Sunday, 23 August 2020

انساني سماجن جي ارتقا ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


انساني سماجن جي ارتقا 

 

Evolution of Human Societies

 

انساني سماجن جي ارتقا کان اڳ انسان جي ارتقا جي عمل کي سمجھڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اسين سماجن جي اڏاوت کي ان وقت تائين سمجھي نه ٿا سگھون جيسيتائين ماڻهوءَ جي ماڻهو ٿيڻ واري ڳالھ کي نه ٿا سمجھون. تنهن ڪري هتي پهريان تمام مختصر نموني انسان جي ارتقائي سفر جو مختصر ذڪر لازمي سمجھان ٿو.

 

انسان جو ارتقائي سفر (Evolution of Humanbeings):

 

انساني ارتقا جو سفر انتهائي دلچسپ آهي. تخليقِ آدم جي معاملي تي مذهب ۽ سائنس ۾ وڏو تضاد نظر اچي ٿو. مذهب انسان جي تخليق جو سبب ڳجھي طاقت (خدا) جو تخليقي معجزو ڄاڻائي ٿو ۽ سائنس وري منطق، دليل ۽ سائنسي تجربن جي بنياد تي ماڻهوءَ کي پاڻ کان گھٽ جنس وارن جانورن جي ارتقائي صورت تسليم ڪري ٿي. هتي اسانجو مقصد ان تضاد کي سلجھائڻ نه آهي، پر انسان جي ارتقائي مرحلن جي حوالي سان مختصر نموني ڪي بنيادي نڪتا رکڻ آهي.

اڄ سائنس اها حقيقت ظاهر ڪري ڇڏي آهي ته ٻين جانورن وانگر انسان جي به ارتقا ٿي آهي؛ اهو پاڻ کان حقير ۽ خسيس جانورن منجھان طويل ارتقائي عمل کان پوءِ ڦٽي نڪتو آهي؛ اهو روزِ اول کان ان ئي صورت ۾ ڪونه خلقيو ويو آهي، جنهن ۾ اهو اڄ آهي. هن خود فطرت جي موتمار قوتن سان مقابلو ڪندي، پاڻ کي ”اشرف المخلوقات“ بڻايو آهي. اينگلس هڪ هنڌ لکيو آهي: ”انسان پاڻ کي پاڻ ئي انسان بڻايو آهي.“ هن نظريي کي واضح لفظن ۾ پيش ڪرڻ وارو پهريون عالم چارلس ڊارون هو، جنهن چيو ته تمام موجوداتِ عالم (انسان سميت) ان ارتقائي عمل جو نتيجو آهن، جيڪو زندگيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان روان دوان آهي.“(1)

سائنس انسان جي ابتدا جي آثارن جي حوالي سان اڪثر اندازا ۽ انومان ڏيکاريا آهن. ڪٿي ڪٿي انهن اندازن کي صحيح ثابت ڪرڻ ۾ مختلف جاين تان مليل انساني هڏن، پنڊ پهڻن يا برف جي تهن ۾ ڄمي ويل انساني جسمن پڻ کين وڏي مدد ڏني آهي. پر بهرحال انسان جي هن ڌرتيءَ تي قدامت جو صحيح اندازو لڳائڻ ڪو آسان ڪم به نه آهي، ڊارون جي ”توريثِ آدم“ (The Descent of Man) واري نظريي جا مڃيندڙ لکين ۽ ڪروڙين سال اڳ جي مليل انهن ڍانچن کي پڻ انسان جي ابتدائي شڪلين سان ڀيٽين ٿا جيڪي باندر نما انسان (Pithecanthropus) آهن. انسان جي ارتقا جو سمورو قصو دلچسپين سان ڀريل آهي.

 

علم هيئت جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته شايد 3،000،000،000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گيس جو تيز گرميءَ سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجھو اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سوء ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1،000،000،000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا. ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي روشني وجھي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا. (2)

 

سماجي، ثقافتي ۽ تهذيبي اوسر

 

انساني سماجن جي ارتقائي تاريخ لاءِ هن وقت تائين ڪو به هڪ مستند ۽ متفق نظريو موجود نه آهي پر بهرحال تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انساني سماجن ٻن طريقن سان ترقي ڪئي آهي: پهريون عقيدن جي بنياد تي ۽ ٻيو سائنسي نظرين جي بنياد تي. عقيدن جو بنياد مذهبن، ڏند ڪٿائن ۽ اهڙن ٻين طريقن تي مداريل آهي، جن کي ماڻهن جو هڪ طبقو حرفِ آخر تصور ڪري ٿو. اهڙي طرح عقيدي (Faith) جي بنياد تي انهن ڳالهين کي پٿر تي ليڪو سمجھيو وڃي ٿو جيڪي ڪڏهن به تبديل ٿي نه ٿيون سگھن. انساني سماج جي تاريخ کي سمجھڻ جو ٻيو انداز سائنس يا سماجي سائنس ٻڌائي ٿي، سماجي سائنس انساني سماج جي مختلف رخن تي روشني وجھي ٿي. جهڙوڪه انساني سماج جي معاشي ارتقا کي معاشي ڄاڻ (ايڪانامڪس)، سياسي ارتقا کي سياسي ڄاڻ (پوليٽيڪل سائنس) ۽ سماجي ارتقا کي سماجي ڄاڻ (سوشل سائنس) وسيلي سمجھي سگھجي ٿو. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي علم آهن جن وسيلي انسان جي سماجي ارتقا کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي.

جديد سائنسي نظرين کي سامهون رکندي انساني سماج جي اوسر کي وڌيڪ آسان نموني ٻن طريقن سان سمجھي سگھجي ٿو: پهريون انسان جي پورهيي ۽ اوزارن وسيلي ٻيو سماجي جوڙ جڪ ۽ فردي تسلط وسيلي. پهرين طريقي ۾ انسان جي تهذيب جا اهي سمورا دور جيڪي پٿر جي پراڻي دور کان صنعتي دور تائين انساني سماجن جي ارتقا جو ڏس ڏين ٿا ۽ ٻئي طريقي ۾ انسان جي رشتن ۽ خانداني مانڊاڻ کان رياستن جي قيام ۽ فردن جي تسلط تائين انسان جي سماجي ترقي جي سمورن ارتقائي مرحلن کي سمجھي سگھجي ٿو.

سماجي سائنس جي هڪ نظرئي مطابق انساني تاريخ پنهنجي سماجي تنظيم جا ڇهه دور (Stages) يا درجا ڏٺا آهن. جيڪي سڀئي پيداواري طاقتن جي ڦرن سان ظاهر ٿي وري گم ٿيا آهن. اهي درجا هي آهن:

1.       بنيادي (Primitive)

2.       گڏيل يا مشترڪه (Communal)

3.       غلامانه (Slave)

4.       جاگيرداري (Feudal)

5.       سرمائيداري (Capitalist)

6.       سماجوادي (Socialist)

هڪ کان ٻئي مرحلي ڏانهن وڃڻ ۾ انسان جي سوچ ۾ تبديلي ۽ رهائش جي ڪنهن بهتر طور طريقي يا ڍنگ جي ڪوشش نظر اچي ٿي ۽ ان لاءِ انسان ڏاڍي جدوجهد ڪئي آهي. (3) انساني سماجن جي ارتقا انهيءَ جدوجهد جي ئي ڪهاڻي آهي.

سماجي ماهر Gerhard Lenski مطابق ”انساني سماجن جو بنياد پنجن جزن تي رکيل آهي 1. آبادي Population 2. ثقافت Culture 3. ثقافت جون پيدا ڪيل مادي شيون Material products of Culture 4. سماجي تنظيمون Social Organizations 5. سماجي ادارا Social Institutions (4) اڳتي هلي اسين انساني سماجن جي ارتقا جي حوالي سان انهن پنجن ئي اهم جزن جو ذڪر ڪندا سين.

