ڊاڪٽر
احسان
دانش
شاهه
لطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ جو سماجي اڀياس
شاهه عبداللطيف کان اڳ واري
اساسي شاعريءَ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته کانئس اڳ سنڌي ٻوليءَ جي محافظ
شاعرن جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي، جن مان به اڪثر شاعرن جو ڪلام اڌورو ۽ اڻپورو
ملي سگھيو آهي. گمان آهي ته ڀٽائي کان اڳ واري دور جي ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام وقت
جي طوفانن ۾ تيلو تيلو ٿي ويو هوندو. هن کان اڳ سنڌ جي سماجي تاريخ بيان ڪندي اسين
ذڪر ڪري آيا آهيون ته تاريخ جا ورق ورائيندي اڪثر ڪري سنڌ اسان کي ڌارين ۽ غاصبن
جي چنبي ۾ نظر اچي ٿي. سمن جي صاحبيءَ کان ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪمراني تائين
سنڌي ماڻهو ڌارين هٿان جهڙي ريت پيڙبو رهيو آهي، برصغير جي تاريخ ۾ ان جو مثال نه
ٿو ملي.
خاص طور اهي سمورا رت پياڪ حڪمران جيڪي سنڌ تي ڏاڍ ۽ ڏمر بڻجي ڪڙڪيا، انهن سڀ کان پهريان ڌرتيءَ جي صوفي سنتن ۽ عالمن کي ئي پنهنجي ڏاڍ جو نشانو بڻايو، ڇوته وٽائن شعور جون شمعون روشن ٿي رهيون هيون. تنهن ڪري محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ شاعرن جو علمي ۽ شعري خزانو انهن سفاڪ وحشين جي لتاڙ جو شڪار ٿي صفحهءِ هستي تان مٽجي ويو هوندو. شاهه لطيف جي پيش رو جن سنڌي شاعرن جو ڪلام زماني جي گردشن مان بچي ڀٽائي جي هٿن تائين پهتو ۽ هن سندن ڪلام ۽ پيغام کي هينئين سان هنڊايو، انهن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ ميون شاهه عنايت خاص طور قابلِ ذڪر آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ تي انهن شاعرن جو گھرو اثر نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ اهي شاعر سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جا بنيادي ٿنڀا آهن، جن تي ئي اڳتي هلي شاهه سائين پنهنجي فڪر جي عظيم عمارت کڙي ڪئي. تنهن ڪري اسين شاهه سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي تيسيتائين پُرجھي ۽ پروڙي نه ٿا سگھون جيسيتائين انهن شاعرن جي ڪلام جو جائزو نه ٿا وٺون.
خاص طور اهي سمورا رت پياڪ حڪمران جيڪي سنڌ تي ڏاڍ ۽ ڏمر بڻجي ڪڙڪيا، انهن سڀ کان پهريان ڌرتيءَ جي صوفي سنتن ۽ عالمن کي ئي پنهنجي ڏاڍ جو نشانو بڻايو، ڇوته وٽائن شعور جون شمعون روشن ٿي رهيون هيون. تنهن ڪري محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ شاعرن جو علمي ۽ شعري خزانو انهن سفاڪ وحشين جي لتاڙ جو شڪار ٿي صفحهءِ هستي تان مٽجي ويو هوندو. شاهه لطيف جي پيش رو جن سنڌي شاعرن جو ڪلام زماني جي گردشن مان بچي ڀٽائي جي هٿن تائين پهتو ۽ هن سندن ڪلام ۽ پيغام کي هينئين سان هنڊايو، انهن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ ميون شاهه عنايت خاص طور قابلِ ذڪر آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ تي انهن شاعرن جو گھرو اثر نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ اهي شاعر سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جا بنيادي ٿنڀا آهن، جن تي ئي اڳتي هلي شاهه سائين پنهنجي فڪر جي عظيم عمارت کڙي ڪئي. تنهن ڪري اسين شاهه سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي تيسيتائين پُرجھي ۽ پروڙي نه ٿا سگھون جيسيتائين انهن شاعرن جي ڪلام جو جائزو نه ٿا وٺون.
