چَشمين ڏِسي چين
(سگهڙ محمد لقمان کوکر جي ڪتابَ ”چشمين ڏٺو چين کي“ جو مهاڳ)
لوڪ
ادبُ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو حقيقي سرمايو آهي. اسان جا سگھڙ ۽ سپورنج پنهنجن سادن
گفتن ۾ جيڪي سياڻپ جا سُخن ٻڌائن ٿا، انهن پٺيان سندن زندگيءَ جو تجربو ۽ گھرو
مشاهدو شامل هوندو آهي. سنڌي ٻولي خوش نصيب آهي جو ان ۾ لوڪ ادب، خاص طور لوڪ
شاعريءَ جو اڻ ميو خزانو موجود آهي. ڪٿي پڙهيو هيو ته جاپان جا ماڻهو ڀلي شاعر نه
به هجن ته به گھمندي ڦرندي پيا هائيڪا جوڙيندا آهن، يعني هائيڪو، جنهن ۾ فطرت جي
منظر نگاري هوندي آهي، سو هنن جي نَس نَس ۾ موجود آهي. ائين ئي جيڪڏهن تحقيق جي
نظر سان ڏٺو وڃي ته سنڌ جون ٻهراڙيون لوڪ ڏاهپ سان ڀريون پيون آهن. اسان جي
بدقسمتي اها آهي ته اسان پنهنجن هيرن کي مٽيءَ ۾ لَٽجندي ته ڏسندا آهيون پر انهن
کي کڻي ڪنهن تاج جي زينت نه بڻائيندا آهيون. اصل ۾ اهو اسان جو قومي الميو آهي.
صدين کان وٺي اسان جي لوڪ ادب سان به ڪجھ اهڙو ئي حال ٿيو آهي. هڪ زمانو هو جڏهن
سنڌ حڪومت طرفان لوڪ ادب جي اسڪيم ٺهي ۽ ڪجھ ڪم ٿيو. جيڪو ڪم ٿيو سو ٿيو وري ڪنهن
مُڙي لوڪ ادب ڏانهن نه نهاريو ۽ وري ان جي ڪا سرپرستي نه ٿي.
لوڪ
ادب نج دهقاني ادب آهي، جنهن مان ڳوٺن جي سونهن کي ئي نه پر ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ
جي حسن کي به محسوس ڪري سگھجي ٿو. سنڌي لوڪ شاعري ان جو وڏو مثال آهي، پر ڳالهه
اِتي ختم نه ٿي ٿئي، جديد دور ۾ سنڌ جي لوڪ شاعرن پنهنجي ڪلام جي موضوعن ۾ کوڙ
ساري تبديلي به آندي آهي ۽ نئين شهري ٻولي پڻ ڪتب آندي آهي. هاڻي اسان جي لوڪ
شاعرن وٽ رڳو ڏُڌَ، مکڻَ، مَلهه مَلاکڙي، ٻَنيُن ٻارن ۽ هَرَ پاڃاريءَ جون ڳالهيون
نه آهن پر انهن جي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلن تي به نظر آهي، هنن وٽ قومي شعور به آهي ته
وقت ۽ تبديل ٿيندڙ حالتن جي آگهي پڻ. اڄوڪي دور جي لوڪ شاعرَ وٽ گھرو سياسي ۽
سماجي شعور موجود آهي، تنهن ڪري موضوعاتي لحاظ کان هن جي شاعر ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ
همعصر دور جي تقاضائن مطابق اڳتي وڌي رهي آهي. ائين ناهي ته ان مان ٻهراڙي جي
ٻهڳڻي ماحول کي ڇِڪي ڪڍي ڦٽو ڪيو ويو آهي، ان ۾ اڄ به سرنهن جي ڦولار، سارين جي
سڳنڌ، انبن جو هڳاءُ، کارڪن جو مٺاڻ موجود آهي، اڄ به ان شاعريءَ ۾ چوڻيون ۽ پهاڪا
چُر پُر ڪن ٿا، پر لوڪ شاعري پنهنجي دور سان هم قدم به آهي. اڄ جو سُگھڙ ڏٺ پرولي،
ڳجھارت ۽ هنر، ٽيهه اکريون ۽ لوڪ گيت ته لکي رهيو آهي پر کوڙ نين صنفن کي پڻ تخليق
ڪندو رهي ٿو.
