ڊاڪٽر احسان دانش
تخليق جو سفر
(ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي
پروگرام ”تخليق“ جو سرسري جائزو)
تخليق فطرت جو معجزو آهي ۽ تخليق
ئي هن سڄي ڪائنات جو جوهر آهي. ڪنهن ڪنڀر جي چڪ کان مائيڪل اينجلو جي ڪنهن شاهپاري
جي ڪئنواس تائين تخليق جا رنگ ڦهليل آهن. اگر ڪنهن سنگتراش جي مورتي ڪا عظيم تخليق
آهي ته پوءِ لفظن جا گھاڙو ته ان کان به وڏا تخليقڪار آهن. لفظ جيڪي بي ساهه هوندي
اندر ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏين ٿا، لفظ جيڪي غير مادي هوندي ذهن ۾ هزارين تصويرون،
تصور ۽ مجسم ٺاهين ٿا. لفظن جي مصورن اديبن ۽ شاعرن کي اهو ڪمال حاصل آهي ته هو
سانتيڪن لفظن توڙي لفظن مان جنم وٺندڙ آوازن وسيلي ماڻهن جي دلين تي پنهنجو اثر ۽
سحر قائم ڪري وٺندا آهن. لفظن کي آوازن جي شڪل ڏيڻ ۽ آواز جي لهرن کي سماعتن تائين
پهچائڻ جو پهريون سائنسي ڪرشمو ريڊيو آهي. سڄي دنيا ۾ ريڊيو ٽن مقصدن لاءِ استعمال
ٿيندو آهي. پهريون تعليم، ٻيو معلومات ۽ ٽيون تفريح. ريڊيو پاڪستان پڻ انهن ئي ٽن
مقصدن کي سامهون رکندي پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو هو ۽ پاڪستان جي سمورين ريڊيو
اسٽيشنس تي ٻين پروگرامن سان گڏ ادبي پروگرامن وسيلي ادبي معلومات پهچائڻ ۽ ٻڌندڙن
کي ادب ۽ شعور ڏانهن راغب ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو. ادب جيڪو لفظن ۽ احساسن جي
دنيا آهي، جيڪا دنيا ماڻهو جي اندر جي دنيا کي تبديل ڪري ٿي ذهنن کي روشن ڪري ٿي.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو پڻ وڏي عرصي کان ان ادب ۽ شعور جي پنڌ ۾ وک وڌائيندو رهي
ٿو. هتي مونکي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان سالن کان وٺي نشر ٿيندڙ ادبي پروگرام
”تخليق“ بابت ڪجھ لکڻو آهي پر ان کان اڳ ان پروگرام جو پس منظر بيان ڪرڻ ضروري
آهي.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 24 سيپٽمبر
2014 تي ڪاميابي جا 19 سال پورا ڪري رهيو آهي. ان دوران اسٽيشن تان انيڪ پروگرام
آن ايئر ٿي چڪا آهن. انهن مان پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان ڪي اهڙا نرالا پروگرام پڻ
نشر ٿيا آهن، جن وسيلي ريڊيو جي دنيا ۾ نوان ٽريڊ متعارف ٿيا. خوش قسمتي سان
منهنجو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڄم ڏينهن کان وٺي سڌي يا اڻ سڌي طرح تعلق رهيو
آهي. 1995 کان ريڊيو جي مختلف پروگرامن جهڙوڪه مشاعرن، مذاڪرن ۽ تقريرن جي حوالي
سان ان تعلق جو آغاز ٿيو ۽ اڳتي هلي ريڊيو لاڙڪاڻي جي واحد ادبي پروگرام ۾ شموليت.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان نشر
ٿيندڙ ادبي پروگرام ابتدائي ڏينهن کان اڄ تائين جاري آهي. 1995 ۾ پروڊيوسر نثار
ميمڻ ”رسالو“ جي نالي سان اهو پروگرام شروع ڪيو ۽ ان جو پهريون ميزبان ناليوارو
ليکڪ هدايت منگي هيو. ڪجھ عرصي بعد جڏهن اهو پروگرام پروڊيوسر آغا محمد علي حوالي
ٿيو ته هن مونکي ان پروگرام ۾ هدايت منگي سان ساٿي ڪمپيئر طور شامل ٿيڻ جو موقعو
ڏنو، جنهن ۾ مان سنڌ جو ادبي خبرنامو ۽ ٻيا سيگمينٽ پيش ڪندو رهيس پوءِ مان پنهنجي
مصروفيتن سبب ٻن سالن کان وڌيڪ اهو ساٿ نه نڀائي سگھيس. ان پروگرام کي مختلف وقتن
۾ ڪوثر ٻرڙو، نصير سومرو، خليل ڪاڪيپوٽو، علي مراد ٽانوري، طارق محسن، رضوان الحق،
عابد ڪاظمي ۽ خالد حسين چانڊيو پيشڪار جي حيثيت ۾ پيش ڪندا رهيا.