جڏهن
اسين ڀٽائي کان اڳ وارن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ڳالهه ڪريون ٿا
ته لفظ ڪلاسيڪ خود هڪ سوال بڻجي ٿو، جنهن جو جواب ادب جي ڊڪشنرين ۾ موجود آهي. ان
جي تفصيل ۾ وڃڻ بدران ايترو ڪافي آهي ته ’ادب ۾ اها تخليق ڪلاسيڪيت جو درجو
ماڻيندي آهي، جيڪا زمان ۽ مڪان جي حدن کان اتاهين هجي، يعني اها ڪنهن هڪ دور لاءِ
نه پر سڀني زمانن لاءِ هجي.‘ ”ڪلاسيڪي ادب اهو آهي، جنهن ۾ آفاقيت ۽ ابديت هجي،
اهو ڪنهن هڪ دور يا ملڪ لاءِ مخصوص يا محدود نه هجي پر هر دور ۾ وقت جي ڪسوٽيءَ تي
پورو بيهي. ان ۾ فطرت جي عڪاسي هجي ۽ انساني مزاج ۽ فطرت جي ترجماني هجي. حقيقت
پسندي ۽ جدت پسندي هجي. ان ۾ صداقت ۽ خلوص هجي ان ۾ مستقل دلڪشي ۽ تاثير هجي، ان ۾
فڪري ۽ فني توازن هجي ۽ ان ۾ اهڙي ڪشش هجي، جنهن جو اثر، رنگ قوم ۽ نسل کان آجو
هجي..... ڪلاسيڪي ادب ۾ اخلاقي قدرن جو به خاص خيال رکيل هوندو آهي.“ (1) ڊاڪٽر
اياز قادري جي لفظن ۾ ”ڪلاسڪ جو تعلق وقتيت ۽ قدامت سان گھرو آهي...... اهڙا
شاهپارا ۽ تخليقون جن ۾ وقت کي مات ڪرڻ جي قوت آهي، ڪلاسڪ ڪوٺجن ٿا... ايران ۾
فردوسيءَ جو شاهنامو، روميءَ جي مثنوي، حافظ جا غزل، انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما،
ڀارت ۾ ڪاليداس جي شڪنتلا، سنڌ ۾ شاهه جو رسالو ۽ سچل جو ڪلام ڪجھ اهڙا شاهپارا آهن،
جن وقت کي مات ڪري ڇڏيو آهي.“ (2) سنڌي ٻوليءَ ۾ قاضي قادن کان شاهه لطيف ۽ کانئس
پوءِ تائين جيڪي چند ڪلاسيڪل شاعر نظر اچن ٿا، انهن مان ڪن جا نالا مٿي ظاهر ڪيا
اٿم.
”ڪلاسيڪل شاعر پنهنجي لافاني ۽ لاثاني ڪلام ۾ اهڙا
ته موضوع ۽ خيال، جذبا ۽ احساس پيش ڪن ٿا جو اهي سندن شخصي تجربن تي ٻڌل هئڻ
باوجود زمان ۽ مڪان جون حدون اورانگھي، سموري انسان ذات جا مجموعي تجربا محسوس
ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ موجود گوناگون مضمون ۽ موضوع، خيال ۽ فڪر جي گھرائي، اڌمن ۽
احساسن جي اونهائي، سچ ۽ اسلوب جي سونهن ۽ سچائي هر دور جي هر خطي لاءِ ساڳي حيثيت
۽ حظ رکي ٿي. اهڙين تخليقن ۾ شاعرن جي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جون قديم روايتون، سندن سڀيتا ۽ ڪلچر، تاريخ ۽ تمدن جي عظمت جا عڪس
هوندا آهن، پر جيڪڏهن غور ڪبو ته اهي سموري انساني تهذيب جي تاريخ جا عڪس پيا محسوس
ٿيندا.“ (3) سنڌي ٻوليءَ جي مذڪوره ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري ۾ به
اهي خوبيون ملنديون پر سندن شاعريءَ جو مرڪز ۽ محور گھڻو ڪري تصوف جي رمزيت آهي.
ڇوته تصوف خود هڪ عالمگير موضوع آهي تنهن ڪري سندن ڪلام جو دائرو وسيع ۽ آفاقي
آهي.
شاهه
لطيف کان اڳ واري اساسي شاعري پنهنجي دور جي علمي ۽ مذهبي حالتن کان گھڻو متاثر
نظر اچي ٿي. هڪ پاسي سنڌ ۾ مختلف صوفياڻين تحريڪن جو وارد ٿيڻ ۽ ٻئي پاسي فارسي
زبان جو غلبو جنهن ۾عطار، رومي، جامي، حافظ ۽ سعدي جهڙن وڏن شاعرن جو صوفياڻو ڪلام
اڳ ئي موجود هيو، ان دور جي سماج تي مجموعي طور گھڻو اثر وڌو ۽ سنڌ جي شاعرن به
انهيءَ موضوع کي پنهنجي شاعريءَ ۾ مرڪزي حيثيت ڏني. تنهن ڪري ان سموري عرصي ۾ سنڌي
شاعريءَ ۾ زهد، تقوى، شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جي منزلن، وحدت الوجود ۽ وحدت
الشهود جي نظرين توڙي تصوف ۽ سلوڪ جي ٻين پهلوئن جو گھڻو ذڪر ملي ٿو. ”سنڌ ۾ تصوف
جي ارتقا کي ٻن واضح دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. اوائلي دور کي جيڪڏهن اٺين صدي هجري
يا چوڏهين صدي عيسوي تائين محدود ڪجي ته ان ۾ درويشي، زهد ۽ فقر تي گھڻو زور هو ۽
صوفي بزرگ پاڻ ان جو عملي نمونو هئا. ٻئي دور ۾ صوفي فڪر داخل ٿئي ٿو، جنهن جي
شروعات قاضي قادن سان ٿئي ٿي ۽ شاهه ڪريم ۾ ٻنهي روايتن جو سنگم نظر اچي ٿو. (4) ڊاڪٽر
بلوچ لکيو آهي ته ”(قاضي قادن) سنڌي اساسي شاعريءَ جو ابو هو.
