احسان دانش
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت
دنيا ۾ هن وقت
تائين شاعريءَ جون ايتريون تشريحون ۽ توضيحون پيش ڪيون ويون آهن جو عظيم شاعريءَ
جي عظمتن جي ڪٿ لاءِ ڪي ٿورا نه پر اڪيچار ماڻ ۽ ماپا اڳيان رکڻا پون ٿا. ”ڊاڪٽر
جانسن (Dr.
Johnson)
شعر کي موزون تصنيف (Metrical Composition) چيو آهي..... ڪارلائل (Carlyle) شاعريءَ کي ”مترنم
خيال“ ٻڌائي ٿو. شيلي (Shelley) ’تخيل جي اظهار‘ کي شاعري چوي ٿو.
هيزلٽ (Hazlitt) وٽ ”شاعري تخيل ۽
جذبات جي زبان“ آهي..... ورڊس ورٿ (Wordsworth) جي لغت ۾ ”شاعري سمورن انساني
علمن جي جان ۽ ان جو لطيف ترين روح آهي. شاعري جذبات جي اهڙي پُر جوش علامت آهي
جيڪا سموري علم ۽ حڪمت جي چهري ۾ چٽي هوندي آهي.“ ايڊگر ايلين پو (Edgar Allen Poe) جي خيال مطابق ”شاعري
حسن پُر آهنگ ۽ مترنم تخليق جو نالو آهي. وائيس ڊنلٽن (Wais Dunlton) جو قول آهي ته ”شاعري
جذباتي ۽ مترنم زبان ۾ انساني شعور جي محسوس ۽ جمالياتي اظهار جو نالو آهي.“ (1)
شاعريءَ جي انهن
سمورين تشريحن مان بهرحال اها ڳالهه ته واضح آهي ته شاعريءَ ۾ لئي ۽ ترنم جي
موجودگي لازمي آهي، ڇوته جيسيتائين شاعر جا لفظ روح جي تارن کي نه ٿا ڇيڙين، تيسيتائين
اها بي ساهي ۽ بي ست محسوس ٿئي ٿئي. عظيم شاعريءَ جو وڏو ڪمال اهو ئي آهي ته اها
پنهنجي پڙهندڙ جي وجود ۾ ائين سرائيت ڪري ويندي آهي جو سندس اندر ۾ ’مي رقصم‘ جي
ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي. اها ڪيفيت ۽ اهو جادو لفظن جي ترنم ۽ موسيقي سبب ئي پيدا
ٿيندو آهي ۽ شاعري انهيءَ منزل تي اچي ساحري بڻجي ويندي آهي.
تاريخِ ادبياتِ
عربي جو مصنف احمد حسين زيارت شعر ۽ شاعريءَ جو معنوي راز کوليندي شاعري ۽ موسيقي جي
حقيقت کي هن طرح بيان ڪيو آهي ”شعر“ عبراني زبان جي ’شير‘ لفظ مان نڪتو آهي، جنهن
جي معنى، ڳائڻ، گيت ۽ ڀڄن آهي. عربي زبان ۾ جو اڄ تائين شعر پڙهڻ لاءِ ’انشاد‘ لفظ
عام آهي، تنهن جي معنى پڻ ڳائڻ ئي آهي. مطلب ته شعر جو ماخذ هر طرح سان غنا ۽
موسيقي آهي.“ (2) ان ڪري ان ڳالهه کان ڪَن لاٽار ممڪن ئي نه آهي ته جتي ڪنهن شعر ۾
فڪري ۽ تخليقي وجدان جي ڳالهه ٿيندي اتي ئي شاعريءَ جي موسيقي جي اهميت جو به ذڪر
ايندو. شاعرَ لفظن مان مترنم نغما ڪيئن ٿا جوڙين ۽ شاعريءَ جي موسيقيت ڇا آهي ان
حوالي سان ٽي ايس ايليٽ لکيو آهي ته ”شاعريءَ جي موسيقي ڪا اهڙي شي نه آهي جيڪا معنى
کان جدا پنهنجو وجود رکندي هجي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته اهڙي شاعري به ضرور هجي ها جنهن
۾ عظيم موسيقاڻو حسن ته هجي ها پر جنهن ۾ مفهوم ڪجھ به نه هجي ها. پر هن وقت تائين
مون اهڙي شاعري نه ڏٺي آهي نه ٻڌي آهي.“ (3) ايلٽ جي ان ڳالهه مان اندازو ٿيو ته
شاعريءَ جو معراج آهي ان جو معنوي حسن. پر جڏهن اها مفهوم جي سونهن ترنم ۽ غنائيت
جي خوبي سان ذهنن تائين پهچي ٿي ته ان جو تاثر ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. اها ڳالهه پروفيسر
پي گري (P.
Gurrey)
پنهنجي تنقيدي مقالي “Appreciation of Poetry” ۾ هنن لفظن ۾ سمجھائي آهي ”ترنم
نالو آهي، فڪر، تخيل ۽ ادراڪ جي مڪمل ٿيڻ دوران انهيءَ رد عمل جو جيڪو شعر جا لفظ ذهن
تي مرتب ڪندا آهن. انهن کي محض نفسياتي حقيقت طور قبول ناهي ڪرڻو ڇو ته لئي، ترنم
يا ”ردم“ به تخليقي عمل ۾ ايترو ئي ڪردار ادا ڪندڙ آهي جيترو شعر جي ساڃاهه جو
تجربو ڪرڻ وقت ڪو ٻيو عنصر ڪندو آهي.“ (4)
محمد ابراهيم جويو
لکي ٿو ته ”عام طور جڏهن ڪنهن شاعر جو ڪو شعر ٻڌبو يا پڙهبو آهي، تڏهن ان ۾ ڪٿي ڪو
لفظ يا اکر گھٽ وڌ يا اَجوڳي انداز ۾ آيل هوندو آهي، ته هڪ دم اهو ذهن ۾ کٽڪندو
آهي. شعر ۽ موسيقيءَ جو هريل ڪَنُ، آواز توڙي لفظن جي تار مڪان، لئي ۽ ترنم تي
ايڏو ته ٺهي وڃي ٿو، جو اهڙو جهڙو ڪو سقم شايد ئي ان کان ڪڏهن بچي وڃي. آءٌ سمجھان
ٿو ته ڪنَ جي اها چستي ۽ ٻوجھ شعر ۽ راڳ جي هر پياسيءَ جي قسمت ۾ آيل آهي، تنهن
ڪري ان کي ڪا خاص اهميت به ڪانه ٿي ڏجي. پر شعر ۽ راڳ مان پورو لطف حاصل ٿئي، ان
لاءِ اهو ڪن جو رس ضروري آهي ۽ ان لطف جي صحيح ۽ پيڙهائتي هجڻ جي يڪ ٽڪ ڪسوٽي پڻ
اها ئي ڪن رس آهي.“ (5)
شاعريءَ ۾ هونءَ
ته آوازي عڪسن (Auditory
Images)
جو به وڏو عمل دخل آهي پر شاعريءَ جي موسيقي (Music of poetry) ان کان هڪ جداگانه شي
آهي. تنوير عباسي آوازي عڪسن ۽ شاعريءَ جي موسيقي ۾ فرق هن طرح بيان ڪيو آهي
”آوازي عڪس ۽ شاعريءَ جي موسيقي ۾ فرق آهي، اهو هي ته آوازي عڪسُ رڳو ڪنهن ٻڌل
آواز جي ٻيهر تخليق ٿو ڪري، پر شاعريءَ جي موسيقي لفظن جي اچارن مان ترنم پيدا ڪرڻ
جو فن آهي. (6) اهو ترنم ۽ آهنگ شاعريءَ ۾ اهڙن مڌر سُرن کي جنم ڏئي ٿو، جيڪي سماعتن
کي صوتي سرور عطا ڪن ٿا. ”شعر جو ترنم نالو آهي انهيءَ آهنگ جو، تال ۽ لئي جو ۽ حرڪت
جو جيڪا لفظن کي پڙهڻ ۽ لکڻ مهل اسان جي ذهني سوچ (thinking) ۾ پيدا ٿئي، نه رڳو ايترو ته اها
ڳالهه سوچ ۾ پيدا ٿئي بلڪه ٻين ذهني عملن جهڙوڪه ادراڪ، تخيل ۽ وجدان ۾ به پيدا
ٿئي. اهڙي ريت نظم (شاعريءَ) بابت اسان جي رد عمل جو لازمي حصو ترنم بڻجي ٿو.
