ڊاڪٽر احسان دانش
ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جا ٽي ڪتابَ
1 . ڊاڪٽر ڄيٺو
لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي
ڪم جو تنقيدي جائزو (پي ايڇ ڊي ٿيسز)
2. روشن تارا (ٻارن
لاءِ شاعري)
3. سنڌي ادبي اخبار
نويسي
ملڪن جي وچ ۾ ڀلي ڪيتريون ڀي سرحدون هجن پر ادب جي ڪا به
سرحد نه ٿي ٿئي. ادب خوشبو وانگر آهي جنهن جو ڪو هڪڙو ديس نه هوندو آهي، جيڪا ڪنهن
سرحد جي محتاج نه هوندي آهي. ادب امن جي پکين وانگر ئي آهي جيڪي هر ديس ۾ پيار جي
ٻولي ٻوليندا آهن. سائيبر ورلڊ سڄي جهان کي هڪ ڳوٺڙو بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري
هاڻي ته ساهت جي سرحدن لاءِ سوچي ئي نه ٿو سگھجي. دنيا جي هر ٻولي ۾ ادب جو اڻ ميو
خزانو موجود آهي. انٽرنيٽ تي ان خزاني جي لوٽ پئي ٿئي، رڳو ڪو هجي جو ان ڄاڻ جي
کاڻ مان ڪجھ کڻي. هڪ پاسي دنيا علم آڇي رهي آهي ته ٻي پاسي اڃا به ڪٿي ڪٿي جهالت
جا مينار تعمير ٿي رهيا آهن. هڪ پاسي آءِ ٽي ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿي رهي آهي ته ٻي
پاسي ڳوٺن ۾ وڻن جي هيٺان اڌ اُس ۽ اڌ ڇانوَ ۾ اڄ به ميٽ مليل ڦرهيءَ تي الف انب ب
بلا پڙهايو وڃي ٿو. ان سموري وايومنڊل ۾ هڪ اديب لاءِ به ساهت جي سنسار جون کوڙ
کڙڪيون کُلي پيون آهن. انهن کڙڪين ۾ جھاتي پائي ادب جي نئين ڪائنات دريافت ڪري
سگھجي ٿي. هڪ طرف ادب جي نئين ڪائنات آهي ۽ ٻئي طرف سنڌي ساهت جو سنسار. سنڌي ادب
ان ڪائنات کان ٻاهر جي ڪا چيز ته نه آهي پر ان جا موضوع پنهنجا آهن.
هڪ اديب پنهنجي وقت جو ضمير هوندو آهي. هو پنهنجي ديس ۽
ڌرتيءَ سان جڙيل هوندو آهي. صدين جا فاصلا به هن کي پنهنجي مٽيءَ جي سڳنڌ کان پري
نه ٿا ڪري سگھن. ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جي وڍ بعد جن سنڌي اديبن کي پنهنجي ڌرتيءَ کان
دور ٿيڻو پيو، اهي اڄ به پنهنجي ساهن ۾ ان مٽيءَ جي هڳاءَ کي محسوس ڪن ٿا. اڄ به
اهي تهذيب جا لڄپال آهن، ڇوته انهن جا وڏڙا ئي موهن جي دڙي جهڙي عظيم تهذيب جا
خالق هيا. اڄ به انهن جي آس آهي ته سندن خاڪ کي سنڌو ۾ ٺاريو وڃي. هندوستان ۾ هڪ
نسل آهي جنهن سنڌ کي پنهنجي ايمان جو جُز بڻائي ڇڏيو آهي. انهيءَ نسل جي تسلسل ۾
اديبن جي هڪ وڏي کيپ جيجل جي لوليءَ جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي آڱر پڪڙي جوان ٿي آهي ۽
انهيءَ نسل منجھان هند ۾ اڄ ڪيئي ساٿي سنڌي ساهت جا سرموڙ ساهتڪار ٿي اڀريا آهن.
