Wednesday, 17 June 2015

ڊاڪٽر احسان دانش ــ موهن جو دڙو نالي جي حقيقت، تهذيب، ثقافت ۽ سماج (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


موهن جو دڙو
نالي جي حقيقت، تهذيب، ثقافت ۽ سماج

دنيا ۾ جڏهن به متمدن قومن جي تهذيب ۽ تاريخ تي تحقيقي روشني وڌي وئي آهي تڏهن موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت کي اهميت واري نگاهه سان ڏٺو ويو آهي، ڇو ته موهن جو دڙو نه رڳو سنڌ پر سڄي جهان لاءِ عظيم تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو اهڃاڻ آهي. اسين سنڌ جا ماڻهو ان حد تائين خوش نصيب ضرور آهيون ته اسين دنيا جي ان عظيم تهذيب جا وارث آهيون جيڪا پنج هزار سال اڳ به پنهنجي اوج تي هئي، ان دور جي ماڻهن کي اٿڻ ويهڻ جو ڍنگ هيو ۽ صلح جو ۽ امن پسند هئا، اسين ان تهذيب جي پونئير هجڻ ناتي پنهنجو سِر فخر سان اوچو ته ڪيون ٿا. پر افسوس جو هن وقت تائين موهن جي دڙي تي تحقيقي حوالي سان اوترو ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، جيترو ڪرڻ کپي. اسان جي عام ماڻهوءَ وٽ ته اڃا اها ساڃاهه به ڪونهي ته ”موهن جي دڙي جي اهميت ڪهڙي آهي!“ ڪاش کين ڪو سمجهائي ته اهي اگر ان کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن ته ان کي وڌيڪ برباد ڪرڻ ۾ ته هڪ ٻئي جا ڀاڱي ڀائيوار نه ٿين. اسين اڃا موهن جي دڙي جي نالي وارو سُٽُ به ڪو نه سلجهائي سگهيا آهيون. جيترا وات اوتريون ڳالهيون، ڪن پنهنجي سمجهه ۽ ساڃاهه آهر ته ڪن وري روايتن ۽ مفروضن جي بنيادن تي نالي جي اصليت ۽ حقيقت تي راءِ زني ڪئي آهي.

دڙي جو اصل نالو
موهن جي دڙي جي نالي جي حوالي سان مختلف عالمن جي مختلف راءِ رهي آهي ۽ الڳ الڳ دليلن وسيلي هنن پنهنجي پنهنجي ڳالهه کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نتيجي ۾ هن دڙي جا ڪيئي نالا پڙهڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾ موهن جو دڙو، موئن جو دڙو، مئن جو دڙو، معن جودڙو، موعين جو دڙو، مُهن جو دڙو، مُهين جو دڙو، مهي جو دڙو وغيره شامل آهن.
ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جي تحقيق مطابق هن دڙي کي عام طرح ”مُهن جو دڙ،“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجي کاتي وارن انهي نالي جي معني ڄاڻائي آهي ”Mound of the Dead“ هن دڙي مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ آهي ”مئن جو دڙو“ ۽ رڳو چُڪ کان “مئن“ بدران ”موهن“ لکيو اٿن. سرزمين تي وڃي ڪو پڇا ڪندو ته پڪ ٿيندس ته صحيح اچار آهي ”مُهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مهين جو دڙو“ به چون ٿا. ٻنهي جي معني آهي ”مات ٿيلن جو دڙو“. (1)
موهن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي جي رهاڪو نامياري ليکڪ انور پيرزادو هن دڙي کي ”مُهين جو دڙو“ سڏيو آهي ۽ ان لاءِ پنهنجا دليل پڻ ڏنا آهن. هن لکيو آهي ته ۱۹۲۲ع ۾ انگريزن جڏهن هن دڙي جي اوسي پاسي ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي، حسن واهڻ، بگي ۽ ٻنڊيءَ مان معلوم ڪيو هوندو ته اتي جي ماڻهن کين ٻڌايو هوندو ته اهو ”مُهين جو دڙو“ آهي. اسان چوندا آهيون ”مهون“ هتان ٻه ڪلوميٽر آهي، وڃون ٿا ”مهين“، تي، وغيره وغيره .....اهو ٻڌي انگريزن ان نالي کي انگريزيءَ ۾(Mohen jo |Daro) لکيو هوندو. ان مان موهن لفظ جي معني وٺڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته موهن Mohanانگريزيءَ ۾ ٻئي طريقي سان لکيو ويندو آهي. (2)