ڊبليو پي ڪر (W.P ker) بيان ڪري ٿو ته ”خيال کي لفظن جي موسيقيءَ تي
نچڻ گھرجي ۽ جيڪي فطرتي خيال شاعر جي خوابن ۾ لهي اچن ٿا، اهي لفظن کي به نچڻ تي
مجبور ڪن ٿا.“ (7) لفظن ۾ اهڙو رقص ۽ تخيل ۾ اهڙو ترنم تڏهن ئي پيدا ٿيندو آهي
جڏهن شاعر، شاعريءَ جي فني پيچيدگين کان اڳتي تخليق جي فطري لقائن کي با معنى لفظن
سان مرتب ڪندو آهي.
شاعري ۽ موسيقي جي
ميل بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ذوالفقار راشدي جي مضمون کي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو
آهي، جنهن ۾ هن موسيقيءَ کي شاعريءَ کان مٿاهون قرار ڏيندي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي ته شاعري موسيقيءَ جي محتاج آهي. هو لکي ٿو ته ”موسيقيءَ کي اُچي شاعريءَ
جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ايتري ضرورت ڪانهي. جڏهن به اسين ڪنهن راڳيءَ کي ڪجھ ڳائڻ لاءِ
چوندا آهيون، ته ان جو مطلب بنيادي طور راڳ سان هوندو آهي، ۽ نه اُچن لفظن جي ٻڙن
سان جڙيل ۽ جھنجھيل شاعريءَ سان.“ (8) ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته شاعريءَ جو
موسيقيءَ سان گھرو سٻنڌ آهي ۽ سُر ۽ تار يا ساز ۽ آواز شاعريءَ جي حسن کي هيڪاندو
وڌائين ٿا ۽ ان ڳالهه کان به انڪار نه ڪبو هر شعر هڪ لئي ۽ ترنم جو گھرجائو هوندو
آهي پر ان جو اهو هرگز نه آهي شاعري موسيقيءَ جي محتاج آهي. ڇوته مٿي اسين اهو
واضح ڪيو آهي ته شاعري خود پنهنجي اندر موسيقيت رکي ٿي، تنهن ڪري راشدي صاحب جي ان
راءِ تي بحث جي وڏي گنجائش آهي، سندس اها راءِ عوامي ته ٿي سگھي ٿي پر ادبي هر گز
نه. ادب ۾ لفظن جي وڏي حرمت ۽ تقدس آهي. بهرحال انهيءَ راءِ مان به اها ڳالهه ته
ضرور سمجھي سگھجي ٿي ته سٺي شاعريءَ ۾ موسيقيت موجود هوندي آهي، تڏهن ئي گائگ ان
کي موسيقيءَ جي تند ۽ تار سان ملائيندو آهي. ها! ان حقيقت کان انڪار ممڪن نه آهي
ته جيسيتائين ڪنهن شاعر کي ترنم جي آگهيءَ نه هوندي، سندس ڪَن سريلا نه هوندا، ربابن
جي رون رون تي رنو نه هوندو، سازن جي سوز کي هنئين سان نه هنڊايو هوندو، تبل ۽ تيج
جي تال کي محسوس نه ڪيو هوندو ۽ سندس منُ آبشارن جي آوازن کان وٺي، پکين جي ٻولين
تائين فطرت جي سُر ۽ ساز کان آشنا نه هوندو، تيسيتائين سندس شاعريءَ ۾ اهو جادوئي
اثر ناپيد هوندو، جنهن کي اسين شاعري جي موسيقيت چئون ٿا.
سنڌي ٻولي جي وڏي
ڏاهي فلسفي علامه آءِ آءِ قاضي، جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي دنيا جي
وڏن نقادن جي راين کي سامهون رکندي پرکيو هو، تڏهن هن اسڪاٽلينڊ جي وڏي نقاد ٿامس
ڪارلائل (Thomas
Carlyle)
جي قائم ڪيل ان معيار کي به سامهون رکيو ته ”عظيم شاعري اها آهي، جنهن ۾ ڳائڻ جي
صلاحيت هجي.“ يعني جنهن شعر ۾ ترنم يا رڌم جي خوبي نه آهي ته اهڙي شعر کي عمدو ۽
اعلى شعر نه چئبو. ان مان ظاهر ٿيو ته شاعريءَ ۾ موسيقي جو هجڻ هڪ اڻٽر ڳالهه آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ان خوبيءَ سان مالامال آهي، پر جڏهن اسين جديد سنڌي
شاعريءَ جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان ۾ شيخ اياز هڪ اهڙي شاعر طور نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪوتائن
۾ هڪ عجيب لئي ۽ تال محسوس ٿئي ٿي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ رڳو لفظي طور سُرندي،
ڪينري، چڙي ۽ چنگ جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر هن جي لفظن مان انهن سازن جي گونج ٻرندي
به محسوس ڪري سگھجي ٿي.
تون نانهه ته هي
چنگُ، چڙو، چنڊ نه ڏي ساءُ
اي سير ـــ مئي!
آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ
(وڄون وسڻ آئيون ص 77)
ابراهيم جويو ”جل
جل مشعل جل“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقيءَ کان لطف
اندوز ٿيڻ لاءِ هروڀرو شعر جي فني مهارت جي ضرورت به ڪونهي، ڇوته ان کي پڙهندي ۽
ٻڌندي، ازخود ان جي لئي ۽ ترنم کان ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اها فطري موسيقي اياز جي
شعر ۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي، ان تي ڪجھ ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.“ (9) جويي صاحب جي ان راءِ
مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته موسيقيت، شاعريءَ کي فن جي معيار کان به مٿاهين حيثيت
ڏئي ٿي. خاص طور اسين جڏهن اياز جي شاعريءَ کي ڏسون ٿا ته اها موسيقيت سان ايتري
ته ڀرپور نظر اچي ٿي، جو اندر ۾ احساس جون اجھل لهرون اٿڻ لڳن ٿيون. هن جي شاعري
ڪڏهن تڙپائي وجھي ٿي ته ڪڏهن پڙهندي پڙهندي ماڻهوءَ جو من جھومي پوي ٿو.
شاعري طبيعت تي
ايترو ته ڇانئي آ
هي اڀام ڇولين جي
ڄڻ ته ٻوڏ آئي آ
مڌ ۾ رتا ڪيئي
شعر لڙکڙائن ٿا
پوءِ به اُت
آنڀوءَ سان
ڪينرو وڄائن ٿا
جيءَ ۾ جھمر آهي
پيار سوَ ڪٺا آهن
ڪير شعر ٿو جوڙي؟
بند ڪير ٿو ٽوڙي؟
هي اڀام ڇولين جي
هي اڏام ڇولين جي
اڳ ڪڏهن نه آئي آ
ڪيتري سُهائي آ
(راڄ گھاٽ تي چنڊ
ص 177)
هن نظم مان نه رڳو
لفظن جي سهائي بکي ٿي پر ڇولين جي اڀام ۽ اڏام جو احساس موسيقيءَ جا مڌر ساز به
ڇيڙي ٿو. ڪينري جي وڄت هڪ پاسي پيار جون عجيب ڪيفيتون پيدا ڪري ٿي ته ٻئي طرف ان
ساز جي آواز تي جيءُ جھومڻ لڳي ٿو. نظم جي ترتيب ۽ بيهڪ نظم جي ترنم کي هيڪاندو
وڌائي ڇڏيو آهي.