هدايت منگي جي انتقال کان پوءِ پروگرام
جي ميزباني جا فرض ناليواري اديب ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر نڀائڻ لڳو. 2001 ۾ سندس
انتقال کان پوءِ پروگرام جي ميزباني ملي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار عنايت ميمڻ کي، جنهن 2008
تائين پنهنجو فرض نڀايو. ان بعد پروگرام ”رسالو“ جون واڳون سنڀاليون سهڻي شاعر
عزيز منگي ۽ کيس ناليواري نوجوان شاعر رضا بخاري جو ساٿ ۽ سنگ به مليو. جولاءِ
2008 ۾ پروگرام جي تڏهوڪي پروڊيوسر عابد عباس ڪاظمي مونکي پروگرام جي ميزباني لاءِ
چيو ۽ 20 جولاءِ تي مون ميزبان جي حيثيت ۾ ”رسالو“ جو پهريون پروگرام ڪيو، جيڪو 30
ڊسمبر 2010 تائين جاري رهيو. 6 جنوري 2011 کان ”تخليق“ جي نئين نالي سان ادبي
پروگرام نون رنگن ۽ نون سلسلن سان سينگارجي پيش ٿيڻ لڳو. اها تبديلي پروگرام جي
پيشڪار عابد ڪاظمي، ميزبان احسان دانش ۽ رضا بخاري جي گڏيل صلاح سان ڪئي وئي. هاڻي
اهو پروگرام نئين سگنيچر ٽيون سان بلڪل نئين انداز ۾ پيش ٿيڻ لڳو.
”تخليق“ جي نئين تخليقي نالي سان
شروع ٿيل ان پروگرام جا هاڻي 200 پروگرام پورا ٿي رهيا آهن. ان سموري عرصي ۾ تخليق
۾ انيڪ تخليقون پيش ٿي چڪيون آهن ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب سان سلهاڙيل ڪيترن ئي اديبن
جو ذڪر به آيو آهي ته ٻڌندڙن سندن تخليقن جو واس به ورتو آهي. تخليق جي انهن 200
پروگرامن ۾ ڇا ڇا پيش ٿيو آهي، جي ان تفصيل ۾ ويندا سين ته ڳالهه ڊگھي ٿي ويندي،
البته هتي ڪجھ انگ اکر ضرور پيش ڪندس، جنهن مان پڻ اهو اندازو لڳي سگھندو ته هن
وقت تائين تخليق جو سفر ڪهڙي ريت جاري رهيو آهي....