سندس بيتن جا مختلف موضوع، موزون ۽ موثر الفاظ ۽ اصطلاح، سندس بيتن ۾ سمايل فڪر ۽
خيال سڀ نوان ۽ تازا آهن، جيڪي ان کان اڳ نظر نه ٿا اچن، ۽ جيڪي پوءِ ٻين وڏن
شاعرن جهڙوڪه شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنايت ۽ شاهه
عبداللطيف لاءِ مثالي نهج ۽ نمونو بڻيا.“ (5)
قاضي قادن پنهنجي دور ۽ سماج
جي ذهني لاڙن توڙي مروج موضوعن سان گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ نوان فڪري لاڙا به متعارف
ڪرايا. هو پهريون شاعر هيو جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سماج جي اهم ڪردارن جوڳين ۽
سنياسين، گھاتن ۽ کاهوڙين جو ذڪر آندو. ان کان علاوه هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جا
رومانوي داستان سُرن جي شڪل ۾ کڻي نه ٿا ملن پر مختلف بيت انهن مان ڪن داستانن
ڏانهن اشارو ڪن ٿا. جيئن هيٺيون بيت ڏسو، جيڪو ڄڻ سُر سسئيءَ جو پيو ڀانئجي.
لڳي وڃان پير، دانهان ڪندي
ڏونگر
سوئي سڄڻ ميڙ، جنهين هئون ڏکڻي
”قاضي قادن ان وقت جي قصيده گوئي ۽ قصيده خوانيءَ
واري درٻاري شاعري ۽ مذهبي پرچارڪن جي پرچاري شاعريءَ کي هڪ نئون موڙ ڏئي، سنڌي
شاعريءَ کي ادبي معيار عطا ڪيو. هن سنڌي شاعريءَ کي چارڻن ۽ ڀٽن جي قصيدن ۾ سمايل
مبالغي جي ڌٻڻ مان ڪڍي، ان کي فڪر ۽ فلسفي جي پڪي پختي زمين تي آندو ۽ ان کي اهو
آڌار ڏنو، جنهن تي اڳتي هلي اساسي (ڪلاسيڪي) سنڌي شاعريءَ جي عمارت کڙي ٿي.“ (6) قاضي
قادن جي شاعريءَ جو بنيادي موضوع تصوف ۽ ويدانيت جي رمزن جي اُپٽار ئي آهي، پر
اسين سندس دور جي سماجي حالتن کي ڌيان ۾ رکندي جڏهن سندس شاعريءَ جو بغور مطالعو ڪريون
ٿا ته ان ۾ علامتي انداز سان ڪيئي سماجي عڪس ۽ اولڙا به نظر اچن ٿا. جيئن سندس بيت
آهي:
نه کاءِ پاڻي منجھ، ٻاٻيها ٻڏي
مُوئا،
جي تــو پــوي سمنجھ، تان تون کيرو نه ٿئين
جي تــو پــوي سمنجھ، تان تون کيرو نه ٿئين
هن بيت ۾ سماج جي انهن ڪردارن
ڏانهن اشارو آهي جن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سودو نه ڪيو. ٻين لفظن ۾ پنهنجي دور
جي ڏاڍ اڳيان هنن سر تسليم خم نه ڪيو، ڇو ته هو پنهنجن اصولن ۽ ارادن ۾ مضبوط هيا.
اهڙا ماڻهو سماج ۾ مروج غلط ريتن جا مخالف هوندا آهن ۽ سندن ڪردار ڀٽائي جي ان سٽ
جهڙو هوندو آهي ته ’جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وهه اوڀار‘. مٿين بيت ۾ اهڙي
ماڻهوءَ جي تمثيل ”ٻاٻيهي“ سان ڏني وئي آهي، جيڪو پاڻي ۾ رهڻ جي باوجود ڪڏهن پاڻي
نه پيئندو آهي، ڇوته هن کي رڳو برسات جي پاڻي جي آس هوندي آهي. سماج جا اهي فرد
جيڪي ظلم جي رات ۾ تڪليف برداشت ڪري ڏاڍ سان منهن مقابل ٿي روشن سج جا منتظر هوندا
آهن، اهي پڻ حقيقت ۾ انهيءَ ٻاٻيهي وانگر هوندا آهن. قاضي قادن مٿين بيت ۾ چيو آهي
ته جيڪڏهن توکي انهن ماڻهن جي اصل انقلابي ڪردار جي پروڙ پئجي وڃي ته تون ڪڏهن
حيران نه ٿيندين.
