Saturday, 9 August 2025

شهمير جي غزلن جو اڀياس ــ ڊاڪٽر احسان دانش

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

ٿي ڏات پيئي هر هر هي ڪيف نرالا هن

شهمير جي غزلن جو اڀياس

ڪڏهن ڪڏهن من تي شاعريءَ جي موسم ائين لهندي آهي جئين پياسي ٿر تي اوڙڪون ڏئي وسندڙ وڏ ڦڙو. اهو وڏ ڦڙو وجود کي جل ٿل ڪري ڇڏيندو آهي. هر پاسي هٻڪار ٿي ويندي آهي. من ڄڻ ڪارونجھر جي ڪور، ڪنهن مست مور وانگر نچڻ ۽ جھومڻ لڳندو آهي. ڪڏهن وري سرءُ جهڙي اداسي ذهن جي وڻ مان سوچ جا سارا پن ڇاڻي ڇڏيندي آهي ۽ شاعر جا لفظ مفلوج ٿي ويندا آهن، اهي پَلَ ڄڻ حياتي بي مقصد ڀاسندي آهي. تنهن ڪري اهو سچ آهي ته شاعرَ ڪيفيتن جي سمنڊ تي ٻڏندا ۽ اپڙندا آهن. سونهن، سچ ۽ محبت جي ڪا موسم نه ٿي هجي، انهن جو تعلق اندر جي رُتن سان آهي. تنهن ڪري من جي موسمن تي خارجي موسمون ڪڏهن به اثر انداز نه ٿيون ٿين. بقول شاعر:

سانوڻ ۾ به بهاري آ.

پن ڇڻ رُت به نياري آ

اندر جِي جي موسم اجري

هر ڪا موسم پياري آ.

 (بشير احمد شاد)

شاعرَ اندر جي انهن ئي موسمن ۾ تخليق جو سفر طئي ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندن لفظن ۾ ڪڏهن پيار جي بهار هوندي آهي ته ڪڏهن اندر جي سانوڻ جون بوندون. ڪڏهن سار جي هير هوندي آهي ته ڪڏهن اداسيءَ جو جھولو. ڪڏهن خوشيءَ جي ڪوڪَ هوندي آهي ته ڪڏهن دُک جي هوڪَ. ڪڏهن اميدن جا گُلَ ٽڙندا آهن ته ڪڏهن نراسائيءَ جا ٿوهر. ڪڏهن حسرتن جا ٻاٻيها تڙپندي نظر ايندا آهن ته ڪڏهن حيرتن جا هنج. ڪڏهن عشق جو ساز ٻُرندو آهي ته ڪڏهن جنون جو آواز. ڪڏهن دل جو راز کُلندي محسوس ٿيندو آهي ته ڪڏهن تخيل جي پرواز.

منٺار سولنگيءَ جي شاعريءَ تي هڪ اُڇاتري نظر ـــڊاڪٽر احسان دانش

ڊاڪٽر احسان دانش


 

منٺار سولنگيءَ جي شاعريءَ تي هڪ اُڇاتري نظر 



انسان جي زندگي به ڇاهي؟ کنهبي جو چٽڪو...... پَلَ جي آسيس..... يا پپل جو پن؟ نه ڄاڻ ڪهڙي پل اهو پَنُ اجل جي جھوٽي تي اچي پَٽِ پئي ۽ مٽيءَ سان مٽي ٿي وڃي. حياتي پپل جي پن وانگر هجي يا گلاب جي گل وانگر، آخر ان جو انت ته اچڻو ئي آهي...... جيڪڏهن ڪنهن جو جيون گلُ گلاب آهي ته ان جي سڳنڌ هر ڪنهن جي دل ۽ ذهن کي معطر ڪري سگھي ٿي. ان جي ڪوملتا سدا ياد رهي سگھي ٿي. ان جي ماڪ ته وقت چورائي سگھي ٿو پر ان جي تازگيءَ جو احساس هڪ عرصي تائين زنده رهي سگھي ٿو. اسان جو منٺار به اهڙو ئي گلاب هيو. هو زندگيءَ جي ٽاريءَ تان ڇڻيو ضرور آهي پر اسان جي دلين مان سندس ياد جي تازگي اڃا ختم نه ٿي آهي. هُن بلڪل درست چيو هو ته:

آخر جيون مان گذري ويندا هن

پَلَ هوا جيان اڏري ويندا هن


اهو سچ آهي ته وقت جا پَرَ ڪوبه ڪٽي نه ٿو سگھي. هر پَلَ جي پنهنجي اڏارَ آهي، ان کي ڪو روڪي نه ٿو سگھي. زندگيءَ ۾ ڪي پلَ ڀونئرن ۽ پوپٽ جهڙا پيارا هوندا آهن ته ڪي ڏينڀوءَ جيان ڏنگيندڙ. هڪ شاعر انهن پلن جا پَرَ ته نه ٿو ڪٽي سگھي پر انهن کي لفظن جي زندان ۾ قيد ڪري سگھي ٿو. هڪ شاعر جڏهن مايوسين ۽ دکن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو آهي ۽ کيس فرار جي ڪا راهه نظر نه ايندي آهي ته هن جا لفظ هن طرح تڙپي اٿندا آهن:

هڪ درد هيو دل جي اندر، هڪ آڳ هئي هن ڇاتيءَ ۾

افسوس جو هڪڙو لمحو ڀي سُک ساڻ ڪٽيو نه حياتيءَ ۾

اها هڪ بيچين روح جي صدا آهي. زندگيءَ جي فلسفي جو نچوڙ آهي، اذيت جي پلن جي ڪٿا آهي ان شعر ۾، ساغر صديقي به شايد ڪجھ اهڙي ئي ڪيفيت مان گذرندي چيو هو ته:

زندگي جبرِ مسلسل کي طرح کاٹي هے

جاني کس جرم کي پائي هي سزا ياد نهيں

پر اياز گل جو هي شعر مايوسيءَ کان زندگيءَ ڏانهن موٽائي ٿو ته:

مرڻ ڪو مسئلو نه آهي پرين،

وڏي ڳالهه آهي گذارڻ حياتي.