ادبي پروگرام ”تخليق“ جو پهريون
پروگرام 6 جنوري 2011 تي آن ايئر ٿيو. هن پروگرام جو هميشه آغاز ٿيندو آهي ”تخليق
جي ڳالهه“ سان. جي ها ان سري سان هن وقت تائين ادب ۽ ساهت سان لاڳاپيل انيڪ موضوعن
جهڙوڪه جديد شاعري، تنقيد ۽ تنقيدي شعور، ڪهاڻي ۾ جديد لاڙا، ترجمن جي اهميت، لوڪ
ادب، مزاحمتي شاعري، ادبي تحريڪون، سنڌي ادب تي دنيا جي ادب جا اثر وغيره وغيره تي
200 جي قريب ايڊيٽوريل پيش ڪيا ويا آهن. پروگرام ۾ وقتاً فوقتاً مختلف سلسلا پيش
ٿيندا رهيا آهن جن ۾ سلسلو ”تخليقڪار“ جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن توڙي نوجوان
تخليقڪارن جون مختلف تخليقون شامل ڪيون وينديون آهن. اهڙيون تخليقون اڪثر تخليڪار
پنهنجي زباني ٻڌائيندا آهن پر ڪن تخليقڪارن جون تخليقون رضا بخاري پڻ پنهنجي زباني
پيش ڪندو آهي. ان سلسلي ۾ 122 تخليقڪارن جون تخليقون پيش ڪيو ويون آهن. سلسلي ”امر
تخليقون“ ۾ اسين ادب جي دنيا جي امر ليکڪن جون اهڙيون نثري ۽ شعري تخليقون پيش
ڪندا آهيون جن کي سڄي دنيا ۾ مڃتا ملي چڪي آهي. ان سلسلي ۾ 33 چونڊ امر تخليقون
پروگرام ۾ شامل ٿي چڪيون آهن. ان کان علاوه سلسلي ”عظيم تخليقڪار“ ۾ اسين دنيا جي
انهن عظيم تخليقڪارن جو ذڪر ڪندا آهيون جن هن وقت تائين ادب جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ۽
انعام يعني نوبل پرائيز حاصل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ اسين بوڪر پرائيز ونر ۽ ٻين عظيم
تخليقڪارن جو تعارف پڻ پيش ڪندا رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ 26 عظيم تخليقڪارن جو
تعارف پيش ڪيو ويو آهي. سلسلي ”تخليق جو سوال“ ۾ سنڌ جي تخليقڪارن کان پڇيل ڪنهن
به هڪ سوال جو تفصيلي جواب هوندو آهي. ان سلسلي ۾ 12 تخليقڪارن جا جواب نشر ڪري
چڪا آهيون. اهڙي ريت ”تخليق“ ۾ هڪڙو ٻيو سلسلو هوندو آهي ”خود ڪلامي“ ان ۾ شاعر ۽
نثرنگار پنهنجي زباني پنهنجي زندگي ۽ ادبي سفر بابت ٻڌائيندا آهن. ان سلسلي ۾ 6
اديبن جي گفتگو شامل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سلسلي ”ڪيم روح رهاڻ“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
ناليوارن عالمن، دانشورن، شاعرن ۽ نثرنگارن جا يادگار انٽرويو پيش ڪيا ويندا آهن.
ان سلسلي ۾ 48 اديبن جا تفصيلي ادبي انٽرويو پيش ڪيا ويا آهن. سلسلي ”ديس ديس جون
ڪوتائون“ ۾ مختلف ملڪن جي مشهور شاعرن جون ڪوتائون پيش ڪيون ويون آهن. اهڙا ملڪ جن
جي شاعرن جي شاعري سنڌي ۾ ترجمو ڪري پڙهي وئي آهي، انهن جو انگ 16 آهي. تخليق جي
سلسلي ”پيهي پروڙيوم“ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل نون نڪور ڪتابن جو تعارف ۽ اڀياس پيش
ٿيندو آهي. ان سلسلي ۾ 67 ڪتابن جو تعارف يا اڀياس پيش ٿي چڪو آهي. ان طرح پروگرام
جو هڪڙو سلسلو ”رضا جي تخليق“ جي نالي سان پيش ٿيندو آهي جنهن ۾ نوجوان تخليقڪار
رضا بخاري ادب جي مختلف صنفن توڙي انساني احساسن سان لاڳاپيل مضمون، ڪالم ۽ تاثر
پيش ڪندو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجون 52 تخليقون پيش ڪري چڪو آهي. سلسلي ”مڃتا“ ۾
ناميارن ڏيهي توڙي پرڏيهي اديبن جي جنم ڏينهن توڙي ورسين جي حوالي سان کين ٽربيوٽ
پيش ڪيو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ 27 تخليقڪار کي مڃتا ڏئي چڪا آهيون. سلسلي ”سفر
ڪٿا“ ۾ مختلف سفرنامن مان چونڊ حصا شامل ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ هن وقت تائين 3
سفرنامن مان چونڊ پيش ڪئي وئي آهي. سلسلو ”پني ۾ پيغام“ اهڙن ادبي خطن تي مشتمل
هوندو آهي جيڪي ڏيهي توڙي پرڏيهي اديبن جي قلم مان سرجيل هوندا آهن. ان سلسلي ۾ 12
ادبي خط پيش ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه وقتاً فوقتاً پروگرام ۾ ڪيترن ئي ادبي
پروگرامن ۽ ادبي ليڪچرن جون رپورٽون پڻ نشر ٿينديون رهيون آهن. اهڙي ريت هن ادبي
پروگرام کي انيڪ ادبي ڪوٽيشنس ۽ اقتباسات سان پڻ سينگاريو ويندو آهي. مذڪوره
سيگمينٽس کان علاوه وقتاً فوقتاً ڪي پروگرام مشاعري جي محفل تي پڻ مشتمل هوندا
آهن.