جي تل ٽٽو تُلهڙي، ساير منجھ
ٿيـانهه،
ڪر ٻانهان پاڻيچيان، مَ ڪر سڏ
ٻيانهه.
هن بيت ۾ ٻيڙي جو ٽٽڻ اصل ۾
سماج جي ٽٽڻ ۽ ڀرڻ جي برابر آهي. هي بيت قاضي قادن جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ چيل ٿو
ڀانئجي، جڏهن سنڌ تي ارغونن جي يلغار ٿي هئي. ٻيڙي جو ٽٽڻ ۽ سمنڊ ۾ لڙهڻ، ان دور جي
سماجي ڍانچي ۾ سنڌي ماڻهوءَ جي ڪچلجڻ ۽ پيڙجڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو. هن بيت ۾ اهڙين
حالتن مان نڪرڻ لاءِ ٻي جو آسرو ڪرڻ بدران
پاڻ تي ڀاڙڻ واري سجاڳيءَ جو سنيهو سمايل آهي. مذڪوره بيت ۾ اسان کي قاضي قادن هڪ
سجاڳ ذهن انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر طور نظر اچي ٿو.
مکڻ مکي ان کي، ملان ڪُٽي کين
پڇ ڪڏهين ڀي تــن کي، هـو جي رٻ گھرن
پڇ ڪڏهين ڀي تــن کي، هـو جي رٻ گھرن
مٿين بيت
۾ سماج جي طبقاتي نظام ڏانهن اشارو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان دور جي سماج ۾
اعلى طبقو رڳو اقتدار جي ٻل تي قائم نه هيو پر مذهب جي بنياد تي به طبقاتي ورڇ
موجود هئي. مذهبي علم کان وانجھيل کي قابلِ نفرت تصور ڪيو ويندو هيو، نتيجي ۾ ان
دور جي موجود سماجي نظام ۾ غريب هڪ ڏتڙيل طبقي طور نظر اچي ٿو. اهو سماج جتي هڪ
ملو مکڻ جون ڪُٽيون ٿو کائي پر ٻئي پاسي ڪنهن غريب ۽ اٻوجھ ماڻهوءَ جي ڪوئي سار
لهڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪو رٻ تي گذارو ڪري ٿو.
”شاهه ڪريم سنڌ جي مشهور رومانوي داستانن مان سسئي
پنهون، عمر مارئي، مومل راڻو، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار جي ڪردارن جي ذريعي به
پنهنجو فلسفو بيان ڪيو آهي. سنڌي شاعرن جي اها روايت پڻ پهريون ڀيرو ظاهر ٿئي ٿي،
جنهن ۾ ڪهاڻي کي بيان ڪرڻ يا ورجائڻ بدران صرف انهن واقعن ڏانهن اشارو ڏنو ويندو
آهي، جيڪي مقصد جي وضاحت لاءِ ضروري هجن. ان ڪري شاعريءَ جو انداز تمثيلي ۽ علامتي
ٿيو پوي. سنڌ جي سمورن ڪلاسيڪي شاعرن شاهه لطيف سميت، انهيءَ انداز کي اختيار ڪيو
آهي. تنهن ڪري اها ڄڻ ته سنڌي شاعريءَ جي روايت بڻجي ويئي آهي.“ (7) شاهه
عبدالڪريم پنهنجي شاعريءَ لاءِ جن موضوعن ۽ مضمونن جي چونڊ ڪئي، اهي اڳتي هلي
سنڌي ٻوليءَ جي ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ لاءِ بنياد بڻيا ۽ شاهه عبداللطيف
ڀٽائي انهن موضوعن ۾ وڌيڪ رنگ ڀريا. تنهن ڪري شاهه ڪريم جي شاعريءَ کي شاهه لطيف
جي شعري روايتن جو سرچشمو تصور ڪرڻ کپي.
شاهه ڪريم، ارغوني ڏاڍ، ترخاني
استبداد ۽ مغليه ظالماڻي روش کي اکين ڏٺو. مقامي ماڻهو سندن ڏاڍ ۽ ڏمر جي ڏونگرن
هيٺان دٻيل هيا. اهو دور زبان بنديءَ جو دور هيو ۽ سماج ۾ هڪ وڏو انتشار ۽ بيچيني
هئي. پنهنجي دور جي انهن سماجي ۽ سياسي حالتن شاهه ڪريم کي پڻ بيحد متاثر ڪيو ۽ هن
پنهنجي شاعريءَ ۾ مختلف بيتن اندر اهڙين حالتن ڏانهن اشارا به ڪيا آهن. جيئن:
سائر ڏيئي لت، اوچي نيچي ٻوڙيئي
هيڪائين هيڪ ٿئــو، ويئي سڀ جهت
هيڪائين هيڪ ٿئــو، ويئي سڀ جهت
مٿين بيت ۾ سائر کي ڏاڍ جي
علامت طور پيش ڪيو ويو آهي. شاهه ڪريم جڏهن سنڌ تي سماجي بي انصافي ۽ ظلم جي
درياهه کي ڌوڪيندي، ڌرتيءَ جو چپو چپو تاراج ٿيندي ڏٺو ته سندس حساس دل تڙپي پئي.