هونءَ ته شيخ اياز
جي سموري شاعريءَ ۾ اها غنائيت ۽ موسيقي سمايل آهي پر خاص طور هن جا نظم، غزل، گيت
۽ منظوم ڊراما ان خوبي سان سرشار آهن. انهن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي سُرن جي لهرن ۾
لُڙهندي محسوس ڪري ٿو. اياز جا لفظ پڙهندڙ کي احساس جي هندورن ۾ لوڏين ٿا ۽ اندر
جي تارن کي ڇيڙي هڪ اهڙي سرور واري ڪيفيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڪڏهن خوابن جي رنگينين
سان هم آهنگ ڪري ٿي ته ڪڏهن جاڳ ۾ جوڳ جون رمزون پسائي ٿي.
اياز جي نظمن / آزاد نظمن ۾موسيقيت
”شاعرُ ڪائنات جي
اڻ ٻڌل آوازن تي ڪن ڌريندو آهي. سندس حواس اهي نازڪ تارون آهن جيڪي سندس تجربن کي
هن جي تخيل جي آلي تائين پهچائينديون آهن.“ (10) حقيقت ۾ اهي اڻ ٻڌل آواز جڏهن
ڪنهن شاعر جي روح تي دستڪ ڏين ٿا ۽ هو انهن آوازن کي جھٽي فطرت جي آهنگ سان ملائي
پيش ڪري ٿو ته شاعريءَ جي اها صورت سامهون اچي ٿي جيڪا پنهنجي اندر روح جي تارن کي
ڇيڙڻ جو هنر سمائي ٿي. ”شاعري هڪ گھڻ ــ تارو ساز آهي، جنهن جي هر تار ۾ مختلف سُر
سمايل آهن. انهن سُرن کي مناسب طريقي سان ڇيڙي منجھائن وڻندڙ موسيقي پيدا ڪرڻ لاءِ سمجھدار، ڄاڻو ۽ استاد جي ضرورت
آهي ۽ اها خوبي اياز ۾ اتم درجي موجود آهي. هن جا لفظ هر طرح ۽ هر طرف کان مندائتي
مينهن جيان وڏ ــ ڦڙو وسڪارو لائي ڏين ٿا. پاڻيءَ جي ان پالوٽ ۾ دل چوي ٿي ته جيڪر
وچ پڌر تي بيهي خوب پاڻ پسائجي ۽ پنهنجي پاڻ کي ڇاٽن، اوهيڙن ۽ وسڪاري جي ڇر ۾
اڪيلو ڇڏي اهو ڪيف، سرور ۽ سڳنڌ ماڻجي جيڪو بن ۾ مور کي ملندو آهي.“ (11) اها
حقيقت آهي ته شيخ اياز جا نظم ان ڪيف ۽ سرور، ان لطف ۽ لذت، ان رقص ۽ راحت سان
ڀرپور آهن. سچ پچ سندس نظمَ پڙهندي منُ ان مور وانگر رقصان ٿي وڃي ٿو، جيڪو ٿر تي سانوڻيءَ
جي پهرين بارش ويل پنهنجا کنڀ کولي نچندو آهي.
اچو اچو!
نچو نچو!
تمام ڪائنات رقصِ
جام ۾ رچي وئي
سرود و ساز جي صدا
ڪلام ۾ رچي وئي
حياتِ مختصر خيالِ
خام ۾ رچي وئي
شباب جي عظيم انتقام
۾ رچي وئي
اچو اچو!
نچو نچو!
(ڀونر ڀري آڪاس ص
147)
هن نظم ۾ ”اچو
اچو، نچو نچو“ جا لفظ پنهنجي اندر عجيب ترنم ۽ موسيقي رکندڙ آهن. تمام ڪائنات رقصِ
جام ۾ رچڻ واري ڪيفيت ۽ سرود و ساز جي صدا ان سرور ۾ گم ڪري ڇڏي ٿي، جنهن جي منزلِ
رقصِ درويشان تي کُٽي ٿي. هن نظم ۾ رچي وئي جي خوبصورت رديف جو استعمال ان ڪري به
سڀاويڪ آهي جو اهو هڪ نغمگيءَ جو احساس ڏياري ٿو.
هونءَ ته شيخ اياز
جا انيڪ نظم سندس ڪيترن ئي ڪوتا ڪتابن ۾ پکڙيا پيا آهن ۽ انهن نظمن ۾ ڪمال جي
موسيقيت ۽ ترنم آهي پر هن پنهنجي ڪتاب ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ ۾ جيڪي نظم ڏنا
آهن انهن ۾ جيڪا موسيقي ۽ رڌم آهي ان لاءِ خود اياز چوي ٿو ته ”اهو ڪتاب دراصل
آزاد شاعريءَ ۾ آ جيڪا پابند کان وڌيڪ پابند آ..... انٽرنل رائيننگ يا سٽ جي اندر
جيڪو قافيو آ اهو هن ۾ آهي ۽ جيڪو ريئل ميوزڪ پيدا ڪري ٿو. ايليٽريشن پهريان اکر
نه آهن (عام طور) پهريان اکر ملندا آهن پر (منهنجي شاعريءَ ۾) وچان اکر ملندا آهن.
اهو منڍ کان وٺي منهنجي سڄيءَ شاعريءَ ۾ آ. جئين:
گوريءَ گجري پير ۾
چوريءَ ڪيئن اچي.
هاڻي گوري ۽ گجري
ان ۾ ’گ‘ به ڪامن آ ’ر‘ به ڪامن آ ’ي‘ به ڪامن آ. پير ۾ ته گوريءَ ۾ به ’ر‘ گجريءَ
۾ به ’ر‘ ته پير ۾ به ’ر‘، ’ي‘ ته ٽنهي ۾ ’ي‘ آهي چوٿين اچي ۾ به ’ي‘ آهي. اها
ايليٽريشن هڪڙو وڏو فن جو ڪمال آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. رلڪي جي
شاعريءَ ۾ جيڪڏهن اهڙي ايليٽريشن ٻن سٽن ۾ ملندي هئي ته سڄو يورپ جھومي اٿندو هو ۽
منهنجون اهڙيون هڪ لک سٽون هن.... اها خود اعتمادي آ ڪا خود ثنا ناهي.“ (12) اياز
جي ان دعوى ۽ اعتماد جو ثبوت سندس ڪيترائي نظم آهن. انهن نظمن ۾ رڳو ڪيفيتن جون
ڇوليون ئي ڇلندي محسوس نه ٿيون ٿين پر سٽن ۾ سمايل نغما، لفظن ۾ آيل اندروني قافيي
مان جنم وٺندڙ سُر اهڙي موسيقيت کي جنم ڏين ٿا، جيڪا سڌو سنئون دل تي اثر ڪري ٿي.
باک جو آواز آيو
”ڪير آهين؟“
مون جئين ٽنگور کي
ٿي گنگنايو
”ڪير آهين؟“
ڪنهن پرندي
چهچهايو
”ڪير آهين؟“
وڻ به ٿي وارو
وٺايو،
”ڪير آهين؟“
”ڪير آهين؟“ ”ڪير
آهين؟“ ڪنهن پڇي
جادو جڳايو
”ڪير آهين؟“
نير آهن يا ندي جنهن
بڙبڙايو،
”ڪير آهين؟“
تون شفق ۾ ٿو
ٻڏين،
آڪاس ۾ درياهه
ڪنهن کي ٿي ڪَنايو،
”ڪير آهين؟“
ڪنهن پڇيو ٿي جئن
ستارن جڳمڳايو
”ڪير آهين؟“
ٿي چيو سنسار
”پنهنجو يا پرايو؟“
”ڪير آهين؟“
ڪنهن پئي ور ور
اچي ٻَر بَر ٻُرايو
”ڪير آهين؟“
ريت ڪڻ ڪڻ ۾ صدائن
کي سمايو،
”ڪير آهين؟“
رات ۾ سورج سمايو
۽ وري
آواز آيو،
”ڪير آهين؟“
”ڪير آهين؟“
”ڪير آهين؟“
(ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون ص 56 ۽ 57)
C. Day Lewis پنهنجي
ڪتاب A Hope For Poetry ۾ لکيو آهي ته ”صحيح معنى ۾ غنائيه
شاعريءَ جي نالي جو مستحق صرف هڪ اهڙو نظم هوندو آهي جنهن ۾ شاعر پاڻ روپوش ٿي ويو
هجي، جنهن جا لفظ خود بخود ڳائين، ڄڻ ته سازندو ساز کي ڇيڙي الڳ ٿي ويو آهي ۽ ساز
پنهنجو پاڻ وڄي رهيو آهي“ (13) اياز جا
اڪثر نظم انهي بيساخته اظهار جو نتيجو آهن، هن جي نظمن ۾ عجيب سازن جو سرور آهي.