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکيو آهي ته موهن جو دڙو اصل ۾ ”معن جو دڙو“ آهي، يعني معن قوم جو ڊٺل شهر. معن قوم عرب الباعره ۾ شامل آهي، جن عربستان مان نڪري دنيا جي مختلف ملڪن تي حڪومت ڪئي آهي. ڪتبن مان ظاهر آهي ته معن تبع ۾ سباجي قومن جو هن کان سواءِ سنڌ، ايران، عراق ۽ حبش (ائبيسينا) تي راڄ هو.(3)
محمد ادريس صديقي لکي ٿو ته ”موهن جي دڙي جو مقامي نالو ”مئن جو دڙو“ آهي. کوٽائي ڪرڻ وارا ماڻهو مڪاني زبان نه ڄاڻيندا هئا. ”تن کي ’موهن‘ لفظ وڌيڪ سهڻو لڳو، تنهنڪري انهن موئن جي بجا ’موهن‘ جو لفظ استعمال ڪيو. هينئر اهو نالو ايترو ته عام ٿي ويو آهي، جو اصل نالي جي اهميت ئي نه رهي آهي. سنڌ ۾ باوجود هن جي ته اڳين حڪومت جي سرڪاري گزيٽ ۾ اصل نالي کي قانوني حيثيت ڏني وئي هئي، پر جيڪو غلط استعمال عوام ۾ عام ٿي ويو، ”سو اڄ مشهور آهي ۽ بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.“(4)
ڀائي دوارڪا پرساد روچيرام شرما دڙي جي نالي بابت هن طرح لکيو آهي ”سنڌ جي هن قابل فخر کنڊر تي مهن جو دڙو نالو ڪيئن پيو؟ سنسڪرت جي انهي مش اکر کي پراڪرت ڀاشا ۾ مهه چيو ٿو وڃي. انهيءَ آڌار تي مهن جو دڙو معنيٰ قتل ٿيل ماڻهن جو دڙو يا ڍير. هن معنيٰ کي قبول ڪرڻ کان پوءِ اسان کي اهو ئي انومان ڪڍڻو پوندو ته هن کنڊر تي موهن جو دڙو نالو انهيءَ جي ڪري پيو، جو ماڻهن جي دلين ۾ اهو وشواس ويٺل هو ته انهي کنڊر تي قتل ٿيل (مهن) موجود آهن. باقي هي جو اڄڪلهه عام ريت هن جهوني کنڊر کي موهن جي دڙي جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي سو سراسر غلط آهي.(5)
هن دڙي جي اصلي نالي جي کوج جي حوالي سان سراج ان بحث کي هنن لفظن ۾ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ”اسان جي ڪن عالمن محض تنگ دليءَ جي ڪري موهن جي دڙي جو نالو مٽائي موئن جو دڙو لکڻ ۽ چوڻ شروع ڪيو آهي. سندن استدلال اهو آهي ته تاريخي طرح موهن نالي ڪو به راجا سنڌ جي تاريخ ۾ نه گذريو آهي ۽ ٻيو ان دڙي کي اهو نالو هندن جو ڏنل آهي، ان ڪري اهو نالو مٽائي ’موئن جو دڙو‘ رکڻ گهرجي. جنهن مان اها معنيٰ نڪرندي ته اهو مئل ماڻهن جو دڙو آهي. اهڙي قسم جي هلڪڙي مذهبي تنگدليءَ جي بنياد تي سنڌ جي تاريخ سان اهڙا ويل وهائڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. هندن ان تاريخ کي هندو بنائڻ شروع ڪيو ۽ مسلمانن ان کي اسلام قبولايو. موهن جي دڙي ۾ هروڀرو هندو نالو ”موهن“ ڳولڻ جي تڪليف ورتي وئي آهي. ان لفظ ”موهن“ جو هندو نالي ”موهن“ سان ڪو پري جو به واسطو ڪونهي. هي نالو اصل ۾ هڪ قبيلي جو نالو آهي ۽ ان دڙي جو اصل نالو هو. ”مهن جو دڙو“ جو وقت گذرڻ سان اچار ۾ وڌي واڌ کائي مهن مان ”موهن“ بنيو آهي. مهن هڪ قبيلي جو نالو هو جو مڇيءَ تي گذران ڪندو هو ۽ ٻيڙين ذريعي وڏي توڙي ننڍي پيماني تي مڇي ماري پنهنجو گذر ڪندو هو.“(6)