هو بيت جي لفظي علامتن جي تهه ۾ فرمائي ٿو ته ڌارين جي ظلم جي ان ٻوڏ سنڌ جي سونهن
۽ سڀيتا کي ٻوڙي ڇڏيو.
ڪلاچيءَ ڪُنا، موٽي ڪونَ آئيو
ڪنين رڇ وڃــائيا، ڪنين توبهه تـاءُ
ڪنين رڇ وڃــائيا، ڪنين توبهه تـاءُ
هن بيت ۾
ڌارين جي ڏاڍ ۽ عقوبتن جو قصو ورجايل آهي. ’ڪلاچي جو ڪُن‘ سندن دهشت ۽ وحشت ڏانهن
اشارو آهي. شاهه ڪريم فرمائي ٿو انهن وحشي درندن هٿان ڪوبه بچي نه سگھيو آهي. (ڇوته
سندن وحشتون به ڪلاچيءَ جي ان ڪُن وانگر ئي هيون جنهن ۾ ڦاسڻ کان پوءِ، ڪنهن جو
بچي نڪرڻ محال آهي.) سندن ظلم ۽ ڏاڍايون ڏسي ڪي ته پنهنجي حقن تان به دست بردار ٿي
ويا ۽ سندن اڳيان ڏڪندي ڪنبندي توبهن تائب ٿيا. اهڙي ئي سماجي عڪاسي ۽ ڪلاچيءَ جي
ڪُن واري علامت وارو هڪ ٻيو بيت به آهي:
ڪُنَ ڪلاچيءَ پار، سڏ نه سڄي
ساٽيين.......
شاهه ڪريم جو پنهنجي دور جي
سماجي پچار جي حوالي سان هي بيت پڻ اهميت وارو آهي ته :
هنج تتهين هوءِ، اونهي ۾ اوڙاهه جو
اي ڪانئيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري
اي ڪانئيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري
هت ’هنج‘ سماج جي انهن بهادر
ڪردارن جي علامت آهي، جيڪي مصيبتن سان منهن مقابل ٿيڻ جا هيراڪ هوندا آهن. بلڪه
هنن کي انهن ڏکيائن ۾ رهندي لطف ايندو آهي. جيئن هنج جي نظر سدائين ڪنهن اوڙاهه جي
تلاش ۾ هوندي آهي تئين ئي هڪ سورهه ميدانِ جنگ ۾ سينو تاڻي دشمن سان منهن مقابل
ٿيندو آهي. شاهه ڪريم جو دور سماجي ابتري جي انتها تي پهتل هو، جتي ڌرتيءَ ڌڻين کي
غلامي جا طوق پارايا ويا هئا. اهڙين حالتن ۾ شاهه
ڪريم انهن جوانن کي ياد ڪيو آهي جيڪي سينواريل سماج تبديل ڪري سگھن ٿا ۽
ڪانئيرو اهو ڪانئر آهي جيڪو ڏاڍ جي چڪيءَ ۾ پيسبو رهندو ۽ پاڻ کي ان جو عادي بڻائي
ڇڏيندو آهي. اهڙو ماڻهو ذهني طور هميشه غلام رهندو آهي. شاهه ڪريم جو هي بيت
پنهنجي سماج جي ڏاڍي چٽي تصوير پيش ڪندڙ آهي. اهڙو ئي هڪ ٻيو بيت هن طرح آهي:
ڇاڇر ڇڳيرن، گھور نه اچي
گھاتوئين
اکيون انين سنديون، کڏا ڪرون
پڇن
شاهه ڪريم کان پوءِ اسين جڏهن
شاهه لطف الله قادري جي ڪلام تي نظر وجھون ٿا ته ان ۾ روحاني معنائن جا ڀنڊار
موجود ملن ٿا. پر سندس انهن بيتن کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي، جن ۾ هو پنهنجي
دور جي ڪرب کي پيش ڪري ٿو. اسان کي ڌيان ۾ رکڻ کپي ته شاهه لطف الله جو دور به
سندس اڳين شاعرن جي دور کان مختلف نه آهي. ان دور ۾ به فارسي زبان کي ئي عزت ۽