سازَ، جن کي اياز جي احساس جون آڱريون ٿورو ئي ڇيڙين ٿيون ته اهي اهڙي موسيقي پيدا
ڪن ٿا جو اندر جي ڪيفيتن ۾ تلاطم اچي وڃي ٿو. اهو تلاطم ان ئي وقت محسوس ٿيندو آهي
جڏهن لفظن جي سُرن مان اهڙا آلاپ گونجندا آهن جيڪي ماڻهوءَ کي، شاعر جي روح جي
ڪيفيت سان هم آهنگ ڪري ڇڏيندا آهن. شيخ اياز جي نظمن ۾ اها طاقت آهي جو اُهي نه
رڳو پنهنجي ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جي ذهن ۾ پنهنجي فڪر جي تار کي ڳنڍي رکن ٿا پر پنهنجي
سُرن جي سرمستيءَ سبب ڀرپور نموني شاعراڻي ڪيفيت سان هم آهنگ ڪن ٿا.
آنءُ سانوڻ مينهن
آهيان،
نينهن آهيان،
مان جھڙالو ڏينهن
آهيان!
ڪيتريون مون سان
گھٽائون ٿيون اچن،
ڪيتريون مون مان
صدائون ٿيون اچن........ (ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون ص 59)
شيخ اياز جا نظم مختلف
هئيتن ۽ گھاڙيٽن ۾ چيل آهن ۽ هو سنڌي ٻولي ۾ نظم جي صنف ۾ گھڻي ۾ گھڻا هئيتي ۽
موضوعاتي تجربا ڪندڙ شاعر آهي، انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان کيس جديد نظم
جو خالق چيو وڃي ٿو. انهن هئيتي تجربن باوجود شيخ اياز جي نظمن مان ترنم جي خوبي غائب
ٿيل محسوس نه ٿي ٿئي. ايتري تائين جو هن ان خوبي کي پنهنجن آزاد نظمن ۾ به برقرار
رکيو آهي. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ’ڀونر ڀري آڪاس‘ ۾ پاڻ لکيو آهي ته ” نظم ۽ آزاد
نظم ۾ به مون ترنم ۽ نغمگي برقرار رکڻ چاهي آهي. ترنم جي تخليق لاءِ نه قافيو
لازمي آهي ۽ نه نظم جي ڪائي خاص هئيت.“ (14) محمد ابراهيم جويو ’ڪي جو ٻيجل ٻوليو‘
جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”اياز جي شعر جي فني تجربن کان مون هميشه پاڻ کي مجبور پئي
سمجھو آهي ۽ شايد هي ڪم سواءِ خود اياز جي ٻئي ڪنهن نقاد کان پوريءَ طرح نه به ٿي
سگھي. خاص طرح اياز جا نظم انهي لحاظ کان مونکي ڏاڍا انوکا پئي معلوم ٿيا آهن.
انهن کي نظم جو ڪو به مروج روپ نه آهي ۽ ائين ٿو لڳي، ڄڻ ڪنهن نشي ۾ آيل مصور ڪيئي
رنگ ڪينواس تي هاري، برش جي زوردار جھٽڪن سان، گھڙيءَ ۾ عجيب غريب نقش ٺاهي ورتا
هجن.“ (15) شيخ اياز جا مختلف هئيتون رکندڙ ڪجھ اهڙا نظم ڏسو، جيڪي انوکي لئي ۽
ترنم رکندڙ آهن ۽ جن جو عڪس ۽ اولڙو ڪٿي ڪٿي اڄ به جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿو:
ڌرتي ماءُ!
صدين جو ساءُ
وساريان ڪيئن؟
وساريان ڪيئن؟.......... (وڄون وسڻ آئيون ص 185)
ــــــــ
او انسان او انسان
ڪنهن کي ٿو مارين!
هي ماڻهوءَ جو
ٻچڙو آهي
هي جو پٿر کان
ڏاڍو آ
ڪونپل کان ڀي ڪچڙو
آهي!
او حيوان!
اوحيوان!
ڪنهن کي ٿو مارين.........
(وڄون وسڻ آئيون ص 187)
ــــــــــ
جھونجھڙڪي ۾ ڪارو
ڪڻڇي ــ
منهنجو من،
جيون بن:
اڏري اڏري، پوندو
ٿڪجي
تنها تن،
منهنجو من.....
جھونجھڙڪي ۾ ڪارو
ڪڻڇي
(ڀونر ڀري آڪاس
159)
شيخ اياز جي مٿين
نظمن کان علاوه اسلوب ۽ هئيت جي انوکائپ جا ٻيا به ڪيئي مثال ڏئي سگھجن ٿا، پر
اهڙن سمورن مثالن کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه ضرور محسوس ٿئي ٿي ته اياز نظم جي
انهن فني تجربن دوران به شاعريءَ جي غنائيت واري پهلو تي خاص ڌيان ڏنو آهي، يا وري
ائين چئجي ته اياز جي نظمن ۾ اظهار جي بيساختگي فطري ترنم پيدا ڪري ٿي. هن نظم لکڻ
۾ پاڻ کي ڪنهن خاص ٽيڪنيڪ جو پابند نه رکيو آهي پر هن جا نظم سُر ۽ غنا جي
پابنديءَ ۾ جڪڙيل آهن. باقي هونءَ ”غنائيه شاعريءَ ۾ شاعر ڪنهن جي سامهون جوادبده
نه هوندو آهي. ان تي جيڪي قانون عائد ٿيندا آهن اهي سندس پنهنجي احساس، پنهنجي
جذبي ۽ پنهنجي طبيعت جا قانون هوندا آهن.“ (16)
شيخ اياز جا نظم
مترنم لفظن، انوکين تشبيهن، ترڪيبن ۽ تجنيسن سان ڀريل آهن. انهن ۾ جيڪو رڌم (Rhythm) ۽ ميلوڊي (Melody) آهي، جيڪا سُريلي (Lyrical) لَئي آهي، جيڪا نغمگي
۽ موسيقيت آهي اها سندس لفظن جي جوت مان جھلڪي ٿي. اها جوت اکين تي اهڙا کيپ چاڙهي
ٿي جو پل ۾ رقص جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي.
هي ننڊ به امرت
وانگي آ!
اڌ رات وڇوڙيل وهه
جهڙا
پل پهر نه آهن
پيالن ۾
اڄ منهنجا نيڻ
اجالن ۾
هن ڌرتيءَ جي
انڌيارن مان
واجھائن ٿا،
۽ توکي ويجھو پائن
ٿا،
هي ڌرتي ڪيڏي ڪاري
آ!
انڌياري آ!........
(راج گھاٽ تي چنڊ
ص 190)
ڪو سپنو سرجي اڀري
ٿو
هن تنبوري جي تارن
مان
تون چندرما جي
ناوَ جھلي
ٿي نڪرين دور
ستارن مان
۽ منهنجي
سيرانديءَ ڀرسان
هٿ ڦيري منهنجي
وارن تي
تون ڪوئي گيت
ٻڌائين ٿي
هن تنبوري جي تارن
تي.........
(وڄون وسڻ آئيون ص 286)
اياز جا نظم رڳو
تنبوري جي تارن سان ٻڌل نه آهن، رڳو انهن تارن جي ڇيڙ من ۾ مڌرتا جا نغما نه ٿي
ڇيڙي پر موضوعاتي لحاظ کان اگر سندس نظمن ۾ مزاحمتي ۽ انقلابي رنگ، شڪوو يا تلخي به
آهي ته اها به ترنم جي آهنگ (Harmony) سان جڙيل آهي.
مان توکي گيت ڏيان
اي ڌرتي!
تون مون تي زنجير
وجھين!