مٿين راين جي روشنيءَ ۾ هتي آءٌ پنهنجي راءِ رکڻ به مناسب ٿو سمجهان، ڇو ته منهنجو تعلق موهن جي دڙي جي قريبي ۽ موجوده وڏي شهر لاڙڪاڻي سان آهي، تنهنڪري نه رڳو موهن جي دڙي متعلق مقامي ماڻهن جون ڏندَ ڪٿائون ۽ مفروضا ٻڌا آهن پر ڪيترائي دفعا دڙي تي وڃڻ ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهڻ جو موقعو به مليو آهي. مٿي جن محققن ۽ عالمن جا رايا پيش ڪيا ويا آهن تن مان ڪيترائي رايا بي وزن آهن ۽ انهن محققن جا دليل قابل قبول نه آهن. محترم محمد ادريس صديقي مطابق ”کوٽائي ڪرڻ وارا ماڻهو مڪاني زبان نه ڄاڻيندا هئا، تن کي ’موهن‘ لفظن وڌيڪ سهڻو لڳو، تنهنڪري انهن موئن جي بجاءِ ’موهن‘ جو لفظ استعمال ڪيو.“ منهنجي خيال ۾ اهو ڪو پختو دليل نه آهي، هونءَ به ’موهن‘ ۽ ’موئن‘ ۾ تلفظ جي لحاظ کان ڪو گهڻو فرق نه آهي، جيڪڏهن انگريز لفظ ’موهن‘ اچاري سگهن پيا ته سندن لاءِ لفظ ’موئن‘ اچارڻ ڪو ڏکيو نه هو.
محترم سراج الحق ميمڻ جي راءِ ۾ ”مسلمانن ’موهن جو دڙو‘ نالو ان ڪري نه قبوليو آهي جو اهو ڪنهن هندوءَ جو نالو ٿي سگهي ٿو.“ ايترو ضرور آهي ته ڪن عقيدتمندن يا انتها پسند هندن موهن لفظ کي شري ڪرشن مهراج جي هڪ نالي ’موهن‘ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر مٿي بيان ڪيل راين ۾ خود ٻين هندو ليکڪن ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي ۽ دوارڪا پرساد شرما ”موهن جو دڙو“ واري نالي کي رد ڪيو آهي. دوارڪا پرساد ته اڳتي هلي ان ڳالهه جي شديد لفظن ۾ ترديد ڪئي آهي ته لفظ ’موهن‘ جوشري ڪرشن مهراج جي نالي ’موهن‘ سان ڪو به تعلق نه آهي. تنهن ڪري ان نالي پٺيان مذهبي تنگ دليءَ واري ڳالهه مناسب نه آهي. ها البته سراج صاحب جو اهو امڪان قابل توجهه ۽ قابل تحقيق آهي ته پراڻي زماني ۾ ان شهر تي اهو نالو پيو.
آءٌ ذاتي طور انور پيرزادي جي راءِ سان سهمت آهيان، هن جيڪي دليل ڏنا آهن انهن ۾ وزن آهي، موهن جي دڙي جي آس پاس وارن ڳوٺن مان اڄ به اگر ڪوئي هن دڙي جو نالو پڇندو ته مقامي ماڻهو کيس اهو ئي چوندا ته اهو ’مهين جو دڙو‘ آهي، ۽ علائقي ۾ اهو نالو صدين کان وٺي رائج آهي، مان سمجهان ٿو تحقيق جي حوالي سان زميني حقيقتن کي ڪافي اهميت هوندي آهي تنهن ڪري هن دڙي جو اصل نالو ’مهين جو دڙو‘ سمجهڻ کپي، هتي ٻي ڳالهه پڻ توجهه لائق آهي جنهن جو اشارو محترم سراج الحق ميمڻ پڻ ڏنو آهي سا اها ته ٿي سگهي ٿو ته هن دڙي تي ڪنهن پراڻي قوم جي نالي پٺيان نالو پيو هجي. تاريخ جا ورق ورائي ڏسبو ته سنڌ ۾ قديم دور کان ٻن قومن جو تاريخن ۾ ذڪر اچي ٿو،۱. جاٽ ۽ ۲ مهي يا ميد. اهو امڪان به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته مهي قوم جنهن جي گذران جو اهم وسيلو مڇي مارڻ هو، سا اڳتي هلي مهي مان نون جي اضافي سان مهين‘ بڻجي وئي هجي، اهڙي طرح اڳتي هلي ان قوم ۽ شهر جي برباديءَ کان پوءِ اهو هنڌ مقامي ماڻهن وٽ ’مهين جو دڙو‘ جي نالي سان مشهور ٿي ويو هجي..... پر ڇو ته هن دڙي کي هن وقت عالمي سطح تي ”موهن جو دڙو“ جي نالي سان شهرت ملي چڪي آهي تنهنڪري غلط العام يا غلط العوام ئي صحيح قبول ڪرڻو پوي ٿو، جيئن سيوستان کي سيهوڻ الور کي اروڙ طور قبول ڪيو ويو آهي.