مٿي بيان ڪيل سمورن سلسلن سان گڏو
گڏ ”تخليق“ جا ڪجھ پروگرام مختلف ادبي شخصيتن جي خصوصي نمبرن طور به پيش ٿيندا
رهيا آهن. اهڙا خاص پروگرام مڪمل طور انهن شخصيتن جي نالي هوندا آهن. هن وقت تائين
جيڪي اهڙا 16 خاص نمبر نشر ٿيا آهن انهن ۾ شاهه لطيف نمبر، سچل سرمست نمبر، شيخ
اياز نمبر، استاد بخاري نمبر، علامه آءِ آءِ قاضي نمبر، احمد فراز نمبر، تاجل بيوس
نمبر، فيض احمد فيض نمبر، جمال ابڙو نمبر، عطا محمد حامي نمبر، ڊاڪٽر عبدالمجيد
سنڌي نمبر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو نمبر، نسيم کرل نمبر،
نواز علي نياز جعفري نمبر شامل آهن. ان کان علاوه ان عرصي ۾ ڪهاڻي نمبر ۽ شاعري
نمبر پڻ نشر ڪيا ويا آهن. ساڳي ريت سلسلي ”مڃتا“ ۾ جن اديبن کي ياد ڪيو ويو آهي
انهن ۾ خوشونت سنگھ، گارشيا مارڪيز، پئبلو نرودا، دوستو وسڪي، موپاسان، انتون
چيخوف، قرت العين حيدر، منشي پريم چند، امرتا پريتم، ريٽا شاهاڻي، ڊاڪٽر تنوير
عباسي، رشيد ڀٽي، ذوالفقار راشدي، علي محمد مجروح، وفا ناٿن شاهي، راشد مورائي،
شمشير الحيدري، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، طارق عالم ابڙو، حسن درس، شبير هاليپوٽو، شبير
بروهي وغيره شامل آهن. مٿي پيش ڪيل سمورن انگن اکرن مان اهو اندازو لڳائڻ ڪو اوکو
ڪم ناهي ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي مذڪوره ادبي پروگرام ”تخليق“ ۾ هن وقت تائين
ڪيترو ۽ ڪهڙي سطح جو ڪم ٿيو آهي.
