Saturday, 6 October 2018

هڪَ محبوب شخصيت ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

هڪَ محبوب شخصيت
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

رجنيش اوشو پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ جيون جي حقيقت بيان ڪندي چيو هو ته ”جيون هڪ ڪورو ڪتاب آهي. ان کي کولڻ سان ڪجھ حاصل نه ٿيندو. ان ۾ توهان کي ڪو اکر ۽ ڪا سٽ نه ملندي. خالي ڪاغذ کي ڪوئي ڇا پڙهندو..... هڪڙي ئي ڳالهه ٿي سگھي ٿي ته ان ڪوري ڪاغذ کي ڏسندا رهو، ڏسندا رهو ۽ هڪ ڏينهن خود به ڪورا ڪاغذ بڻجي وڃو. جيون جي حقيقت کي ڳوليو ويندو آ کوليو نه ويندو آهي. اهو ڪو تالو ناهي جو ان جي ڪا چاٻي هجي. هونءَ ته جيون جي دروازي تي ڪوئي تالو ناهي سڀ ڪجھ کليل آهي ۽ انت تائين کليل آهي.... ڳوليندا رهو ڳوليندا رهو ڪوئي پاتال نه ماڻيندئو اهو اٿاهه آهي، ان جو ڪو ڪنارو ناهي، بي ڪناره آهي. ڪنارو هجي ها ته ماڻهو پار ڪري وڃي ها. گھرو ناهي اٿاهه آهي. گھرو هجي ها ته اسان ماپ ڪري سگھون ها. تنهن ڪري هڪ ڇا هزار سالن تائين به جيون جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا سين ته به ڳالهه سمجھ ۾ نه ايندي.“ 

هومر جي رزميي کان ڪيٽس جي شاعريءَ تائين، شيڪسپيئر جي اوپيراز کان پئبلو نرودا جي مزاحمتي ڪوتائن تائين، رودڪي جي شعرن کان رومي جي رمزن تائين، ڪبير جي دوهن کان ميران جي ڀڄنن تائين، ڀٽائي جي بيتن کان سامي جي سلوڪن تائين ۽ اياز جي نظمن کان اڄوڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي سمورن سگھارن آوازن تائين نه رڳو نظم ۾ زندگي ۽ زندگيءَ جي حسناڪين ۽ ڪربناڪين جون عجيب تصويرون چٽيون ويون آهن پر وڏن وڏن فلسفين ۽ ڏاهن جيون جي حقيقت کي بيان ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا آهن...... پر ايڏين تشريحن کان پوءِ به ان جي ڪا تشريح حتمي ناهي...... ائين چئجي ته جيون اهو آهي، جيڪو هر تشريح کان بالا آهي..... اهو هڪ ڪورو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪو به اکر ۽ ڪا به سٽ ناهي. بقول اوشو ”خالي ڪاغذ کي ڪوئي ڇا پڙهندو.“ پوءِ چوڻ واري ائين ڇو چيو آهي ته ”ڪوئي خالي سکڻا نهين، سب ڪي اندر لعل“........ اهو لعل اصل ۾ انسان جي اها ڏات آهي جنهن سان سندس ذات جي تڪميل ٿئي ٿي. اهو هنر ۽ ڏات ئي آهي، جنهن سان سندس جيون جي ڪوري ڪتاب ۾ ڪجھ پڙهڻ ۽ سمجھڻ لائق ٿئي ٿو.
هر ماڻهو پنهنجي جيون ڪتاب ۾ عمل جي وکر سان اهي اکر ميڙي ٿو، جنهن سان سندس زندگيءَ کي ڪو مفهوم ملي ٿو....... ها جيون جي ڪوري ڪتاب کي اندر جي اک سان پڙهي سگھجي ٿو...... جيڪب آباد جي سوڙهين گھٽين ۾ جنم وٺندڙ هڪ سماني انسان غلام نبي سڌايو به پنهنجي حياتيءَ جي ورقن کي پنهنجي عمل جي وکر سان پُر مفهوم بڻايو آهي. هن جي جيون ڪتاب جي ورق ورق کي کولڻ ۽ محبت جي اکين سان پڙهڻ جي ضرورت آهي.

ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جا ٽي ڪتابَ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جا ٽي ڪتابَ
 
1 . ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي
ڪم جو تنقيدي جائزو (پي ايڇ ڊي ٿيسز)
2. روشن تارا (ٻارن لاءِ شاعري)
3. سنڌي ادبي اخبار نويسي