سماجيات جي جڳ مشهور ماهر Lenski پنهنجي ڪتاب “Human Societies” ۾ انساني سماجن جي ثقافتي ۽ تنظيمي نڪته نگاھ کان درجه بندي هيٺينءَ ريت ڪئي آهي:

1.       شڪاري ۽ گڏيل سماج Hunting and gathering societies

2.       سادا باغائي سماج Simple horticultural societies

3.       سڌريل باغائي سماج Advanced horticultural societies

4.       سادا زرعي سماج Simple agrarian societies

5.       سڌريل زرعي سماج Advanced agrarian societies

6.       مڇيءَ تي گذران ڪندڙ سماج Fishing societies

7.       ساحلي سماج Maritime societies

8.       سادا گروهي سماج Simple herding societies

9.       سڌريل گروهي سماج Advanced herding societies

10.   صنعتي سماج  Industrial societies  (5)

انسان جي تاريخ دراصل انساني سماجن جي ئي تاريخ آهي تنهن ڪري مختلف دورن ۾ انسان جي اوسر انساني سماجن جي ارتقا جو ڏس ڏئي ٿي. ”انسان جي ڪارنامن جو پهريون شاهد ”دور“ يا ”وقت“ آهي ۽ ٻيو شاهد ”زمين“. ان ڪري انسان جي تاريخ کي دورن ۾ ورهائڻ لاءِ انهن ئي ٻن شاهدن جي شاهديءَ تي ڀروسو ڪرڻو پوندو..... زمين جي شاهديءَ جي ڀروسي تي ۽ وقت جي آڌار تي انسان جي تاريخ کي، لوھ واري زماني سميت، ڇهن دورن ۾ ورهايو ويو آهي. اهي دور هيٺ ڏجن ٿا:

1.       پهريون پٿر وارو زمانو (Eolithis)

2.       ٻيو پٿر وارو زمانو (Poleolithic)

3.       وچون پٿر وارو زمانو (Mesolithic)

4.       پويون پٿر وارو زمانو (نئين پٿر وارو زمانو) (Neolithic)

5.       پتل وارو زمانو (Bronze Age)

6.       لوھ وارو زمانو (Iron Age) (6)

مٿي ذڪر ڪيل دورن مان هر هڪ جو ڌرتيءَ جي علم جي ڄاڻن جدا جدا عرصو پڻ مقرر ڪيو آهي. جئين پٿر جو پهرين دور 50،000 ق.م کان 25،000 سال ق.م، پٿر جو ٻيو دور 25،000 سال ق.م کان 10،000 سال ق.م، پٿر جو وچون دور 10،000 سال ق.م کان 5،000 سال ق.م، پٿر جو نئون دور 5،000 ق.م کان 2،000 سال ق.م، پتل جو دور 2،000 ق.م کان 1،000 ق.م ۽ لوھ جو دور 1،000 ق.م کان موجوده دور تائين ڪٿيو ويو آهي. ساڳي طرح انهن سمورن دورن کي انساني سماج جي ترقي جي ڏاڪن جي حوالي سان محققن ۽ تاريخ جي ڄاڻن الڳ الڳ نانءَ پڻ ڏنا آهن. جهڙوڪه پهرين پٿر واري دور کي شڪار جو دور، ٻئي پٿر واري دور کي زراعت جودور، ٽين پٿر واري دور کي تمدن جي آغاز جو دور، چوٿين پٿر واري دور کي ترقي ۽ ملوڪيت جو دور، پتل واري دور کي انساني سمجهه جو عبوري دور ۽ لوھ واري دور کي شجاعت، بهادريءَ، ترقي ۽ سائنسي ايجادات وارو دور چيو ويندو آهي. انهن سمورن دورن کي سماجيات جي ماهرن الڳ الڳ نالا ڏنا آهن. جيئن مٿي Lenski جو حوالو ڏنل آهي. ماڻهو پنهنجي ڪرت ۽ ڪارنامن وسيلي سادي شڪاري سماج کان صنعتي سماج تائين ڪهڙي ريت ارتقائي مرحلا طئي ڪيا، ڪهڙي ريت ترقيءَ جا ڏاڪا اڪرندي نئين نئين ثقافتن ۽ تهذيبن کي جنم ڏنو ۽ پراڻي سماج ڪيئن تهذيب ۽ تاريخ جا مينار اڏيندي موجوده دور جي سڌريل سماج جو روپ ڌاريو، هيٺ ان جو نهايت مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

ڏاهن ۽ عالمن جا قول اسان کي سماجي ارتقا کي سمجھڻ ۾ وڏي  مدد ڏين ٿا، سماجيات ۽ عمرانيات جا اڪثر ماهر ان ڳالھ تي متفق آهن ته انسان ازل کان گروهي شڪل ۾ رهڻ جو هيراڪ رهيو آهي. ”سماج بابت آگسٽي ڪوميٽي (Auguste Comte) چوي ٿو ته ”ان جو ڪو به فڪر ۽ ڳڻتي نه آهي ته اسان ماضيءَ ۾ ڪيترو پوئتي وڃون ٿا، پر اسان کي ڪا هڪ به اهڙي نشاني يا هڪ  به اهڙو اهڃاڻ نه مليو آهي ته انسان ڪنهن به دور ۾ اڪيلو رهيو هجي. انسان هميشه گروهن ۽ قبيلن ۾ زندگي گذاري آهي. انسان پنهنجي شروعات سماج (Society) سان ڪئي آهي. انسان فردِ واحد بابت نه ڪڏهن سوچيو آهي نه ان کي ڪا اهميت ڏني آهي.“ ٻيو مفڪر ڊوني (Donne) چوي ٿو ته ”ڪو به ماڻهو ٻيٽ مثل نه آهي ۽ نه ڪي پاڻ تائين محدود آهي، پر هر هڪ انسان هڪ کنڊ (Continent) جو حصو ۽ ٽڪرو آهي.“ ..... ارسطو جو قول آهي ته ”اهو ماڻهو جيڪو سماج ۾ رهي نه ٿو سگھي سو يا ته حيوان آهي يا ديوتا آهي ۽ ڪنهن به حالت ۾ رياست جو جزو يا حصو ٿي نه ٿو سگھي.“ (7)

 

شڪاري سماجَ  Hunting societies

 

انسان جي وحشي جانور واري روپ کي پاسيرو رکي، انسان جي انسان پڻي جي ابتدائي دور (جنهن ۾ هو هڪ شڪاري جي روپ ۾ نظر اچي ٿو) ۾ جڏهن اسين کيس ڏسندا سين ته ”هن وقت تائين جيڪي آثار ملي سگھيا آهن اهي ظاهر ڪن ٿا ته اڄ کان پنجاھ هزار سال پهريان هن زمين جي مٿاڇري تي هڪ قسم جو ادنى انسان به موجود هيو ۽ موجوده انساني نسل جا ابا ڏاڏا به موجود هيا جيڪي پنهنجو پيٽ پالڻ جي لاءِ جھنگ جي پيداوار ميون ۽ جڙي ٻوٽين کان سواءِ جانورن جو شڪار به ڪندا هئا. شڪار ڪرڻ لاءِ اهي پٿر جا نوڪدار اوزار ٺاهيندا هئا. اهي پنهنجي خوراڪ يعني ميوا، نباتات، ماکي ۽ گوشت حاصل ڪرڻ جي لاءِ زمين تي گھمندي نظر ايندا هئا.“ (8) اهي پٿر واري پهرين دور جا انسان هئا. ”هن دور ۾ هڪ نئون ۽ وڌيڪ بهتر انسان وجود ۾ اچي چڪو هو، جيڪو باندرن کان مختلف هو. هن وٽ ڳالهائڻ جي ڪجھه قدر قوت هئي جنهن سان هو پاڻ جهڙن ٻين سان ”ڳالهائيندو“ يا Communicate ڪندو هو. هو اهو معلوم ڪري چڪو هو ته پٿر کي ڀڃي يا ٽڪي هٿيار ٺاهي سگھجي ٿو. ڪجھه وقت کان پوءِ هو هڏن، عاج ۽ سڱن مان به اوزار ٺاهڻ لڳو.“ (9)

