Wednesday, 17 June 2015

ڊاڪٽر احسان دانش ــ سچل سرمست جي سُر سسئي جو سماجي اڀياس (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

سچل سرمست جي سُر سسئي جو سماجي اڀياس


سنڌي اساسي شاعري پنهنجي فڪري ۽ موضوعي جهان ۾ ڏاڍي وسيع آهي. قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي جهڙن شاعرن جو ڪلام ڪٿي صنفي يڪ رنگيءَ ته ڪٿي موضوعي هڪ جهڙائي سبب صدين کان سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين تي اثر وڌو آهي. اسان جي انهن ڪلاسيڪي شاعرن جو لب ۽ لهجو ڀلي هڪ ٻئي کان مختلف ئي ڇونه هجي پر سندن سنيهو ساڳيو آهي. هنن پنهنجي شاعريءَ ۾ ميٺ، محبت، امن، انسانيت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي آهي ۽ مذهبي تنگ نظري، انتهاپسندي ۽ بنياد پرستيءَ کان ڪوهين ڏور رهيا آهن سندن اها پرچار ئي اسان کي اصل ۾ سنڌي قوم جو فڪري منشور محسوس ٿئي ٿي. اسان جي عالمن سالن کان انهن ڪلاسيڪي شاعرن جي عظمت جا ڳڻ ڳاتا آهن پر منهنجي خيال ۾ سندن ڪلام جي هڪ رخي مطالعي سبب اڃا سندن اها اهميت اجاگر نه ٿي سگھي آهي، جنهن جا هو مستحق آهن، پر جس آهي انهن عالمن ۽ محققن کي جن انهن شاعرن جي ڪلام جي فقط صوفي فڪر جي پچار کان پري رهندي سندن ڪلام جي سماجي ڪارج تي قلم کنئيون آهي. اهڙن ئي عالمن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو نهايت اهميت وارو آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ”شاهه، سچل سامي“ ۾ ٽنهي شاعرن جي ڪلام بابت همعصر اديبن کان مختلف ۽ ڪارائتي ڏيندي لکيو آهي ته ”شاھ، سچل ۽ سامي، عظمت جي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج جا عظيم ماڻھو آھن. اھي سنڌي سماج جي ھڪ وڏي بحراني دور جي پيداوار آھن. ھو ذھني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليقڪار آھن. ھو پنھنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنھي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آھن. ھو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب آھن. ھو مفڪر به، شاعر به، فنڪار به ھئا. ھو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لڇندڙ ۽ سڄي پنھنجي زندگي ھڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ ھڪ ئي آدرش جا فدائي ھئا.“ (1) تڏهن ئي هنن پنهنجي ڪلام ۾ امن، آجپي، انسان جي ڀلائي، انسان دوستي ۽ نيڪي جو پيغام ڏنو آهي. جويو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته ”ھنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين عملي راھ ڏيکاري ــ قومي تھذيب، قومي مذھب ۽ قومي سياست جي راھ، مشترڪ مفاد ۽ باھمي تعاون جي راھ، محبت، رواداريءَ ۽ اتحاد جي راھ، عمل ۽ قربانيءَ جي راھ. ھنن جي سامھون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب ھو، ۽ ھنن وٽ ان خواب جي تڪميل جو رستو به ھو. ٻيائيءَ ۽ ويڇي کي ھٽائڻ جو، پنھنجن کي پنھنجو ڪرڻ جو، ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو، سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن کي پاڻ ارپڻ ۽ انھن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻھپي جو، ماڻھوءَ جي مريادا ۽ مانَ ۽ ماڻھوءَ جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تھذيب جي عروج ۾ پنھنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو.“ (2) سنڌ جي مذڪوره ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ انساني ڀلائي، مذهبي رواداري، عدم تشدد، سماجي ترقي جهڙا موضوع موجود آهن پر بد قسمتيءَ سان انهن پهلوئن تي تمام ٿورن محققن قلم کنئون آهي. اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن ”پنهنجي شاعريءَ ذريعي بني نوع انسان جي وچ ۾ منافرت، نفاق، منافقي ۽ ڪم ظرفيءَ بدران محبت، اتفاق، سچائيءَ ۽ اعلى ظرفي کي فروغ ڏنو آهي. انسان دوستي ۽ روشن خيالي، سيڪيولر سوچ واري متي سان امن آشتي جي تبليغ ڪئي ۽ مختلف مذهبن ۽ مسلڪن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ امن ۽ رواداري جي قدرن سان رهڻ جو درس ڏنو ۽ صحيح معنى ۾ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جو متو سمجھايو، جيڪو نه صرف سندن پنهنجي پنهنجي دور ۾ سچو هو پر اڄوڪي پُر آشوب ۽ پريشان دور ۾ رهڻ وارن ماڻهن لاءِ به اوترو ئي Relevant ۽ سچو آهي.“ (3)