سنڌي ٻوليءَ جو منفرد محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ــ ڊاڪٽر احسان دانش

 

ڊاڪٽر احسان دانش


سنڌي ٻوليءَ جو منفرد محقق

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو


سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ارتقائي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي ادب جي اوسر ۾ جتي ادارن پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي ساهت کي سگهارو بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، اتي ڪجهه شخصيتن انفرادي طور پنهنجي ٻولي جي جهولي ڀرڻ خاطر جنهن طرح پاڻ پتوڙيو آهي ۽ علم ۽ عقل جا گوهر ورهايا آهن سا ڳالهه ادارن واري خدمت کان گهٽ نه آهي.

ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ٻين سمورن شاعرن کي پاسيرو رکي رڳو لاکيڻي لطيف جو ئي مثال وٺجي، سندس ڪليات يعني “شاهه جو رسالو” ئي هڪ اهڙي ڪيميا مثل آهي جنهن جي پرک ۽ پروڙ جو سلسلو نه ڄاڻ ڪيترين صدين تائين جاري رهندو. سنڌي ٻولي شاهه جو احسان ڪڏهن به لاهي نه سگهندي. تنهن ڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان هڪ شخص صدين تائين ٻولي کي زنده جاويد بڻائي ڇڏيو. ائين ئي وري ٽالپرن جي دور ۾ سچل سرمست ان سلسلي کي اڳتي وڌايو، اهڙي طرح انگريزن جي دور ۾ سنڌي ۾ نثري ادب جي صحيح معنى ۾ ابتدا ٿي ۽ ان ميدان ۾ به سياڻا ۽ ساڃاهوند ليکڪ لٿا پر خاص طور تي هڪڙي شخص سنڌي نثري ادب کي عروج تي پهچايو. اهو شخص هيو شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، جنهن جا سنڌي ٻولي صدين تائين ڳڻ ڳائيندي رهندي. ساڳي ريت کانئس پوءِ تحقيق، تاريخ ۽ لوڪ ادب جي ميدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي روپ ۾ سنڌي زبان ۽ ادب کي هڪ اهڙو عالم عطا ڪيو جنهن پنهنجي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪارنامن وسيلي پاڻ کي حقيقي معنى ۾ سنڌي ٻولي جو ڀرجهلو ۽ محسن ثابت ڪيو. منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کانپوءِ لسانيات، لغات ۽ لوڪ ادب تي گهڻي ۾ گهڻو ۽ معياري ڪم ڪرڻ وارن عالمن ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو نالو سرفهرست آهي. بلڪه هن صاحب مذڪوره شعبن ۾ اهڙو منفرد ڪم به ڪيو آهي جيڪو کانئس اڳ ڪنهن به نه ڪيو هو. هتي مون کي سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ وينجهار جي شخصيت توڙي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن تي مختصر روشني وجھڻي آهي.

 

شبير هاليپوٽي جي شاعريءَ تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش

 

ڊاڪٽر احسان دانش



ڌارِ دل جون اکيون

شبير هاليپوٽي جي شاعريءَ تي هڪ نظر

مان جڏهن به ’آنند‘ فلم ڏٺي آهي ته اکيون آليون ٿي ويون آهن. مناڊي جي آواز ۾ ”زندگي کيسي هي پهيلي هاءِ، کبهي تو هنسائي، کبهي يه رُلائي“ روئاري وجھندو آهي. پر اها مووي وڏي همت ۽ حوصلو به ڏئي ٿي. جيون کان بيزاري واري ڪيفيت ۾ هڪ دفعو ٻيهر جيئڻ جو ولولو پيدا ڪري ٿي. مان زندگيءَ ۾ جڏهن به اداس ۽ مايوس ٿيندو آهيان ته ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل ان خوبصورت نوجوان مريض کي ياد ڪندو آهيان، جيڪو ڪينسر جي آخري اسٽيج تي هجڻ باوجود ڪنهن ڪنڊ ۾ روئڻ بدران سڀني کي کلائيندو هيو. هو کلائي کلائي سڀني کي روئاري ويو هو..... اسين ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي ڪوُڙي سچ کي ڳيت ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون، پر اها ڪوڙي گوري ئي ڪي پل اسان جي ساهن جي سلامتي جو سبب بڻجندي آهي. جنهن کي ڪڏهن خوشي خوشي ته ڪڏهن نڪ ٻوساٽي ۽ اکيون بند ڪري ڳيهڻو ئي پوندو آهي. جڏهن اسان جون اکيون بند هونديون آهن ته خواب انهن ۾ آکيرا جوڙيندا آهن. ڪير ڄاڻي ته بند اکين جي پويان خوابن جا اهي آکيرا ڪيسيتائين سلامت رهندا. ڪڏهن ڪڏهن وحشت جا واسينگ اهي آکيرا اجاڙي ڇڏيندا آهن ۽ سپنن جي دنيا انڌي کاهيءَ جهڙي ٿي ويندي آهي. کاهي، جنهن ۾ دور دور تائين اوندهه ۽ انڌوڪار هوندو آهي......... مان هڪ اهڙي شخص کي سڃاڻا جنهن ان اونداهيءَ کاهيءَ کي آس جي ٽانڊاڻن سان روشن ڪيو آهي. هاڻي اها کاهي ڪاري آسمان تي ٽمڪندڙ لکين تارن جيان ڏسجي ٿي. هن جي سوچ جي آڪاش تي رڳو جگنو ۽ تارا ئي نه آهن پر هزارين رنگ ۽ سڳنڌون به آهن.