ان دور جي ماڻهن جي اجتماعي ۽ سماجي زندگيءَ جي متعلق جيڪي اندازا قائم ڪري سگھجن ٿا اهي هي آهن ته انسان ٽوليون ٺاهي رهڻ وارو جانور هيو. اهي ٽوليون ابتدا ۾ ڪٽنب، قبيلي يا قوم جي شڪل ۾ منظم نه هيون. شروعات ۾ انهن ٽولين جو نه ڪوئي قانون هيو نه ئي رسم و رواج. نه حڪومت هئي، نه سردار هيا. نه پنچائتون هيون، نه ئي ديوتائن جو ڪو تصور موجود هيو ۽ نه شيطانن جو ڪوئي احساس. مرد ۽ عورت جي ميلاپ ۽ وابستگيءَ انهن ۾ ويجھڙائپ جو احساس پيدا ڪيو. ان احساس سَتُر لڪائڻ جي ضرورت جو احساس پيدا ڪيو، هتان ئي قبيلا ٺهيا ۽ ڪٽنب ۽ قبيلي جي بزرگ جي موجودگي منظم سوسائٽي جو بنياد وڌو. (10)

پهرين پٿر واري زماني جا ماڻهو بنيادي طور شڪاري هيا. تنهن ڪري سماجيات جي ماهرن ان دور کي شڪاري سماج سڏيو آهي. اهي ماڻهو پنهنجي پيٽ پوڄا لاءِ ٽولين جي صورت ۾ مختلف جانورن جو شڪار ڪندا هئا. اها انساني سماج جي ابتدائي شڪل هئي. ”زمين جي جن طبقن مان پٿر جا گھڙيل اوزار پنهنجين ابتدائي شڪلين ۾ گھڻائي ۾ مليا آهن انهن جا تھ ڄمڻ جي وقت جو اندازو اڄ کان پنجاھ سٺ هزار سال اڳ جي دور جو ڪيو ويو آهي. هي اهو زمانو آهي جڏهن شڪار پيشه ماڻهن جا ٽولا ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي سرزمينن ۾ وڏي تعداد ۾ ڦهلجي چڪا هئا..... ابتدائي دورن جي ماڻهن جون ٽوليون پنهنجي شڪار جي جانورن جي تلاش ۾ ۽ ميويدار وڻن وارن علائقن جي ڳولا ۾ هر پاسي پکڙبيون ويون، ۽ ڪنهن وقت ايتريون ته پري هليون ويون جو هڪ گروھ کي ٻئي گروھ جي حال احوال جي ڪا خبر ئي نه رهي. نوعِ انساني جا اهي وکريل گروھ شڪار ۽ نباتاتي خوراڪ جي تلاش ۾ اڳتي کان اڳتي نڪرندا ويا ۽ هر گروھ کي جنهن قسم جون طبعي حالتون پيش اينديون رهيون انهن جي مطابق زندگي بسر ڪرڻ لڳا.“(11)

”10 هزار سال ق. م تائين دنيا جا مکيه انساني نسل پنهنجن مخصوص خطن ۾ آباد ٿي چڪا هئا. اوائلي پٿر جي زماني ۾ دنيا بهرحال انسانن سان ايتري ڀريل نه هئي. اندازو لڳايو ويو آهي ته ان دور ۾ هن سموري ڌرتيءَ مٿان ڪل هڪ ڪروڙ انسان موجود هئا. انسان جي عمر پنهنجي پيدا ڪيل تهذيب کان ڏهوڻي آهي.“(12)

 

زرعي سماج  Agrarian societies

 

انساني قبيلن کي سڀ کان پهريان جنهن شيءِ ڪنهن هڪ جاءِ جو پابند ٿي وستيون وسائڻ تي آماده ڪيو اها ڪنهن خطي جي پاڻ مرادو اسرندڙ ٻوٽن مان اناج حاصل ڪرڻ جي دريافت هئي. حقيقت اها آهي ته ”عورت ئي سڀني کان وڏو معاشي راز هٿ ڪري ورتو اهو راز زمين جي سخاوت يعني زراعت هئي. جڏهن مرد شڪار تي ويندو هو ته ان کي جھوپڙيءَ جي ڀرپاسي ۾ جيڪا به کائڻ جهڙي شيءِ ملندي هئي ته هوءَ ان کي کڻي وٺندي هئي. آسٽريليا ۾ پنهنجي ساٿيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ عورت وڻن مان ميوا پٽيندي هئي. ماکي ٻج ۽ قدرتي اناج گڏ ڪندي هئي.“ (13)

”مرد جڏهن ٻاهر شڪار تي ويندا هئا ته اهو ضروري نه هو ته کين هر ڀيري شڪار هٿ اچي. هو اڪثر خالي هٿين به واپس ورندا هيا. ڪنهن مهل ته هنن کي واپس ورڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳي ويندا هيا ۽ ڪڏهن ته هو پاڻ به شڪار دوران مري کپي ويندا هيا. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن عورت ۽ ٻار پاڻ ڪجھه نه ڪن ۽ سندن واپسيءَ جو انتظار ڪندا رهن ها ته هو به بک مرن ها.

اهڙي حالت کي منهن ڏيڻ لاءِ مورگن لکي ٿو ”شڪاري قبيلن کي جاچڻ مان لڳي ٿو ته عورتون ۽ ٻار ننڍا لڪڻ هٿ ۾ کڻي کاڌو ڳولڻ نڪرندا هئا. وڻن جون پاڙون کوٽي مختلف وڻن مان ٻير، لوڙھ ۽ ڦريون وغيره پٽڻ ۾ مصروف هوندا هئا. جانورن ۾ سها، ڪڇون ۽ انهن جا آنا کڻندا هئا. اڄ جو انسان پنهنجي خوراڪ جو سٺ کان اسي سيڪڙو وڻن مان حاصل ڪندو آهي. ان ڪري اهو چوڻ صحيح آهي ته مرد گوشت حاصل ڪيو ۽ عورت زراعت جو بنياد وڌو.“ (14)

”يونان کان وٺي چين تائين ديو مالائي قصن ۾ عورت کي زراعت ۽ ڪپڙو اڻڻ جو باني قرار ڏنو ويندو آهي. گھرن کي تعمير ۽ ڳوٺن کي آباد ڪرڻ ۾ به عورت جي سرگرمين جو وڏو دخل آهي. ان جي بر عڪس پٿرن کي گسائڻ، انهن مان هٿيار ٺاهڻ، ٻيڙيون ٺاهڻ وغيره مردن جا ڪم هيا. انهن ٻنهي ڪمن جي فرق سبب عورت ۽ مرد جي ڪردار ۾ فرق اچي ويو. عورت تخليق، پيدائش ۽ زندگيءَ جي علامت بڻجي وئي ته مرد تشدد، سختي ۽ موت جو مثال.“ (15)