هي گيت گلابي جھڙ
ڦڙ جا
هي گيت شرابي جھڙ
ڦڙ جا
هي سانوڻ جا، من
ڀانوڻ جا
هي آگم آگم آوڻ جا
هي گيت اڃايل مورن
جا
ريتيءَ تي ڪنٺ
ڪٺورن جا
هي گيت سنهريءَ
سنڌوءَ جا
جا سپنا آهي
سانجھيءَ جا ــ ....... الخ
(وڄون وسڻ آئيون ص213)
ڇا ته آبشار واري
رواني آهي، ڇا ته لفظن جي ترتيب آهي، ڇا ته اندازِ تخاطب آهي. ائين ٿو لڳي ته ڪنهن
راڳيءَ تال سان تال ملائي آهي. اياز جا لفظ، لفظ نه پر ساز ٿا لڳن جيڪي پڙهندي
پڙهندي هڪ بي خودي جي ڪيفيت طاري ڪندا ٿا رهن. هن جا گلابي ۽ شرابي گيت، سانوڻ ۽
من ڀانوڻ جا نغما اهڙو آلاپ پيدا ڪن ٿا، جيڪو لفظن ۾ موسيقيءَ جي گونج وانگر محسوس
ٿئي ٿو.
اياز جا مشهور نظم
”مان ڏوهي هان“، ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“، ”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا“، ”اي ڪاش اهو تون
ڄاڻين ها“ کان علاوه ”ماڻهو سڀ هڪ جهڙا آهن“، ”تون آ ته چئون ڪي گيت محبت وارن جا“،
”تون نه ايندينءَ پو به منهنجي شاعري“، ”پيار تي ڪهڙي ميار“، ”زندگاني سڀ فنا“،
”گھاوَ کي گھاوَ سان ڇٽائي ٿو“ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي نظم انهيءَ غنائيت ۽ موسيقي سان
ڀرپور آهن.
اياز جي غزلن ۾ موسيقيت
شاعريءَ ۾
تيسيتائين موسيقيت پيدا نه ٿي سگھندي، جيسيتائين سريلن لفظن جو سنگ ۽ ساٿ موتين جي
مالها وانگر خاص ترتيب سان موجود نه هوندو. لفظن جي اهڙي ترتيب ۽ توازن نه رڳو
شاعريءَ ۾ نغمگي پيدا ڪندو آهي پر ان جي جمالياتي گھرجن جو پورائو به ڪندو آهي. قمر
شهباز چوي ٿو ته ”لفظ انسانن جيان هوندا آهن. کلندا آهن، روئندا آهن، مرڪندا آهن،
ڪُرڪندا آهن، سوچيندا ۽ لوچيندا آهن، رسندا ۽ پرچندا آهن، اگھا ۽ عليل ٿيندا آهن،
۽ ڪن حالتن ۾ مري کپي صفحهِ هستيءَ تان مٽجي ويندا آهن. شاعرُ انهن کلندڙ، ڪڏندڙ،
روئندڙ ۽ سڏڪندڙ، شرمائيندڙ، لڄائيندڙ لفظن کي ڀنڀوريءَ جيان ڄاريءَ ۾ ڦاسائي، هٿ
وس ڪندو آهي.“ (17) شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ لاءِ جيڪي لفظ چونڊيا ۽ گھڙيا سي لئي
۽ ترنم جي خوبين سان مالا مال آهن، سي اگھا ۽ عليل نه پر چست ۽ چوبن آهن. ان ڪري
اهي مري مات ٿيڻا نه آهن، ڇوته انهن جو تال ميل روح جي ربابن سان آهي. اهي پنهنجي
سُرن ۾ ساز ۽ آهنگ سان رچيل آهن. خاص طرح شيخ اياز پنهنجي غزلن ۾ لفظن جي چونڊ ويل
مترنم لفظن جي موجود رهڻ جو خاص ڌيان رکيو آهي.
غزل جي صنف ايران
مان محبوب جي ناز و ادا جون لطافتون کڻي جڏهن سنڌ ۾ پهتي ته ڪجھ عرصي بعد ان ۾ سنڌ
جي جديد شاعرن نه رڳو هئيتي پر موضوعاتي تجربا پڻ ڪيا. خاص طور شيخ اياز ان ۾ فڪري
۽ موضوعاتي وسعت آندي، اياز پنهنجن غزلن کي نه رڳو فارسي زبان جي چوغي مان آزاد
ڪيو ۽ نج سنڌي زبان جي سونهن سان سلهاڙي گيڙو ويس غزل بڻايو، پر ڪن فني تجربن
وسيلي به ان جو روپ سنواري سهڻو ڪيو. غزل پنهنجي فني لوازمات جي لحاظ کان علم عروض
جي اصولن تحت سرجيو ويندو آهي پر جڏهن ”اياز غزلن لاءِ مترنم هندي ڇند متعارف
ڪرايا ته انهن جي موسيقي ۽ مڌرتا کان متاثر ٿي سنڌي غزل جي هن گلاب واسئين واٽ تان
جديد شاعرن، قطار در قطار سفر شروع ڪري ڇڏيو.“ (18) اياز جي غزلن ۾ جيڪي تجنيسون ۽
ترڪيبون، استعارا، علامتون ۽ تشبيهون ڏنل آهن، اهي نه رڳو سندن لسانياتي حسن جو
باعث آهن پر اهي ادراڪ ۽ آگهي جون نيون راهون به کولين ٿيون. اياز جي غزل جي معنوي
تهداري ۽ ترنم گڏجي پڙهندڙ / ٻڌندڙ تي اهڙو اثر ڪري ٿو، جنهن جي سحر مان جلدي نڪرڻ
مشڪل ۽ محال ٿي وڃي ٿو.
ڪير چوندو ته هي
غزل آهن؟
پيار جا ڪي ٻه چار
پلَ آهن
ڳل تنهنجا ائين
لڳا مونکي
ننڊ ۾ موتيا ستل
آهن.
(سورج مکي سانجھ ص
150)
غزل جي صنف هونءَ
ئي غنا ۽ آلاپ سان جڙيل هوندي آهي، پر اياز جا غزل هن صنف جي ان فطري خوبيءَ کان
اڳتي پنهنجي اندر اهڙي مڌرتا ۽ انوکي موسيقيت رکن ٿا، جيڪا رڳو سماعتن نه پر سڌو
دل تي به اثر ڪري ٿي. اياز جا غزلَ، غزل جي مروج موضوعن جي انحرافي توڙي جدت
باوجود ڪٿي به لفظي سُرن ۽ لئي جي سنگم کي ٽوڙين نه ٿا ۽ اهي حسنِ تغزل ۽ موسيقيت
سان لبريز آهن.
ڪا جھرمر جھرمر
جگنوءَ جي ڪا ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم تاري جي
گھنگھور گھٽا جو
گھيرو آ، ڪنهن جي ته سهاري ويندا سين
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو
ص 98)
غزل جي هن شعر ۾
جتي جگنوءَ جي جوت، تارن جو ٽمڪو ۽ گھنگھور گھٽائن جو گھيرو آهي، اتي لفظن ۾ عجيب
رواني ۽ ترنم به آهي. خاص طور جھِرمر جھِرمر ۽ ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم جا لفظ صوتي حسن
سان ٽمٽار آهن ۽ جيڪي ڪنهن به اٻاڻڪي من ۾ جلترنگ ڇيڙڻ جي سگھ رکن ٿا.
ڪولرج چيو هو ته ”عظيم
۽ ڀرپور شاعري روح جي هڪ هڪ تار کي لوڏي ڇڏيندي آهي.“ شاعريءَ ۾ اها سگھ تڏهن ئي
پيدا ٿيندي آهي، جڏهن منجھس تازي فڪر سان گڏ مناسب لفظي توازن ۽ تال ميل موجود هوندو
آهي، جنهن کي اسين موسيقيت سڏيون ٿا. شيخ اياز جا غزل پنهنجي اندر اهو جادوئي اثر
رکن ٿا، جنهن جي سحر ۾ جڪڙجي ماڻهو جھومڻ لڳندو آهي.
هي سين نه ڏيندي
چين، اُٿي ڏسُ! ڪوئي آيو آ پيارا!