عظيم تهذيب، ثقافت ۽ سماج
اها حقيقت چٽي ڏينهن وانگر روشن آهي ته دنيا جون سموريون وڏيون تهذيبون درياهن جي ڪنارن تان ئي اسريون ۽ اڀريون آهن، ڇوته پاڻي جيئاپي جو اهڃاڻ آهي. درياءِ نيل کان وٺي درياءِ سنڌ تائين سمورين عظيم تهذيبن جا گھوارا درياهن جا ڪنارا رهيا آهن. جڏهن اسين سنڌ جي تهذيبي ۽ سماجي تاريخ جي جاچنا ڪندا سين ته اسان کي ان جون پاڙون به سنڌو درياهه جي ڪپ تي موهن جو دڙو جي قديم آثارن ۾ کتل نظر اينديون. تنهن ڪري ان ڳالهه کان ڪو انڪار نه ڪري سگھندو ته قديم زماني کان وٺي سنڌو ندي کي سنڌ جي معيشت ۽ معاشري ۾ شهه رڳ واري حيثيت حاصل رهي آهي.شروع کان وٺي مصر جي وادي ۽ سنڌو ماٿر جي حالتن ۾ تاريخدانن، سماجي علمن جي ماهرن ۽ جاگرافيدانن هڪجڙائي ڏٺي آهي ۽ جهڙي ريت مصر جي وادي کي عام طور تحفهءِ نيل ڄاتو ويندو آهي، ساڳي نموني سنڌو ماٿر کي ”مهراڻ جي موج“ چيو ويندو آهي، ڇو ته اهي ٻئي تهذيبون ۽ سماج تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجي بقا ۽ ترقيءَ جي لاءِ درياءِ نيل ۽ سنڌو درياهه تي ئي انحصار ڪندا رهيا آهن.“ (7)
موهن جو دڙو دنيا جي عظيم تهذيب جو گهوارو آهي. هن ڦٽل شهر جون ديوارون ۽ گهٽيون اڄ به سندس عظمت جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿيون. هن خاموش ڦٽل شهر جو نظارو عجيب طلسماتي ڏيک ڏئي ٿو. موهن جي دڙي جي کنڊرن اڳيان بيهي ٿوري دير لاءِ اکيون بند ڪري سوچجي ٿو ته هن عظيم شهر جي آبادي ۽ خوشحالي جو منظر اکين اڳيان ڦري اچي ٿو. جتي پورهيتن جي مٿن تي سائي گاهه جون ڀريون نّظر اچن ٿيون، ڏاند گاڏين جا چيڪاٽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، هڪ پاسي نازڪ نفيس ۽ حسين نرتڪين جو ناچ ۽ ٻي پاسي کوهه تان پاڻي ڀريندي جيڏين سرتين جا ٽهڪ ..... سندن چيلهه ۽ مٿي تي رکيل گهاگهرون ڪيڏيون نه سونهن ٿيون، هڪ طرف نيروليءَ جي دڪان تي رنگن جي ڌنڪ ۽ رونق آهي ته ٻئي پاسي اناج جي گودامن ۽ بازارن ۾ ماڻهن جي پيهه.... پر اکيون کلڻ تي هڪ لک آباديءَ واري ان شهر ۾ هر طرف موت جهڙي خاموشي آهي....... موهن جي دڙي جو اسٽوپا، گهٽيون، دڪان، کوهه، وڏو تلاءُ، گهر، آڳر ۽ رستا اداسيءَ جو ويس اوڍيل نظر اچن ٿا. انهن ويران ۽ اداس کنڊرن کي ڏسي، سنڌو ماٿر جي انهن اوائلي انسانن کي دنيا ۾ تهذيب جي باني چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿي ٿئي. موهن جي دڙي جي واسين جي مهذب زندگيءَ کي ڏسندي هن دور جي ماڻهوءَ جي شعور جا پردا کلن ٿا ۽ تاريخي حوالي سان انسان جي تهذيبي، معاشي، معاشرتي ۽ ذهني ارتقا جو به پتو پوي ٿو.
