدريس سان لاڳاپيل آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي سنڌي شعبي ۾ تدريسي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ان کان اڳ هو لاڙڪاڻي جي هڪ نيم سرڪاري ڪاليج ۾ 4 سال اردو جي ليڪچرار طور پڻ پڙهائي چڪو آهي. اهڙي طرح هو سالن جا سال لاڙڪاڻي جي مختلف نيم سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ سي.ايس.ايس ۽ پي.سي.ايس جي ڪلاسن کي سنڌي ادب پڙهائيندو رهيو آهي. هو گذريل 10 سالن کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان پڻ آهي. جنهن ۾ هن 100 سنڌي اديبن جا تفصيلي ۽ يادگار انٽرويو پڻ ورتا آهن. تخليق، تحقيق ۽ تنقيد جي شعبن ۾ هن وقت ڊاڪٽر احسان دانش جا سَتَ ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ منتظر آهن.
شھزادو شيخ
ناميارو نقاد ۽ لطيف شناس
سونهاري سنڌ ڌرتيءَ عظيم شخصيتن کي پنهنجي زرخيز مٽيءَ مان جنم ڏنو آهي. جن ٻين شعبن سان گڏ فن، آرٽ ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجو پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي ۽ سر بلنديون ماڻيون آهن. هونءَ ته سنڌ جو چپو چپو سونُ آهي ۽ هر علائقي جي پنهنجي اهميت آهي پر تاريخي شهر لاڙڪاڻو شاعرن، اديبن، ڪھاڻيڪارن، عالمن ۽ دانشورن، محققن ۽ نقادن توڙي ڊراما نگارن، ناول نگارن، ڪالم نگارن، اداڪارن، گلوڪارن ۽ چترڪارن کي جنم ڏيندڙ علائقو آهي. لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي کي ليڊرن جي ڌرتي به چوندا آهن، جتان هر شعبي ۾ اڳواڻ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن سنڌ ۽ ملڪ ۾ ئي نه پر بين الاقوامي سطح تي به اعلي مقام ماڻيو آهي. لاڙڪاڻي جي اهڙن اعلى ۽ آدرشي انسانن ۾ خوبصورت شاعر، ڪھاڻيڪار، محقق، نقاد، لطيف شناس تعليمدان ۽ منهنجو پيارو استاد، محسن، رهنما ۽ هر دل عزيز ۽ منهنجي پسنديده شخصيت پروفيسر ڊاڪٽر احسان دانش به هڪ آهي، جنهن سنڌ جي سر تاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ تي پي ايڇ. ڊي جي سَندَ به حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر دانش شاهه سائين جو شارح ئي نه پر عاشق به آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب هجڻ سان گڏ هڪ سٺي سيرت ۽ سھڻي صورت رکندڙ هڪ قد آور شخصيت جو مالڪ آهي. هن جو جنم 15 فيبروري 1974ع تي علي گوهر آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي نامياري اديب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي گهر ۾ ٿيو، سندس پورو نالو احسان الحق ۽ ادبي نالو احسان دانش آهي. سندن تعليم جو آغاز به پنهنجي شهر لاڙڪاڻي مان ٿيو تعليمي ميدان ۾ ايم اي (سنڌي ادب ) ايم اي ( اردو ادب) ۽ پي ايڇ. ڊي (سنڌي ادب / لطيفيات) جو اعزاز ماڻي چڪو آهي. هن ادب ۾ لکڻ جي شروعات 1988ع ۾ شاعريءَ کان ڪئي جنهن سان هن وقت تائين نڀايون پيو اچي. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو تخليقڪار آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش عملي زندگيءَ جو آغاز 1993ع ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت سان ڪيو، ان کانپوءِ 1999ع کان 2002ع تائين پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت ليڪچرار اردو رھيو اهڙي طرح 2002ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ليڪچر شپ لاءِ ورتل امتحان ۾ پهرين پوزيشن کڻي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت ليڪچرار (سنڌي) مقرري ٿي، جتي هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر ۽ شعبي جي سربراهه جي حيثيت ۾ درس وتدريس جو عمل جاري آهي. ڊاڪٽر دانش 2003ع کان لاڙڪاڻي جي نجي ادارن ۾ اعزازي طور سي. ايس. سي ۽ پي. سي. ايس جي ڪلاسن کي سنڌي ادب پڙھائيندو رهيو آهي. هن جي سنڌي ادب سان گڏوگڏ علمي ادبي، تعليمي ۽ سماجي تنظيمن سان وابستگي پڻ رهي آهي. ڊاڪٽر احسان هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورننگ جو ميمبر ۽ گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي ايگزيڪيوٽو باڊي جو پڻ ميمبر آهي. هو مختلف علمي ادبي تنظيمن