ڊاڪٽر احسان دانش ــ موهن جو دڙو نالي جي حقيقت، تهذيب، ثقافت ۽ سماج (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


موهن جو دڙو
نالي جي حقيقت، تهذيب، ثقافت ۽ سماج

دنيا ۾ جڏهن به متمدن قومن جي تهذيب ۽ تاريخ تي تحقيقي روشني وڌي وئي آهي تڏهن موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت کي اهميت واري نگاهه سان ڏٺو ويو آهي، ڇو ته موهن جو دڙو نه رڳو سنڌ پر سڄي جهان لاءِ عظيم تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو اهڃاڻ آهي. اسين سنڌ جا ماڻهو ان حد تائين خوش نصيب ضرور آهيون ته اسين دنيا جي ان عظيم تهذيب جا وارث آهيون جيڪا پنج هزار سال اڳ به پنهنجي اوج تي هئي، ان دور جي ماڻهن کي اٿڻ ويهڻ جو ڍنگ هيو ۽ صلح جو ۽ امن پسند هئا، اسين ان تهذيب جي پونئير هجڻ ناتي پنهنجو سِر فخر سان اوچو ته ڪيون ٿا. پر افسوس جو هن وقت تائين موهن جي دڙي تي تحقيقي حوالي سان اوترو ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، جيترو ڪرڻ کپي. اسان جي عام ماڻهوءَ وٽ ته اڃا اها ساڃاهه به ڪونهي ته ”موهن جي دڙي جي اهميت ڪهڙي آهي!“ ڪاش کين ڪو سمجهائي ته اهي اگر ان کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن ته ان کي وڌيڪ برباد ڪرڻ ۾ ته هڪ ٻئي جا ڀاڱي ڀائيوار نه ٿين. اسين اڃا موهن جي دڙي جي نالي وارو سُٽُ به ڪو نه سلجهائي سگهيا آهيون. جيترا وات اوتريون ڳالهيون، ڪن پنهنجي سمجهه ۽ ساڃاهه آهر ته ڪن وري روايتن ۽ مفروضن جي بنيادن تي نالي جي اصليت ۽ حقيقت تي راءِ زني ڪئي آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش ــ سنڌي لوڪ شاعريءَ جو سماجي اڀياس (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

سنڌي لوڪ شاعريءَ جو 
سماجي اڀياس

لوڪ ادب ڪنهن به قوم جو اهڙو انمول ادبي زخيرو آهي، جنهن جي موجودگي ان قوم جي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۽ عظمت جو دليل آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي لوڪ ادب جو جنم ڌرتيءَ مان ٿئي ٿو، ۽ ان وسيلي عوام جي امنگ ۽ احساس کي نروار ڪيو وڃي ٿو. ’لوڪ‘ آهي ته سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ، پر پاڻ سولي سنڌي ۾ ان جو ترجمو ڪندا آهيون، ’ماڻهو‘ يا ’عوام‘. تنهن ڪري لوڪ ادب جي مفهوم کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ ۾ ڪو مونجھارو نه هجڻ کپي. هي اهو ادب آهي، جنهن جو سڌو واسطو عوام سان آهي، عوام به خاص دهقاني ۽ ڳوٺاڻو. ان ڳالهه ۾ به ڪنهن شڪ جي گنجائش نه آهي ته ڳوٺَ ڪنهن به قوم ۽ سماج جا تهذيبي ۽ ثقافتي گھوارا هوندا آهن ۽ اُتان ئي نج ٻولي اسرندي آهي. تنهن ڪري لوڪ ادب ان ٺيٺ ٻولي ۽ سماجي روايتن جو عڪاس هوندو آهي. لوڪ ادب جي سڃاڻپ عوامي لب ۽ لهجو آهي. ”هر قوم جو لوڪ ادب انهيءَ قوم جو آئينه دار آهي، ڇاڪاڻ جو، لوڪ ادب جو سماجي زندگيءَ سان گھرو تعلق آهي. لوڪ ادب سڀ ڪنهن ملڪ جو اصل ۽ نج شاعريءَ جو عام دفتر آهي، جنهن ۾ صاف ۽ پاڪ ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ عوام جي اخلاق، عادتن، ريتن رسمن، تاريخ، فلسفي، سمجھ ۽ عقل جو سرمايو محفوظ آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ان قوم جي رهڻي ڪهڻي ۽ هلت چلت ڪهڙي آهي.“ (1)
لوڪ، سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو لفظ آهي، لڳ ڀڳ ساڳي معنى ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ فوڪ (Folk) ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ ووڪ (Volk) لفظ استعمال ٿيندا آهن. ٽنهي لفظن جو هڪڙو ئي مفهوم آهي، يعني ’ماڻهو‘ يا ’عوام‘. ان حوالي سان ٽنهي لفظن ۾ معنوي يڪ رنگي آهي. اهو ممڪن آهي ته فوڪ ۽ ووڪ جا لفظ ٻوليائي اثرات سبب هڪ ٻئي کان متاثر هجن، جو سندن تلفظي بناوٽ به ذري گھٽ هڪ جهڙي آهي، پر اسان وٽ استعمال ٿيندڙ لفظ لوڪ، تلفظي بناوٽ ۾ هڪ جهڙائي رکڻ باوجود فوڪ ۽ ووڪ جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪهنو آهي. انگريزي ادب ۾ صدين کان فوڪ لور مروج رهيو آهي. ”لور (Lore) جي معنى آهي اهو علم يا معلومات جيڪا انسان جي ماضي جي ورثي طور زنده رهندي آئي هجي، ۽ هلندي هلندي اسان تائين پهتي هجي.“ (2) ”فوڪ لور جو لفظ سال 1846ع ۾ ڊبليو. جي ٿامس (W.J Thomas) پنهنجي جريدي اٿينائيم (Aethenaeum) ۾ ڪم آندو هو.“ (3) پر اهو واضح هجي ته اسان جو لوڪ ادب ان کان آڳاٽو علمي زخيرو آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش ــ (شاعري ــ قدامت، افاديت ۽ سماجي ڪارج) (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