موهن جي دڙي وارو سماج ثقافتي لحاظ کان انتهائي سرگرم ۽ هڪ اعتدال وارو سماج هيو. ”هن دڙي جي ثقافتي شين جي انڪشاف کان اڳ تاريخدان ائين وسهندا هئا، ته تاريخ جي ابتدا يونان کان ٿي، يورپ جا ڪي ليکڪ وري انهيءَ خوشفهميءَ ۾ مبتلا هئا ته برصغير جا ماڻهو تيسين جهالت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي چادر تاڻيون سمهيا پيا هئا، جيسين يورپي قومن جي ڏاڏي پوٽن آرين غفلت جي ننڊ مان کين سجاڳ نه ڪيو.“ (8) اڄ اها ڳالهه سراسر من گھڙت ۽ گمانن تي مشتمل محسوس ٿئي ٿي.
ول ڊيورانٽ(will durant)  موهن جي دڙي جي ثقافت متعلق پنهنجو رايو ڏيندي لکيو آهي، ته اها ثقافت ڪنهن به ٻاهرين قوم جي ايجاد نه آهي، پر سنڌين جي ذهن جي پيداوار آهي، خاص ڪري مهرون، جيڪي بابل مان به هٿ آيون آهن. اهي سنڌين جون ٺهيل آهن. (9)
مادي لحاظ کان ڏسجي ته: موهن جي دڙي مان هٿ آيل ساز و سامان، جهڙوڪ: اڻڻ، ڪپهه ۽ ان مان تيار ٿيندڙ ڪپڙو، ڪڻڪ ۽ ان جي آباد ڪرڻ جو طريقو، ڪنڀر جو چڪ ۽ ان تي ٺهندڙ ٺڪر جا ٿانءَ ۽ انهن جي چٽ سالي، ڏکڻ- مُنهان گهر ۽ تن ۾ استعمال ٿيندڙ پڪيون سرون، ڳهه ڳٺا ۽ انهن جو جڙاءُ، ڪاٺ جا ٻيڙا ۽ بيل گاڏيون ۽ زندگيءَ جي سفر جو مڙوئي سازو سامان اڄ به سنڌ ۾ پنهنجي وجود جون شاهديون پيش ڪري رهيو آهي ۽ ڌارين ثقافتن انهن زندگي جي مادي شين ۾ ڪا به تبديلي ڪا نه ڪئي.
غير مادي ثقافت، جنهن جي دائري ڪار ۾ روحاني، ذهني ۽ نفسياتي لاڙا- جمالياتي ۽ جذباتي ڪيفيتون اوليت جون حامل آهن. جيڪڏهن انهن جو جائزو وٺنداسون ته اهي به مختلف ثقافتن ۽ مذهبن جي ميل جول جي باوجود، هنگامه آرائيءَ جو شڪار ڪونه ٿيون. البته اهو ضرور ٿيو ته جن ڳالهين کي بهتر ذهني هم آهنگيءَ جي قابل ڄاتو ويو، يا جن روحاني ۽ اخلاقي قدرن ۾ قدرتي طور جاذبيت ۽ موزونيت هئي. انهن جا نشان يقيناً سنڌ جي ثقافت ۾ نمايان نظر ايندا. ليڪن بنيادي طور قديم ورثي به پنهنجي وجود کي فنا ٿيڻ نه ڏنو، جو اڄ به سنڌين جي فطرت ۾ موجود آهي.“ (10)
ان وقت (موهن جي دڙي جو) سماج ٻن وسيع طبقن ۾ ورهايل هو. مٿين طبقي ۾ حاڪم، امير امراء، سيٺيون ۽ سندن ’ڪوي _ پروهت‘ اچي ٿي ويا. هنن انهن منجھان ئي جنگجو پيدا ڪيا. جي هميشه پاڻ ۾ وڙهندا هئا، يا وري اوڀر پاسي اٿل کائي، وڙهندا وڙهندا وڃي گنگا ماٿريءَ کان نڪرندا هئا. سرواڻ يعني راجا چونڊبو هو ۽ ڪانئوسل جي ضابطي هيٺ رهندو هو. هن جي دولت سندس ماڻهو، گھوڙا رٿ، ڍور، ڍڳا، ويس وڳا، سون، هٿيار ۽ ٺٺ ٺانگر هئا. ڪڏهن ڪڏهن هو ٻين راجائن سان گڏجي ڪا جنگ جوٽيندو هو. هيٺين طبقي يعني وئشن ۾ ڪڙمي هئا، جي پنهنجن چوپائي مال جي ڌڻن ۽ ٻنين لاءِ پيا پاڻ پتوڙيندا هئا. ان کانسواءِ ڪوري، موچي، واڍا، ڌاتو _ ڪاريگر ۽ مڃار هئا.