سان تعلق پڻ رهيو آهي جن ۾ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي سان گذريل 36 سالن کان ميمبر ۽ عهديدار طور، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي جو گذريل 25 سالن کان مختلف عهدن تي ڪم ڪيو ۽ هن وقت به بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. اهڙي طرح پبلڪ اسڪول لٽرري ڪلب لاڙڪاڻي جو 1999ع کان 2002ع تائين ۽ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان برانچ لاڙڪاڻي جي ڪور گروپ جو 1998ع کان 2001ع تائين رڪن ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو 2011ع ۾ چيئرمين پبليڪيش طور ذميداريون سرانجام ڏيندو رهيو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش با ڪردار ۽ اعلي اخلاق جو مالڪ ماڻهو آهي، سندس دل ۾ ٻين لاءِ هميشه پيار ۽ محبت رهي آهي. هن جي اندر ۾ ڪنهن جي لاءِ به ۽ ڪڏهن به نه ڪينو رهيو آهي نه بغض ۽ حسد. ھر ماڻھو سان مِٺو ڳالهائي پنهنجي قرب ۽ محبت سان نوازيندو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهي، چاھي اھو سندس عمر کان ننڍو هجي يا وڏو هو سڀني سان سدائين خلوص ۽ احترام جو رشتو ائم رکيو ايندو آهي ۽ ٻين لاءِ ڀلائيءَ جو درس پڻ ڏيندو آهي. ڊاڪٽر احسان جو تعلق هڪ علمي ادبي گهراڻي سان آهي، سندس علمي، ادبي ۽ اخلاقي تربيت سندس والد صاحب پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب ڪئي. ڊاڪٽر دانش، علم ادب ۽ فنونِ لطيف سان گذريل 32 سالن کان سلهاڙيل آهي ۽ پيغمبري جهڙي مقدس پيشي درس وتدريس سان 23 سالن کان لاڳاپيل آهي جتي پنهنجي ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجون خدمتون ۽ فرض بخوبي نڀائي رهيو آهي. پنهنجي علمي ڏات جي ذريعي سوين نه پر هزارين شاگردن کي تعليم جهڙي خوبصورت زيور سان سينگاري اعلي عهدن تي پهچايو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش هڪ اهڙو علمي ۽ ادبي ڪردار آهي، جنهن جي اخلاق، عمل ۽ ڪردار جي خوشبوءِ چوڏسا موجود آهي. ھن عظيم ڪردار سنڌي ادب جي ميدان ۾ پنهنجي ڪيل تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي پورهيي سان پاڻ مڃايو آهي. هن وقت هن جي هڪ اهم لطيف شاناس واري حيثيت به آهي. هن شاھ سائين جي ڪلام تي تحقيقي جو ڪم ڪري پنهنجو پاڻ موکيو آهي. ان سلسلي ۾ هن جي شاھ سائين جي ڪلام تي ڪيل پي ايڇ. ڊي نمايان ڪم آهي. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن ۾ بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون، 2005ع)، لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو ( لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مقالن جي سهيڙ 2005)، ويل نه وسريام (لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن بابت مقالا، 2007)، لفظن جي خوشبو (شاعري، 2010)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو (تحقيق ۽ تلخيص 2012ع)، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج (تحقيق / لطيفيات، 2016) ۽ پيهي پروڙيوم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس2017 ) شامل آهن. جڏهن مختلف موضوعن تي لکيل سندس پنڌرنهن ڪتاب اڻ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر احسان دانش کي سندس تحقيقي ڪم توڙي پي ايڇ. ڊي واري پورهيي تي حڪومتِ سنڌ طرفان 2016ع ۾ سنڌي ادب جو وڏي ۾وڏو ايوارڊ شاهه لطيف ايوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان علاوه سندس علمي، ادبي ۽ قلمي پورهئي جو قدر ڪندي سنڌي لئنگويج اٿارٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم ادارن طرفان لڳ ڀڳ 30 مڃتا ايوارڊ ملي چُڪا آهن. ڊاڪٽر دانش صوبائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح جي 42 ڪانفرنسن ۾ بحيثيت مقالانگار شرڪت ڪري چڪو آهي. ان ڪري سنڌي کان علاوه اردو حلقه ادب ۾ پڻ هو نمايان طور ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. هو گذريل 13 سالن کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان پڻ آهي. جنهن ۾ هن 100 سنڌي اديبن جا تفصيلي ۽ يادگار انٽرويو پڻ ورتا آهن.