اهميت جي نگاهه سان ڏٺو پئي ويو، پر تنهن جي باوجود شاهه لطف الله پنهنجي ڪلام ۽
پيغام لاءِ ڌرتيءَ ڌڻين جي زبان يعني ’سنڌي‘ جي چونڊ ڪئي. ان کان علاوه مغل
حڪمرانن جي غاصبيت سبب هن پنهنجي شاعريءَ کي هڪ طرف روحاني رمزن تائين محدود رکيو
ته ٻئي پاسي علامتي نموني پنهنجي سماج جو عڪس به پيش ڪيو ۽ ان طرح هن پنهنجي پيش
رو شاعرن جي تقليد ڪئي. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ سامونڊين ۽ ناکئن، کاهوڙين،
جوڳين، سناسين، ڪاپڙين ۽ آديسين جو ڪافي ذڪر ملي ٿو. جنهن وسيلي هن، راههِ حق جي
تلاش لاءِ جستجو جو سبق ڏنو آهي. هن جي انهن ئي بيتن مان سندس شاعريءَ جي سماجي
ڪارج جا اهڃاڻ به ملن ٿا. مذڪوره سمورا ڪردار سماج جا متحرڪ ڪردار آهن، جن وٽان
جيئڻ جو سليقو سکي سگھجي ٿو. هو سفر جي تڪليفن کان ڪيٻائڻ بنان پنهنجي منزل جا
متلاشي هوندا آهن. اهڙا ئي ڪردار سماج جا آئيڊيل ڪردار هوندا آهن. مثال طور هيٺيون
بيت ڏسو:
ماءِ! جوڳي آئيا، تان ڪين وٽَنِ ويههُ
اُنِ نانگَنِ نيڻَ ڪڪورئا، ڏوري ڏونگر ڏيههُ
سي پين رات پُر ڪئو، اوتين آب اڇيههُ
سُک ڇڏي سـاڻيهه، اُوءَ هلئا وڃن حق ڏُونهه
اُنِ نانگَنِ نيڻَ ڪڪورئا، ڏوري ڏونگر ڏيههُ
سي پين رات پُر ڪئو، اوتين آب اڇيههُ
سُک ڇڏي سـاڻيهه، اُوءَ هلئا وڃن حق ڏُونهه
هن بيت ۾ هڪ جوڌي جي جوءِ
پنهنجي آيل کي ٻڌائي ٿي ته اهي جوڳي جيڪي سدا جوڳ ۾ رهن ٿا ۽ هڪ آزاد ۽ خود مختيار
سماج جي تعمير لاءِ جاکوڙين ٿا. سي پنهنجين ونين سان پل به ويهڻ لاءِ تيار نه آهن.
هو ڏونگرن جو پنڌ ڪن ٿا ۽ سندن نيڻ ڪڪوريل آهن. اهي پُر جام پيئن ٿا ۽ اڻ ڪٿيو
پيئن ٿا، اهي جام جستجو جا جام آهن، ان ڪري ئي هو وطن جي سُک کي تياڳي سچائيءَ جي
راهه جا پانڌي ٿين ٿا. اهڙو ئي هڪ ٻيو بيت آهي ته:
ماڻڪ ڏئي مٽئا ڪُنر ڪاپڙين
ڪو مَ چوءِ ته ڌتئا، کٽئو سناسين
هلئا جي حق ڏونهه، ٻيون ڏيئي ٻن
ٻئا ڪوهه ٻجھن، منجھان تني ڪاپڙيين
ڪو مَ چوءِ ته ڌتئا، کٽئو سناسين
هلئا جي حق ڏونهه، ٻيون ڏيئي ٻن
ٻئا ڪوهه ٻجھن، منجھان تني ڪاپڙيين
انقلابي ۽ آدرشي ماڻهو پنهنجي
مقصد جي حصول لاءِ وڏي کان وڏي تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن، هو ظاهري
ٺاهه ٺوهه جي پرواهه نه ڪندا آهن، هو تن جو مير تڏهن ئي لاهيندا آهن جڏهن هو
پنهنجي منزل ماڻي وٺندا آهن ۽ منزل جي حاصلات کان اڳ ۾ کين ويهڻ وهه لڳندو آهي.
اهڙا ئي ماڻهو سماج ۾ تبديليءَ جا نقيب هوندا آهن.