هي شايد ساڳيو
رمتو آ، اڳ جيئن اُڃارو آ پيارا
جنهن وقت چراغِ
شام ٻري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري
تنهن وقت اسان جو
پنڌ پري، پنهنجو به پرايو آ پيارا
جنهن وقت اسان جي
تند تپي ۽ سازُ ٽپي آواز جھپي
تنهن وقت ڀلي ڪو
ڪنڌ ڪپي، جو آيو، ڳايو آ پيارا ...... الخ
(وڄون وسڻ آئيون ص 78)
اياز جي هن غزل ۾
نه رڳو لفظي ترتيب ڪنهن خوبصورت مالها وانگر آهي، پر سٽن ۾ سُر ۽ تال جو توازن به ڪمال
جو آهي. هڪ پاسي ”جنهن وقت چراغِ شام ٻري ۽ ميخاني ۾ جام ٻري“ جا لفظ من ۾ هڪ عجيب
سرگم ڇيڙين ٿا ته ٻي پاسي ”پنڌ، پري، پنهنجو، پرايو ۽ پيارا“ جي لفظي بيهڪ تجنيسِ
حرفي (Alliteration) جي خوبي کي ظاهر ڪندي
مصرع ۾ انوکي لئي ۽ ترنم پيدا ڪري رهي آهي. اهڙي طرح ”تند تپي، سازُ ٽپي، آواز
جھپي“ جهڙا هم آواز لفظ غزل جي خوش آهنگيءَ جو سبب بڻيا آهن. اهڙي لئي ۽ ترنم جي
لهرن ۾ لڙهندي وجدانيت ۽ خود سپردگيءَ جو احساس ڪر موڙي اٿي ٿو ۽ اهڙي حالت ۾ ”ڪو،
ڪنڌ، ڪپي ۽ آيو، ڳايو“ جا لفظ تجنيسي خوبي ۽ لفظي ترنم کان اڳتي وڌي هڪ بي خودي ۽
مستيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪن ٿا. اهڙي جذب ۽ مستيءَ جي ڪيفيت ئي اياز جي شاعريءَ کي
موسيقيت سان ڀرپور بڻائي ٿي.
شيخ اياز جا طويل
بحر وارا اڪثر غزل ترنم جي خوبيءَ جا سرشار آهن، پر ان جو اهو مطلب هر گز نه آهي
ته ننڍن بحرن ۾ لکيل سندس غزل ان خوبي کان وانجھيل آهن. هونءَ ته سندس لاتعداد
خوبصورت غزل ان نغمگيءَ جي خوبيءَ سان پُر آهن، پر مثال طور رڳو ڪجھ غزلن جا هي
شعر ڏسو:
ٿي ماڪ وسي ميخاني
تي، ڪي رِندَ ڪَڙو کڙڪائن ٿا
ڪجھ ڳاٽ ڳهر مان
ڇرڪن ٿا ۽ جام جھلي واجھائن ٿا
مون سهڻا! تنهنجي
ساکَ کنئي ۽ لوئيءَ تنهنجي لاک هَنئي
سي ڪانئر ٻي ڪنهن
ڪُڙم منجهان، جي پريت ڪري پڇتائن ٿا
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 97)
شبِ تاريڪ کان
تاريڪ تر آ زندگي منهنجي
ڪٿي آهين اڙي او
روشني، او روشني منهنجي
(ڀونر ڀري آڪاس ص 210)
ڪونج ڪرڪي پئي ڪا
اتر پار جي
ياد آئي اسان کي
وري يار جي
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 79)
دور ٿيندا وڃن روز
جوڳيئڙا
تون اڃا ٿو جيئن
هاءِ ڙي جيئڙا
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 80)
جنهن وقت گھٽا
گھنگھور اچي، ۽ مورَ نچن ٿو جام ڀريان
ٻي آءٌ عبادت ڪيئن
ڪريان، چوء ڪيئن ڪريان، چوء ڪيئن ڪريان؟
(ڪتين ڪرَ موڙيا جڏهن ــ ڀاڱو ٽيون ص 78)
تون نه آئين، نه
آئين، نه آئين اڃا
ٿو اسان کي پيو
آزمائين اڃا!
آ گھڙو ڪا گھڙي،
ڏس ٻُڏين ٿي ٻَڙي
پريت ميهار سان ٿي
نڀائين اڃا!
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 96)
وري عشق بازي اڙي
دل! اڙي دل!
اُئين ئي مجازي،
اڙي دل! اڙي دل!
سدا سانگ تنهنجا،
نوان نانگ تنهنجا
گھُرين چوٽَ تازي،
اڙي دل! اڙي دل!
(وڄون وسڻ آئيون ص 75)
جي هانءُ نه هارين
ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري ويندا سين
ڇو پير پساري ويٺو
آن، اُٿ ڏونگر ڏاري ويندا سين
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو ص 98)
مون ڌرتي تنهنجا
ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا
جن وڙهندي وڙهندي
جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا
(گيڙو ويس غزل ص 190)
اياز جي گيتن ۾ موسيقييت
گيت سنسڪرت لفظ ’گيه‘
مان ورتل آهي، جنهن جي معنى ئي آهي ”ڳائڻ“. ان جو مطلب ته گيت جو سُرَ، سازَ، آوازَ
۽ گائڪيءَ سان گھرو سٻنڌ آهي، تنهن ڪري گيت پنهنجي وجود ۾ سراپا موسيقي آهي. سنڌي
ٻوليءَ ۾ ٻن قسمن جا گيت ملن ٿا. 1. لوڪ گيت 2. جديد گيت. لوڪ گيت جو ماخذ سنڌ جي
قديم شعري صنف ”ڳيچ“ آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جديد گيت هندي شاعريءَ کان
متاثر ٿي لکيل آهي ۽ لوڪ گيت جي ڀيٽ ۾ اهو جديد دور جي صنف آهي، پر هڪ ڳالهه واضح
آهي ته ٻنهي قسم جي گيتن جو بنياد سُر ۽ رس آهي. ”هڪ سٺي گيت کي روان ۽ سَرل هجڻ
کپي، جيئن نديءَ جي لهر ۽ جيئن ڳوٺاڻي جي گفتگو ـــ گيت مشڪل ۽ نثري آهنگ وارن
بحرن، ڳهرن ۽ کُهرن لفظن جي سٽاءَ جي اجائي پيچيدگي، جنهن سان ان جي لَئي متاثر
ٿيندي هجي، ناپسند ڪري ٿو. گيت جو حسن ئي ان جي نغمگيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ موسيقيت،
لفظي آهنگ ۽ روانيءَ جو لطف ڀرپور نموني سمايل هجي.“ (19) شيخ اياز لوڪ ۽ جديد گيت
۾ گڏ و گڏ تجربا ڪيا آهن، تنهن ڪري سندس گيت روايت ۽ جدت جو سنگم محسوس ٿين ٿا. هن
جا گيت اهڙا مترنم نغما آهن، جن کي ٻڌندي ۽ پڙهندي ڪنن ۾ مڌر موسيقيءَ جا ساز ٻُرڻ
لڳن ٿا.