هر شاعر پنهنجي دور جو باشعور ۽ با ضمير انسان هوندو آهي اهڙي طرح اهو پنهنجي قلم جي ذريعي پنهنجي ٻوليءَ، ڌرتيءَ ۽ سماج جي خدمتبه ڪندو آهي. شاعر اديب هميشه پنهنجن احساسن ۽ جذبن جو اظهار قلم جي ذريعي ڪندا آهن ڊاڪٽر دانش به قلم جي حرمت رندڙ تخليقڪار آهي، جنهن جو هر پاسو سگهارو ۽ نرالو آهي. هن وٽ علمي ادبي ڄاڻ جو خزانو موجود آهي، وٽس علمي ادبي ٻولي ڳالهائڻ جو ڏانءُ موجود آهي ۽ لکڻين ۾ اعلي پايي جي پختگي ۽ سونهن سمايل آهي. هو پنهنجي لکڻين وسيلي پڙھندڙن جي اندر ۾ شوق ۽ ذوق پيدا ٿئي ٿو. ھي لطيف شناس پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ جذبن کي قلم جي ذريعي اظهاري نه رڳو پنهنجو فرض پيو نڀائي پر پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان عشق جو اظهار به ڪري ٿو. دانش سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ڪلچر سان بيحد پيار ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌ جي مختلف ماڳن، مڪانن، قديمي آثارن ۽ تاريخي شهرن جا مطالعاتي دورا به ڪندو رهي ٿو. هو سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي مسئلن کان ته واقف آهي پر سندس دلچسپيءَ جو مرڪز سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت، ريتون رسمون توڙي ٻولي ۽ ان جا لهجا آهن. هو پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ احساسن کي خوبصورت لفظن جي مالها ۾ بيان ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو.
ڊاڪٽر احسان دانش هڪ مثالي استاد آهي. مان هن کي هڪ عظيم استاد چوڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان. هڪڙا استاد ذهن سان پڙهائيندا آهن ۽ ٻيا روح سان، سائين احسان دانش انهن استاد مان آهي جيڪي روح سان پڙهائيندا آهن. هن پنهنجي سموري زندگي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي آهي. مون کي ذاتي طور خبر آهي ته هن جو وسيع مطالعو ٿيل آهي ۽ هن سنڌي ادب، عالمي ادب، تاريخ، تصوف، فلسفي ۽ سائنس جهڙن موضوعن تي گھڻو مطالعو ڪيو آهي. خاص طور سنڌي ادب تي کيس عبور حاصل آهي. هن جو پهريون عشق ڪتاب آهن ۽ هن جي اِن عشق جو سفر اڃان تائين جاري ساري آهي، سندس چوڻ آهي ته ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لکڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي، قلم سان منهنجو عشق آهي، ڪتاب منهنجي زندگي آهن ۽ لفظ مون لاءِ پناھ گاھ آهن.“ دانش صاحب جا چيل اِهي سونهري لفظ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جهڙا آهن. مون کي اها ڄاڻ آهي ته ڊاڪٽر صاحب کي جيڪا به علمي ۽ ادبي اسائمينٽ ملندي آهي ته ھو ھميشه ان کي چيلينج ڪري کڻندو آهي ۽ ان کي پنهنجي وقت تي پايه تڪميل تي پهچائيندو آهي. ھن اڻ ٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪندي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آهي.
منهنجو پيارو استاد محسن ۽ آئيڊيل شخصيت ڊاڪٽر احسان دانش منهنجي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو آهي. اها منهنجو فخر جهڙي ڳالهه آهي ته مان ان عظمت جي مينار جو شاگرد آهيان. سر احسان دانش سان منهنجو گذريل 9 سالن کان وٺي روح جو رشتو قائم آهي. ھو مون سان والد جهڙو پيار ڪندڙ آهي ۽ مون کي سدائين پنهنجي اولاد جيان سمجيو آهي. سچ ته اها منهنجي لاءِ ڀاڳ جي نشاني آهي. ڊاڪٽر دانش، زندگيءَ جي اونداهه ۾ منهنجي لاءِ مشعل راھ آهي.
انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا رشتا جنم وٺندا آهن جيڪي رت جي رشتن کان وڌيڪ مضبوط ۽ دلين جي ويجهو هوندا آهن جن کي روح جا رشتا چيا ويندا آهن، منهنجو سائين احسان سان اهڙو ئي رشتو آهي. مون هميشه پنهنجي دلبر سائينءَ ۾ پنهجائپ ۽ پيار جو عنصر ڏٺو آهي. منهنجون دعائون ۽ نيڪ تمنائون پياري سائين گڏ آهن الله پاڪ کين وڏي ڄمار، صحت ۽ تندرستي عطا ڪري هو ھميشه گلن جيان مهڪندا رهن ۽ مالڪ سندس علم ۽ قلم جي قوت ۾ اڃا به واڌارو ڪري. آمين. مان پنهنجو هي مضمون سائين احسان دانش جي ئي هڪ شعر سان ختم ڪرڻ چاهيان ٿو:
آءُ تو کي اکين ۾ جاءِ ڏيان،
تون به ٿورو ته ويجهو آءُ پرين،
مون کي تون جاءِ ڏي رڳو دل ۾،
پيار جو مان ڪندس پڙاءُ پرين.