نه ڪين هيٺ، نه بيٺ ڪين، نه ڪي ڪَنِ ويس
ســـامـيـئـڙن سُـــويــس، وئــا وســري پــانـهـنـجــــا
ســـامـيـئـڙن سُـــويــس، وئــا وســري پــانـهـنـجــــا
”سنڌي
شاعريءَ جي ارتقا واري سلسلي ۾ شاهه عنات ڄڻ ته شاهه ڪريم ۽ ڀٽائي صاحب جي وچ واري
عرصي جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو ۽ سنڌي شاعريءَ جي مقدار توڙي اقدار جي لحاظ
سان هو انهي وچ واري دور جو نامور اڳواڻ ۽ علمبردار شاعر هو.“ (8)
عرصي جي لحاظ کان شاهه عنات، ڀٽائي جو سڀ کان ويجھو هم عصر شاعر هيو ۽ ان ۾ ڪو شڪ
ناهي ته شاهه لطيف سندس شاعريءَ جا گھرا اثر قبول ڪيا. شاهه عنات رضوي، سنڌي اساسي
شاعري ۾ هڪ نواڻ پسند شاعر طور نظر اچي ٿو. هن پنهنجي دور ۽ ان کان اڳ سنڌي
شاعريءَ ۾ مروج لوڪ قصن سان گڏ و گڏ ڪيترن ئي نون قصن کي به پهريون ڀيرو پنهنجي
شاعريءَ ۾ ڳايو آهي. انهن قصن جي اوٽ هن پنهنجي دور جي سماجي قدرن ۽ حالتن کي ظاهر
ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هن پنهنجن اڳين شاعرن جي فڪري تقليد به ڪئي آهي، پر سندس شاعريءَ
۾ ڪيئي نوان نڪور موضوع ۽ مضمون به نظر اچن ٿا. هن جو ڪلام رڳو تصوف ۽ وحدانيت تي
مشتمل نه آهي پر هو مجازي عشق ۽ حسن جي ڳالهه به وڏي واڪي ڪري ٿو. هن جي شاعريءَ ۾
مٽي سان محبت ۽ وطن دوستي جا عڪس ۽ اولڙا به نظر اچن ٿا ته سماج جا انوکا ڪردار
پڻ. شاهه عنات جي شعرن ۾ هڪ طرف اٻوجھ ۽ اگلڙا آهن ته ٻي پاسي سخي ۽ ڏاتار. ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌي جي راءِ مطابق ”شاهه عنات جي بيتن ۾ مضمون ۾ رنگا رنگي ۽ تنوع آهي.
تصوف ۽ اخلاقيات جا مضمون به ملن ٿا ته حسن و عشق ۽ هجر و وصال جو بيان به نظر اچي
ٿو. سنڌ جي ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي تصوير به ملي ٿي، ته معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو
احوال به ملي ٿو.“ (9)
هن سَرَ آئي ڪو، آبَ اُڃيو نه رهي
راءَ وٽ رهي جو، تنهن کـــي جُکي جانڪيتان نه ٿئي.
راءَ وٽ رهي جو، تنهن کـــي جُکي جانڪيتان نه ٿئي.
مٿين بيت ۾ ان سخي ۽ ڏاتار جو
ذڪر آهي، جيڪو رڳو ڏيڻ ڄاڻي ٿو، جنهن جي در تان ڪو خالي نه ويو آهي، جنهن وٽ لوڪ
جي ڏک ۽ درد جو دارون آهي. اهڙا ڪردار سماج جا آئيڊيل ڪردار هوندا آهن. جڏهن ماڻهو
معاشي تنگي ۽ بدحالي سبب عجيب جوکم جو شڪار بڻجي سماج ۾ ڌڪار جي لائق ٿي ويندو آهي
ته کيس ڪنهن اهڙي سهاري جي ضرورت پوندي آهي جيڪو سندس درد جو دافع ٿئي ۽ من جي
مونجھ ختم ڪري. اهڙي حالت ۾ منجھيل ماڻهوءَ جي مدد ڪندڙ سخي مرد ڪنهن شفاف تلاءَ
وانگر لڳندو آهي، جتي ڪيترائي اُڃا پنهنجي اُڃ اُجهائيندا آهن.
شاهه عنات جو سُر مارئي مٽيءَ
سان محبت ۽ وطن دوستيءَ جي حوالي سان هڪ ڀرپور سُر آهي، جنهن ۾ هن مارئي کي هڪ
مثالي ڪردار طور پيش ڪيو آهي ۽ حب الوطني جي اعلى سماجي قدر کي ڀرپور نموني اڀاريو
آهي. مارئيءَ جو روح پنهنجي مارن لاءِ سڪي ٿو ۽ هوءَ آخري پل تائين پنهنجي لوئي ۽
لڄ جي حفاظت لاءِ پتوڙيندي رهي ٿي. اهڙي ريت شاهه لطيف به سُر مارئي کي پنهنجي
شاعريءَ ۾ نهايت اعلى نموني پيش ڪيو آهي. شاهه عنات جو هيٺيون بيت سُر مارئيءَ جو
هڪ اهڙو بيت آهي جنهن ۾ مارئيءَ جي پنهنجي مارن لاءِ سڪ ۽ اڪير کي ڀلي ڀت محسوس
ڪري سگھجي ٿو.