ڪي
ماڻهو سنڌ جي لوڪ ڏاهپ کي سرحدن ۾ ورهائيندا آهن. لاڙ، اتر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿر جا
سگھڙ سنڌ جي طبعي جاگرافي مطابق جدا جدا علائقن جي نمائندگي ضرور ڪن ٿا پر اهي
سپورنج آهن سنڌ جي سونهن ۽ سڃاڻپ. ان ڪري سنڌ جي لوڪ ورثي کي سنڀالڻ لاءِ اسان کي
لاڙ اتر يا اهڙي ڪنهن به ٻئي سَنڌي کي ريٽڻو پوندو.... ان سڄي پس منظر ۾ سنڌ جي هر
واهڻ ۽ وستيءَ ۾ وسندڙ سگھڙن کي سنڌ جي سونهن سمجھڻ کپي ڇو ته اُهي پنهنجن ٻولن جي
موتين سان سنڌي ٻوليءَ جي گودڙي ڀري رهيو آهي. سنڌي لوڪ شاعريءَ جي خدمتگارن ۾
استاد محمد لقمان کوکر جو نالو نهايت اهميت جو حامل آهي. هن کي گذريل چئن ڏهاڪن کان
هڪ اهم سگھڙ طور سڃاتو وڃي ٿو، سندس ڪلام تي مشمل ڪجھ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن کي
سنڌي لوڪ شاعريءَ ۾ نهايت اهميت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن پنهنجي هنر ۽ ورثي کي
پنهنجن ڪيترن ئي شاگردن تائين منتقل ڪيو آهي، ان ڪري هن وقت کيس هڪ اهم استاد سگھڙ
واري حيثيت حاصل آهي. هن سگھڙائپ جي فن کي اڳتي وڌائڻ ۽ نوان تجربا ڪرڻ ۾ پنهنجو
ڪردار ادا ڪيو آهي. خاص طور هن پنهنجي استاد محمد ملوڪ عباسي سان گڏجي لوڪ شاعريءَ
۾ ڪن نين صنفن جو به اضافو ڪيو آهي، هنن کان اڳ گُر چيلو هندي ۾ لکيو ويندو هو،
جنهن کي هنن سنڌيءَ ۾ به لکيو، ان کان علاوه رسالو ڳجھارت تي به قابلِ قدر ڪم ڪيو.
خود هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي پڻ سگھڙائپ جي هنر ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
منهنجي معلومات مطابق سنڌ جي سگھڙن جي سٿ ۾ استاد لقمان کوکر شايد پهريون سگھڙ آهي
جنهن هي منظوم سفرنامو لکيو آهي. 2016 ۾ چين جي دوري بعد هن هي سفرنامو لکيو ۽
سموري سفر ڪٿا کي شعرن جي لڙهين ۾ پويو. هن سفرنامي ۾ استاد محمد لقمان سفر جي
سنبت ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ جي مرحلي کان وٺي واپسيءَ تائين سڄو احوال تفصيل سان بيان
ڪيو آهي. سفرنامي جي شروعات ئي هن طرح سان ٿئي ٿي.
لِـکـيــو دَؤرو چِــيـــنَ جـو، ڏِنِي آغا نُور محمـد
آگاهِي،
پهريان چيائين ته ”پاس ٺهرايو !، نـه سڄڻ پٽـيو ساهِي،
تُرت ٿِيـو تـيار ته، رِڙهي ٿِيون راهِي،
چائِنا گھُـمــون چـــاهه مــــان، جِت آهِن نِظارا اِلاهِي،
لُڏي آءٌ به ”لُـقمـان“ چـئي ڪيم، لاڙڪـاڻـي
ڏي لاهِي،
پَهچي پاسپورٽ آفيس ۾ ڪيم، نه پئسن جِي پَرواهِي،
ڪـــاغَـــذ ڏِنـــم ڪُــلـئــي
تِــــــن، ٺَـهه پَــهه پـــاس ٺاهِي،
پـنـجـن ڏِيـنـهَـن ۾ پـاس مِـــلِــي، نـه دَيـــــر ٿِــــي دَيراهِي،
کَڻِي پاس ”کوکر“ چئي ڪَئِي، ڪَـراچِــيءَ ڏي ڪاهِي