برڪت علي جيهو
خوشبو جهڙا غزل
(احسان دانش جي غزلن تي هڪ نظر)
هو املتاس جي گل جهڙو سندر ۽ سهڻو شاعر، جنهن جون سوچون گل مهر جيان خوبصورت آهن. سچ پچ ته هو سڀني وصفين هڪ دل ڇهندڙ، پيارو ۽ خوبصورت شاعر آهي. جي ها! مان ڳالهه پيو ڪيان سنڌي ٻوليءَ جي گھڻ ڳڻيي شاعر احسان دانش جي. احسان جو جهڙو تخلص تهڙي دانش سان ڀريل شاعري. خاص طور هن جا غزل خوشبو جي احساس جهڙا آهن. جئين جئين انهن غزلن کي پڙهبو وڃبو تئين تئين ماڻهوءَ جي اندر ۾ شاعراڻو سرور ۽ مزو وڌندو ويندو. لفظ خوشبوءَ وانگر کلندا ۽ هُلندا ويندا. جئين دورِ جاهليت جي وڏي شاعر يمن جي شهزادي امراءُ القيس جي شاعريءَ جي خوشبوءَ سان ماڻهو واسجي ويندو آهي يا وري عربي شاعر لعبد جا خوشبو ڏيندڙ لفظ معطر ڪري ڇڏيندا آهن، تئين ئي احسان جا شاعراڻا لفظ به ذهن کي معطر ڪري ڇڏين ٿا. ها! احسان دانش جي ئي شهر لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هندوستان لڏي ويل بهترين سنڌي شاعر هري درياني دلگير به ته خوشبو جو شاعر آهي، جنهن چيو ته ؛
ڌرتيءَ کي گلزار ڪري ڇڏ
خوشبوءَ سان سنسار ڀري ڇڏ
احسان جو سڳنڌ واسيل غزل به هر طرح سان ڏاڍو سهڻو آهي، هن جي غزل ۾ ڪمال جي رواني ۽ ترنم آهي. هن جي غزل جو رومانوي پهلو به زبردست آهي. عرب شاعر لعبد جي محبوبه جو گذر صحرائي گلن مان ٿئي ٿو، پر احسان جي محبوبه جو گذر ڏاڍو دلچسپ آهي. احسان جي محبوبه جو گذر جنهن به رستي تان ٿئي ٿو سو گلن سان ڀرجي وڃي ٿو.
جن تان تنهنجو گذر ٿيو هيڪر
سڀئي رستا گلاب جيان مهڪيا
لاڙڪاڻي جي زمين، زمانن کان وٺي اَنُ ۽ علم پيدا ڪيو آهي. لاڙڪاڻي خوبصورت شاعر به ڄڻيا آهن. بيوس، دلگير، حيدر بخش جتوئي جن جي شاعري مقصد ڀري رهي آهي. جئين لاڙڪائي سموري سنڌ کي جديديت جا دڳ ڏسيا تئين ئي مابعد جديديت جا پيچرا به لاڙڪاڻي جا شاعر ئي ڏَسي سگھن ٿا ۽ انهن پيچرن جي پانڌيئڙن جي اڳين صف ۾ اسان جو دوست احسان دانش به چٽو نظر اچي ٿو. جنهن سماج جي بي رحم سچاين ۽ تلخين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ وڏي جرئت سان پيش ڪيو آهي. هن جي شاعريءَ جو اهو سماجي پاسو ئي ڀرپور نه آهي پر هن جي غزلن جا رومانوي ۽ جمالياتي پاسا به ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. هڪ سيبتو شاعر پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار انوکي انداز ۾ ڪندو آهي. هر حساس شاعر جي جذبن ۾ هڪ جولان هوندو آهي، احسان دانش به جوان جذبن وارو هڪ اهڙو شاعر آهي جيڪو پنهنجي غزلن ۾ احساسن کي انوکي نموني سمائڻ ڄاڻي.