ڊاڪٽر روشن گولاڻي به انهيءَ ٽهيءَ جو هڪ نمائندو ليکڪ آهي. جيڪو گذريل اڍائي
ڏهاڪن کان پنهنجي علمي ۽ قلمي پورهيي وسيلي ادب جا واهڙ وهائيندو رهيو آهي. هن هڪ
ئي وقت شاعر، مترجم، محقق ۽ ايڊيٽر طور پاڻ مڃايو آهي. ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي ڇپيل
ڪتابن ۾ ”سنڌي ورثو“ (1994)، ”رنگ برنگي گُل“ (2007)، ”مٺڙي مٺڙي لات“ (2010)،
”روشن آواز“ (2011)، ”روشن تارا“ (2012)، ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب
۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو“ (2014)، ”رنگ برنگي
پوپٽ“ (ايڊٽ ٿيل)، ”مهاڳ“ (ايڊٽ ٿيل)، ”ادبي تبصرا“ (ايڊٽ ٿيل)، ”سنگھ درشن“
(ترجمو) شامل آهن. 29 مئي 1972 تي احمد آباد ۾ جنم وٺندڙ روشن گولاڻي سنڌي ادب ۾
پي ايڇ. ڊي آهي. هو ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا
پيش ڪري چڪو آهي ۽ ادبي مڃتا طور سندس ڪتابن تي کيس ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. هو هند
جي متحرڪ ادبي شخصيتن مان هڪ آهي.
ڀلو ٿئي سوشل ميڊيا جو جنهن ڪري ڊاڪٽر روشن گولاڻي مونکي
ڳولي لڌو ۽ مان به کانئس واقف ٿي سگھيس. ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن ڊاڪٽر روشن هڪ ميسيج ۾
مونکان منهنجو پتو گھرندي ٻڌايو ته هو پنهنجا ڪجھ ڪتاب مون ڏي موڪلڻ گھري ٿو ته سچ
پچ دلي سرهائي ٿي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس ٽي ڪتاب1 . ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه
تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو (پي ايڇ ڊي ٿيسز) 2. روشن تارا (ٻارن لاءِ
شاعري) ۽ 3. سنڌي ادبي اخبار نويسي اچي پهتا ۽ مٿان اهو حڪم هيو ته انهن تي
تبصرو به لکڻو آهي.
مان پاڻ تحقيق ۽ تنقيد جو طالبِ علم سو منهنجي لاءِ اهي ٽئي
ڪتاب دلچسپيءَ کان خالي نه آهن. ٽئي الڳ الڳ موضوعن تي لکيل اهم ڪتاب آهن. هن
مختصر تحرير ۾ انهن جو تفصيلي تنقيدي جائزو وٺڻ ته ممڪن نه آهي البته انهن جو
مختصر تعارف ڪرائي سگھان ٿو.
پهريون ڪتاب ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽
سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو“ ڊاڪٽر روشن گولاڻي جو
تحقيقي پورهيو آهي ۽ انهيءَ تحقيقي ڪم تي ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جي رهبريءَ ۾ مهرشي
ديانند سرسوتي يونيورسٽي، اجمير مان 2014ع ۾ کيس پي ايڇ. ڊي جي سَندَ حاصل ٿي. مونکي
خوشي آهي ته جنهن شخصيت تي اهو تحقيقي مقالو لکيل آهي ان سان ڪجھ سال اڳ ڀٽ شاهه
تي ٿيل بين الاقوامي لطيف ادبي ڪانفرنس ۾ مونکي ملاقات جو شرف به
نصيب ٿيو آهي. مونکي سندس جاذب شخصيت بيحد متاثر ڪيو ۽ جڏهن ساڻس ڪي پل ڪچهري جو
موقعو مليو ته سندس پنهنجائپ واري سڀاءُ ويتر جيءَ ۾ جايون جوڙي ڇڏيون. هُن
ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل منهنجي مقالي جي ساراهه ڪئي هئي ۽ ان ملاقات جي ياد طور مون کيس
پنهنجو ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ــ موهن جو دڙو“ ڏنو هيو. مان ڊاڪٽر
ڄيٺي لالواڻي جي علمي ۽ ادبي لياقتن جو معترف ته پهريان به هيس پر ڊاڪٽر روشن
گولاڻي جي ٿيسز پڙهي منهنجي نظر ۾ سندس ادبي مقام اڃا به وڌي ويو آهي. هي ٿيسز ڪُل
ستن بابن تي مشتمل آهي. پهرين باب جو عنوان آهي ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي: جيون ۽
شخصيت. هن باب ۾ گولاڻي صاحب، ڊاڪٽر ڄيٺي جي جيون سفر جو مرحليوار ذڪر ڪيو
آهي، جنهن ۾ ننڍپڻ، تعليم تربيت، شادي ۽ نوڪري وغيره جو ذڪر آهي. هن ئي باب ۾
ڊاڪٽر صاحب جي اندرين ۽ ٻاهرين روپ تي به تبصرو ڪيو ويو آهي ۽ سندس گھرو، ڌارمڪ،