ملڪن جي وچ ۾ ڀلي ڪيتريون ڀي سرحدون هجن پر ادب جي ڪا به سرحد نه ٿي ٿئي. ادب خوشبو وانگر آهي جنهن جو ڪو هڪڙو ديس نه هوندو آهي، جيڪا ڪنهن سرحد جي محتاج نه هوندي آهي. ادب امن جي پکين وانگر ئي آهي جيڪي هر ديس ۾ پيار جي ٻولي ٻوليندا آهن. سائيبر ورلڊ سڄي جهان کي هڪ ڳوٺڙو بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هاڻي ته ساهت جي سرحدن لاءِ سوچي ئي نه ٿو سگھجي. دنيا جي هر ٻولي ۾ ادب جو اڻ ميو خزانو موجود آهي. انٽرنيٽ تي ان خزاني جي لوٽ پئي ٿئي، رڳو ڪو هجي جو ان ڄاڻ جي کاڻ مان ڪجھ کڻي. هڪ پاسي دنيا علم آڇي رهي آهي ته ٻي پاسي اڃا به ڪٿي ڪٿي جهالت جا مينار تعمير ٿي رهيا آهن. هڪ پاسي آءِ ٽي ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿي رهي آهي ته ٻي پاسي ڳوٺن ۾ وڻن جي هيٺان اڌ اُس ۽ اڌ ڇانوَ ۾ اڄ به ميٽ مليل ڦرهيءَ تي الف انب ب بلا پڙهايو وڃي ٿو. ان سموري وايومنڊل ۾ هڪ اديب لاءِ به ساهت جي سنسار جون کوڙ کڙڪيون کُلي پيون آهن. انهن کڙڪين ۾ جھاتي پائي ادب جي نئين ڪائنات دريافت ڪري سگھجي ٿي. هڪ طرف ادب جي نئين ڪائنات آهي ۽ ٻئي طرف سنڌي ساهت جو سنسار. سنڌي ادب ان ڪائنات کان ٻاهر جي ڪا چيز ته نه آهي پر ان جا موضوع پنهنجا آهن.

هڪ اديب پنهنجي وقت جو ضمير هوندو آهي. هو پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ سان جڙيل هوندو آهي. صدين جا فاصلا به هن کي پنهنجي مٽيءَ جي سڳنڌ کان پري نه ٿا ڪري سگھن. ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جي وڍ بعد جن سنڌي اديبن کي پنهنجي ڌرتيءَ کان دور ٿيڻو پيو، اهي اڄ به پنهنجي ساهن ۾ ان مٽيءَ جي هڳاءَ کي محسوس ڪن ٿا. اڄ به اهي تهذيب جا لڄپال آهن، ڇوته انهن جا وڏڙا ئي موهن جي دڙي جهڙي عظيم تهذيب جا خالق هيا. اڄ به انهن جي آس آهي ته سندن خاڪ کي سنڌو ۾ ٺاريو وڃي. هندوستان ۾ هڪ نسل آهي جنهن سنڌ کي پنهنجي ايمان جو جُز بڻائي ڇڏيو آهي. انهيءَ نسل جي تسلسل ۾ اديبن جي هڪ وڏي کيپ جيجل جي لوليءَ جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي آڱر پڪڙي جوان ٿي آهي ۽ انهيءَ نسل منجھان هند ۾ اڄ ڪيئي ساٿي سنڌي ساهت جا سرموڙ ساهتڪار ٿي اڀريا آهن. ڊاڪٽر روشن گولاڻي به انهيءَ ٽهيءَ جو هڪ نمائندو ليکڪ آهي. جيڪو گذريل اڍائي ڏهاڪن کان پنهنجي علمي ۽ قلمي پورهيي وسيلي ادب جا واهڙ وهائيندو رهيو آهي. هن هڪ ئي وقت شاعر، مترجم، محقق ۽ ايڊيٽر طور پاڻ مڃايو آهي. ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ورثو“ (1994)، ”رنگ برنگي گُل“ (2007)، ”مٺڙي مٺڙي لات“ (2010)، ”روشن آواز“ (2011)، ”روشن تارا“ (2012)، ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو“ (2014)، ”رنگ برنگي پوپٽ“ (ايڊٽ ٿيل)، ”مهاڳ“ (ايڊٽ ٿيل)، ”ادبي تبصرا“ (ايڊٽ ٿيل)، ”سنگھ درشن“ (ترجمو) شامل آهن. 29 مئي 1972 تي احمد آباد ۾ جنم وٺندڙ روشن گولاڻي سنڌي ادب ۾ پي ايڇ. ڊي آهي. هو ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪري چڪو آهي ۽ ادبي مڃتا طور سندس ڪتابن تي کيس ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. هو هند جي متحرڪ ادبي شخصيتن مان هڪ آهي.
ڀلو ٿئي سوشل ميڊيا جو جنهن ڪري ڊاڪٽر روشن گولاڻي مونکي ڳولي لڌو ۽ مان به کانئس واقف ٿي سگھيس. ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن ڊاڪٽر روشن هڪ ميسيج ۾ مونکان منهنجو پتو گھرندي ٻڌايو ته هو پنهنجا ڪجھ ڪتاب مون ڏي موڪلڻ گھري ٿو ته سچ پچ دلي سرهائي ٿي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس ٽي ڪتاب1 . ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو (پي ايڇ ڊي ٿيسز) 2. روشن تارا (ٻارن لاءِ شاعري) ۽ 3. سنڌي ادبي اخبار نويسي اچي پهتا ۽ مٿان اهو حڪم هيو ته انهن تي تبصرو به لکڻو آهي.