هن سان منهنجو پهريون مکاميل يارنهن سال اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي ان انتظارگاهه ۾ ٿيو هو، جتي مون جيان هو به ليڪچررشپ جي انٽرويو لاءِ منتظر هيو. ڏهن ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ به ڪمري ۾ خاموشي هئي، شايد هر ڪنهن کي انٽرويو جي اڻ تڻ هئي. ان خاموشيءَ کي ٽوڙيو هڪ ڳاڙهي ڳٽول نوجوان اياز لاکير جي گفتگو. ائين ڪمري ۾ ڳالهين جو هڳاءُ ڦهليو. جبار عاطف جوڻيجو، فياض لطيف، نياز سرڪي، شبير هاليپوٽي ۽ ٻين دوستن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ ڪچهريءَ جو مچ ٻري پيو. شبير کي اکين تي ڪارو چشمو ۽ چپن تي خوبصورت مرڪَ هئي، ان مرڪ ۾ وڏو اطمينان هيو. شبير پنهنجي سهڻي سُڀاءَ ۽ پياري گفتگو وسيلي مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو.... انٽرويو ٿي ويو، ٻين دوستن سان گڏ شبير به ڪاميابي ماڻي جنهن جي مونکي دلي خوشي ٿي. ان خوشيءَ سان گڏ جڏهن ان داستانِ درد جو پتو پيو، جنهن جوانيءَ ۾ شبير جي حياتي اونداهي ڪري ڇڏي هئي ته دل ڏکي پئي. علي دوست عاجز لکيو آهي ته ”شبير جي Tragedy جو ذڪر خود شبير لاءِ به اهڙو ئي اڻ وڻندڙ آهي، جهڙو وفا ناٿنشاهي لاءِ اهو ذڪر اڻ وڻندڙ هوندو هو ته، هو سنڌيءَ جو بهترين پنجابي شاعر آهي. پر ڪي حادثا اهڙا ٿيندا آهن، جن جي ڄاڻ هوندي به ماڻهو انهن جو شڪار ٿي ويندو آهي. قدرت هن جي زندگيءَ جي ڪئنواس کي Black Board جهڙو بڻايو، ته هن وري ان تي رنگين چاڪن (Chalks) سان ڪيئي خوبصورت تصويرون ۽ منظر جوڙڻ شروع ڪيا.“

ان پهرين ملاقات کان پوءِ ڪا خبر نه هئي ته شبير ڪٿي آهي، پر هو مونکي اڪثر ياد ايندو هيو ۽ جڏهن به کيس ياد ڪندو هيس ته درد جي هلڪي لهر سان گڏ مون ۾ هڪ نئون اتساهه ساهه کڻندو هيو. لڳ ڀڳ ڏهن سالن کان پوءِ منهنجي شعبي جو هڪ ڪاليجي استاد جوش ابڙو ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ بدلي ٿي آيو ۽ هڪ ڏينهن مونکي چيائين ته ”احسان، شبير هاليپوٽو توهان کي ڏاڍو ياد ڪندو آهي.“ دل ۾ چيم مان به ته هن کي ڏاڍو ياد ڪندو آهيان. کانئس فون نمبر ورتم ۽ ان ڏينهن شبير سان ڪيئي پل ڳالهيون ڪيم. هن وٽ منهنجي لاءِ جيڪا سڪ ۽ پيار هيو ان تي مان حيران هيس. ان چند گھڙين جي هڪڙي ملاقات کي هن پنهنجي من ۾ ائين سانڍي رکيو هيو ڄڻ اها ڏهه سال نه پر ڏهه منٽ اڳ جي ڪا ڳالهه هجي. پر پوءِ مون سوچيو اسان ماڻهو، هن دُرنگي دنيا ۾ سدا وڃايل رهون ٿا شايد تڏهن ئي پلَ به سالن جيان گذرن ٿا ۽ شبير جهڙا ماڻهو سالن کي پلن ۾ توريندا آهن ۽ خوبصورت لمحن کي پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ فريز ڪري ڇڏيندا آهن.