تعليمي، انتظامي ۽ ٻين سنسڪارن جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ان کان علاوه سندس ساهت ڏانهن
لاڙي ظاهر ڪرڻ سان گڏو گڏ سندس ادبي، تهذيبي ۽ تعليمي سرگرمين بابت پڻ ٻڌايو ويو
آهي. انهيءَ کان علاوه سندس ادبي پونجي جو سرسري جائزو وٺندي ڊاڪٽر روشن ساڻس ڪيل
انٽرويو کي به هن باب ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگي توڙي ادبي سرگرمين
تي روشني وڌي آهي. باب ٻيو ”ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي لوڪ ساهتيه تي ٿيل
کوجنا جو تنقيدي جائزو“ جي سري سان لکيل آهي. هن باب ۾ لوڪ ساهتيه ڇا
آهي؟، لوڪ ساهتيه جو اڀياس، ٻنيءَ جو سنڌي لوڪ ادب، سنڌي پروليون، سنڌي لوڪ ناٽڪ،
سنڌي فوڪ لور، اسان جو ورثو، ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت، سنڌي لوڪ رنگ، سنڌي سنت ساهتيه،
لوڪ ادب ــ ڪلا جا منهنجا سنسڪار ۽ لوڪ ادب ڪٽنب ۽ سماج جهڙا عنوان شامل آهن. هن
باب ۾ ڊاڪٽر روشن نه رڳو ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي لوڪ ادب ۾ ڪيل خدمتن تي ڀرپور
روشني وڌي آهي پر گڏو گڏ سنڌي لوڪ ادب جي مختلف صنفن جي اهميت کان به آگاهه ڪيو
آهي.
هن ٿيسز جو ٽيون باب ”ڪهاڻين ۾ ڪُٽنب ۽ سماج جو چِٽُ“
جي عنوان تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪهاڻي جي اهميت بيان ڪندي ۽ سنڌي ڪهاڻي تي
سرسري نظر وجھندي ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جِي هڪ ڪهاڻيڪار واري حيثيت کي اڀاريو آهي ۽
سندس ڪهاڻين جي ٽن مجموعن 1. ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس 2. پوسٽ مارٽم ۽ 3. ردي
تي ڀرپور تنقيدي تبصرو ڪيو آهي. اهڙي ريت هن ڪتاب جو چوٿون باب ڊاڪٽر ڄيٺو
لالواڻي جي مضمونن ۾ ڪٽنب ۽ سماجڪ مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ جو احاطو ڪري ٿو. هن
باب ۾ مضمون نويسيءَ جو فن، سنڌي مضمون نويسي ۽ مضمون نگار جهڙا ذيلي عنوان موجود
آهن. آخر ۾ مضمونن جي اهم ڪتابن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو پنهنجو باب آهي ”ناٽڪن
۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چِٽُ“. انهيءَ باب ۾ به اڳ ۾ آڳاٽي زماني ۾ ناٽڪ تي
ڳالهايو ويو آهي، جنهن بعد سنڌي ناٽڪ جي مختصر اوسر بيان ڪندي ڊاڪٽر ڄيٺي جي ناٽڪن
جو تنقيدي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر گولاڻي جي هن ٿيسز جو ڇهون باب ”ٻال
ساهت ۾ ڪٽنب ۽ سماج“ جي عنوان تحت لکيل آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر لالواڻي جي
ٻارڻي ادب ۾ ڪيل پورهيي خاص طور ٻارن لاءِ لکيل سندس ڪهاڻين ۽ ناٽڪن تي ڀرپور
نموني لکيل آهي. هن ئي باب جي ٻئي حصي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ٻاراڻي ادب ۾ ڪيل ترجمي
واري ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو آهي. اهڙن ترجمن ۾ گجراتيءَ مان سنڌي، هنديءَ مان
سنڌي، سنڌيءَ مان گجراتي ۽ اهڙين الڳ الڳ ٻولين جي ترجمن جو ذڪر موجود آهي. انهيءَ
باب جو ٽيون ۽ آخري حصو ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي صحافتي خدمتن کي اجاگر ڪري ٿو، جنهن
۾ سندس پاران ايڊٽ ڪيل اخبارن ۽ رسالن جو تفصيلي ذڪر موجود آهي. گڏو گڏ هن جن
اخبارن ۾ ڪالم ۽ رسالن ۾ مضمون لکيا آهن تن جو به تذڪرو ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح هن
ڪتاب جو آخري باب ”جاچنائون“ جي عنوان وارو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر روشن
پنهنجي سموري تحقيقي ڪم مان اخذ ڪيل نتيجا ڏنا آهن. آخر ۾ ڪجھ ضميما ڏنل آهن، جنهن
بعد دستور مطابق ببليوگرافي شامل آهي.