رڃ نيڻن ۾ خواب ٿا پلجن
لمحي لمحي عذابَ ٿا پلجن
درد مون لاءِ دادلا آهن
پالڪين ۾ نواب ٿا پلجن
ــــــــ
لفظن ڪاغذ تي جھومندا ٿا اچن
ذهن ۾ منهنجي ڏات مرڪي ٿي
سنڌي شاعريءَ ۾ غزل پنجاهه سالن کان وٺي پنهنجو سفر ڪندو هن Modernism واري دور ۾ پهتو آهي. اسان کي اڌ صدي اڳ وارو غزل ڏاڍو ڏکيو، فارسي زده ۽ اوپرو لڳندو، اڳتي هلي اياز غزل کي سنڌي لباس پارايو ۽ ان کي سولو ڪيو. احسان دانش به انهيءَ پنڌ جو پانڌي آهي. مطالعو، مشاهدو، حقيقت ۽ دليل ڪنهن پراڻي رويي کي رد ڪري ڪنهن نئين نظريي کي آسان، سولو ۽ پنهنجي ڪرڻ جي هڪ سائنسي راهه Scientific Approach آهي. ان ايپروچ وسيلي ئي احسان غزل کي نئون ويس پارايو آهي، جيڪو پڙهندڙ کي ايترو ته سولو ۽ سرل محسوس ٿئي ٿو جو هو پڙهندو ۽ لطف وٺندو ئي وڃي ٿو.
آرسيءَ جي اڳيان ڪنڌ ڇوٿو جهڪئي
او سکي پاڻ کان ڀي شرم ٿي ڪرين!
ـــــــــ
پيار ۾ پنهنجو بڻائين ڇونه ٿي
دل چريءَ کي آزمائين ڇونه ٿي
ـــــــــ
اڄ ملي دل کي آ خوشي جيڪا
سا الائي ڇو خواب سمجھان ٿو
شاعر اهو جيڪو فن کي انسان ذات لاءِ ارپي. جنهن جا موضوع به انسان دوستيءَ جي هر پاسي ۽ هر پهلوءَ کي ائين چٽو ۽ پڌرو ڪري پيش ڪن جئين سورج جي اجري روشني ڪندي آهي. هر سهڻي شاعر جا موضوع انساني محبت، سونهن، رنگيني ۽ روپ سروپ آهن. اهڙي ئي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جا تخيلاتي پهلو ليئاڪا پائيندي محسوس ٿيندا آهن. اهڙي ئي شاعريءَ ۾ فطرت جو حسن ۽ حسين امنگون سمايل هونديون آهن. احسان جي شاعري به انهن ئي خوبين سان ڀرپور آهي.
چنڊ چهرو لڪل ڪٿي ٿو ٺهي
زلف منهن تان هٽاءِ چانڊوڪي
يا
مرڪ تنهنجي ۾ جوت آ ايڏي
جيڏي بلبن ۾ روشني آهي
احسان دانش حسن يار کي روايتي انداز کان هٽي هڪ نئين دلڪش انداز ۾ بيان ڪري ٿو، هن جي ان اندازِ بيان ۾ جيڪا حسن ڪاري ۽ حسناڪي شامل آهي ان کي شايد ئي ڪو ماڻهو محسوس نه ڪري سگھي.
اوهان جي نيڻن جا پيارا جگنو، اسان جي دل لئه ڏيئن سما هن
ائين اجھائي ڇڏيو نه جانان، اڃا هي ڏيئا جلڻ گھرن ٿا
ڪٿي آ سورج، ڪٿي آ چندر، ڪٿي ستارا، ڪٿي سمندر
جڏهن اوهان تي نظر ڄمي ٿي، نه نيڻ پو ڪجھ ڏسڻ گھرن ٿا
ايم ڪمل هندوستان ۾ ماڊرن سنڌي غزل جو باڪمال شاعر آهي ۽ هن دور ۾ هتي سنڌ ۾ مونکي احسان دانش جا غزل ان معيار جا محسوس ٿين ٿا. جن ۾ نه رڳو نواڻ پر زنده ادب جي هر خوبي نظر اچي ٿي. هن جا غزل ڪنهن مصنوعي ٺاهه ٺوهه نه پر فطري جمال سان سينگاريل آهن. اهو ئي سبب آهي جو احسان جي غزلن ۾ هڪ بيساختگي محسوس ٿئي ٿي.
جونِ جي ڪنهن تتل ڏينهن ۾
جنوريءَ جي ٿڌي هير آن تون
يا
تنهنجو جوڀن جيئن
ڪوئي تازو غزل
غزل جي شاعريءَ ۾ جيسيتائين غنائيت ۽ موسيقيت نه هوندي تيسيتائين اهو دل تي اثر نه ڪندو ۽ احسان دانش جي غزلن ۾ اها خوبي تمام جھجھي نظر اچي ٿي. هن جا غزل Lyrical آهن، انهن ۾ عجب جهڙي اندروني موسيقي ۽ ردم آهي. هو هم آواز لفظن ۽ تجنيسن مان ڪم وٺندي پنهنجن غزلن ۾ موسيقيت پيدا ڪري ٿو.