هڏ هي روح رڳون، منهنجون ماروئڙن سان
اُني ري، عنات چئي، جدا ڪين جئان
پَــــلُــرُ شــال پئــــان، وڃــي ويڙيچن سين
اُني ري، عنات چئي، جدا ڪين جئان
پَــــلُــرُ شــال پئــــان، وڃــي ويڙيچن سين
سماج ۾ چڱا ۽ مٺا ڪردار گڏ گڏ
هوندا آهن. جتي عمر بادشاهه جيان ٿر جي مارئي کي ڪوٽن ۾ قيد ڪندڙ حڪمران به نظر
ايندا ته جکري جهڙا انسان دوست ۽ سخي مرد پڻ. مختصر اهو ته معاشري ۾ هڪڙا ماڻهو
ڏيندا آهن ته ٻيا وري ڏکائيندا آهن. شاهه عنات جي هيٺين بيت ۾ سماج جي هڪ اهڙي
ڳڻائتي انسان جو ذڪر آهي، جيڪو ٻين جي خطائن کي درگذر ڪري ٿو.
اسين اُهي ئي، جي ڌريان آنهنجا ڌاريا
اَوڳڻ ڪري، عنات چئي، آيا سون پيهي
سڄڻ سڀيئي، اوڳڻ مٽائي ڳڻ ڪرين
اَوڳڻ ڪري، عنات چئي، آيا سون پيهي
سڄڻ سڀيئي، اوڳڻ مٽائي ڳڻ ڪرين
مٿين بيت کي ڪو روحاني رمزن جو
صاحب ڀلي خدا ۽ بندي جي رشتي سان
جوڙي، پر حقيقت ۾ شاهه عنات ان بيت ۾ انسان کي انسان جي سامهون بيهاريو آهي. هي
سماج ئي آهي جيڪو انسان کي سُٺو ۽ برو بڻائي ٿو، اهو معاشرو ئي آهي جتي ماڻهو هڪ
ٻئي جو ڏوهي ٿئي ٿو ۽ پنهنجن جي دل ڏکائي ٿو. اهي ماڻهو عظيم هوندا آهن جيڪي
پنهنجن جي خطائن کي در گذر ڪندا آهن. مٿين بيت ۾ شاهه عنات ماڻهو جي احساس جرم جي
اعتراف واري ڪيفيت کي بيان ڪيو آهي ۽ سماج جي ان فرد مان چڱائي جي توقع رکي آهي،
جيڪو بااختيار آهي ۽ اوڳڻ مٽائي ڳڻ ڪري سگھي ٿو.
شاهه لطيف کان اڳ واري اساسي
شاعريءَ جي حوالي سان پيش ڪيل هن مختصر سماجي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه جي
پيش رو شاعرن وٽ مذهب ۽ تصوف جي رمزيت سان گڏ و گڏ ڪيترو سماجي شعور موجود هيو.
زبان بنديءَ جي دورن ۾ انهن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ علامتن ۽ اشارن وسيلي سماج جي
ڪيترن ئي مثبت ۽ منفي سماجي قدرن کي ڀرپوريت سان اڀاريو آهي ۽ سماج جي سماني
ڪردارن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ معاشري جي ڪڌن ڪردارن جي پڻ پت وائکي ڪئي آهي.
(مٿين عنوان ۾ قاضي قادن جا بيت ”قاضي قادن جو ڪلام“
مان، شاهه ڪريم جا بيت ”بيان العارفين وتنبيه الغافلين“ ۽ ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو
ڪلام“ مان، لطف الله قادري جا بيت ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“ مان ۽ شاهه
عنات جا بيت ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ مان ورتا
ويا آهن.)
حوالا
1. ميمڻ عبد المجيد سنڌي ڊاڪٽر ”لطيفي لات“ مهراڻ اڪيڊمي
1991 ص 9 ۽ 10
2. قادري اياز”مشعلِ اياز“ قادري قلم قبيلو ڪراچي / لاڙڪاڻو
2007 ص 119 120
3. فهميده حسين ڊاڪٽر ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“
شاھ لطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ 1993 ص 142
4. سومرو عبدالغفار ڊاڪٽر (تحقيق، ترجمو ۽ تشريحي حوالا)
”بيان العارفين وتنبيهه الغافلين“ (سيد عبدالڪريم شاهه بلڙي واري جي ملفوظات)
حڪومتِ سنڌ اوقاف کاتو حيدرآباد 2002 ص 14 ۽ 15
5. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر ”قاضي قادن جا بيت نئين تحقيق جي
روشنيءَ ۾“ (قسط 2) (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“ جنوري، فيبروري، مارچ 1979 ص 149
6. ٺڪر هيرو ”قاضي قادن جو ڪلام“ سنڌي ساهت گھر حيدرآباد،
مئي 1979 ص 108
7. فهميده حسين ڊاڪٽر ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“
شاھ لطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ 1993ع، ص 149
8. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ سنڌي
ادبي بورڊ 1963 ص 78
9.
ميمڻ
عبد المجيد سنڌي ڊاڪٽر ”لطيفي لات ۽ سنڌي
ڪلاسيڪي شاعريءَ جو گڏيل اڀياس“ مهراڻ اڪيڊمي ڇاپو ٻيو 1996 ص 109 ـــ 108
No comments:
Post a Comment