ڊبل ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هي ڪتاب 2014 ۾ پڌرو ٿيو. ڊاڪٽر ڄيٺي
لالواڻي جي خوبصورت تصوير سان سجايل هن ڪتاب جو خوبصورت چار رنگو ٽائيٽل سنڌ جي
پبلشر موهن مدهوش ٺاهيو آهي. 262 صفحن واري هن ضخيم ڪتاب جو مهاڳ نامياري عالم
هيري ٺڪر لکيو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، ڊاڪٽر
هوندراج بلواڻي ۽ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي جا تاثرات به ٿيسز جي زينت بڻيل آهن. شري
هيرو ٺڪر ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”هي سڄي ٿيسز ڄيٺي لالواڻيءَ جي ساهتيه بابت هڪ
مخصوص علمي خزانو آهي....... هي ڪاريه سرانجام ڏيندي، روشن گولاڻي ڪيڏي جاکوڙ ۽
جانفشاني ڪئي هوندي، ان جو اندازو ٿيسز سان شامل سٺ کن مددي ڪتابن واري ببليوگرافي
۽ پنجن ضميمن، جن ۾ سيڪڙو انگريزي، هندي، گجراتي سنڌي ڪتابن جو ذڪر آهي، تنهن مان
لڳائي سگھجي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اها آهي ته هيترن بيشمار ڪتابن جي علم کي ذهن
۾ رکندي، روشن گولاڻيءَ، ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي مختلف ساهتيڪ رچنائن جو
سنجيدگيءَ ۽ گھرائيءَ سان ۽ باريڪ نموني اڀياس ويهي ڪيو آهي ۽ انهن تي بي لاڳ ڍنگ
سان پنهنجون تڪي توري طئي ڪيل جاچنائون درج ڪيون آهن.“
هن ٿيسز ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻي تحقيق جي مروج طريقن کي ڪتب
آڻيندي نتيجا ڪڍيا آهن. سگھارن حوالن سان جنجھ هي تحقيق پورهيو جنهن لاءِ هن سالن
تائين پنهنجو نور نچويو آهي، تنهن کي پڙهڻ بعد اهو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته ڊاڪٽر
گولاڻي هم عصر محققن ۾ هر وجه مانائتي مقام لائق آهي. ايترو سو ضرور آهي ته هن
تحقيقي پورهيي کان پوءِ سندس ڪُلهن تي بار اڃا به وڌيو آهي ۽ سنڌي ادب سندس محنتن
۽ محبتن جو اڃا وڌيڪ گھرجائو آهي.
هن ٿيسز ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻي تحقيق جي مروج طريقن کي ڪتب
آڻيندي نتيجا ڪڍيا آهن. سگھارن حوالن سان جنجھ هي تحقيق پورهيو جنهن لاءِ هن سالن
تائين پنهنجو نور نچويو آهي، تنهن کي پڙهڻ بعد اهو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته ڊاڪٽر
گولاڻي هم عصر محققن ۾ هر وجه مانائتي مقام لائق آهي. ايترو سو ضرور آهي ته هن
تحقيقي پورهيي کان پوءِ سندس ڪُلهن تي بار اڃا به وڌيو آهي ۽ سنڌي ادب سندس محنتن
۽ محبتن جو اڃا وڌيڪ گھرجائو آهي.
