Monday, 28 April 2014

منهنجا خواب ـــــ منهنجو سچ -- احسان دانش


احسان دانش
منهنجا خواب ـــــ منهنجو سچ
”بي سڪون خواب جو سچ“ تي لکيل ٻه اکر

سوچيان ٿو پنهنجي پاران ٻه اکر لکڻ ضروري آهن ڇا؟ ڇا هنن ڪهاڻين ۾ لکيل اکر منهنجا نه آهن؟ ڇا اهي سموريون ڪهاڻيون جيڪي هن ڪتاب ۾ موجود آهن سي منهنجن ٻن اکرن جو پورائو نه ٿيون ڪن....؟ گهڻائي سوال ذهن ۾ اچن ٿا پر انهن سمورن سوالن جي اڳيان روايتن جي ڀت اوچي ٿي بيهي ٿي...... - اسين راويتن جا امين آهيون. تنهن ڪري راويتن جي پورائي لاءِ ٻه اکر لکڻ چاهيان ٿو.
مان چاهيان ٿو هي ڌرتي محبتن جو وسيع گلزار بڻجي وڃي جتي چاهتن جا پوپٽ اڏامندا رهن ۽ هر ڏسا خوشبوئن جا جهونڪا هجن ۽ ائين نفرتون آپ گهات ڪري ڇڏين. بم ۽ بارود مٽي جا کيڏوڻا بڻجي وڃن، لبن تي مرڪن جا ماڪ ڦڙا جرڪي پون. مان چاهيان ٿو. ها! مان چاهيان ٿو ڪوئي ڳل ڳوڙهن سان آلو نه ٿي، ڪنهن به اک ۾ درد جو جهڙالو نه ٿي، مان چاهيان ٿو.......
پر! حقيقت ۾ محبت هڪ اهڙو امرت پيالو آهي جيڪو هر ماڻهو جي لب تي نه پهچي سگهندو آهي. نفرت ٿوهر آهي ۽ جيڪو جتي به ڦٽندو ڪنڊا ئي ڏيندو. امن جو بارود جي دونهين ۾ ساهه ٻوساٽجي ويو آهي ۽ درد ڊنل ٻار وانگر اسان جي ڇاتي کي چنبڙي پيو آهي. اها ئي حقيقت آهي ۽ اهو ئي سچ آهي ۽ هڪ تخليقڪار سچ جي اکين ۾ ڌوڙ ڪڏهن به نه ٿو وجهي سگهي..... مان به انهيءَ سفر جو پانڌيئڙو آهيان. مون پنهنجي لفظن ۾ محبت کي امرتا ڏيڻ ۽ نفرت جي ڪُچلڻ جو ڪم ڪيو آهي. مون پنهنجي ڪهاڻين کي دل جي لهو مان ڦٽل روشني مان تخليق ڪيو آهي. اهڙي روشني جيڪا سچائي جي نيڻن ۾ پيوست ٿي زندگي جي سمورين باريڪين کي نروار ڪندي آهي. منهنجيون ڪهاڻيون زندگي جي انهن باريڪين جون ڪهاڻيون آهن..... مان هڪ لمحي لاءِ به ڪڏهن پنهنجي ان فرض ۽ ذميواري کان غافل نه رهيو آهيان جنهن لاءِ ماريو ورگاس چيو آهي ته:
“The writers job is to write with rigour، with commitments، to depend what he believes، with all the talent he has. I think that is part of moral obligation of a writer” (Mario Vargas).
(هڪ تخليقڪار جو اهو فرض ٿئي ٿو ته هو جيڪو ڪجهه سرجي ٿو ان جو کيس نه صرف پنهنجي پوري فڪري سچائيءَ، سچيتائي ۽ سگهه سان دفاع ڪرڻ گهرجي پر ان لاءِ عملي رت ست به ارپڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ هڪ ليکڪ جي اها ئي ادبي ۽ اخلاقي ذميواري آهي.)