پروگرام جي انگن اکرن کان ٻاهر
اچي اسين ان ادبي گلدستي جي خوشبو ۽ رنگن کي هن طرح به پسي سگھون ٿا ته مذڪوره
ادبي پروگرام ۾ هن وقت تائين ادب جي مختلف نثري ۽ شعري صنفن جهڙوڪه ڪهاڻي، ناول،
مضمون، ڪالم، سفرنامو، آتم ڪٿا، غزل، نظم، گيت، وائي، ڪافي، رباعي، دوهو، پنجڪڙو،
هائيڪو، حمد، نعت، نوحو، بيت، ترائيل، سانيٽ، قطعو، نوَ لکو، ست رنگي وغيره بابت
مضمونن جي شڪل ۾ ڄاڻ مهيا ڪئي وئي آهي. عالمي ادب مان چونڊ جي حوالي سان ڪيترن ئي
عظيم ليکڪن ۽ ڏاهن جون يادگار تقريرون (جن ۾ سقراط جي زندگيءَ جي آخري تقرير به شامل
آهي.)، ادبي خط، نظم ۽ عربي، فارسي، انگريزي، هندي ۽ عربي ٻولين مان اهم ڪهاڻين جا
ترجما پڻ هن پروگرام جي زينت رهيا آهن. سلسلي عظيم تخليقڪار ۾ ناڊين گوڊيمر، نجيب
محفوظ، رابندر ناٿ ٽئگور، سقراط، اوڪتايوپاز، ميلان ڪنڊيرا، ڪافڪا، والٽيئر، هرتا
مولر، اورحان پاموڪ ۽ اهڙن ٻين اديبن جا تعارف پيش ٿي چڪا آهن. پروگرام ”تخليق“ ۾
جن ٽن سفرنامن مان چونڊ پيش ڪئي وئي آهي انهن ۾ آغا سليم جو آسٽريليا جو سفرنامو
”پَلَ پکيئڙا“، عنايت بلوچ جو فرينڪ فرٽ ايئر پورٽ تي گھاريل گھڙيل جي ياد جي
سلسلي ۾ لکيل سفرنامو ”رتيءَ جي رهاڻ“ ۽ آغا سليم جو بيجنگ جو سفرنامو ”حق موجود“
قابلِ ذڪر آهن. ان کان علاوه هند سنڌ جي ناليواري ليکڪا ريٽا شهاڻي جي آتم ڪٿا
”ٻپهريءَ جا ٻه پَلَ“ مان چونڊ پڻ پيش ڪئي وئي آهي. سلسلي ”ديس ديس جون ڪوتائون“ ۽
سلسلي ”امر تخليقون“ ۾ بينزلائي شاعر رافئل سيڊيناس، جرمن شاعر ميرين سورسڪو،
لبناني شاعر خليل جبران، آمريڪي شاعره ميرين ڊڪنس، عربي شاعره نازڪ الملائڪه،
بنگالي شاعر متدر شوق، سريلنڪائي شاعر نارائڻ راج پانڊي ۽ ايم ايم نعمان، نيپالي
شاعر بال ڪرشنا ساما، اطالوي شاعر ڊانٽا اوويٽينا، ويٽنامي شاعر گيان نام، روسي
شاعره اولگا برگاٽز کان علاوه حافظ شيرازي، عمر خيام، ڪنتا شرما، ماياڪو فسڪي،
مايا اينجلو، رسول حمزه توف، ثروت حسين، جي ايم مهڪري ۽ ٻين شاعرن جي شاعري سنڌي ۾
ترجمو ڪري پيش ڪئي وئي آهي.
هن ادبي پروگرام ۾ جن اديبن جا
انٽرويو نشر ٿي چڪا آهن انهن ۾ امداد حسيني، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر در محمد
پٺاڻ، پروفيسر قلندر لڪياري، احمد خان مدهوش، سرڪش سنڌي، ادل سومرو، ڪرم ٽالپر،
منير سولنگي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، اسحاق انصاري، زيب سنڌي، مختيار ملڪ، برڪت
بلوچ، يوسف سنڌي، علي گل سانگي، انور موج، سيد مدد علي منظر، سعيد ميمڻ، عادل عباسي،
فياض لطيف، اختر درگاهي، ڀائو در محمد ٻرڙو، عبد مگسي، پروفيسر عطا الله ابڙو،
ڊاڪٽر اسد جمال پلي، احمد سولنگي، انب گوپانگ، خليل عارف سومرو، رياضت ٻرڙو،
عبدالخالق عبد، جهانگير عباسي، شهمير سومرو، منير چانڊيو، حبدار سولنگي، ڪامل
امداد جتوئي، عنايت ميمڻ، ساجد سنڌي ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته سلسلي خود ڪلامي ۾ جن
اديبن جا سيلف انٽرويو نشر ٿي چڪا آهن انهن ۾ ڊاڪٽر سحر امداد، اياز گل، ڊاڪٽر در
محمد پٺاڻ، سعيد ميمڻ، محمد علي پٺاڻ ۽ روبينه ابڙو شامل آهن.