ڊاڪٽر گولاڻي جو ٻيو ڪتاب ”سنڌي ادبي اخبار نويسي“
به پنهنجي موضوع جي حوالي سان نهايت اهميت جو حامل آهي. ڪتاب ۾ پنهنجي پاران ۾
ڊاڪٽر روشن لکي ٿو ”اسان جڏهن اخبارنويسيءَ تي سوچون ٿا تڏهن هڪ دم اسان جو ڌيان
اخبارن ڏانهن وڃي ٿو...... گھڻن ذهني شخصن وٽان پڻ اخبار معنى خبر، ڄاڻ، اشتهار،
ڏيڻ جو واهڻ طور ڄاتم. جيتوڻيڪ اخبارون ادب، ڪلا سان پڻ ڀرپور هونديون آهن. اخبار
نويسيءَ جي اڀياس ۾ ڏٺم ته اخبار نويسي گھڻ پاسائي آهي. ان جا جدا جدا قسم، روپ ۽
ماڌيم آهن. اخبار نويسي صحافت ۾ اخبارون، رسالا ۽ مخزنون به شامل آهن. اخبار نويس
تعليمي، سماجي، ادبي ۽ سياسي شعور پيدا ڪري ٿو.“ هن ڪتاب ۾ ڪُل نوَ عنوان شامل آهن
پهريون ”اخبار نويسيءَ جو مقصد“، ٻيو ”اخبار نويسي: معنى ۽
وصف“، ٽيون ”اخبار نويسي: ڪالهه ۽ اڄ“، چوٿون ”ادبي
اخبار نويسي: سرپ ۽ خاصيتون“ پنجون ”سنڌ جا سنڌي ادبي مخزن ــ
رسالا“ ڇهون ”ورهاڱي کانپوءِ مخزنون ــ رسالا“ (سنڌ ۾)،
ستون ”هند جون ادبي مخزنون ۽ رسالا“، اٺون ”سنڌي ادبي اخبار
نويس“ ۽ نائون ”سنڌي رسالن جا ٽائيٽل چتر“. آخر ۾ مددي
ڪتابن جو وچور ڏنل آهي. ڪتاب جا پيش لفظ نامور عالم ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي لکيا آهن. ڊاڪٽر
صاحب اخبار نويسي کي نهايت وسيع اصطلاح ۾ پيش ڪندي، ان ۾ پرنٽ ميڊيا سان گڏ،
اليڪٽرونڪل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا کي به شامل ڪري ٿو. هن اخبار نويسيءَ جي اهميت تي
روشني وجھندي لکيو آهي ته ”اخبار صرف خبرون، چتر شايع ڪندڙ ساڌن نه آهي پر اخبار
نويسي ترت رچيل ساهت آهي ۽ ادبي پڻو اسان جو دائمي ڀاوَ آهي. اخبار نويسي ۾ ساهتيڪ
ڇهاءُ هرڻ جي دُنَ جي کستوريءَ جي خوشبوءِ کي جاڳائڻ، ان سان انسانيت جي شناخت
ڪرائڻ ئي اخبار نويسي ۽ صحافت جي اهم ذميداري آهي.“
2015 ۾ شايع ٿيل 112 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب
جو ٽائيٽل مهيش لالچنداڻي ٺاهيو آهي، جنهن تي هند سنڌ ۾ ڇپجندڙ اهم رسالن ۽ تحقيقي
جرنلن جون تصويرون ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ موضوع جي مناسبت سان ڊاڪٽر روشن گولاڻي
جھجھو مواد شامل ڪيو آهي. هن پنهنجي ڳالهه ۽ موضوعن کي وزنائتو بڻائڻ لاءِ هند جي
جي عالمن ۽ اديبن جا رايا ۽ سندن ڪتابن مان حوالا ڏنا آهن. منهنجي خيال ۾ پنهنجي
عنوان جي لحاظ کان هي پنهنجي نوعيت جو هڪ منفرد ۽ سهڻو ڪتاب آهي.