جواد جعفري جي شاعريءَ تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش

 

ڊاڪٽر احسان دانش 


جواد جعفري جي شاعريءَ جو اڀياس


سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي ۽ برجستي شاعر جواد جعفري جو ذڪر ايندي ئي ساڻس گڏ گھاريل ٽيهن سالن جو ساٿ ياد اچي ٿو. جواد جي ذڪر سان اهي ڏينهن به ياد اچي وڃن ٿا، جن ڏينهن ۾ مان ۽ جواد شعر و سخن جي سفر ۾ پير پائيندي ابتدائي وکون کڻي رهيا هئا سين. تڏهن اسين نئين ٽهيءَ جا اڀرندڙ شاعر سڏبا هئا سين. انيڪ مشاعرن جي محفلن ۾ جواد ۽ منهنجو ساٿ رهيو. انهن ڏينهن ۾ جواد جعفري هڪ شاعر سان گڏ مقبول ڪرڪيٽر به هيو. هن لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ۽ ڊويزن سطح تي نه رڳو راند کيڏي پر ڪوچ به رهيو. سندس ابتدائي ادبي تربيت ۾ نامياري اديب اشتياق انصاري جو اهم ڪردار رهيو. جنهن کي تنهن وقت سڀ ڀائي جان چوندا هيا. ڀائي جان هن کي ادبي ڪتاب پڙهايا ۽ لکڻ پڙهڻ ڏانهن راغب ڪيو. اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز ۽ بزمِ سچل جي پروگرامن ۾ هن جي ادبي ۽ فڪري اوسر ٿي. اهڙي طرح جلد ئي جواد جعفري غزل جو مقبول شاعر ته بڻيو پر گڏ و گڏ مذهبي شاعري پڻ ڪندو رهيو، خاص طور نوحي ۽ منقبت هن کي هڪ مذهبي شاعر واري سڃاڻپ ڏني. جواد، سنڌي سان گڏ اردو ۾ به جھجھي شاعري ڪئي آهي.

تخليق جي حوالي سان منهنجو پهريون عشق شاعري هيو پر پوءِ پاڻ کي نثر ۽ نظم جي گھڻن پاسن ڏي اهڙو ته ڦهلائي ڇڏيو جو ڪڏهن ڪڏهن شاعري ”وه عشق جو هم سي روٺ گيا“ واري سٽ وانگر لڳندي هئي. پر جواد جعفري مسلسل ۽ متواتر شاعري لکندو رهيو ۽ هڪ قدم اڳتي وڌي پنهنجي شاعريءَ کي موسيقي سان ملائي شهرتون ماڻيون. ڏسندي ئي ڏسندي وڏن وڏن راڳين جي چپن تي جواد جا ٻول ٻُرڻ لڳا...... پر اها گھڻو بعد جي ڳالهه آهي مان 88 ــ 1987 جا اهي ڏينهن ياد ڪريان ٿو جن ڏينهن ۾ اسان ڪجھ نوجوان شاعر سعيد ميمڻ، جواد جعفري، زخمي چانڊيو، سڪندر شيخ، جاويد ميمڻ، منصور ابڙو، راقم ۽ ٿوري ئي عرصي کان پوءِ وشال، رضا بخاري، جاويد شبير، ساجد سنڌي، رضوان گل، سرتاج جاگيراڻي، پنهل، ملهار سنڌي ۽ ڪجھ ٻيا دوست لاڙڪاڻي جي مشاعرن جي رونق بڻبا رهيا. اِهي سڀ اُهي دوست هيا جن وٽ نئون فڪر ۽ تازا خيال هيا. اهڙي جدت شاعريءَ جي روايتي قافيه پيمائي ۽ خيالن جي ورجاءَ کان پاڪ هئي. جواد جعفري ان وقت به نوجوانن مان مقبول شاعر هيو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي شاعريءَ جو گھڻو تڻو موضوع سماجي حالتون، ڏاڍ ۽ انياءَ هيو، اهو جواد ئي هيو جنهن مونکي رومانوي شاعريءَ لاءِ اتساهيو. سچ پچ ته انهن ڏينهن ۾ اسان هڪ ٻئي لاءِ وڏو ڏڍ ۽ اتساهه هيا سين. هڪ ٻئي جي شعرن جي ڪمين ڪوتاهين تي ڳالهائيندا هئا سين. اصلاح کي خنده پيشاني سان قبول ڪندا هئا سين. اڄ وانگر تن ڏينهن ۾ به جواد کي پنهنجي شاعريءَ ياد هوندي هئي. مشاعرن مان گھڻو ڪري گڏ موٽندا هيا سين، ڇوته اسان ٻنهي جا پاڙا هڪ ٻئي جي ويجھو هيا. سڄي واٽ جواد جا شعر ٻڌندي پنڌ ڪٽبو هيو.

پاراتو ـــ تاريخ جي جبر جي ڪهاڻي ـــ ڊاڪٽر احسان دانش

 

ڊاڪٽر احسان دانش


پاراتو ــــــــــــ تاريخ جي جبر جي ڪهاڻي

 

سرائڪي ٻولي، ملڪ جي مٺڙين ٻولين مان هڪ آهي، اها منهنجي ماءُ جي زبان آهي، ان ڪري مون کي ڏاڍي پياري آهي. منهنجو تعلق موهن جي ماٿريءَ جي جديد شهر لاڙڪاڻي سان آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته مون کي پنهنجي قديم شهر ۽ عظيم تهذيب سان پيار آهي. لاڙڪاڻو طبعي طور سنڌ جي اتر يا سري واري حصي ۾ آهي، تنهن ڪري هتي ڳالهائجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لهجي کي اترادي يا سرائڪي سڏيو ويندو آهي ۽ هونءَ به هن علائقي ۾ سرائڪي ٻوليءَ جو به گهڻو واهپيو آهي. سرائڪي ٻوليءَ ۾ لکيل ناول ”پلوتا“ جنهن جو چرچو ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي محسوس ڪيو هيم، سو ناول نگار سليم شهزاد جي توسط سان تازو ئي پڙهڻ جو موقعو مليو. اهو هن ناول جو سنڌي ترجمو هيو، جيڪو نامياري سنڌيڪار ننگر چنا ڪيو هو. اهو ترجمو جيڪو ”پاراتو“ جي نالي سان ڇپجي هن وقت اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي، اصل ۾ هڪ علامتي ناول آهي، جنهن ۾ اوهان کي سنڌو تهذيب جي ڪهاڻي نظر ايندي. ان کان اڳ جو مان ناول تي ڪجهه وڌيڪ لکان، دل چاهي ٿي ته سرائڪي ادب ۽ خاص طور سرائڪيءَ جي ڪلاسيڪي ادب بابت ٻه ڳالهيون اوهان سان ونڊيان.