”گھڻو ڪري پاڻ مرادو پيدا ٿيندڙ اناج کي غذا طور استعمال ڪرڻ جي دريافت کان پوءِ انسان جي ڪجھه ڪٽنبن ان علائقي کي پنهنجي مستقل رهڻ جي جاءِ بڻايو هوندو جنهن ۾ سندس ٻوٽا وڌندا ويجھندا هوندا، ۽ هو انهيءَ نئين غذا کي ان جي پچڻ جي موسم ۾ جمع به ڪندا هوندا جيئن بعد ۾ ڪم ايندي رهي.“ (16) جانورن جي شڪار واري گوشت يا ميون کي گھڻي وقت تائين جمع ڪرڻ محال هيو ڇو ته اهي جلد ئي خراب پئي ٿيندا ويا تنهن ڪري اناج کي جمع ڪري رکڻ هر لحاظ کان بهتر هيو. هن دور ۾ ماڻهو گھڻو ڪري خود ساخته ٻوٽن ۽ وڻن تي گذران ڪندو هو تنهن ڪري سماجيات جا ماهر ان کي باغائي سماج ڪوٺين ٿا. R.F Watters مطابق: “Horticultural societies are societies which engage in farming, but do not use the plow.” (17) (باغائي سماج ٻني ٻاري سان لاڳاپيل هوندا آهن پر اهي هَرُ استعمال نه ڪندا آهن.( Gerhard Lenski لکيو آهي ته:Advance horticultural societies employ metal tools and weapons, while simple horticultural societies use wood and stone. (18) (سڌريل باغائي سماج ۾ ڌاتوئي اوزار ۽ هٿيار استعمال ڪيا ويندا آهن جڏهن ته سادن باغائي سماجن ۾ ڪاٺي ۽ پٿر استعمال ڪيو ويندو آهي.) انهي عرصي دوران انسان موسمي ۽ ٻين خطرن کان بچاءَ ۽ مستقل رهائش خاطر ڪکاوان گھر ٺاهڻ شروع ڪيا. هن وقت انسان هڪ نئين دور يعني پٿر جي ٻئي دور ۾ داخل ٿي رهيو هو ۽ زرعي سماج اڏي رهيو هيو.

”اناج جي دريافت سبب انسان جي ڪجھه قبيلن کي هڪ خاص موسم ۾ محنت مشقت ڪرڻ ۽ بعد ۾ واندو ٿي ويهڻ جو موقعو مليو. اهڙي طرح ميون جي تلاش ۽ شڪار جي زحمت انهن لاءِ هڪ ثانوي حيثيت جي ڳالھ رهجي وئي.... اها ڳالھ به اندازي کان ٻاهر نه آهي ته پاڻ مرادو پيدا ٿيندڙ اناج جي دريافت نوعِ انساني جي مختلف قبيلن جي وچ ۾ ان جي حاصل ڪرڻ جي ڪشمڪش پيدا ڪري ڇڏي هوندي جيڪا ڪڏهن ڪڏهن جهيڙي ۽ جنگ جو سبب بڻجي ويندي هوندي ۽ طاقتور قبيلا اهڙن خطن تي قبضو ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هوندا جتي پاڻ مرادو اناج پيدا ٿيندو هوندو. اها ڪشمڪش مختلف قبيلن جي وچ ۾ زمين جي ٽڪرن جي ورڇ جو نتيجو بڻي. ۽ اهڙي طرح زمين جي ملڪيت ۽ حد بنديءَ جو رواج پيدا ٿيو. اهو رواج زمين جي مالڪاڻي حقن جي صورت ۾ اڄ تائين قائم آهي.

ڪڻڪ جي پوک ۽ زراعت ڪاري جا قديم ترين آثار جيڪي هن وقت تائين ملي سگھيا آهن اهي دجله، فرات ۽ نيل جي وادين سان تعلق رکن ٿا. دجله ۽ فرات جي وادين جو تمدن نيل جي وادين کان پراڻو آهي لحاظه اناج جي دريافت ۽ پوک ۾ اڳ کٽڻ جو سهرو انهن ئي وادين کي حاصل آهي.... اناج جي دريافت کان پوءِ ان جي پوک ڏانهن انسان جو ڌيان وڃڻ هڪ قدرتي ۽ لازمي نتيجو هيو. (19) اهڙي طرح زرعي سماجن ماڻهن کي هڪ نئين دور ۾ داخل ڪيو ۽ هنن لاءِ ترقيءَ جون راهون کلنديون ويون.

انهيءَ دور ۾ انسان پنهنجي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل شڪار واري هنر کي به جاري رکندو آيو ۽ اڳي جي ڀيٽ ۾ پٿر جا ڪيئي نوان ۽ بهتر اوزار پڻ ٺاهيا. نه رڳو اهو پر هن هرڻ جي سڱن ۽ عاج کي پڻ استعمال ڪيو ۽ هٿيارن کان علاوه پنهنجي روز مره جي ضرورتن آهر ٻيون به ڪيئي شيون ٺاهيون. جهڙوڪه هڏي جي سئي ۽ عاج ۽ پٿر جا بٽڻ وغيره. هي اهو دور هو جڏهن انسان کي پنهنجو تن ڍڪڻ جو شعور اچي چڪو هيو. هن دور جي انسان جو ٻيو وڏو ڪارنامو باھ جي حقيقت ۽ اهميت کي سمجھڻ ۽ پٿرن توڙي ڪاٺين جي گهڪي مان باھ پيدا ڪرڻ هيو. هن ئي دور ۾ انسان آوازن وسيلي ٻوليءَ جي ابتدائي شڪل جوڙي. ۽ اهو زرعي سماج جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي. گروهي زندگي هاڻي اڳي کان وڌيڪ عام ۽ منظم ٿي چڪي هئي. ڪٽنب ۽ قبيلا هاڻي مضبوط ادارن جو روپ ڌاري رهيا هئا.

جنهن زرعي سماج جي اسين ڳالھ ڪيون ٿا ان ۾ ”انسان تير ڪمان ۽ ڀالن سان شڪار ڪري، پاڻ مرادو ڦٽندڙ وڻن جو ميوو کائي، پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندو هو. هو مادي جي هئيت (پٿر جون نوڪيليون اڻيون، ڪمان وغيره) ۽ ڪيفيت (ڪاٺيءَ مان باھ) ۾ ٿوري گھڻي تبديلي ڪري وٺندو هو. هن پنهنجي روز مره جي سماجي تجربن مان (ڳالهائڻ جي قوت وسيلي) آس پاس جي شين جون خاصيتون معلوم ڪري ورتيون هيون ۽ سندن نالا پڻ طئي ڪري ڇڏيا هئا پر اهي قدرت جي مظهرن جي چرپر جي سببن کان بلڪل واقف نه هيا ۽ نه ئي وري کين انهن جي طبعي تبديلين جي قانونن جو شعور هيو. مثلاً اهي سموريون موجودات ــ درياھ جبل، سج چنڊ، زمين آسمان، جانور وڻ، آنڌي طوفان، ٻوڏون، زلزلا، ڳڙو مينهن ــــ انهن سڀني کي پاڻ وانگر فعال ۽ با اراده شخصيتون سمجھندا هئا.... جيڪي شيون هن کي سکُ ڏينديون هيون انهن کي هو پسند ڪندو هو ۽ جيڪي شيون کيس ڏک پهچائينديون هيون انهن کان هو ڊڄندو هيو. ( بعد ۾ اهي ئي نيڪي ۽ بدي، خير ۽ شر جون قوتون قرار ڏنيون ويون).“(20)

زرعي سماج ٽامي ۽ پتل جي دور تائين انساني تاريخ ۾ عظمتن جا سج اڀاريندي نظر اچي ٿو. Lenski سادن ۽ سڌريل زرعي سماجن بابت لکي ٿو ته "Agrarian societies also engage in farming, but thy make extensive use of plows. Advance agrarian societies employ iron tools and weapons, while simple agrarian societies use copper and bronze, which are softer and less plentiful. (21) (زرعي سماج پڻ ٻني ٻاري ۾ مصروف رهندا آهن، پر اهي هَرُ تمام گھڻو استعمال ڪندا آهن. ترقي يافته زرعي سماج لوھ جا اوزار ۽ هٿيار استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته سادا زرعي سماج پتل ۽ ڪُٽِ استعمال ڪندا آهن جيڪو گھٽ ملندڙ نرم ڌاتو آهي.)