منهنجون ڪهاڻيون منهنجي روح جو آواز آهن ۽ اهي احساس جيڪي منهنجي اندر کي اُڏوهيءَ جيان پورو ڪندا ويندا آهن، اهي پيڙائون جيڪي منهنجي وجود کي ڌوڏي ڇڏينديون آهن ۽ اهي لمحا جيڪي درد جي آنڌي سان ڀرپور هوندا آهن، انهن سڀني کي آءٌ پنهنجي ڪهاڻين ۾ اظهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون رڳو ڪوشش ڪئي آهي، پنهنجي ڪهاڻين وسيلي سماج جي زخمي ۽ پروڻ ٿيل بدن تان چادر هٽائڻ جي. بس مون اهوئي ڪيو آهي.... هن ڪتاب ۾ شامل ڪن ڪهاڻين ۾ سماجي حقيقت جون چٽيون تصويرون آهن ته ڪن ۾ منهنجي روح جي اٿاهه گهرائين ۽ احساسن جي انوکي دنيا کي پسي سگهجي ٿو. پر، لي آن سرميلين جي لفظن ۾ "ڪهاڻيءَ جي معنى هر ڪنهن پڙهندڙ لاءِ ڌار ڌار آهي. گهڻو ڪري فڪشن جو ڪو به ڪارنامو ٻن پڙهندڙ لاءِ بالڪل ساڳي ڪهاڻي نه ٿو هجي، هر ڪو ان ۾ ڪجهه مختلف ڏسي ٿو. هو منجهس اهو ئي ڏسندو جيڪو هن خود  ۾ ڏسڻ جي اهليت هوندي. پڙهندڙ جي انهن مختلف رد عملن ۾ ايترو ته وڏو فرق هوندو آهي، جو ڪهاڻي هڪ شخص لاءِ بي معنى ۽ ٻي لاءِ تمام بامعنى هوندي آهي." سو منهنجون هي ڪهاڻيون اوهان لاءِ ئي آهن ۽ اوهان ئي انهن کي معنى ڏئي سگهو ٿا.
هن ڪتاب ۾ منهنجين ڪهاڻين جي حوالي سان خاص طور مهاڳ - ٻين راين ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي. ان کانپوءِ ڪجهه به لکڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي. پر لکڻ جي حوالي سان ايترو ضرور لکندس ته مون لکڻ جي شروعات 80 واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن کان شاعري سان ڪئي پر جلد ئي ڪهاڻي جي ڪاڪ محل منهنجي من کي اهڙو ته منڊي ڇڏيو جو هن وقت تائين ان طلسم مان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهيان. ڪهاڻي سان ناتو نڀائيندي 15 سال گذري ويا آهن، پر منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. ان سموري عرصي ۾ تعداد جي لحاظ کان جيتوڻيڪ 80 کن ڪهاڻيون لکيون اٿم پر هن مجموعي لاءِ فقط ٻاويهه ڪهاڻيون چونڊيون آهن. جن ۾ مختصر ترين ڪهاڻيون به شامل آهن. منهنجي خيال ۾ مختصر ترين ڪهاڻيون ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجهه محسوس ڪرائڻ جي سگهه رکنديون آهن. اهي ڪنهن اهڙي طوفان جو پيش خيمو هونديون آهن، جيڪو من جي ويران ساحلن سان اچي ٽڪرائبو آهي.
ڪتاب ۾ بلڪل نڪور ڪهاڻيون به شامل ڪيون اٿم جن ۾ "خوشبو"، "بي سڪون خواب جو سچ"، "روپ ٻهروپ" قابل ذڪر آهن. جڏهن ته ڪجهه شروع واري زماني جون ڪهاڻيون به هن مجموعي ۾ شامل آهن. جن ۾ "دوزخ"، "لمحن جو درد"، "پيڙا جو پڙلاءُ" ۽ "رانديڪو" وغيره ڳڻي سگهجن ٿيون. بهرحال منهنجو هي پهريون ڪهاڻي ڪتاب هڪ نماڻي ڪوشش آهي. جيڪو اوهان سڄاڻ پڙهندڙن لاءِ نهايت عاجزي سان پيش ڪيان ٿو.
2 اپريل 2005

No comments:

Post a Comment