ڪجهه سال اڳ ملتان ۾ ٿيل هڪ انٽرنيشنل صوفي ڪانفرنس جي هڪ سيشن ۾ حفيظ خان صاحب سان گڏ اسٽيج تي ويهڻ جو موقعو نصيب ٿيو ۽ ساڻس ٻه ٻول ٻوليا ته هن بنان دير جي پنهنجن اڌ ڊزن کان مٿي ڪتابن جي عنايت ڪئي، جن مان هڪ ڪتاب هيو ”ملتان نصف جهان“. ان ڪتاب ۾ ملتان جي تاريخ، تهذيب ۽ عظمتن جي ڪهاڻي بيان ٿيل هئي. سرائڪي وسيب عظيم تهذيب جي جاءِ ۽ تاريخي طور علم ۽ ادب جو گھوارو رهيو آهي. اها خواجه فريد جي ڌرتي آهي جنهن محبوب کي پنهنجو دين ۽ ايمان بڻائي ڇڏيو هو:

ميڈا عشق وي توں ميڈا يار وي توں

ميڈا دين وي توں ايمان وي توں

اها باهو جي ڀون آهي، جيڪو هڪ نرالو شاعر هيو ۽ عشق کي ايمان تي ترجيح ڏيندو هو:

ايمان سلامت هر کوئي منگے عشق سلامت کوئي هو

ڪوي رانجھن جي ڪلام تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش

 

ڊاڪٽر احسان دانش



الائي جي ڇا ۾ راضي آ، الائي جي ڪنهن سان راضي آ

ڪوي رانجھن جي ڪلام تي هڪ نظر

 

ادب ۽ فن جي دنيا ڏاڍي وسيع آهي. موسيقي، مصوري، سنگ تراشي، رقص ۽ شاعريءَ تائين فنون لطيفه (Fine Arts) جا جيترا به شعبا آهن، انهن ۾ هڪ فنڪار پنهنجو خون اوتي ٿو. ڪا به تخليق تيسيتائين رچي پچي راس نه ٿئي جيسيتائين ان کي اندر جي آويءَ ۾ پچايو نه ٿو وڃي. ان ڪري هر تخليقڪار ۽ فنڪار هر پل ڀوڳنا جي سفر ۾ رهي ٿو. هڪ فنڪار اها ڀوڳنا ۽ پيڙا ان ڪري ئي قبول ڪري ٿو جو انهيءَ طرح سندس اندر کي قرار اچي ٿو. ڪوبه ٻڌندڙ يا ڏسندڙ ڪنهن فنڪار جي نه ان قرار کي مڪمل طور تيسيتائين محسوس نه ٿو ڪري سگھي جيستائين پاڻ ان مرحلي مان نه گذري.

ادب جا جيترا به شعبا آهن انهن مان شاعري جي اهميت کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگھندو، ڇوته شاعريءَ ۾ رڳو فڪر جو جولان نه آهي پر ان ۾ هڪ رڌم آهي، لوري آهي، موسيقي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شاعر موسيقيءَ جو ڄاڻو به هجي ته ان جي شاعريءَ ۾ سُر ۽ لئي جو لطف تهائين وڌيڪ محسوس ٿيندو آهي. ان حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان وڏو نالو شاهه لطيف جو آهي، جنهن کي شاعريءَ سان گڏ موسيقي ۽ مختلف راڳن ۽ راڳڻين جي گھري سمجھه ۽ شعور حاصل هو. ڀٽائي کان پوءِ وارن ڪلاسيڪي شاعرن مان به گھڻن کي اها ڄاڻ هئي پر انگريزن جي دور ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪوي نه رڳو سُر ۽ سرود جو ڄاڻو هئو پر پاڻ موسيقار ۽ راڳي پڻ هئو. سنڌ جي شهر ڳڙهي ياسين ۾ جنم وٺندڙ سرڳواسي ماسٽر رانجھن جنهن پوءِ وڃي ڀارت جي الهاس نگر جا وڻ وسايا تنهن جو 100 هون جنم ڏينهن 2020 ۾ ملهايو ويو آهي. هو هڪ ئي وقت شاعر، ڪمپوزر ۽ گائڪ هئو. هن جي آڊيو ڪيسيٽ ”راڳ سان ريجھاءِ“ گھڻو مقبول ٿي. 60 واري ڏهاڪي ۾ سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”رانجهن جون رهاڻيون“ شايع ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڪتاب ”راڳ سان ريجهاءِ“ جنهن ۾ ڀڄن، گيت، لوليون، لاڏا،  غزل، قواليون شامل هئا جي خاصيت اها آهي جو ان ۾ موجود هر گيت، غزل، لولي يا قوالي ڪنهن نه ڪنهن راڳ يا راڳڻي تي آڌاريل آهي. جيئن راڳ ڀيروي، راڳ پهاڙي، راڳ تلنگ، راڳ ڪوهياري، راڳ آسا، راڳ پيلو، راڳ سورٺ، راڳ جوڳ، راڳ راڻو وغيره. هر ڪلام مٿان راڳ جو نالو لکيو پيو آهي. رانجھن جي هن ڪتاب ۾ 95 شعري اسم شامل آهن. نموني طور الڳ الڳ سُرن مان هي ڪجھه سٽون ڏسو:

راڳ راڻي ۾ لکيل گيت:

سڪَ ته سوڍا، تنهنجي پئي ستائي

ڇڏيئه ننڊ نيڻن جي ڦٽائي

جيئان ٿي راڻل تنهنجي سهاري

متان مومل کي، ڇڏين وساري

ناتو نينهن جو وڃ تون نڀائي

سڪَ ته سوڍا، تنهنجي پئي ستائي

Friday, 8 August 2025

شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اترادي لھجو ــ ڊاڪٽر احسان دانش

 

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اترادي لھجو



سنڌي ٻولي دنيا جي قديم زبانن مان هڪ آهي. هيءَ ننڍي کنڊ جي اهم ٻولين ۾ ڳڻي وڃي ٿي. تهذيبي لحاظ کان هن ٻوليءَ جون پاڙون سنڌو ماٿر جي عظيم سڀيتا ۾ کتل آهن. هن ٻوليءَ جون جاگرافيائي حدون جاچڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ موجوده سنڌ صوبي کان علاوه پاڪستان جي ٻين صوبن جهڙوڪه بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف علائقن توڙي پاڙيسري ملڪ هندوستان جي سرحدي علائقن تائين ڦهليل آهي. ڪاڪي ڀيرو مل مطابق ”سنڌي ٻولي قديم وڏيءَ سنڌ جي ٻولي آهي، جنهن جون حدون ڪشمير کان وٺي گجرات جي شهر سورت تائين هيون، جنهن ڪري پنجاب جو ڳچ ڀاڱو، راجپوتانا، سڄو ڪڇ علائقو ۽ ڪاٺياواڙ جو اتر وارو ڀاڱو سنڌ ۾ اچي ٿي ويا. هوڏانهن افغانستان ۽ بلوچستان جا ڪي پاسا، لس ٻيلي ۽ مڪران سميت سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا. انهن سڀني هنڌن اسان جي سنڌي ماڻهن راڄ ٿي ڪيو، جنهن ڪري سنڌي ٻولي انهن پاسن ڏي چالو آهي.“ (1)

پروفيسر علي نواز حاجن جتوئي پنهنجي ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ ۾ رابرٽ اي. هل (Robert A. Hill) جي ڪتاب (Introductory Linguistics) جو حوالو ڏيندي لکيو آهيته ”هر زبان جو هڪ ملڪ ٿيندو آهي، جنهن جي گھٽ يا وڌ ايراضي ٿيندي آهي. انهيءَ ايراضيءَ اندر هڪ ئي زبان جا مختلف محاورا جدا جدا ڀاڱن ۾ موجود هوندا آهن، جن مان هر هڪ کي اتان جي ”مقامي ٻولي“ (Dialect) سڏبو آهي. باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته هر شخص جي ٻوليءَ جو طريقو بلڪل پنهنجو ۽ نرالو هوندو آهي، جنهن کي ذاتي زبان (Idiolect) چئي سگھجي ٿو. مگر اها آوازي، صرفي ۽ نحوي نگاهه کان ٻين جي ذاتي زبان کان نرالي نه هوندي آهي..... سچ پچ ته زبان نه رڳو هڪ شخص کان ٻئي تائين بدلجي ٿي، پر هر طبقي کان ٻئي طبقي تائين ڦري ٿي.“ (2)ان ڦير گھير جا ڪافي سبب آهن. لسانيات جي ماهرن ان تبديلي جا سبب ٻڌائيندي ٻوليءَ جون حدون متعين ڪيون آهن. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي.“ جنهن مان پڻ اها ئي مراد آهي ته هڪ حد کان ٻي حد تائين ساڳي ٻوليءَ جي لهجي ۽ محاوري ۾ ڦيرو اچي ٿو. انهن حدن جو تعين ان طرح ڪري سگھجي ٿو تهجنهن حد يا علائقي تائين ٻولي پنهنجي لهجي ۾ بنان ڪنهن ڦير ڦار جي ساڳي آهي، تنهن کي هڪ لهجو يا محاورو مڃڻ کپي ۽ جنهن علائقي کان ٻوليءَ جي لهجي ۾ تبديلي محسوس ٿئي تنهن علائقي کان ٻوليءَ جو ٻيو محاورو سمجھڻ گھرجي. ائين ئي مختلف ٻولين جا الڳ الڳ محاورا هوندا آهن. هر ٻوليءَ جو هڪ معياري لهجو (Standard dialect) هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ وچولي واري لهجي کي معياري لهجو سڏيو ويندو آهي.هنديءَ ۾ معياري ٻولي (Standard dialect) کي ڀاشا ۽ اهڙي ٻولي جا محدود دائري ۾ رهندڙ عام ماڻهو ڳالهائين ٿا کي وڀاشا (Dialect) چيو وڃي ٿو. ”وڀاشا جي حد، جاگرافي مقرر ڪري ٿي، پر ڀاشا جي حد سڀيتا، سنسڪرتي ۽ ڀاونائون مقرر ڪن ٿيون...... وڀاشا ۽ ڀاشا جو پاڻ ۾ گھرو سٻنڌ آهي، ڇاڪاڻ ته وڀاشا کي اڳتي هلي ڀاشا جو پد ملي ٿو.“ (3)

