ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اترادي لھجو
سنڌي ٻولي دنيا جي قديم زبانن مان هڪ آهي. هيءَ ننڍي کنڊ جي
اهم ٻولين ۾ ڳڻي وڃي ٿي. تهذيبي لحاظ کان هن ٻوليءَ جون پاڙون سنڌو ماٿر جي عظيم
سڀيتا ۾ کتل آهن. هن ٻوليءَ جون جاگرافيائي حدون جاچڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ
موجوده سنڌ صوبي کان علاوه پاڪستان جي ٻين صوبن جهڙوڪه بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف
علائقن توڙي پاڙيسري ملڪ هندوستان جي سرحدي علائقن تائين ڦهليل آهي. ڪاڪي ڀيرو مل
مطابق ”سنڌي ٻولي قديم وڏيءَ سنڌ جي ٻولي آهي، جنهن
جون حدون ڪشمير کان وٺي گجرات جي شهر سورت تائين هيون، جنهن ڪري پنجاب جو ڳچ ڀاڱو،
راجپوتانا، سڄو ڪڇ علائقو ۽ ڪاٺياواڙ جو اتر وارو ڀاڱو سنڌ ۾ اچي ٿي ويا. هوڏانهن
افغانستان ۽ بلوچستان جا ڪي پاسا، لس ٻيلي ۽ مڪران سميت سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا.
انهن سڀني هنڌن اسان جي سنڌي ماڻهن راڄ ٿي ڪيو، جنهن ڪري سنڌي ٻولي انهن پاسن ڏي
چالو آهي.“ (1)
پروفيسر علي نواز حاجن جتوئي پنهنجي ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ ۾ رابرٽ اي. هل (Robert A. Hill) جي ڪتاب (Introductory Linguistics) جو حوالو ڏيندي لکيو آهيته ”هر زبان جو هڪ ملڪ ٿيندو آهي، جنهن جي گھٽ يا وڌ ايراضي ٿيندي آهي. انهيءَ ايراضيءَ اندر هڪ ئي زبان جا مختلف محاورا جدا جدا ڀاڱن ۾ موجود هوندا آهن، جن مان هر هڪ کي اتان جي ”مقامي ٻولي“ (Dialect) سڏبو آهي. باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته هر شخص جي ٻوليءَ جو طريقو بلڪل پنهنجو ۽ نرالو هوندو آهي، جنهن کي ذاتي زبان (Idiolect) چئي سگھجي ٿو. مگر اها آوازي، صرفي ۽ نحوي نگاهه کان ٻين جي ذاتي زبان کان نرالي نه هوندي آهي..... سچ پچ ته زبان نه رڳو هڪ شخص کان ٻئي تائين بدلجي ٿي، پر هر طبقي کان ٻئي طبقي تائين ڦري ٿي.“ (2)ان ڦير گھير جا ڪافي سبب آهن. لسانيات جي ماهرن ان تبديلي جا سبب ٻڌائيندي ٻوليءَ جون حدون متعين ڪيون آهن. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي.“ جنهن مان پڻ اها ئي مراد آهي ته هڪ حد کان ٻي حد تائين ساڳي ٻوليءَ جي لهجي ۽ محاوري ۾ ڦيرو اچي ٿو. انهن حدن جو تعين ان طرح ڪري سگھجي ٿو تهجنهن حد يا علائقي تائين ٻولي پنهنجي لهجي ۾ بنان ڪنهن ڦير ڦار جي ساڳي آهي، تنهن کي هڪ لهجو يا محاورو مڃڻ کپي ۽ جنهن علائقي کان ٻوليءَ جي لهجي ۾ تبديلي محسوس ٿئي تنهن علائقي کان ٻوليءَ جو ٻيو محاورو سمجھڻ گھرجي. ائين ئي مختلف ٻولين جا الڳ الڳ محاورا هوندا آهن. هر ٻوليءَ جو هڪ معياري لهجو (Standard dialect) هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ وچولي واري لهجي کي معياري لهجو سڏيو ويندو آهي.هنديءَ ۾ معياري ٻولي (Standard dialect) کي ڀاشا ۽ اهڙي ٻولي جا محدود دائري ۾ رهندڙ عام ماڻهو ڳالهائين ٿا کي وڀاشا (Dialect) چيو وڃي ٿو. ”وڀاشا جي حد، جاگرافي مقرر ڪري ٿي، پر ڀاشا جي حد سڀيتا، سنسڪرتي ۽ ڀاونائون مقرر ڪن ٿيون...... وڀاشا ۽ ڀاشا جو پاڻ ۾ گھرو سٻنڌ آهي، ڇاڪاڻ ته وڀاشا کي اڳتي هلي ڀاشا جو پد ملي ٿو.“ (3)