پنهنجي ديوانگيءَ کي ڇا چئجي
هي ته دانش جي دل جي دولت آ
يا
ڪيڏي سندر سار رکي ويو نيڻن ۾
تيز تکي تلوار رکي ويو نيڻن ۾
حقيقت ۾ احسان دانش جو غزل ڏاڍو سهج ڀريو آهي، جنهن ۾ معصوم ٻار جي مرڪ جهڙا احساس سمايل آهن. جنهن ۾ انيڪ شاعراڻيون خوبصورتيون آهن. انهن خوبصورتين جي هڪ جهلڪ پسو:
تنهنجي نظرن جا گھاو ڪير سهي
آکيرن ۾ عقاب ٿا پلجن
ــــــــ
هي انڌيرو نه انڌيرو رهندو
هڪڙو ڀيرو ته مسڪرائي ڏس
ــــــــ
قرب جاري هجي
عمر ساري هجي
چنڊ دنيا جي مڙني شاعرن جي شاعريءَ ۾ سونهن ۽ سوڀيا جي علامت ۽ شان رهيو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ ٻين انيڪ شاعرن چنڊ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سهڻين علامتن ۾ پيش ڪيو آهي. هر شاعر وٽ چنڊ جي محبوبيت ۽ محويت جي حوالي سان خيالن جي تال ميل جدا جدا آهي، ان ڪري اسان جي دوست احسان دانش به روايتي انداز کان بچندي پنهنجي غزل ۾ چنڊ کي سڏڪندي ڏيکاريو آهي.
چنڊ سڏڪي ٿو بادلن پويان
ها تڏهن ڪاري رات مرڪي ٿي
دانش جي شاعري ڪٿي به ابهام جو شڪار نه ٿي ٿئي ۽ هو ڪٿي به مفهوم ۽ مقصديت جو دامن هٿان ڪونه ٿو ڇڏي. هن جي شاعريءَ ۾ اجائي ورجاءَ ۽ بي مقصد سٽن جو نالو نشان ئي نه ٿو ملي. هو سنڌ پرستيءَ کي به روايتي نعري بازي واري انداز کان هٽي مقصد ڀرئي انداز ۾ بيان ڪري ٿو. هن جي اندر جي اڇل، لفظن کي زندگي ڏئي ٿي.
سنڌ خاطر جو رتُ وهيو آهي
تنهن کي مشڪ ۽ گلاب سمجھان ٿو
يا
سنڌ جا نير ڀريندا سنڌو!
سارو عالم حيران ٿي ويو آ
احسان، سچ ۽ سنڌ سان ساٿ نڀائيندي وڏي واڪ چوي ٿو:
سُرخ رهندو ڪڏهن نه ٿيندو زرد
سچُ، مخدوم جو لهو آهي
هڪ سٺي شاعر جي خوبين ۾ مشاهدي جي گھرائي جي خوبي وڏي اهميت رکندي آهي. شاعر جو مشاهدو جيترو تيز، تُز ۽ گھرو هوندو، هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اوترا ئي گھرا عڪس چٽي سگھندو. هڪ تيز فهم ۽ اجري اک واري شاعر جو ذهن فطرت جي هر عڪس ۽ اولڙي کي محفوظ ڪري ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ عام ماڻهو شين کي ان طرح نه ڏسي ٿو ۽ نه ئي محفوظ ٿو ڪري. هونءَ هر انسان جو ذهن وهندڙ پاڻيءَ وانگر هوندو آهي پر هر هڪ جي اظهار جي سگھ الڳ الڳ هوندي آهي. هاري انيڪ ڀيرا ماڪ ڦڙن کي سج جي روشني تي چمڪندي ڏسندو آهي ۽ انهن جي چند پلن جي حياتيءَ جي پڄاڻي به هن ڪئين ڀيرا ڏٺي هوندي آهي پر فطرت جي ان حقيقت کي ان طرح بيان نه ڪري سگھندو جئين ڪو سگھارو شاعر. ڇوته شاعر وٽ جڏهن مشاهدو ۽ شاعراڻو ڏانءُ گڏجي ٿو ته لفظن ۾ اهڙا عڪس ۽ احساس شامل ٿي وڃن ٿا جو اهي هر پڙهندڙ کي ڏاڍا پيارا لڳن ٿا. احسان دانش وٽ به اها مشاهدي جي قوت آهي انهي ڪري هن جي غزلن ۾ عڪسيت جا عجيب جهان نظر اچن ٿا.