هڪ روشن دماغ انسان ڪامريڊ جمال الدين بخاري ــ ڊاڪٽر احسان دانش

ڊاڪٽر احسان دانش



هڪ روشن دماغ انسان

ڪامريڊ جمال الدين بخاري


ايک روشن دماغ تھا نه رها

شهر ميں اک چراغ تھا نه رها

ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري هڪ اهڙو ئي هڪ روشن دماغ انسان هو، جنهن شهر ۾ ترقي پسند فڪر ۽ روشن خيالي جي جوت جلائي، ان ڪري کيس هڪ اهڙو ڏيئو چوڻ کپي، جنهن شعور جي روشني پکيڙي ۽ انقلابي فڪر جي راهه روشن ڪئي.هن سڄي عمر مزاحمت جو عَلم بلند رکيو ۽ جبر جي اڳيان ڪڏهن به نه جھُڪيو. ڪامريڊ زندگيءَ جا 84 سال عملي جدوجهد ۾ گذاريا. پنهنجي فڪر جي ڦهلاءَ ۽ نظريي جي پرچار لاءِ هن ديس ديس جو سفر ڪيو، ماڳ ماڳ کي پنهنجو مسڪن بڻايو. ڪڏهن سمرقند ته ڪڏهن ڪابل، ڪڏهن مزار شريف ته ڪڏهن ترمذ، ڪڏهن تاشڪند ته ڪڏهن بخارا وڃي نڪتو. ايتري تائين جو ڪامريڊ مغرب جون گھٽيون به لتاڙيون ۽ لنڊن ۽ جرمنيءَ ۾ به قدم ڌريا. هو پاءُ صديءَ تائين ڀارت ۾ پنهنجن هم عصر ڪامريڊن ۽ انقلابين سان گڏ بورزوائي تسلط جي خلاف وڙهندو رهيو.

ڪامريڊ جمال الدين هڪ شعله بيان مقرر ۽ بي ڊپو ڪامريڊ هو، تنهن ڪري ان بيباڪي ۽ جوشِ خطابت سبب ڪيترائي ڀيرا کيس جيل ياترا به ڪرڻي پئي. ڪڏهن سندس تقريرن کي اعتراض جوڳي گفتگو جي ذمري ۾ آڻي قلم124 –A لڳايو ٿي ويو ته ڪڏهن کيس باغي سڏيندي قلم121-B ۾ چالان ٿي ڪيو ويو. هن انڊيا ۽ پاڪستان جي لڳ ڀڳ ويهارو جيلن جي هوا کاڌي پر آخري دم تائين پنهنجي نظريي تان هڪ انچ به نه هٽيو. هو هڪ مضبوط ۽ اڏول انسان هو. پوين ڏينهن ۾ جڏهن هو عمر جي اسي واري ڏهاڪي ۾ سفر ڪري رهيو هو، تڏهن جسماني طور هو ڪمزور ٿي چڪو هو پر اعصابي طور، تڏهن به هو نهايت مضبوط هو. مان بلڪل ننڍي عمر ۾ ڪامريڊ سان مليس ۽ پاڪستان نيشل سينٽر ۾ سندس ٻه تقريرون ٻڌيون، هن کي اڇي لباس تي ڊگھو اوور ڪوٽ پاتل هو ۽ هٿ ۾ اسٽڪ هئس، مٿي تي مائو ڪيپ، ڏاڙهي فرينچ ڪَٽ،هن کي اکين تي ٿلهي فريم وارو چشموته هو پر مون کي هن جي نظر عقابي محسوس ٿي. مون پهرين دفعو ئي تقرير کان اڳ هن کي هڪ ضعيف انسان جي روپ ۾ ڏٺو پر جڏهن هن خطاب ڪيو تهمون کي حيران ڪري ڇڏيو. اهو جھونو جوڳي جيڪو مون کي هڪ ڪمزور انسان پئي لڳو، تَنهن جي تقرير جوش، جذبي، ولولي، انقلابي ۽ مزاحمتي فڪر سان ڀرپور هئي. هن جيڪا سماجي انياءَ جي صورت چِٽي ۽ هاري، مزدور ۽ پورهيت طبقي تي ٿيندڙ ظلمن جو داستان بيان ڪيو ته مان دنگ رهجي ويس. ان کان اڳ مون اهڙي پُر جوش تقرير ڪڏهن ڪونه ٻڌي هئي.اهو پهريون ڀيرو هو، جڏهن مان ڪنهن انقلابي اڳواڻ کي پنهنجي اکين پسيو هو.تقريب ختم ٿيته والد صاحب کي چيم ته ”هن بزرگ جو پورو تعارف ته ڪرايو.“ جنهن ٻڌايو ته ”بابا هي شخصڪميونسٽ تحريڪ جو انتهائي سرگرم اڳواڻ ۽ عظيم انقلابي انسان آهي، ٿورن لفظن ۾ چوان ته هي ماڻهو لاڙڪاڻي جو شان آهي.“ اڳتي هلي جڏهن مون ڪامريڊ جي عملي جدوجهد بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ته دنگ رهجي ويس.