شاعري
قدامت، افاديت ۽ سماجي ڪارج

شاعري انسان جي فطري اظهار جو سڀ کان قديم ذريعو آهي. دنيا جي قديم تاريخ جا ورق ورائڻ سان اها ئي شاهدي ملي ٿي ته نه رڳو غير مهذب دور ۾ شاعري کي جادو ۽ ٽوڻن ڦيڻن طور استعمال ڪيو ويندو هو پر هر مهذب ۽ متمدن قوم پنهنجي پنهنجي مذهبي رسومات کان وٺي سماجي ڪار وهنوار تائين ابتدائي طور پنهنجي اظهار جو وسيلو شاعري کي ئي بڻايو. آڳاٽي زماني ۾ شاعريءَ جي ذريعي ئي ديوين ۽ ديوتائن کي ڀيٽا ڏني ويندي هئي. ان کان علاوه شاعري جي وسيلي مذهبي رهنمائن، اڳواڻن، بادشاهن توڙي طاقتور ماڻهن جي مدح سرائي پڻ ڪئي ويندي هئي. ان وقت شاعري جو سماجي ڪارج اهو ئي هيو. هتي هڪ ٻي ڳالھه به دلچسپ آهي ته هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ جن ڪتابن کي مذهبي طور مقدس ڪتاب سمجھيو وڃي ٿو، اهي پڻ اڪثر شاعراڻي اسلوب جو پورائو ڪن ٿا. تنهن ڪري شاعري انساني تاريخ سان جڙيل هڪ اهڙو باب آهي جنهن کي تاريخِ آدم کان ڪڏهن به ٻاهر نه ٿو ڪري سگھجي.
ان کان اڳ جو شاعريءَ جي قدامت، اهميت ۽ سماجي ڪارج تي ڪجهه وڌيڪ ڳالهائجي، بهتر ٿيندو، ته شعر ۽ شاعريءَ بابت ڪي بنيادي ڳالهيون ۽ وصفون پيش ڪجن. ”شعر لفظ جي معنى عربي ۾ آهي ”ڄاڻ“. انگريزي ترجمو ان جو ڪجي ته ٿيندو Perceive. شاعر جي لاءِ انگريزي لفظ Poet. Poet يوناني لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي “Maker” جڏهن ان لفظ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو ”صنعت گر“. يا وري ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو “Craftsman”. شعر جو لفظ عربي لفظ ’شعور‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى دانائي پروڙ يا دريافت ڪرڻ آهي..... يوناني زبان ۾ شاعر کي Poet يعني صانع يا خالق چوندا هئا ۽ روما وارا شاعر ۽ نبي يعني غيب جي خبر ڏيڻ واري جي لاءِ هڪ ئي لفظ (Vates) استعمال ڪندا هئا. عربي، فارسي (سنڌي) ۽ اردو ۾ شاعريءَ جو لفظ استعمال ٿيندو آهي جنهن جي اصل معنى باخبر ۽ خبر ڏيندڙ طور آهي. سنسڪرت جي لفظ ڪوي جي به اصلي معنى دانشور ۽ عارف جي آهي.