 

مادري سماج (Mother Based Society)

 

زرعي سماج بنيادي طور هڪ ”ماءُ آدرشي“ يا ”مادري“ سماج هيو. انساني سماجن جي ارتقا ۾ ٻن آدرشي سماجن يا نظامن کي تمام وڏي اهميت آهي: پهريون ماءُ آدرشي (مادري) سماج ۽ ٻيو پيءُ آدرشي (پدري) سماج. هي ٻنهي قسمن جا سماج فردي تسلط وارا سماج هيا، جنهن جو مٿي اشارو ڏئي چڪا آهيون. زراعت جي ابتدا سان ئي سماج ۾ مادري سماجي سرشتو يا مائيتو سماجي سرشتو شروع ٿيو. هن نظام تحت هر شخص جا حق ماءُ جي حوالي سان مقرر ٿيا. عورت قبيلي جي سربراھ بڻي. سندس ئي نالي سان ڪٽنب هلڻ لڳو. سندس ئي نالي سان نسل هلڻ لڳو. زمين ۽ ڪٽنب گڏيل ملڪيت هوندا هئا. معاشري ۾ ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو وڌيڪ مضبوط هوندو هو. مڙس جو واسطو جئين ته الڳ قبيلي سان هوندو هو، ان ڪري اهو اجنبي هو ۽ ان دور جي عورت هڪ ئي وقت ڪيترائي مڙس رکندي هئي. محض هڪ مڙس سان رهڻ جي روايت نه هوندي هئي.

سماج ۾ مائيتي نظام جو سلسلو صدين تائين رائج رهيو. مصر، عراق، يونان، ايشياءِ ڪوچڪ ۽ واديءِ سنڌ ۾ به اهو نظام سالن جا سال هليو. (موهن جي دڙي واري سماج کي پڻ مادري سماج ڪوٺيو وڃي ٿو.) مصر ۾ ته فرعون جي دور تائين تخت و تاج جي حقيقي مالڪ ۽ مندر جي مها پروهت ملڪه هوندي هئي ۽ فرعون کي شاديءَ کان پوءِ ئي تخت و تاج حاصل ٿيندو هو. نه رڳو ڪالھ پر اڄ به اهڙا قبيلا آهن جتي مائيتو سماجي سرشتو رائج آهي. آسام ۽ بنگلاديش جي سرحدي علائقي ۾ ”کاسي“ نالي هڪڙو قبيلو آهي جتي اڄ به مائيتو نظام قائم آهي.“ (22)

پٿر جو وچون دور جنهن کي دورِ تمدن سڏيو وڃي ٿو، ان ۾ قديم دور جي انسان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ گڏيل زندگيءَ ۾ رهندي ڪيئي زرعي ۽ سماجي تبديليون آنديون. هن دور ۾ پٿر، هڏن ۽ جانورن جي سڱن مان وڌيڪ نوان ۽ جديد اوزار ٺاهيا ويا. پٿر مان ٺاهيل شين ۾ جنڊ کي خاص اهميت حاصل آهي. هن ئي دور ۾ اسان کي مٽيءَ جا پڪل ٿانوَ پڻ ملن ٿا. نه رڳو اهو پر انهن ٿانون تي هو خوبصورت نقش ونگار پڻ ڪندا هئا. هن دور ۾ ڪپڙو اڻڻ جي حرفت پڻ ترقي ورتي، پڪا پختا گھر ٺهڻ شروع ٿيا. محنت جي ورڇ جو تصور اڀريو ۽ جنسن جي مٽا سٽا کي پڻ رواج ۾ آندو ويو. وهمن، وسوسن، جادو ڦيڻن ۽ مختلف عقيدن پڻ جنم ورتو جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي مذهبن جي ابتدا ٿي. ”جديد علم الانسان جا ڄاڻو انهي حقيقت تي زور ڏين ٿا ته اوائلي مذهب ڪنهن اعتقاد ۽ يقين کان وڌيڪ ريتن رسمن جو معاملو هئا. گھڻو ڪري ريتون رسمون اڳ ۾ آيون ۽ ڏندڪٿائون، عقيدا ۽ نظريا پوءِ جي دور جون حد بنديون آهن.(23)

هن ئي دور ۾ جانورن کي مختلف مقصدن لاءِ پالتو بڻايو ويو. ”شڪار جي زحمت کان بچڻ ۽ پنهنجي خوراڪ جي ذخيري کي محفوظ تر بڻائڻ لاءِ انهن جانورن جا ڌڻ رکڻ ۽ چارڻ شروع ڪيا. اهڙي طرح ڌرتيءَ جي اڪثر حصن ۾ هڪ نئين تمدن جي ابتدا ٿي وئي ۽ شڪاري ماڻهو ڌنارن واري زندگي اختيار ڪندا ويا.... ڏھ هزار ق.م کان پنج هزار ق.م تائين جي دور ۾ اهو نئون تمدن هڪ ٻئي جي ڏٺا ڏٺي هر جڳھ پکڙجي ويو.“(24)

 

طبقاتي نظام جي ابتدا  Class System) (Beginning of

 

زراعت جي ترقي ۽ پوکي راهيءَ ۾ سڌارا اچڻ سبب زمين جي ورهاست ۽ پوک تي مالڪاڻن حقن جو مسئلو پيدا ٿيو جنهن ان دور جي سماج ۾ انتشار پيدا ڪيو. بعد ۾ زمين جي مالڪي وارو نظام قائم ٿيڻ بعد زميندار ۽ ڪڙمي جي وچ ۾ هڪ معاشي خلا پيدا ٿيو ۽ شايد اتان ئي انساني سماجن ۾ طبقاتي اوچ نيچ جنم ورتو ۽ انهي بنياد تي اڳتي هلي طبقاتي نظام (Class System) وجود ۾ آيو. ”زمين مختلف قبيلن جي درميان تقسيم ٿي وئي ۽ شهر (ان زماني جا علائقا) هڪ الڳ رياست تصور ٿيڻ لڳا. ان تمدن جو لازمي نتيجو اهو هيو ته سماجي نظام ۾ مختلف درجا رکڻ وارا طبقا پيدا ٿين ۽ مختلف پيشن واريون جماعتون الڳ الڳ حيثيت اختيار ڪن. تنهن ڪري هر جاءِ تي خوشحال طبقي جا ماڻهو حڪمران بڻجڻ لڳا ۽ هنرمند ۽ ڪاريگر جيڪي مانيءَ جي لاءِ زراعت ڪندڙن جا محتاج هئا جدا طبقو شمار ٿيڻ لڳا.(25)