ٻارن جي شاعريءَ جي اهميت ۽ مختيار سمي جي ٻارن لاءِ شاعري ــ ڊاڪٽر احسان دانش

ڊاڪٽر احسان دانش


ٻارن جي شاعريءَ جي اهميت ۽ مختيار سمي جي ٻارن لاءِ شاعري

 


اهو جملو اسان سو ڀيرا ٻڌو هوندو ته “ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو آهي.” پر سوال آهي ته ڪيئن؟ ٻارن لاءِ لکڻ ته سولو هجڻ کپي، جو ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ سادي ٻولي ڪتب آڻڻي پوندي آهي ۽ سادا خيال، عام دلچسپي جون ڳالهيون ۽ نصيحتون اهڙي شاعريءَ جو خاص موضوع هوندا آهن. ٻارن جي شاعريءَ ۾ ٻارن جي تعليم تربيت ۽ وندر کي خاص طور ذهن ۾ رکيو ويندو آهي. اهي سڀ ته ساديون ۽ سوليون ڳالهيون آهن ته پوءِ ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو ڪيئن ٿيو؟ ٻارن کي سمجھائڻ لاءِ نه ڪنهن فلسفي کي بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي نه ڪنهن ڳوڙهي خيال جي مٽي ڳوهڻ جي گھرج، نه ڪنهن فن جا شاهڪار تخليق ڪرڻا آهن نه ئي فڪر ۽ خيال جي بلندين کي ڇهڻو آهي. مان سمجھان ٿو اهو جملو ته “ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو آهي” اهي ئي ليکڪ چوندا آهن جن کي ٻارن لاءِ لکڻو ئي نه هوندو آهي. اهڙن ليکڪن وٽ هڪڙي جسٽيفڪيشن اها هوندي آهي ته “ٻارن لاءِ لکڻ وقت ليکڪ کي ٻار ٿيڻو پوي ٿو، جيڪا ڏکي ڳالهه آهي.” منهنجي خيال ۾ ڪو به ليکڪ جوان جماڻ پيدا نه ٿيندو آهي ۽ هر ليکڪ ٻين ماڻهن وانگر ئي پهريان ٻار، پوءِ جوان ۽ پوءِ پوڙهو ٿيندو آهي ۽ ٻاراڻي وهي جون شرارتون ۽ رانديون، اهو بي فڪري وارو دور، ڪڏهن به ڪو وساري نه ٿو سگھي. وسارڻ ممڪن ئي نه آهي. هونءَ به پوڙهائپ جي آخري حد تائين به ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪ ٻار جيئرو رهي ٿو، ڪي ماڻهو مصنوعي طور ان کي ماري يا سمهاري ڇڏيندا آهن، پر اهو سچ آهي ته هر ماڻهوءَ جي من ۾ ٻار موجود هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن نه ڪڏهن من مان ليئاڪا پائيندو آهي... ان ڪري اهي ليکڪ جيڪي اهو چئي ٻارن لاءِ لکڻ کان لنوائيندا آهن ته “ٻارڻو ادب لکڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهو ڏاڍو ڏکيو آهي.” سي اصل ۾ ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ کان فرار حاصل ڪن ٿا. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي مختيار سمي جي ڪتاب ”گلن جهڙي شاعري، پوپٽ جهڙا ٻار“ جي ٻن اکرن ۾ درست لکيو آهي ته “ٻارن لاءِ لکڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي! پر ٻار بڻجي لکڻ ۾ اڃا به وڌيڪ مزو آهي، ۽ اهو مزو ڪنهن ڪنهن جي حصي ۾ ئي ايندو آهي.”

اها ڳالهه بيشڪ درست آهي ته ٻارن لاءِ لکڻ وقت ليکڪ ڪجهه گھڙين لاءِ پاڻ کي ٻار ڪري ڇڏيندو آهي يا ٻاراڻي وهي ۾ پاڻ کي فريز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان هن جي تخليق ۾ حسن پيدا ٿيندو آهي. ٻاراڻي ٻولي هون ئي سادي ۽ سولي آهي. ٻارن وٽ بناوٽ ۽ ڏيکاءُ نه هوندو آهي، هو هر وقت سکڻ چاهيندا آهن کين سيکارڻ جو هڪ سٺو ذريعو ٻارن لاءِ ڪيل شاعري يا ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون آهن. جيتوڻيڪ اسان جنهن صدي ۾ پير پائي چڪا آهيون، ان کي آرٽيفيشل انٽيليجنس يا مصنوعي ذهانت جي صدي سڏيو وڃي ٿو، جتي سائيبر ورلڊ ۾ روز نوان لقاءَ ڏسڻ لاءِ نظر اچن ٿا ۽ ٻار به تعليم جي جديد ذريعن مان فاعدو وٺڻ چاهي ٿو پر بد قسمتيءَ سان اسان ڊجيٽلائيزيشن واري دور ۾ پنهنجي ٻارن لاءِ ڪجهه خاص نه ڪري سگھيا آهيون. اسان وٽ ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪو مواد موجود ناهي، جنهن وسيلي هو سکي سگھن ۽ سندن ذهني تربيت ٿي سگھي. ان جو به هڪ بنيادي سبب ٻارن لاءِ لکجڻ جي شرح گھٽجڻ آهي. اڳي جڏهن اسان ننڍا هئا سين ته ٻارن لاءِ رسالا ۽ ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب عام جام شايع ٿيندا هئا پر هاڻي صورتحال بنهه مختلف آهي. ائين به ناهي ته هاڻي ٻارن لاءِ لکندڙ رهيا ئي ناهن پر ايترو ضرور آهي ته انهن ۾ گھڻي گھٽتائي آئي آهي. ان سڄي پس منظر ۾ جڏهن اسان محترم مختيار سمي جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري جو مطالعو ڪريون ٿا ته انتهائي سرهائي ٿئي ٿي.