ماڻهو ساز جي سنگت تي نچندا، شرطون پڄائيندا ۽ جوئا ڪندا هئا. هو پرڻي ۽ مرڻي جا سرگس ڪڍندا هئا. پروهت وڏي ساٺ سنوڻ سان پوتر ’سوم رس‘ پيئندا هئا ته غريب غربو وري ’سورا‘ تي خوش هوندو هو، جيڪو بيئر جهڙو ٿئي ٿو.(11)
ان وقت (موهن جي دڙي جو) سماج ٻن وسيع طبقن ۾ ورهايل هو. مٿاهين طبقي ۾ حاڪم، امير امراء، سيٺيون ۽ سندن ’ڪوي _ پروهت‘ اچي ٿي ويا. هنن انهن منجھان ئي جنگجو پيدا ڪيا. جي هميشه پاڻ ۾ وڙهندا هئا، يا وري اوڀر پاسي اٿل کائي، وڙهندا وڙهندا وڃي گنگا ماٿريءَ کان نڪرندا هئا. سرواڻ يعني راجا چونڊبو هو ۽ ڪانئوسل جي ضابطي هيٺ رهندو هو. هن جي دولت سندس ماڻهو، گھوڙا رٿ، ڍور، ڍڳا، ويس وڳا، سون، هٿيار ۽ ٺٺ ٺانگر هئا. ڪڏهن ڪڏهن هو ٻين راجائن سان گڏجي ڪا جنگ جوٽيندو هو. هيٺين طبقي يعني وئشن ۾ ڪڙمي هئا، جي پنهنجن چوپائي مال جي ڌڻن ۽ ٻنين لاءِ پيا پاڻ پتوڙيندا هئا. ان کانسواءِ ڪوري، موچي، واڍا، ڌاتو _ ڪاريگر ۽ مڃار هئا.
ماڻهو ساز جي سنگت تي نچندا، شرطون پڄائيندا ۽ جوئا ڪندا هئا. هو پرڻي ۽ مرڻي جا سرگس ڪڍندا هئا. پروهت وڏي ساٺ سنوڻ سان پوتر ’سوم رس‘ پيئندا هئا ته غريب غربو وري ’سورا‘ تي خوش هوندو هو، جيڪو بيئر جهڙو ٿئي ٿو.(18)
موهن جي دڙي وارو سماج طبقاتي سماج هجڻ باوجود هڪ پر امن سماج هيو، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت تائين ٿيل کوٽائيءَ منجھان موهن جي دڙي مان عام واهپي جون شيون ته جام مليون آهن، پر هٿيار نه هجڻ جي برابر مليا آهن. عالمن مطابق موهن جي دڙي ۾ جنگي جوڌن جي موجودگيءَ وارو گمان تيسيتائين حقيقت نه ٿو ٿي سگھي جيسيتائين اتان وڌيڪ کوٽائي کان پوءِ ڪي جھجھا جنگي هٿيار نه ٿا ملن. اهو هڪ زرعي سماج هيو. هيٺيون طبقو عام طور هارپ وسيلي کيڙي کائڻ جو عادي هيو، شهري زندگيءَ ۾ هنر ۽ ڪاريگري جا ڪيئي مثال ملن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي نهايت محنتي ۽ هڏ ڀڳا ماڻهو هيا. امير طبقو حڪومت جو ڪار وهنوار سنڀالڻ سان گڏ رعايا جي سُک ۽ شانتيءَ جو ذميوار هيو. تنهن ڪري چئي سگھجي ٿو ته موهن جي دڙي جو سماج هڪ سکيو ستابو سماج هيو. سماجي ۽ معاشي استقامت لاءِ زراعت سندن اهم وسيلو هيو. انَ ۽ ڀاڄين جون پوکون ٿينديون هيون جنهن سبب اهو دور خوشحالي جو منظر پيش ڪري ٿو، جانورن جي پالنا کان علاوه انهن جو گوشت پڻ کاڌي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.
