هڪ دور جي ڪٿا
(ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي ڪتاب سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون جو مھاڳ)
ساروڻيون انسان جي زندگيءَ جو انمول سرمايو آهن. خاص طور ڪنهن به انسان جي ٻال پڻي جون يادگيريون ڏاڍيون حسين هونديون آهن، جن ۾ ننڍيون ننڍيون شرارتون ۽ رانديون، رساما ۽ پرچاءَ ۽ انيڪ معصوم جذبا سمايل هوندا آهن، پر ماضيءَ جون ڪي سارون سورَ به ڏينديون آهن. شايد انهيءَ ڪري اردو جي شاعر اختر انصاري چيو هو ته:
يادِ ماضي عذاب هے يا رب
چھين لے مجھ سے حافظه ميرا
پر ڳالهه اِتي پوري ڪونه ٿي ٿئي ڪي يادون انسان جي ذهن تي خوشگوار ۽ اڻ مٽ نشان به ڇڏي وينديون آهن، جن کي ماڻهو عمر ڀر وساري نه سگھندو آهي...... بهرحال ڪجھ به هجي اُهي پَل جيڪي زندگيءَ جي وڻ تان پکيئڙن وانگر اڏرندا ويندا آهن، سي تلخ هجن يا شيرين پر انسان کي پيارا ئي هوندا آهن. اصل ۾ سهڻيون ساروڻيون ڪنهن به انسان جي دل ۽ ذهن ۾ موجود اهڙو خزانو آهن، جنهن کي اگر هو پنهنجي ذهن جي اسٽور روم يا اندر جي تهه خاني ۾ سانڍي رکندو ته منجھس سرهاڻ رهندي پر جيڪڏهن اُهي جڳ سان ونڊيندو ته ڄڻ اها سڳنڌ پکيڙيندو ۽ ائين پنهنجي مَنَ کي هلڪو ڀائيندو.
ڪي ماڻهو ته جيئندا ئي يادن جي سهاري آهن، اُهي ساروڻيون ئي سندن جيون لاءِ ٻَلُ هونديون آهن. سارُنِ جو اهو سلسلو جيڪو انسان جي ذهن ۾ قافلن جيان قطارون ٺاهي هلندو آهي، انهن کي اگر ڪو ماڻهو پنن تي اتاري ته اُهي ادب جو شاهڪار به ٿي سگھن ٿيون. اهڙيون ساروڻيون جيڪي ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿين ٿيون اصل ۾ ڪنهن به انسان جي آتم ڪٿا جو حسين حصو هونديون آهن ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ماڻهن، جيڪي اڳ ليکڪ نه هئا، جڏهن پنهنجون آتم ڪٿائون ۽ يادگيريون لکيون ته وڏا ليکڪ بڻجي ويا. آتم ڪهاڻين ۽ يادگيرين مان ماڻهن جي زندگيءَ جي کوڙ سارن تجربن، مشاهدن ۽ وقت جي طوفانن توڙي خوشيءَ جي لمحن جو اندازو ٿيندو آهي. مون کي ته ننڍي لاءِ کان وٺي ٻين جي زباني سندن زندگيءَ جي ڪهاڻي ۽ يادگيريون ٻڌڻ جو گھڻو شوق رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مان اڪثر پنهنجي ڏاڏا سائين کان سندس زباني سندس زندگيءَ جي تجربن ۽ واقعن بابت قصا پيو ٻڌندو هيس ۽ ائين ئي بابا سائين به جڏهن پنهنجي يادن جا ورق ورائيندو آهي ته بيحد لطف ايندو آهي.
يادگيريون هونءَ ته ڪنهن به انسان جو ذاتي سرمايو آهن، جنهن کي هو لوڪ کي آڇي يا نه اها سندس ئي مرضي آهي، پر جڏهن ڪي ساروڻيون ڇپجي پڌريون ٿين ٿيون ته اُهي سڀني ماڻهن لاءِ اهميت جوڳيون بڻجي وڃن ٿيون، ڇوته انهن ۾ رڳو ڪنهن به ليکڪ جي ذاتي ۽ انفرادي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جو قصو نه هوندو آهي پر اجتماعي طور سڄي سماج جو نقشو به سامهون ايندو آهي. ڪيترن ئي اهڙن ڪردار جو ذڪر به ايندو آهي، جن بابت عام ماڻهن کي ڪا خاص ڄاڻ نه هوندي آهي. اهڙين ساروڻين ۾ ليکڪ جي داخلي جذبات سان گڏ خارجي حالتن جي ڄاڻ به ملندي آهي. نامياري ليکڪ ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي ساروڻين تي مشتمل هن ڪتابَ ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ ۾ به اوهان کي اهو سڀ ڪجھ نظر ايندو.

