”تخليق“ جي 200 پروگرامن واري سفر
۾ سنڌ جي انيڪ شاعرن جي شاعري پيش ٿي چُڪي آهي جن ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، مخدوم
محمد زمان طالب المولى، استاد بخاري، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، امداد حسيني،
وفا ناٿن شاهي، ايم ڪمل، ارجن حاسد، اياز گل، مريم مجيدي، وفا پلي، سحر امداد، ادل
سومرو، سرويچ سجاولي، آثم ناٿن شاهي، سرڪش سنڌي، ابراهيم منشي، حليم باغي،
عبدالغفار تبسم، سرڪش سنڌي، اسحاق راهي، تاج جويو، بشير احمد شاد، مختيار سمون،
خادم سنڌي، نصير مرزا، شبنم گل، سعيد ميمڻ، سردار شاهه، ايوب کوسو، مهر النساءِ
لاڙڪ، بخشل باغي، سعيد سومرو، محمد علي پٺاڻ، اياز جاني، علي اظهار، بخشڻ مهراڻوي،
حسينه ساند، عادل عباسي، حسن درس، روبينه ابڙو، اختر درگاهي، ساحر راهو، رياضت
ٻرڙو، امر اقبال، اظهر ٻانڀڻ، علي زاهد، رضوان گل، منور ابڙو، فياض لطيف، اسحاق
سميجو، مسرور پيرزادو، عزيز منگي، معصوم بخاري، منور سولنگي، سرمد چانڊيو، جاوي
شبير، جعفر جاني، امر پيرزادو، جواد جعفري، ساجد سنڌي، بادل، شبير هاليپوٽو، مشتاق بخاري، اسد مڱڻهار، عامر سيال، اقبال
رند، ابرار ابڙو، منور سراج، حبدار سولنگي، فياض چنڊ، رحمت پيرزادو، رخسانه پريت ۽
ٻيا ڪيترائي شاعر شامل آهن. اهڙي ريت پروگرام ۾ ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون پڻ
شامل رکيون ويون آهن جن ۾ امر جليل، جمال ابڙو، اياز قادري، نسيم کرل، قمر شهباز،
نورالهدى شاهه، علي بابا، منظور ڪوهيار، زيب سنڌي، محمد هاشم حامي، احسان دانش،
امر لغاري، صديق منگيو، سڪندر عباسي، انور ابڙو، رضوان گل، مظهر ابڙو، ممتاز
لوهار، ممتاز عباسي، رياضت ٻرڙو، محمد علي پٺاڻ وغيره شامل آهن. ان طرح انيڪ سنڌي
۽ ڪجھ اردو ڪتابن تي تبصرا پڻ نشر ٿي چڪا
آهن. اهڙن ڪتابن ۾ وفا (وفا ناٿن شاهي)، لمحن جو درد (غلام نبي گل)، ڪُٺيس ڪُويڄن
(احمد علي صابر)، چانڊوڻا چمڪن (رياضت ٻرڙو)، ڇا چيس آئيني (آثم ناٿن شاهي)، دعا
مان ڪريل لفظ (سعيد سومرو)، ڪاري بر ۾ چنڊ (سعيد ميمڻ)، مٽيءَ جي خوشبو (بخشل
باغي)، سرءُ جي تنهائي (نياز ملاح) وقت جي سينڌ (منظور منگي، وساورني (عابد
ڪاظمي)، درد جو آيتون (سعيد ميمڻ)، اڃا ڪائنات جيئري آ (ساڀيا سانگي)، چاندنيءَ جو
آبشار (رضا بخاري)، ساهت ڏيهه جا سرجڻهار (رضوان گل)، اکڙيون ڏيل ڏيئا (عامر
سيال)، لفظن جي خوشبو (احسان دانش)، دل دنبورو (سعيد ميمڻ)، وفائون به ويري (اختر
پيا)، خط، خوشبو خواب (فياض لطيف)، ڊسمبر جي اڪيلائي (بخشل باغي)، پيار جي پهرين
بارش (رضوان گل)، ڏات ڏيئا ٻاريا (رياضت ٻرڙو)، اتفاق (بادل)، توڏي مان شاعر
اماڻيندس (اسد مڱڻهار)، رباعياتِ عمر خيام (پروفيسر عطا الله ابڙو)، فن ۽ فنڪار