ان سماجي اڻ برابري ۽ طبقاتي تقسيم کي وڌيڪ واضح نموني هن طرح سمجھي سگھجي ٿو ته ”جڏهن سماج ۾ انسان جي ضرورت کان، هن جي استعمال کان وڌيڪ اناج، گوشت ۽ انُ پيدا ٿيڻ لڳا، تڏهن سماج جي جوڙ جڪ ۾ وڏو ڦيرو اچڻ لڳو. هاڻي هڪ هاري پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ اَنُ اُپائڻ لڳو ته جئين هو ان جي مٽا سٽا ڪري پنهنجي ضرورت جون ٻيون شيون حاصل ڪري سگھي. اهڙي طرح مال چاريندڙ انسان پنهنجي ڪپڙن جي ضرورت کان وڌيڪ رڍن جا ڌڻ پالڻ لڳو ته جيئن هو فاضل اُنَ جي بدلي اناج ۽ هٿيار حاصل ڪري سگھي. اهڙي طرح شين جي مٽا سٽا جيڪا اڳ هڪ اوائلي راڄوڻي نظام ۾ هڪ اتفاقي عمل هوندي هئي، سا هاڻي هڪ باقاعده، لازمي، ضروري ۽ ونهواري ڪرت بڻجڻ لڳي. هن تبادلي ۽ لٽ مار ڪن جرڳن ۽ خاندانن کي ٻين کان وڌيڪ آسودو خوشحال ۽ شاهوڪار بڻائي ڇڏيو، انهن جا ڌڻ تمام وڏا ٿي ويا ۽ هو تمام گھڻو اَنُ اپائڻ لڳا. پر ايڏن وڏن ڌڻن جي سار سنڀال لاءِ ۽ فصل پوکڻ لاءِ هنن وٽ ايترا گھڻا ماڻهو ڪونه هئا. جنهن ڪري هنن ٻين پاڻ جهڙن انسانن کي ’غلام‘ بڻائڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح سماج ۾ پهريون ڀيرو طبقن جو وجود پيو ۽ انسانَ غلامن ۽ آقائن ۾ ورهائجي ويا. غلام جي محنت سان خود هن جو ۽ سندس آقا جو پيٽ پلجڻ لڳو. هر آقا اهو چاهيندو هو ته هو ڪم وڌيڪ ڪري ۽ کائي گھٽ. اهڙي طرح هڪ انسان جي هٿن ۾ ٻيو انسان زنده اوزار بڻجي ويو.“ (26) شاهه لطيف جي دور ۾ به اهو غلام ۽ آقا جو تصور موجود هيو ۽ غريب ۽ مالدار، ڏاڍي ۽ هيڻي وارو سَنڌو به قائم هيو، جنهن کي ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ تمام گھڻو ننديو آهي.

 

تهذيب جي شروعات (Beginning of Civilization)

 

پٿر جي دور جي قديم ثقافتن جي عروج ۽ رسم و رواج جي ترقيءَ مان مذهبن جي ڦٽڻ ۽ ثقافتي ترقيءَ سبب تهذيب جو دور شروع ٿئي ٿو. پٿر جي نئين دور ۾ دنيا جي مهذب هجڻ جون ڪيتريون ئي شاهديون ملن ٿيون. اسين هن کان اڳ اهو واضح ڪري چڪا آهيون ته دراصل تهذيب، ثقافتي عروج جو نالو آهي. ”ثقافت کي تهذيب تڏهن ڪوٺي سگھجي ٿو جڏهن اها سڌاري جي هڪ اهڙي درجي تي پهتل هجي، جتي تحرير چڱي حد تائين ڪتب ايندي هجي. آرٽ ۽ سائنس ۾ چڱي ترقي ٿي چڪي هجي ۽ جتي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ادارا ايتري حد تائين ترقي حاصل ڪري چڪا هجن جو اهي گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن پيچيدي سماج ۾ ضابطي، تحفظ ۽ قابليت جي ڪجھه مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھن.“(27) هن دور ۾ انساني سماج منظم طريقي سان ترقي جي راهن تي گامزن نظر اچي ٿو. هن ئي دور ۾ بادشاهت ۽ شهنشاهت جو نظام پڻ استوار ٿيو. مصر، يونان ۽ روم جون سلطنتون هن ئي دور ۾ پنهنجي عروج ڏانهن وڌندي نظر اچن ٿيون. ملوڪيت ۽ غلاميءَ جا دستور هڪ پاسي پر هاڻي ماڻهو جي شعور ۾ مجموعي طور وڌيڪ اضافو ٿيو. جنهن سبب هن نه رڳو اقتصادي ترقي ماڻي پر تعميري حوالي سان به عظيم ڪارناما سر انجام ڏنا. ان تعميرات جو سلسلو مذهبي عبادتگاھن جي تعمير سان شروع ٿيو. جيڪو بادشاهي محلن، پٿر جي مقبرن، مصر جي احرامن ۽ ديوارِ چين جي تعمير تائين جاري رهيو. اهي دنيا ۾ مادي ثقافت جا عظيم آثار آهن. هن دور جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو تحرير جي ايجاد آهي. جنهن جي بنياد تي ادب، آرٽ ۽ فلسفي جو بنياد پيو. مٿي ذڪر ڪيل سمورا دور تاريخ کان اڳ وارا دور (Pre Historic Ages) سڏيا ويندا آهن؛ ڇو ته ان وقت تائين اڃا ماڻهو کي لکڻ ۽ پڙهڻ جي سڌ ڪانه هئي، جنهن ڪري سندن سماجن بابت ڪا پڪي پختي شاهدي هٿ نٿي ٿي سگھي. نتيجي ۾ انهن دورن متعلق ماهرن پٿر ۽ ڌاتن جي مدد سان ڪي اندازا قائم ڪيا آهن. جڏهن ته تاريخي دور (Historical Ages) کي اسين سڄي دنيا مان جدا جدا ماڳن تان مليل آثارن ۽ لکيل ڦرهين وسيلي تهذيب ۽ سماجي نظام کي سمجھي رهيا آهيون. حقيت اها آهي ته پٿر جي نئين دور ۾ ئي تهذيب جو سج اڀريو. هن دور ۾ سنگ تراشي ۽ مجسما سازي فن جي اعلى درجي تي نظر اچي ٿي. هن ئي دور ۾ ڌرتيءَ جي مٿان ڪيئي عظيم واقعا پڻ رونما ٿيل نظر اچن ٿا. جن مان نوح وارو طوفان سڀ کان اهم آهي.

پٿر جي نئين دور تائين انسان پنهنجي ضرورتن جي پورائي لاءِ دريائي ڪنارن تي رهائش جي اهميت کي سمجھي ورتو هو. هو مختلف خطن ۾ رهندڙ قومن سان دريائي رابطا استوار ڪري چڪو هو. ”دنيا جون سڀئي وڏيون تهذيبون اڪثر دريائن جي ڪپرن ۽ ڪنارن يا ڀرپاسي جي ماٿرين ۾ ئي اسريون ۽ اڀريون آهن، جو هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ قديم آثارن جي کوجنا جا مرڪز دريائن جا پراڻا وهڪرا ۽ ڪنارا ئي رهيا آهن. (28) دجله، فرات ۽ نيل درياهن جي ڪنارن تي اهڙين تهذيبن جا آثار اڄ به پنهنجي عظيم ماضيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا. دريائي ڪنارن تي رهڻ سان نه رڳو زراعت ترقي ڪئي پر مڇيءَ جي شڪار وسيلي سماج اندر اقتصادي ترقي ۾ به اضافو ٿيڻ لڳو. مڇيءَ تي گذر سفر ڪندڙ سماجن جو واسطو پاڻيءَ وارن علائقن سان هيو ۽ مڇيءَ جو شڪار سندن پهرين سڦلتا هئي. مڇي وارن سماجن پاڻيءَ سان قربت ظاهر ڪئي، اهي فني طور وڌيڪ سڌريل هئا. هنن کي اها سوچ آئي ته پاڻيءَ جي لهرن کي واپار ۽ معيشت لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو. جلد ئي پاڻيءَ کي تجارتي وهنوار ۽ واپار لاءِ استعمال ڪندي ڪجھه وسيع پيماني تي سامونڊي ساحلي علائقن کي آباد ڪيو ويو، اهڙي طرح ساحلي سماج (Maritime societies) وجود ۾ آيا. ساحلي سماجن ۾ تجارتي تعلقات کي وڏي اهميت حاصل آهي.Lenski  لکيو آهي ته:“Maritime societies, like fishing societies, utilized their proximity to water, though in a different way: being technologically more advanced, thy adapted their technology to the use of waterways for trade and commerce at a time when the movement of most goods was much cheaper by land.” (29) (ساحلي سماج مڇيءَ تي گذران ڪندڙ سماجن وانگر پاڻيءَ جي ويجھو هئڻ مان ڪجھه مختلف انداز سان فائدو وٺندا آهن. اهي ٽيڪنالاجيءَ جي لحاظ کان وڌيڪ ترقي يافته هئڻ ڪري، ٽيڪنالاجيءَ کي ڌنڌي لاءِ تڏهن استعمال ڪندا آهن جڏهن شين کي هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي پهچائڻ زمين کان پاڻيءَ جي لهرن ذريعي وڌيڪ سستو هجي.) ساحلي سماج ۾ ٻيڙين ۽ وڏن ٻيڙن ٺاهڻ جو رواج عام ٿيو جن جي مدد سان درامدي ۽ برامدي واپار کي هٿي ملي. هن دور ۾ نوح واري طوفان سميت جيڪي دريائي ٻوڏون آيون انهن ۾ ڪيئي وستيون واهڻ، واديون ۽ شهر تباهيءَ جو شڪار بڻيا ۽ ان تباھ ڪاري هڪ دور جي عظمتن کي ميٽي ڇڏيو.