ڊاڪٽر گولاڻي جو ٽيون ڪتاب ”روشن تارا“ سندس ٻاراڻي
شاعريءَ جو ڳٽڪو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ٻاراڻي ادب تي نهايت ٿورو ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ڪي آڱرين
تي ڳڻڻ جيترا ادبي دوست ٻارن لاءِ لکن پيا. ڪتاب ”روشن تارا“ ۾ ديال آشا طرفان لکيل ٻه
لفظ پڙهي اندازو ٿئي ٿو ته هند ۾ به صورتحال ساڳي ئي آهي. پر خوشيءَ جي ڳالهه آهي
ته ڊاڪٽر گولاڻي ان سلسلي ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. گولاڻي صاحب مذڪوره ڪتاب
کان اڳ پڻ ٻال ساهت ۾ ٻه ڪتاب ”رنگبرنگي گُلَ“ ۽ ”مٺڙي مٺڙي لات“
پيش ڪري چڪو آهي. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي ڪتاب جي پيش لفظن ۾ ٻڌايو آهي ته ”شري روشن
گولاڻيءَ جو ٻاراڻي ادب سان بيحد لڳاءُ پئي رهيو آهي. ٻارن جو ادب لکڻ، سهيڙڻ،
سمپادن ڪرڻ ۽ ٻال ڪالم لکڻ جو ڪم اسڪولي ۽ ڪاليجي جيون کان هن جي زندگيءَ جو هڪ
اٽوٽ حصو رهيو آهي....... ذهني، اخلاقي علم سان ڀرپور ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪندڙ سولي
سمجھاڻي ۽ نصيحت سان ڀرپور هجڻ ڪري هن جي ٻال ڪوتائن جي ڪتابن کي انعام به حاصل
ٿيل آهن.“
”روشن تارا“ ۾ جيڪي ٻاراڻا گيت شامل
آهن، اهي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا. انهن مان ٻار اخلاقي
معيارن ۽ سماجي ٻنڌڻن کي به سمجھي سگھن ٿا ته منجھانئن وندر ۽ ورونهن جو سامان به
ملي سگھي ٿو. ”ڏاڏو“، ”ڏاڏي“، ”استاد سچو“، ”سچ جي مهما“، ”داتا جا گڻ“،
”لولي“، ”ڀونئرو“، ”اُٺُ“، ”وقتائتا ٻولَ“ وغيره اهڙن گيتن ۾ شامل آهن.
ڪتاب ۾ هر هڪ گيت سنڌي سان گڏ هندي اسڪرپٽ ۾ پڻ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر هوند راج بلواڻي
جي تعريفي نوٽ سان گڏ ڊاڪٽر گولاڻي جي هن کان اڳ آيل ڪتاب ”مٺڙي مٺڙي لات“ بابت
هند جي ناميارن اديبن جا رايا به شامل آهن.
2012 ۾ ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل 72 صفحن واري هن ڪتاب جو
سهڻو ٽائيٽل موهن مدهوش ڊزائين ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اوهان کي ٻاراڻي معصوميت سان
معمور انيڪ سهڻيون سٽون ملنديون. جئين:
امان ٻڌاءِ ڪا مونکي ڪهاڻي
پهچي وڃي جيئن ننڊ جي راڻي
..................
ڏاڏي منهنجي نياري آهي
تڏهن ته مونکي پياري آهي
..................
لال ڏيان ٿي توکي لولي
تون نه وسارجان پنهنجي ٻولي
هن مختصر مضمون ۾ ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي سموري ادبي پورهيي جي
تفصيلي ڄاڻ ته موجود نه آهي پر ذڪر هيٺ آيل سندس ٽن ڪتابن جي هن مختصر تعارف مان
به اهو اندازو ڪرڻ اوکو نه آهي ته ڊاڪٽر روشن گولاڻي علم، ادب ۽ قلم سان ساٿ
نڀائيندڙ هڪ اهڙو ليکڪ آهي جيڪو محنت تي يقين رکي ٿو. هو ادب جا نوان آڪاس کوجڻ
لاءِ سدائين جستجو ۾ رهي ٿو ۽ تخليقي ۽ تحقيقي پورهيي وسيلي هو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. شال هو ائين ئي پنهنجي ٻوليءَ جي جيئدان
لاءِ جاکوڙيندو رهي ۽ ساهت جي سنسار ۾ پنهنجو نالو اڃا به نروار ڪري.
No comments:
Post a Comment