ماڪ ترڪي جو پئي شاخن تي
ڄڻ ته گلڙن جا ڪري پيا ڳوڙها
يا
سانجھ سرهيءَ ۾ ساٿ آ تنهنجو
ڪيڏو پيارو پرين پهر آهي
احسان دانش جي انڊلٺي رنگن وارن غزلن جو تفيصيلي اڀياس ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان اڀياس کان پوءِ ئي هن ڏاهي شاعر جي غزلن جي حسناڪين کي ڀرپور نموني محسوس ڪري سگھبو. مون ته مٿي سندس غزلن تي رڳو سرسري نظر وڌي آهي.
الله پاڪ پنهنجي ڪلام ۾ چيو آهي ته ”اسان جنهن کي عزت بخشيندا آهيون ته ان کي حڪمت ۽ دانش عطا ڪندا آهيون.“ شال خدا احسان جي دانش کي دوام بخشي.
سعيد ميمڻ
شاعر ۽ لفظن جو رشتو
(احسان دانش جي شاعريءَ تي هڪ نظر)
شاعر جو لفظن سان عجيب تعلق هجي ٿو. هو لفظن جو عام ماڻهن جيان فقط ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿو ڪري، لفظ هن لاءِ رڳو ابلاغ جو وسيلو نه آهن پر، هُو لفظن کي زنده وجود جيان محسوس ڪري ٿو. شاعر کي لفظن ۾ انوکا لفظ نظر اچن ٿا، جن جي ڪمپوزنگ ڪري، انهن ۾ تخيل ۽ معنى خيزي سمائي جڏهن ڪنهن شعر جي جدت ڀرئي روپ ۾ اسان جي سامهون آڻي ٿو ته سندس لفظ دلين تي ديرپا اثر ڇڏين ٿا ۽ انهن ۾ آفاقيت نظر اچي ٿي.
لفظن ۾ جيڪي نفيس ڪيفيتون لڪل هجن ٿيون، انهن کي باصلاحيت ۽ حساس شاعر ئي محسوس ڪري سگھندا آهن. لفظن ۾ جيڪي معنوي لطافتون هونديون آهن، انهن جي دلڪش استعمال سان شعر ۾ عجيب رنگيني ۽ سحر آميزي پيدا ٿيندي آهي. ان وقت تخليقي عمل ۾ شاعر کي پنهنجا سڀ حواس بيدار رکڻا پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن من جي لطيف ڪيفيتن جو اظهار ڪرڻ لاءِ شاعر کي اهي تُزُ لفظ نه ملي سگھندا آهن جيڪي سندس ڪيفيتن جي عڪاسي ڪن. اهو ئي سبب آهي جو وڏن شاعرن کي پنهنجي ٻوليءَ جو دامن تنگ نظر ايندو آهي. جيئن غالب دانهون ڪندو هو :
کچهه اور چاهيي وسعت، مري بيان ڪي لِئي.
جيڪي شاعر لفظن جي لطيف معنوي فرق کان واقف هوندا آهن، پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ مناسب لفظ استعمال ڪري ڄاڻيندا آهن ۽ سندن قلم جي آڱر صرف انهن لفظن کي چونڊيندي آهي جن ۾ دلين کي متاثر ڪرڻ جي سگھ هوندي آهي. اسان جي ٽهي جو هي نوجوان شاعر احسان دانش به انهن مان هڪ آهي. جيڪو لفظن جي آواز ۽ معنائن کان ته واقف آهي پر لفظن جا رنگ به سڃاڻيندو آهي ۽ لفظن جي خوشبو کي به محسوس ڪندو آهي.
لفظ ڪاغذ تي، جھومندا ٿا اچن
ذهن ۾ منهنجي ڏات مرڪي ٿي.
ــــــــ
اکڙين تي ڪرڻن جي بارش
لفظن تي جذبن جي بارش
ــــــــ
ڪاغز تي ڪرڻا
منهنجن لفظن سا
راند پيا کيڏن
ــــــــ
احسان جي شاعريءَ جي اها خوبي آهي ته سندس شعر پڙهندڙ جي من ۾ عڪسن کي اجاگر ڪن ٿا. جيڪڏهن شعر ۾ گھري معنويت سمايل آهي ته پڙهندڙ ڀرپور حِظُ حاصل ڪري ٿو ۽ ان جي گوناگونيت ۾ گم ٿي وڃي ٿو. پر جي صرف سادو عڪس آهي تڏهن به هو ان مان تخليقي سُرور ماڻي ٿو.