پٿر جي آخري يا نئين دور کان پوءِ ٽامي ۽ پتل جو دور شروع ٿئي ٿو. هن دور ۾ ٽامي ۽ پتل جا ڌاتو استعمال ٿيا. ”ٽامي جي دور جو ماڻهو هر ۽ ڏاند جي مدد سان هارپ ڪندو هو. هن کي تجربي مان معلوم ٿي چڪو هو ته جيڪو پوکيندوء اهو ئي لڻندوء. زمين کي جوٽيندڙ هَرُ، ڪنڀر جو چَڪُ، ڦيٿي واريون گاڏيون، سُٽُ ۽ اُنَ ڪَتِڻَ جا چرخا هن دور جا پيداواري آلا ۽ اوزار هئا. مٽيءَ جي ٿانون کي باھ ۾ پچائڻ، ڌاتن کي پگھارڻ، ڪپڙو اڻڻ، عمارتون ٺاهڻ، شهر وسائڻ ۽ مٽيءَ جون تختين يا وڻن جي ڇوڏن يا جانورن جي کلن تي صوتي علامتن جا نقش ٺاهڻ (تحرير جي فن جي ايجاد) انهن جا هنر هئا.“ (30) تنهن ڪري شهري زندگي وڌيڪ ترقي ڪئي، ادب، آرٽ ۽ تحرير ۾ وڌيڪ سڌارا آيا. درياهن ۽ سمنڊن وسيلي تجارتي سرگرمين ۾ اضافو ٿيو. هن دور ۾ مصر، عراق ۽ چين جون تهذيبون عروج تي نظر اچن ٿيون. هن ئي دور ۾ هندوستان اندر مها ڀارت ۽ رامائڻ جا واقعا رونما ٿيا. شاهي نظام مضبوط ٿيو ۽ اهڙي طرح طبقاتي نظام کي اڃا به هٿي ملي. آرين جي حملن جي ڪري تمدني زندگي متاثر ضرور ٿي پر تنهن جي باوجود دنيا مجموعي طور ترقيءَ جي راهن تي گامزن نظر اچي ٿي. هن ئي دور ۾ دنيا اندر چار وڏيون جنگيون به لڳيون.

جيتوڻيڪ تاريخ تي ٿيل جديد تحقيق ان ڳالھ جي پٺڀرائي نه ٿي ڪري پر قديم تحقيق مطابق ”ٻه هزار ق.م تائين جي زماني ۾ دنيا جي تاريخ ۾ آريه قبيلن جي مهذب ۽ متمدن علائقن تي حملن ۽ قبضن کي وڏي اهميت حاصل آهي. جنهن ڪري مختلف علائقن جي سماجي ڍانچي ۾ وڏو تغير به آيو. ڏسندي ئي ڏسندي آريه اُترئين عظيم ميدان جي چراگاهن کان نڪري يورپ، جنوب مغربي ايشيا جي ملڪن ۽ هندوستان ۾ پکڙبا ويا. سندن يلغارن کان رڳو چين جي سرزمين ئي محفوظ رهي. اهي آريه قبيلا ڇھ ست هزار سالن کان اُترئين عظيم ميدان ۾ متمدن دنيا کان الڳ ٿلڳ رهندي زندگي بسر ڪري رهيا هئا. هندستان ۾ به آرين جو تسلط هن ئي دور ۾ نظر اچي ٿو. رگ ويد ۽ ٻين قديم ڪتابن ۾ لکيل آهي ته آريه قوم جو سماج ابوي، پدري يا پيءُ آدرشي سماج هيو. ”پيءُ آدرشي مان مراد خاندان جي هڪ اهڙي تنظيم آهي، جنهن ۾ ڪٽنب جي سڀني ماڻهن ۾ ملڪيت تي پيءُ يا سڀ کان وڏي مرد جو مڪمل اختيار هجي.“ (31) ”هيءَ (آريه) قوم قبيلن ۽ ذاتين ۾ ورهايل هئي. جنهن جو سردار خاندان جو بزرگ هوندو هو ۽ راجه چورائيندو هو. هندوستان ۾ آباد ٿيڻ بعد انهن جي ابتدائي معاشرتي درجه بندي ڪجھه هن طرح هئي ته راجائن جي هيٺان شريفن ۽ اميرن جو هڪ طبقو هيو. پروهتن يعني مذهبي رسمون ادا ڪرڻ وارن ماڻهن جي هڪ جماعت الڳ قائم ٿي رهي هئي. عام ماڻهو هاري، مزدور ۽ واپاري هوندا هئا.... هي ماڻهو ڏاند گاڏيون، ڇڪڙا، بهليون ۽ رٿ استعمال ڪندا هئا. جن ۾ ڏاندن ۽ گھوڙن کي جوٽيندا هئا.... انهن کوھ کوٽڻ ۽ رهٽ لڳائڻ جو طريقو به ايجاد ڪري ورتو هو.... آرين جي سماجي زندگي پيدائش کان وٺي موت تائين طرح طرح جي رسمن ۽ ريتن سان ڀريل هئي.“ (32). آرين جي اثر هيٺ هندوستان ۾ طبقاتي نظام جي شروعات ٿي، جنهن اڳتي هلي مڪمل طور مذهبي، اقتصادي ۽ سماجي روپ ڌاريو ۽ ان جا اثر سنڌ تي پڻ پيا.

هن دور ۾ سنڌو درياھ جي واديءَ جو تمدن دجله، فرات ۽ نيل جي ماٿرين جي تمدن جيان ترقي يافته نه هو. بهرحال ايترو آهي ته اهي زراعت ڪار وستيون ٺاهي رهندا هئا.... ڪڻڪ، کجور، دال ۽ تِرَ پوکيندا هئا... برانز ۽ پتل جا ٿانو ٺاهيندا هئا. هنن جا هٿيار به گھڻو ڪري پتل ۽ ٽامي جا هئا جن ۾ تير ڪمان، نيزا، ڪهاڙي، خنجر ۽ گز شامل هئا.