(ڪوثر ٻرڙو، ٻيڙيءَ ۾ چنڊ (ياسر قاضي)، کاٻي اک جو خواب (منور سراج)، اڌ خيال جي
خاڪ (سعيد سومرو)، تيز بارش ڪي درميان (احمد آزاد)، خواب هوائون په لکهون (عابد
ڪاظمي) راج ڪرتهه (منظور ڪوهيار)، سڀ فريب آ (مختيار جاگيراڻي)، ازل کان پاڻ آواره
(ستار رند)، مون ڏات انوکي آندي آ (رياضت ٻرڙو)، جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان
(مبارڪ لاشاري)، کنڀ مورڻين جا (امر اقبال)، منٽو جا 100 سال (بشير منگي)، لفظن جو
ناراض نسل (طارق عالم ابڙو)، دل جي خانه بدوشي (فياض لطيف) روشنيءَ جون ريکائون
(حبدار سولنگي ۽ ياسين چانڊيو)، عرفانِ سچل (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، پڃرا تنهنجي
پنبڻين جا (گوهر شيخ)، ڳاءِ ته ننڊ اچي (حفيظ باغي) قابلِ ذڪر آهن.
تخليق جي ان سفر دوران 2011 کي
اردو اديبن طرفان فيض جو سال ۽ سنڌي اديبن طرفان شيخ اياز جو سال ڪري ملهايو پئي
ويو. انهي حوالي سان پروگرام تخليق طرفان ٻنهي شاعرن جي حوالي سان پهريان شيخ اياز
سيمينار (مارچ 2011 تي) ۽ پوءِ فيض احمد فيض سيمينار (12 مئي 2011 تي) منعقد ڪيو
ويو. انهن سيمينارن جي انعقاد ۾ تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ ۽ پروگرام
جي پروڊيوسر جون محنتون قابلِ تعريف آهن. انهن ٻنهي پروگرامن ۾ سنڌي ۽ اردو جي
ڏاهن اديبن ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، مسلم شميم، مقصود گل، مختيار سمون، عابد
ڪاظمي، پروفيسر سڪندر عباسي، سعيد ميمڻ، احسان دانش، ڊاڪٽر خادم منگي، سرمد
چانڊيو، عنايت ميمڻ، فياض لطيف، عادل عباسي، رضوان گل، منور سولنگي، رئوف عباسي،
رضا بخاري، خالد چانڊيو، عزيز قاسماڻي، سچل ڀٽي ۽ ٻين علمي ادبي تقريرون ڪيون ۽
پيپر پڙهيا. ان کان علاوه ٻنهي پروگرامن ۾ فيض احمد فيض توڙي شيخ اياز جي شاعريءَ
کي استاد انور علي سانگي، الطاف سمون، عاشق نظاماڻي ۽ نثار شيخ موسيقي ۾ پڻ پيش
ڪيو.
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ان
اڪيلي ادبي پروگرام جو وڏي عرصي تائين پروڊيوسر عابد عباس ڪاظمي رهيو آهي، جيڪو هن
وقت پڻ ساڳيو پروگرام پيش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هڪ سال لاءِ اپريل 2013 کان اپريل
2014 تائين اهو پروگرام، پروڊيوسر خالد حسين چانڊيو پڻ پيش ڪري چڪو آهي. ٻنهي
پروڊيوسرن سان ميزبان جي حيثيت ۾ راقم (احسان دانش) ساٿ نڀائيندو رهيو آهي ۽ اڄ
تائين اهو ساٿ ۽ سنگ قائم ۽ دائم آهي.
”تخليق“ جو سفر جاري آهي جنهن کي نئين امنگ، نئين
ولولي ۽ نئين جذبي سان اڳتي وڌائيندي مستقبل ۾ ان ۾ ڪيترن ئي نون ادبي سلسلن کي
شامل ڪيو ويندو ۽ ان پروگرام وسيلي هميشه وانگر علم، ادب ۽ شعور جي پکيڙ جو ڪم
جاري رکيو ويندو.
No comments:
Post a Comment