موهن جي دڙي جا رهاڪو نه رڳو پُر امن ۽ خوش اخلاق پر خوش پوشاڪ ماڻهو هيا. پروهت کي اوڍيل چادر خود ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿي. ان کان علاوه دڙي جي کوٽائي مان ڪپڙي جو هڪ ٽڪر پڻ مليو آهي، جيڪو ڪپهه مان تيار ٿيل آهي. ”ڪپهه لاءِ سنسڪرت زبان ۾ ”سنڌو“ لفظ استعمال ٿيل آهي، جنهن مان هي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پراڻي زماني ۾ ڪپهه جي پيداوار فقط سنڌ ۾ ئي ٿيندي هئي. اهڙي طرح بابلي زبان ۾ ڪپهه جي لاءِ ”سنڌو“ ۽ يوناني زبان ۾ لفظ ”سنڊن“ پڻ انهي ڳالهه جا دليل آهن ته ڪپهه سنڌ مان ڪچي مال ۽ ڪپڙي جي صورت ۾ انهن ملڪن ڏانهن موڪلي ويندي هئي. (12) هر ماڻهو پنهنجي سماجي ۽ معاشي حيثيت آهر ڪپڙا اوڍيندو هو. هيٺين طبقي جا ماڻهو سادو لباس استعمال ڪندا هئا، جڏهن ته امير امراءَ، زرق برق لباس زيبِ تن ڪندا هئا. ادريس صديقي مطابق ”عورتون عام طرح سان بدن جي هيٺين حصي تي گوڏ جي نموني جهڙو ڪپڙو (پَڙُو) پهرينديون هيون. (13) موهن جي دڙي مان جيڪي عورتن جا مجسما مليا آهن انهن مان ايترو ضرور محسوس ٿئي ٿو ته اهي ڳچي ۽ ڇاتيءَ کي هارن ۽ مالهائون سان ڍڪي ڇڏينديون هيون. ان کان علاوه به عورتن ۾ زيورن جو استعمال عام هيو، جيڪي مختلف ڌاتن، پٿرن ۽ عاج مان ٺاهيا ويندا هئا.
موهن جي دڙي جي سڌريل سماج هجڻ جي گواهي اهي هار سينگار جون شيون، جهڙوڪه آئينو، سرميداڻيون وغيره جيڪي اڪثر عورتون استعمال ۾ آڻينديون هيون به ڏين ٿيون ته مختلف ڌنڌن ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار ۽ وٽَ به ان جي خوشحالي جي ساک ڀرين ٿا. مسٽر ڊڪشٽ پنهنجي ڪتاب Pre historic Civlization of Indus Valley ۾ موهن جي دڙي جي سماجي ڍانچي کي هن طرح واضح ڪيو آهي: ”سنڌو ماٿريءَ جا صاحبِ علم شخص رڳو پنڊت، ويد، نجومي ۽ جادوگر هئا. حاڪمن ۾، حڪومت کي هلائڻ وارا عملدار ۽ شهر جي انتظام کي سنڀاليندڙ ٻيا ملازم هئا. هتي هڪ واپاري قوم آباد هئي. گھڻو ڪري ماڻهو ڪاريگر ۽ هنرمند هئا. هتي ڪڙمين، مهاڻن، ملاحن، ڳنوارن، ريڍارن، ڪوچوانن، گھر جي ڪم ڪار ڪرڻ وارن نوڪرن، سونارن، عقيق ۽ عاج جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن، ڪنڀرن، رانديڪن ٺاهڻ وارن ڪاريگرن، ٺاٺارن، رازن، مزدورن، ڪاٺيرن، سنگ تراشن ۽ مهرن ٺاهڻ وارن جي موجودگيءَ جا ڪي نه ڪي نشان ۽ شاهديون موجود مليون آهن.“ (14) انهن شاهدين جي بنياد تي اسين موهن جي دڙي واري سماج جو نقشو آساني سان چٽي سگھون ٿا. ان دور ۾ راڳ، رقص ۽ ساز جي موجودگيءَ مان پتو پوي ٿو ته اهو هڪ آزاد ۽ روشن خيال معاشرو هيو، جتي ساز ۽ سرود، رقص ۽ موسيقي کي پسند ڪيو ويندو هو. موهن جي دڙي جي آثارن مان مليل سمبارا جو بت ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو.