Saturday, 6 June 2015

امر جليل جي ڪهاڻين جو فني اڀياس ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

       
     ڊاڪٽر احسان دانش

امر جليل جي ڪهاڻين جو فني اڀياس
ادب جي سمورين صنفن مان ڪهاڻي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن جي لذت نرالي آهي. شايد ان جو وڏو سبب اهو به آهي جو ان ۾ اسان کي پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن انيڪ ماڻهن جي تصوير نظر اچي ٿي، اهي ماڻهو جيڪي اسان جي ئي سماج ۾ اسان جي آس پاس رهن ٿا، جن جا چهرا ڄاتل سڃاتل لڳن ٿا ۽ جن جا ڪم، ڪرتوت ۽ عمل روز ڏسجن ٿا.... ڪهاڻين ۾ ته اهي ماڻهو به وائکا ٿين ٿا جيڪي روز پنهنجن چهرن تي هڪ نئون ماسڪ چاڙهي گھمن ٿا. ڪهاڻين ۾ اهو سڀ ڪجھ هوندو آهي جيڪو اسين پنهنجي اردگرد ڏسندا آهيون يا ڏسڻ چاهيندا آهيون، ڇوته ڪهاڻيون زندگيءَ جو عڪس ۽ اولڙو آهن انهن ۾ انساني احساسن ۽ امنگن جون اهڙيون تصويرون آهن جن کي اسين پنهنجي روح جي قريب محسوس ڪندا آهيون. ڪهاڻين ۾ اسين دک ۽ ڪرب جو ذائقو به چکندا آهيون ته جيون جي حسناڪين ۽ رنگينين کي به پسندا آهيون تنهن ڪري غلام محمد گرامي جا اهي لفظ سچ آهن ته ”انسان ۽ ان جي سماجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي ترجماني جيتري افساني / ڪهاڻيءَ ۾ ٿي سگھي آهي اوتري نه شعر و شاعريءَ ۾ ٿي سگھي آهي ۽ نه تاريخ ۾. افسانو انسان جي ڪنهن نه ڪنهن جذباتي عمل ۽ رد عمل جي اهڙي ته سادي، موثر، دلڪش ۽ هوبهو تصوير پيش ڪري ٿو جنهن کان پڙهندڙ جو ذهن هر حال ۾ متاثر ٿئي ٿو. ائين ٿيڻ سان ان تاثر جو سلسلو وسيع ٿيندي ٿيندي انساني حيات جا ٻيا به ڪيئي شعبا پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو. خاص طرح سان طبقاتي ڪشمڪش جا سڀ پهلو پنهنجي مڙني خباثتن سان ظاهر ٿين ٿا. ايتري قدر جو پڙهندڙ پاڻ کي اهڙي معاشري جو هڪ زنده جُز سمجھڻ شروع ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته اُهي سڀ حالات ۽ واقعات ڄڻ ته سندس اکين اڳيان يا سندس پاڙي ۾ يا سندس ڳوٺ ۾ يا خود مٿس گذري رهيا آهن. افساني جي مختلف ڪردارن جي عمل ۽ خيال، ارادي ۽ نيت، ظلم ۽ تشدد جي اهڙي عڪاسي ڏسي پڙهندڙ ۾ هڪ طرف نفرت ۽ حقارت ٿا پيدا ٿين ته ٻئي طرف اصلاح ۽ تبديليءَ جو منجھس پُر جوش طوفان ٿو پيدا ٿئي ۽ ٽئين طرف همدردي ۽ پيار، خيرخواهي ۽ انسان دوستيءَ جو اڻمٽ جذبو ٿو پيدا ٿئي. اثر پزيري ۽ اثر انگيزيءَ جي ان عالم ۾ پڙهندڙ سچ ۽ ڪوڙ، هيڻي ۽ ڏاڍي، ظالم ۽ مظلوم جي پس منظرن کان واقف ٿئي ٿو.“ (1) اهڙي طرح ڪهاڻي پڙهندڙ سان هڪ اٽوٽ رشتو جوڙي ٿي. دنيا جي افسانوي ادب ۾ اهڙيون ڪيئي عظيم ڪهاڻيون ملنديون جن پنهنجي پنهنجي سماج تي گھرا اثر ڇڏيا ۽ اهي پنهنجي دور تي ڇانئيل رهيون. اهڙا عظيم تخليقڪار جن جي قلم اهڙيون عظيم تخليقون سرجيون اهي مري وڃڻ باوجود ادب جي دنيا ۾ امر آهن ۽ اهڙن امر ڪردارن جي ڪٿا ڪڏهن به پراڻي ٿيڻ جي نه آهي.