ڊاڪٽر احسان دانش
هڪَ محبوب شخصيت
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
رجنيش اوشو پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ جيون جي حقيقت بيان ڪندي چيو
هو ته ”جيون هڪ ڪورو ڪتاب آهي. ان کي کولڻ سان ڪجھ حاصل نه ٿيندو. ان ۾ توهان کي
ڪو اکر ۽ ڪا سٽ نه ملندي. خالي ڪاغذ کي ڪوئي ڇا پڙهندو..... هڪڙي ئي ڳالهه ٿي سگھي
ٿي ته ان ڪوري ڪاغذ کي ڏسندا رهو، ڏسندا رهو ۽ هڪ ڏينهن خود به ڪورا ڪاغذ بڻجي
وڃو. جيون جي حقيقت کي ڳوليو ويندو آ کوليو نه ويندو آهي. اهو ڪو تالو ناهي جو ان
جي ڪا چاٻي هجي. هونءَ ته جيون جي دروازي تي ڪوئي تالو ناهي سڀ ڪجھ کليل آهي ۽ انت
تائين کليل آهي.... ڳوليندا رهو ڳوليندا رهو ڪوئي پاتال نه ماڻيندئو اهو اٿاهه
آهي، ان جو ڪو ڪنارو ناهي، بي ڪناره آهي. ڪنارو هجي ها ته ماڻهو پار ڪري وڃي ها.
گھرو ناهي اٿاهه آهي. گھرو هجي ها ته اسان ماپ ڪري سگھون ها. تنهن ڪري هڪ ڇا هزار
سالن تائين به جيون جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا سين ته به ڳالهه سمجھ ۾ نه
ايندي.“
هومر جي رزميي کان ڪيٽس جي شاعريءَ تائين، شيڪسپيئر جي
اوپيراز کان پئبلو نرودا جي مزاحمتي ڪوتائن تائين، رودڪي جي شعرن کان رومي جي رمزن
تائين، ڪبير جي دوهن کان ميران جي ڀڄنن تائين، ڀٽائي جي بيتن کان سامي جي سلوڪن
تائين ۽ اياز جي نظمن کان اڄوڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي سمورن سگھارن آوازن تائين نه
رڳو نظم ۾ زندگي ۽ زندگيءَ جي حسناڪين ۽ ڪربناڪين جون عجيب تصويرون چٽيون ويون آهن
پر وڏن وڏن فلسفين ۽ ڏاهن جيون جي حقيقت کي بيان ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا آهن...... پر
ايڏين تشريحن کان پوءِ به ان جي ڪا تشريح حتمي ناهي...... ائين چئجي ته جيون اهو
آهي، جيڪو هر تشريح کان بالا آهي..... اهو هڪ ڪورو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪو به اکر ۽
ڪا به سٽ ناهي. بقول اوشو ”خالي ڪاغذ کي ڪوئي ڇا پڙهندو.“ پوءِ چوڻ واري ائين ڇو
چيو آهي ته ”ڪوئي خالي سکڻا نهين، سب ڪي اندر لعل“........ اهو لعل اصل ۾ انسان جي
اها ڏات آهي جنهن سان سندس ذات جي تڪميل ٿئي ٿي. اهو هنر ۽ ڏات ئي آهي، جنهن سان
سندس جيون جي ڪوري ڪتاب ۾ ڪجھ پڙهڻ ۽ سمجھڻ لائق ٿئي ٿو.
هر ماڻهو پنهنجي جيون ڪتاب ۾ عمل جي وکر سان اهي اکر ميڙي
ٿو، جنهن سان سندس زندگيءَ کي ڪو مفهوم ملي ٿو....... ها جيون جي ڪوري ڪتاب کي
اندر جي اک سان پڙهي سگھجي ٿو...... جيڪب آباد جي سوڙهين گھٽين ۾ جنم وٺندڙ هڪ
سماني انسان غلام نبي سڌايو به پنهنجي حياتيءَ جي ورقن کي پنهنجي عمل جي وکر سان
پُر مفهوم بڻايو آهي. هن جي جيون ڪتاب جي ورق ورق کي کولڻ ۽ محبت جي اکين سان پڙهڻ
جي ضرورت آهي.