سبط حسن مطابق ”آثار قديمه جي شهادتن مان سنڌو ماٿر جو جيڪو نقشو اڀري سامهون اچي ٿو اهو نهايت امن پسند ۽ ڪاروباري معاشري جو آهي، جيڪي گهڻا دولتمند نه هيا، ڇا لاءِ ته پيداوار جي اوازن جي گهٽتائي سبب پيداوار جو مقدار گهڻو نه هيو. ملڪ ۾ ونڊ ورڇ جي اصولن تي سختي سان عمل ٿيندو هيو. سونارا، ڪنڀر، ٺاٺارا، ڊکڻ، لوهر، رنگريز، وينجهار، دڪاندار ۽ واپاري سڀن جون برادريون ٺهي ويون هيون ۽ سڄو سماج طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. لکڻ پڙهڻ جو هنر ٻين تهذيبن وانگر هتي پڻ جادو منتر ڪرڻ وارن پروهتن ۽ وڏ گهراڻن جي چند ماڻهن تائين محدود هيو. سنڌو ماٿر ۾ اموي نظام قائم هيو يعني حسب نسب ۽ ورهاست جو سلسلو ماءُ جي طرف کان هلندو هو. تنهنڪري معاشري ۾ عورت جو مرتبو مرد کان مٿانهون هيو ۽ عورتن جي مورتين جي گهڻائي ان ڳالهه جو دليل آهي ته هتان جي رهاڪن جي نظر ۾ عورت جي ذات فصل ۽ نسل جي پالنا جو محرڪ به هئي. تنهنڪري سندن سمورا عقيدا ۽ رسمون ڌرتي ماتا جي محور جي چوڌاري ڦرندا هئا. (15)
تاج صحرائي لکيو آهي ته ”سنڌو تهذيب وارو سماج هڪ منظم سماج هو. اهو سماج، جو اقتصادي طور تي شاهوڪار هو، جنهن وٽ تمام گهڻا وسيلا هئا، جنهن ڪري تمام گهڻو تعداد پورهيتن ۽ هنرمندن جو ڪم ۾ لڳائي ٿي سگهيو. ان کان سواءِ ڏور ڏيساورن سان واپاري ناتا ۽ شين جي مٽا سٽا جو بندوبست به ڪري سگهيو ٿي. پنگتي ۽ پئنچائتي ۽ ڌرمي شاندار عمارتون، شهرن جي بيهڪ ۽ اڏاوت، شهر پناهون، اناج جا گدام، وهنجڻ جون جايون ۽ عام جام گهرو استعمال جون شيون کليل ۽ صاف دليل آهن ته سنڌ يا سنڌو سماج هڪ صاف سٿرو، شاهوڪار، فلاحي، منظم ۽ موثر سماج هو. اهو ته تاريخ کان اڳ واري دور جو سماج هو، جڏهن ته تاريخ جي وچين دور ۾ ’روزانو وهنجڻ‘ شاهوڪار ۽ وڏن گهراڻن ۾ عيب سمجهيو ويندو هو. (16)
سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ موهن جي دڙي جي ماڻهن پنهنجي هنر، ڪاريگري ۽ ذهانت وسيلي سوين صديون اڳ ئي دنيا تي هڪ اهم ۽ نمايان قوم طور پنهنجي ڇاپ ڇڏي ۽ تهذيبي تاريخ ۾ پنهنجي عظمت جا نشان قائم ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به تاريخ عالم شاهد آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ سماج دنيا جي مڙني متمدن قومن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو.

حوالا

1.        ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي  ”قديم سنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ 1980ع ص 78
2.        انور پيرزادو ”متان وساريو“ انور پيرزادو اڪيڊمي 2007ع ص 60
3.        انيس انصاري ”سنڌو ماٿريءَ جو پراچين رسم الخط“ ڪتاب ”لاڙڪاڻو صدين کان“ (مرتب: ڊاڪٽر بشير احمد شاد) 1995ع ص 70
4.        محمد ادريس صديقي (حوالو ساڳيو) ص 37
5.        ڀائي دوارڪا پرساد روچيرام ”سنڌ جو پراچين اتهاس“ ڀاڱو ٻيو ص 47
6.        سراج   ”سنڌي ٻولي“ ڇاپو پهريون اپريل 1964ع ص 20 ــ 119
7.        سيد مظهر جميل سندهي ادب (ميلانات، رجحانات، امکانات) اکادمي بازيافت 2004 ص 138
8.        شيدائي رحيمداد خان مولائي جنت السنڌ سنڌيڪا ٻيو ڇاپو 2006 ص 43
9.        قريشي حامد علي خانائي     بهم جو ڀڙو ــــ ڳاڙهو ڀڙو (مقالو) ٽه ماهي مهراڻ 3 1985ع ص 214
10.      دانش احسان ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ــ موهن جو دڙو“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص
11.      مرزا ممتاز ”سنڌ صدين کان“ مقالو: ’اوائلي آريائي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي‘ ـــ علي جعفري ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1982 ص  113
12.      صديقي محمد ادريس سنڌو ماٿر جي سڀيتا ـــ ترجمو: شمس سومرو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇاپو ٻيو 1995 ص111
13.      ساڳيو ص 112
14.      Dikshit “Prehistoric Civlization of Indus Valley” p.3
15.      دانش احسان (حوالو ساڳيو) ص
16.      ساڳيو ص

No comments:

Post a Comment