هونءَ ته احسان دانش شاعريءَ جي سڀني صنفن تي دسترس رکي ٿو. بيت، وائي پنجڪڙو، هائيڪو نظم يا سندس ئي متعارف ڪرايل صنف ”ست رنگي“ ـــ پر مونکي سندس غزل بيحد پسند آهن. کيس غزل ۾ نمايان مقام حاصل آهي. سندس غزلن جو ڪينواس ڏاڍو ڪشادو آهي، انهن ۾ تخيل جي سهڻي رنگ آميزي ۽ معنى خيزي آهي. احسان جي غزل جو صرف مان معترف نه آهيان پر اسان جي سينئر غزل گو شاعرن (جن جي غزل ۾ الڳ سڃاڻپ آهي.) به کيس ڀرپور داد ڏنو آهي. جئين اياز گل چيو آهي ته ” احسان دانش نئين غزل جي مزاج کي سڃاڻي به ٿو ۽ سمجھي به ٿو، تڏهن ئي هن نئين سنڌي غزل جي گھرجن مطابق، غزل رچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رديف جي سهڻي استعمال سان ڊگھي ۽ ننڍي ٻنهي بحرن ۾ ڪاميابيءَ سان غزل لکڻ، احسان دانش جي تخليقي سگھ کي ظاهر ڪري ٿو.“
هڪ اهم ڳالهه ته احسان دانش کي ان ادبي ماحول ڏاڍو فائدو ڏنو جنهن ۾ سندس ابتدائي شاعراڻي پرورش ٿي. اتي مشاعرن ۾ لاڙڪاڻي جا ڪهنه مشق شاعر مرحوم لقمان حڪيم، علي بخش جمالي، سرڪش سنڌي ۽ ٻيا معروف شاعر شامل ٿيندا هئا. شعر جي بحر وزن جو خاص خيال رکيو ويندو هو. شاعر کي تارازيءَ جا پُڙَ برابر رکڻا هوندا هئا. ڇوته تڪڻ وارا تور جا ماهر هُئا. وزن هيڏي هوڏي ٿيو ته شاعر جي خواري ٿيندي هئي.
اهڙي ماحول ۾ احسان جي شاعري هوريان هوريان وکون کڻڻ لڳي ۽ نيٺ پختگي حاصل ڪري وئي. احسان جي شاعريءَ کي پختگي پائڻ وارو فائدو ته ٿيو پر شُڪر آ جو هن اُنَ ماحول جو ٻيو اثر قبول نه ڪيو. نه ته سندس شعر جي زبان تي اڄ به گل ۽ بلبل جا راڳ هجن ها.
هتي مان اها ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته جواد جعفري، احسان دانش ۽ مون شاعراڻو سفر لڳ ڀڳ گڏ شروع ڪيو هو 1988 ڌاري. مان به شروعات ۾ مٿي ذڪر ڪيل ماحول ۾ رهيس پر ستت ئي اتان نڪري آيس. محمد علي پٺاڻ ۽ مرحوم رزاق مهر مونکي سنڌي ادبي سنگت ۾ وٺي آيا. مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته جواد، احسان ۽ منهنجي دوستي اڄ به اها ئي آهي ۽ ساڳي چاهه سان شاعريءَ جو سفر روان دوان رکيو اچون پيا.
مون احسان جي شاعريءَ واري ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ ۾ سندس بيتن جي متعلق جيڪا راءِ ڏني آهي. ان جي متعلق مونکي سنڌ جي هڪ وڏي شاعر چيو ”توهان راءِ ۾ پاس خاطريءَ کان ڪم ورتو آهي.“ ممڪن آهي ته هو صحيح هجي. پر اصل ڳالهه اها آهي ته شاعر جو ڪم شعر سرجڻ آهي نه ڪي تنقيد لکڻ. اهڙا ٽي. ايس. ايليٽ ۽ پيبلونرودا جهڙا ڪي ڪي عظيم تخليقڪار هوندا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت تمام وڏا شاعر به هوندا آهن ته اعلى پائي جا نقاد به. باقي اها ڳالهه اسين سڀ محسوس ڪري رهيا آهيون ته هن وقت سنڌي ادب کي تنقيد جي تمام گھڻي ضرورت آهي. ٻين صنفن کان سواءِ مان صرف شاعريءَ جي حالت ئي ڏسان ٿو ته شاعرن جي گھڻائيءَ جيڪا Suffocation پيدا ڪئي آهي، ان ۾ دم گھٽجڻ لڳي ٿو. سنڌ جي ادبي ماحول کي جيوڙا مار اسپري جي ضرورت آهي. باقي احسان دانش جي شاعريءَ لاءِ مان چوندس ته مون هن جي لفظن سان پيار ڪيو آهي ۽ هن جا لفظ آهن به ته پيار ڪرڻ جي لائق. هن جي لفظن ۾ خوشبو آهي ۽ اکين کي آفاقيت جا رنگ نظر اچن ٿا. منهنجي دعا آهي ته احسان جي قلم ۾ اها ئي رواني قائم رهي ۽ اسان کي ڏات جي نون جهانن جا جلوى پسائيندو رهي.
No comments:
Post a Comment