Sunday, 23 August 2020

انساني سماجن جي ارتقا ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


انساني سماجن جي ارتقا 

 

Evolution of Human Societies

 

انساني سماجن جي ارتقا کان اڳ انسان جي ارتقا جي عمل کي سمجھڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اسين سماجن جي اڏاوت کي ان وقت تائين سمجھي نه ٿا سگھون جيسيتائين ماڻهوءَ جي ماڻهو ٿيڻ واري ڳالھ کي نه ٿا سمجھون. تنهن ڪري هتي پهريان تمام مختصر نموني انسان جي ارتقائي سفر جو مختصر ذڪر لازمي سمجھان ٿو.

 

انسان جو ارتقائي سفر (Evolution of Humanbeings):

 

انساني ارتقا جو سفر انتهائي دلچسپ آهي. تخليقِ آدم جي معاملي تي مذهب ۽ سائنس ۾ وڏو تضاد نظر اچي ٿو. مذهب انسان جي تخليق جو سبب ڳجھي طاقت (خدا) جو تخليقي معجزو ڄاڻائي ٿو ۽ سائنس وري منطق، دليل ۽ سائنسي تجربن جي بنياد تي ماڻهوءَ کي پاڻ کان گھٽ جنس وارن جانورن جي ارتقائي صورت تسليم ڪري ٿي. هتي اسانجو مقصد ان تضاد کي سلجھائڻ نه آهي، پر انسان جي ارتقائي مرحلن جي حوالي سان مختصر نموني ڪي بنيادي نڪتا رکڻ آهي.

اڄ سائنس اها حقيقت ظاهر ڪري ڇڏي آهي ته ٻين جانورن وانگر انسان جي به ارتقا ٿي آهي؛ اهو پاڻ کان حقير ۽ خسيس جانورن منجھان طويل ارتقائي عمل کان پوءِ ڦٽي نڪتو آهي؛ اهو روزِ اول کان ان ئي صورت ۾ ڪونه خلقيو ويو آهي، جنهن ۾ اهو اڄ آهي. هن خود فطرت جي موتمار قوتن سان مقابلو ڪندي، پاڻ کي ”اشرف المخلوقات“ بڻايو آهي. اينگلس هڪ هنڌ لکيو آهي: ”انسان پاڻ کي پاڻ ئي انسان بڻايو آهي.“ هن نظريي کي واضح لفظن ۾ پيش ڪرڻ وارو پهريون عالم چارلس ڊارون هو، جنهن چيو ته تمام موجوداتِ عالم (انسان سميت) ان ارتقائي عمل جو نتيجو آهن، جيڪو زندگيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان روان دوان آهي.“(1)

سائنس انسان جي ابتدا جي آثارن جي حوالي سان اڪثر اندازا ۽ انومان ڏيکاريا آهن. ڪٿي ڪٿي انهن اندازن کي صحيح ثابت ڪرڻ ۾ مختلف جاين تان مليل انساني هڏن، پنڊ پهڻن يا برف جي تهن ۾ ڄمي ويل انساني جسمن پڻ کين وڏي مدد ڏني آهي. پر بهرحال انسان جي هن ڌرتيءَ تي قدامت جو صحيح اندازو لڳائڻ ڪو آسان ڪم به نه آهي، ڊارون جي ”توريثِ آدم“ (The Descent of Man) واري نظريي جا مڃيندڙ لکين ۽ ڪروڙين سال اڳ جي مليل انهن ڍانچن کي پڻ انسان جي ابتدائي شڪلين سان ڀيٽين ٿا جيڪي باندر نما انسان (Pithecanthropus) آهن. انسان جي ارتقا جو سمورو قصو دلچسپين سان ڀريل آهي.

 

علم هيئت جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته شايد 3،000،000،000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گيس جو تيز گرميءَ سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجھو اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سوء ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1،000،000،000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا. ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي روشني وجھي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا. (2)