محبت نه ڪڏهن مات
ڪئي موت، هلي آءُ ـــ
سندم هوت هلي آءُ
ٽڙي آهه رتن جوت
نه ڳڻ ڳوت، هلي آءُ
سندم هوت هلي آءُ
هلي آءُ نوان
ڏينهن، نوان نينهن هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، پيا
مينهن ڀنا ڏينهن، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
سندم سونهن، سندم
ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
نئون چنڊ، نوان
چاهه، هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
نيئن رات، نئين
بات، هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
نئين تانگھ، نئين
تات، هلي آءُ، هلي آءُ
هلي آءُ، هلي آءُ
جھلي لاٽ، ڏسي
واٽ، ٿڪا نيڻ، هلي آءُ
نه ڏي ويڻ هلي آءُ
جڙين شال، مڙي وڃ
نه جيئن ميڻ، هلي آءُ
نه ڏي ويڻ هلي آءُ
ڏسي آس سندم پياس،
اَچي اوت، هلي آءُ
سندم هوت هلي آءُ
محبت نه ڪڏهن مات
ڪئي موت، هلي آءُ ـــ
سندم هوت هلي آءُ
(ڀونر ڀري آڪاس ص
52 ــ 51)
هي گيت آهي يا ڪو
جادو، لفظ آهن يا وڏ ڦڙي جي برسات ــ هي لئي ۽ ترنم، هي باترتيب لفظن جون قطارون،
هي لفظي ورجاءَ جو وهڪرو، هي سٽن جي سَرلتا، هي قافيه پيمائي جو ڪمال، سچ ته هي بي
خوديءَ جي ڪيفيت ۾ چيل اهڙو نغمو آهي، جيڪو سڌو دل تي اثر ڪري ٿو. هن گيت جي تخيلي
اڇل ۽ تخليقي وجدان هڪ پاسي پر هن جي لفظن مان اڀرندڙ سُر ۽ موسيقي ئي في الحال
مدهوشي طاري ڪندڙ آهي. ”هلي آءُ، هلي آءُ“ جو لفظي ورجاءَ ڪنهن پراڻي پپر ۾ ٻڌل
پينگھ ۾ جھولڻ جو لطف ڏئي ٿو. قمر شهباز پنهنجي مضمون ”اياز لفظن جو جادوگر“ ۾ لکي
ٿو ته ”اياز کي پڙهندي مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته ”ورجاءَ“ واري عمل مان هو وجد
واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جو ماهر آهي. لفظن کي سٽن ۾ وري وري دهرائڻ سان، جيڪو مانڊاڻ
مچي ٿو، سو انسان جي بنيادي جبلت (Instinct) يعني ناچ لاءِ هٿ پير، اکيون ۽ آڱريون
بي ساخته موڙڻ، مٽڪائڻ ۽ مچلائڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.“ (20)
تون آءُ، هلي آءُ،
هلي آءُ، هلي آءُ
اي پيار، ڀلي آءُ،
ڀلي آءُ، ڀلي آءُ
هي هيج ڀري سيج،
هلي آءُ، هلي آءُ
هي چاهه ڀريو
ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ
هي سنگ ڀريا انگ،
هلي آءُ، هلي آءُ
هي نينهن ڀريا
ڏينهن، هلي آءُ، هلي آءُ........ الخ
(ڀونر ڀري آڪاس ص 90)
”اياز جا گيت رس
ڀري ٻوليءَ، لهجي جي تاثير، نازڪ خياليءَ، پيشڪش جي ڳنڀيرتا ۽ ويچارن جي گھرائيءَ
سان پچي راس ٿيل آهن. جنهن ۾ وڻ ۾ پڪل ميوي جهڙو مٺاس ۽ هڳاءُ آهي. هن جي گيتن ۾
قدرتي ترنم، رواني ۽ غنائيت آهي..... اياز جو گيت پڙهي اهو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته
اهو غير روايتي ترنم ۾ ڳوهيل آهي، جنهن کي سکيا، علم ۽ تجربي سان حاصل ڪري نه ٿو
سگھجي، بلڪه اهو ترنم فقط شاعريءَ جي روح ۾ روانيءَ هجڻ سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو.“
(21) اياز جي گيتن جي جادو بياني، لطيف انداز، هم آواز لفظن مان پيدا ٿيندڙ سُر ۽ انهن
جي اندروني موسيقي، سنڌي موزون شاعريءَ جو هڪ معجزو آهن. هن جا انيڪ گيت انهيءَ
رمزيت ۽ غنائيت سان ٽمٽار آهن.
روئڻ سان رهن ها
جي سُپرين
مان نيڻين نير نه روڪيان ها
مان ڳوڙها ڳاڙي
ڳايان ها،
مان وک وک وار
وڇايان ها،
وَرُ واريان ها،
گھر گھوريان ها
مان سهسين سانگ
رچايان ها
روئڻ سان رهن ها
جي سُپرين
مان نيڻين نير نه روڪيان ها
(وڄون وسڻ آئيون ص 53)
ـــــــــــــــــــــ
وهندي رهندي،
وهندي رهندي، سون ورنُ سنڌو ــ
سون ورنُ سنڌو
ويرون اينديون،
ويرون وينديون
آلڙَ ۾ به اسهندي
رهندي، سون ورنُ سنڌو
(ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري ص 311)
ــــــــــــــــ
جان جان جيان آنءُ
تان تان تنهنجو
نانءُ
مون کان مور نه وسري
(لڙيو سج لڪن ۾ ص
43)
ـــــــــــــــ
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
توکي رستا روڪِن
ٿا
ٽاڻي ٽاڻي ٽوڪِن
ٿا
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
موٽي هَلُ
(چنڊ چنبيليءَ ول
ص 112)
مٿيان گيت نه رڳو پنهنجي
سٽاءَ جي اعتبار کان مختلف ۽ منفرد آهن، پر سُرن جو هڪ جداگانه احساس ڏياريندڙ به
آهن. پهرين گيت ۾ ”ڳوڙها ڳاڙي ڳايان“ ۽ ”وک
وک وار وڇايان“ لفظن مان تجنيسِ حرفي جي خوبي اڀري گيت ۾ رڌم پيدا ڪري ٿي. ٻئي گيت
۾ ”وهندي رهندي، وهندي رهندي“ ۽ ”ويرون اينديون، ويرون وينديون“ جا لفظ پنهنجي
اندر ساز ۽ آواز جو جادو رکن ٿا. ٽين گيت ۾ ”جان، جان“ ۽ ”تان تان“ جا لفظ پڻ ساڳي
خوبي رکندڙ آهن. جڏهن ته چوٿين گيت جي لفظي ورجاءَ مان هڪ انوکي لَئي ۽ تال اڀري
ٿي. شيخ اياز جا اڪثر گيت اهڙي سُر، ساز ۽ آهنگ سان رچيل آهن، جيڪي روح کي ڪيف ۽
سرور بخشين ٿا.
لوڪ رس جي حوالي
سان اياز جي ”گيت پرولي“ سُر ۽ آهنگ جو هڪ انوکو مثال آهي. ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“
۾ اياز جا لوڪ گيت ”لمڪيان ڙي لو“، ”سانوڻ ـــ ٽيج“، ”مڻيارُ“ ۽ ”ڪرهو“ يا ”ڇيڄ“،
”همرچو“ ۽ ”لوليون“ نج سنڌي ٻوليءَ جي هڳاءَ، نرم لهجي، نفيس احساسن، ثقافتي سونهن
۽ موسيقيت سان ڀرپور آهن. شيخ اياز جي گيتن لاءِ رسول بخش پليچي جي اها راءِ ڏاڍي
وزنائتي آهي ته ”سندس (اياز جا) گيت لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونهن، موسيقيت
۽ اثر ڪري فن جا ڄڻ تاج محل آهن.“ (22)
اياز جي منظوم ڊرامن ۾ موسيقيت
جڏهن اسين منظوم
ڊارامن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان حوالي سان اسان کي ٻن قسمن جا ڊراما ملن ٿا. ”راڳ ناٽڪ“
(Opera) ۽ ”نرتيه ناٽڪ“ (Dance Drama). سنڌ جي آڳاٽي ادب ۾
منظوم ڊراما ناپيد آهن، البته انگريزن جي دور ۽ ان کان پوءِ سنڌي ادب ۾ منظوم
ڊرامن جي حوالي سان رڳو ٻن چئن شاعرن جا نالا ملن ٿا. اهڙن شاعرن مان شيخ اياز جو
نالو وڏي اهميت جو حامل آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ کي ٽي منظوم ڊراما ”دودي سومري جو
موت“ ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۽ ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ ڏنا. حقيقت اها آهي ته شيخ اياز جا
سنگيت ناٽڪ (Opera) موسيقيت
جي معراج تي نظر اچن ٿا. ”دودي سومري جو موت“ جو آغاز يعني ايڪٽ پهريون ئي ايڏو ته
شاندار ۽ لفظي سُر، سنگيت ۽ ساز سان ڀريل آهي جو ڇا ڳالهه ڪجي.
جيئو جيئو، پيئو
پيئو!
ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
ڪاري رات اٻهرو
ليئو!
ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
ٽمڪي نيٺ وسامي
ڏيئو!
ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
پيئو پيئو، جيئو
جيئو
ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
ڇن، ڇن، ڇن، ڇن،
ڇن، ڇن، ڇن، ڇن
ڇَنن ڇَنن ڇن ڇن
ڇن........
ڇن...... ڇن.......
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو
ص 43)
سنڌي شاعريءَ ۾
اهڙي سُر تال ۽ موسيقيءَ جو مثال ملڻ محال آهي. اهو اياز جي لفظن جو ڪمال آهي، لفظ
جيڪي رقص جي زبان سمجھائن ٿا. ”ڇنن“ ۽ ”ڇن“ جا لفظ هر ويلي پنهنجي الڳ سُر ۽ ڪيفيت
سان ظاهر ٿين ٿا، اها ڇير جي ڇمڪار ڪڏهن تيز ته ڪڏهن ڌيمي محسوس ٿئي ٿي. هنن لفظن کي
پڙهندي ڄڻ تبلي جي ٿاپ به ڪنن ۾ گونجي ٿي. نرتڪيءَ جي پيرن ۾ ٻڌل گنگھرو ڪنن ۾ مڌرتا
جا سُر اوتين ٿا ۽ لفظن مان رقص جو منظر اڀري اچي ٿو. اهڙا ئي منظر ۽ سُر ”رني ڪوٽ
جا ڌاڙيل“ ۾ پسي سگھجن ٿا. جنهن ۾ وينگس چوي ٿي ته:
پريت به آهي پل جي
مايا،
ڪنهن ڇايا جي ڇل جي
مايا،
پوءِ به ان بِن
چارو ڪونهي،
پريت سوا ڇٽڪارو
ڪونهي،
من جي موک انهيءَ
۾ آهي،
ساري اوک انهيءَ ۾
آهي،
پريت جڏهن هي روح
رڄي ٿي،
بادل بادل بين وڄي
ٿي.
(ڪي جو ٻيجل ٻوليو
ص 76 ــ 77)
شيخ اياز جو سنگيت
ناٽڪ ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ به انهيءَ سحر نغمگيءَ ۽ موسيقيت سان ڀرپور آهي. ”هن
سنگيت ناٽڪ ۾ به اياز جي اها جادوگري ۽ سحر انگيزي ڪارفرما نظر اچي ٿي. سندس عام
شعر جيان، هن ناٽڪ جا منظوم مڪالما به نغمگي ۽ مڌرتا سان ٽمٽار آهن ۽ ان ڪري
پڙهندڙ تي وڌيڪ ۽ گهڻو اثر وجهن ٿا. پڙهندڙ شعر جي نغمگيءَ جي وهڪري ۾ بي خود ٿيو،
وهندو لڙهندو ٿو وڃي.“ (23) هن ڊرامي جا مڪالما به سندس ٻين ڊرامن وانگر غنائيت ۽
لفظي رونيءَ سان تار ۽ روح جون تارون ڇيڙڻ جي سگھ رکندڙ آهن. ناٽڪ جو آغاز ئي ڀڳت
سنگھ جي اهڙن مڪالمن سان ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي اندر جادوئي اثر رکن ٿا.
هي ديس سڄو ئي
اوڳو آ
منُ روڳي آ جو
موڳو آ
هر گيان انهيءَ جو
گيڙو آ
۽ رات مٿان جو
ٽيڙو آ
تنهن ڏانهن اڀو
ترسول ڪري
ٿو واريءَ تي
ويراڳ ٺري ــــ
هر تياڳ انهيءَ جو
روڳي آ
هر ماڳ انهيءَ جو
روڳي آ
هر جاڳَ انهيءَ جي
جُوٺي آ
هر لاڳَ انهيءَ جي
لوٺي آ
جا ڳالهه ڪري ٿو
ڳوڙهي آ
پر پرک ته مت جي
موڙهي آ.
(ڀڳت سنگھ کي ڦاسي
ص 41)
شيخ اياز جي
شاعريءَ جي موسيقي ۽ مڌرتا، ساز ۽ سَرلتا، سُر ۽ آهنگ، نغمگي ۽ لطافت، رواني ۽ نفاست
جا انيڪ مثال آهن. مٿين صنفن کان علاوه سندس بيت، وايون حتاڪه نثري نظم به انهن
خوبين سان سرشار آهن، جن جو ذڪر وري ڪنهن ٻي ڀيري.
حوالا
- گورکپوري مجنون ”ادب اور زندگي“ مڪتبه دانيال ڪراچي (تيسري بار) 2008 ص 191
- زيارت احمد حسن پروفيسر ”تاريخِ ادبياتِ عربي“ (اردو ترجمه طاهر سورتي) 1961 ص 66
- جالبي جميل ”ايليٽ ڪي مضامين“ سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور 1989 ص 122
- Appreciation of Poetry P. Gurrey (ادب جي ساڃاهه) (ترجمو) ڊاڪٽر فهميده حسين ــ ڪتاب ”ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ“ سنڌي ادبي اڪيڊمي ڇاپو پهريون 1997 ص 248
- شيخ اياز ”وڄون وسڻ آئيون“ ــ ”جل جل مشعل جل جو مهاڳ“ محمد ابراهيم جويو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو چوٿون 2008 ص 318
- عباسي تنوير ”شاهه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو ٻيو 2000 ص 176
- فهميده حسين ڊاڪٽر ”ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ“ سنڌي ادبي اڪيڊمي ڇاپو پهريون 1997 ص 247
- راشدي ذوالفقار مضمون (شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو ميل) ڪتاب ”ڪسوٽي“ سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو ڇاپو پهريون 1986 ص 43
- شيخ اياز ”وڄون وسڻ آئيون“ ــ ”جل جل مشعل جل جو مهاڳ“ محمد ابراهيم جويو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو چوٿون 2008 ص 318 7.
- محمد هادي حسين ”مغربي شعريات“ مجلسِ ترقيِ ادب لاهور طباعتِ سوم 2010 ص 174 75
- ملڪ نديم ڊاڪٽر، سومرو ادل ڊاڪٽر (ايڊيٽرس) ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ ــــ”اياز لفظن جو جادوگر“ (مضمون) ـــ قمر شهباز شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 2001 ص 62
- شيخ اياز جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل سندس شاعريءَ واري يادگار ڪيسيٽ مان ورتل
- A Hope For Poetry C. Day Lewis (شاعري ڪا اميد افزا مستقبل) (اردو ترجمو) محمد هادي حسين ”مغربي شعريات“ مجلسِ ترقيِ ادب لاهور طباعتِ سوم 2010 ص 171
- شيخ اياز ”ڀونر ڀري آڪاس“ نيو فيلڊس پبليڪيشن ڇاپو ٽيون 1995 ص 3
- اياز شيخ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ مهاڳ ـــــ محمد ابراهيم جويو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ڇاپو پهريون ص 37
- محمد هادي حسين ”مغربي شعريات“ مجلسِ ترقيِ ادب لاهور طباعتِ سوم 2010 ص 172
- ملڪ نديم ڊاڪٽر، سومرو ادل ڊاڪٽر (ايڊيٽرس) ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ ــــ”اياز لفظن جو جادوگر“ (مضمون) ـــ قمر شهباز شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 2001 ص 61
- جويو تاج ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ / حيدرآباد 2000 ص 86
- سميجو اسحاق ”ناوَ هلي آ گيت کڻي“ ـــ (شيخ اياز جي گيتن جو ڪُليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009 ص 20
- ملڪ نديم ڊاڪٽر، سومرو ادل ڊاڪٽر (ايڊيٽرس) ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ ــــ”اياز لفظن جو جادوگر“ (مضمون) ـــ قمر شهباز شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس 2001 ص 70
- سميجو اسحاق ”ناوَ هلي آ گيت کڻي“ ـــ (شيخ اياز جي گيتن جو ڪُليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2009 ص 20
- ساڳيو ص 350
- شيخ اياز ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ مهاڳ ـــ رشيد ڀٽي نيو فيلڊس پبليڪيشن ڇاپو ٻيو 1987 ص 35
No comments:
Post a Comment