لوھ جو زمانو انساني تاريخ جو جديد دور آهي. جنهن ۾ انسان ترقيءَ جا ڇال ڏئي تيزيءَ سان موجوده دور تائين پهچندي نظر اچي ٿو. لوھ جي دريافت انسان جي تمام وڏي سڦلتا هئي. جنهن جنگي ساز و سامان کان وٺي مشيني ۽ صنعتي انقلاب تائين انساني سماجن کي يڪسر مٽائي ڇڏيو. تنهن ڪري توڙي جو اڄ جي زماني کي ورچوئل ايج يا انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي جو دور سڏيو وڃي ٿو پر اڄ تائين لوھ جي اهميت ۽ افاديت ۾ ڪا به ڪمي نه آئي آهي. تهذيبي ۽ ثقافتي عروج ۽ زوال توڙي سماجي اٿل پٿل جون انيڪ ڪهاڻيون هن دور سان وابسته آهن.... هي دور هڪ هزار سال ق.م کان شروع ٿئي ٿو ۽ موجوده دور تائين قائم آهي. ان سڄي عرصي ۾ ڪيئي، مذهبي، سماجي، معاشي ۽ صنعتي انقلاب برپا ٿيندي نظر اچن ٿا. هن دور جي آغاز ۾ گوتم ٻڌ، ڪنفيوشس ۽ راجا اشوڪ جهڙا مذهبي پيشوا به آهن ته بعد ۾ حضرت عيسى عه کان حضرت محمد ﷺ جهڙا نبي ۽ پيغامبر پڻ. جن جي مذهبي پرچار انساني سماجن ۾ اعتدال، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪئي. جڏهن ته هن عرصي ۾ سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جهڙا سياسيات ۽ معاشيات جا نظريا ڏيندڙ ۽ ادب ۽ آرٽ بابت انوکا تصور پيش ڪندڙ فلسفي پڻ پيدا ٿيا. جن يوناني سماج ۾ فڪر جي آزادي جو ماحول پيدا ڪيو، جنهن جو بعد ۾ سڄي دنيا تي اثر پيو. عيسى عه جي پيدائش کان اڳ وارو سماج گھڻو ڪري طبقاتي سماج هيو. اهي طبقا پورهيي ۽ ڪم جي بنياد تي جڙندا هئا. هندوستان ۾ اهو طبقاتي نظام ذات پات ۾ مٽجي ويو. نتيجي ۾ برهمڻ، ڪشتري، ويش ۽ شودر طبقا پيدا ٿيا. هند ۽ سنڌ ۾ سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي ۽ اهڙن ٻين لوڪ ۽ رومانوي داستانن پڻ هن ئي دور ۾ جنم ورتو ۽ هن ئي دور ۾ شاھ لطيف ۽ ٻين شاعرن انهن داستانن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي امرتا بخشي. هن دور ۾ سڪندرِ اعظم جي ڪاهن کان وٺي مها ڀاري جنگين تائين تاريخ جا پنا رتو رت نظر اچن ٿا. هن دور ۾ انيڪ انقلاب پڻ برپا ٿيا.

 

صنعتي سماج (Industrial societies)

 

18هين صدي عيسوي ۾ صنعتي انقلاب سبب صنعتي سماج جو وجود پوي ٿو. ان ئي دور ۾ يورپ انتهائي پستيءَ کان پوءِ اڀرندي نظر اچي ٿو. هاڻي انسان ٻاڦ، بجلي، پيٽرول ۽ ڪيميائي حرارتن وسيلي پنهنجي زندگي وڌيڪ آسان بڻائي چڪو هيو ۽ سماج ۾ گڏيل سمجهه وڌي رهي هئي. نيون نيون ايجادون سماجي تبديلي ۽ تحرڪ جو باعث بڻيون. اهڙي طرح 18هين صدي ۾ ئي يورپ ۾ نئين سجاڳيءَ جو دور به شروع ٿئي ٿو. پراڻو مذهبي ڪلچر تبديل ٿئي ٿو ۽ نيون روايتون جنم وٺن ٿيون. ”چوڏهين صدي عيسوي ۾ ان رجحان تحت پهريان اٽلي ۽ پوءِ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ريناسان جو عمل شروع ٿيو، جنهن چرچ ۽ ان جي بالادستيءَ کي چيلينج ڪيو. ان تحريڪ جي اثر هيٺ جيڪو ڪلچر پيدا ٿيو ان روايتي مذهبي ڪلچر کي تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻي موسيقي، مجسمه سازي، مصوري ۽ ادب ۾ هڪ نئين تبديلي آئي، جنهن نون اخلاقي قدرن کي جنم ڏنو. (33). مذهبي بالادستي ۽ چرچ جي اثرورسوخ کي ٽوڙڻ خاطر ريناسان ”هيومنزم“ کي پيدا ڪيو. ان نظريي جي تحت هن ڪائنات ۽ انساني تاريخ ۾، انسان جي درجي ۽ مقام جو نئين سري سان تعين ڪيو ويو ۽ اهو اعلان ڪيو ويو ته انسان پنهنجي تقدير جو مالڪ پاڻ آهي، تنهن ڪري هو الاهي مدد کان بغير هن دنيا کي پنهنجي عمل سان تبديل ڪري سگھي ٿو. (34) 1789 ڌاران فرانس ۾ بادشاهي ۽ جاگيرداراڻي نظام خلاف انقلاب برپا ٿيو.... 1791 ۾ فرانسيسي انساني ۽ شهري حقن جي دستور جي منڍ ۾ لکيل هيو: ”جيئن ته سڀ انسان پيدائشي آزاد آهن، تنهن ڪري برابري جا حق ماڻڻ جا مجاز آهن.“ (35). ” 1789 واري فرانسيسي انقلاب پنهنجن نتيجن جي بنياد تي يورپي معاشري ۾ هڪ نئين ڪلچر کي پيدا ڪيو.... سڀ کان پهريون اثر جيڪو انقلاب جو ٿيو اهو اهو ته درٻار ۽ اميرن جي ڪلچر جو خاتمو آيو. معاشري ۾ سماجي درجه بندي ٽٽي پئي، پراڻن ادارن ۽ روايتن جي جڳھ هاڻي نون قدرن ۽ رجحانن ورتي... جيڪو ڪلچر فرانسيسي انقلاب جي دوران پيدا ٿيو، اهو فرانس تائين محدود نه رهيو، بلڪه ان پوري يورپ کي پنهنجي اثر ۾ ورتو.“ (36)

ارڙهين صديءَ ڌارا انگلنڊ ۾ صنعتي انقلاب جو آغاز ٿيو. فرانس جي انقلاب کان پوءِ هن انقلاب جا يورپ تي تمام گهرا اثر پيا. ”صنعتي انقلاب يورپ جي معاشري کي آهستي آهستي تبديل ڪيو، ۽ انهن قدرن ۽ روايتن کي جنم ڏنو جن يورپ جي جاگيرداراڻي ڪلچر کي ختم ڪري ان جي جڳھ ورتي. زرعي سماج جنهن ۾ ڏڻ، رسمون رواج ۽ مذهبي ۽ ڪلچرل جلسن جلوسن جي ڀرمار هوندي هئي، هاڻي اهي سموريون رسمون شهرن مان ختم ٿي ويون... صنعتي انقلاب سبب معاشري ۾ جيڪي تبديليون آيون، ان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪميونيڪيشن جي پکيڙ هئي. نئين شاهرائن جي تعمير، ريلوي لائينن جو ڦهلاءُ ۽ اسٽيمر وسيلي درياهن ۽ ڍنڍن ۾ آمد رفت ۽ تجارت جو استعمال اهم تبديليون هيون.... فيڪٽري سسٽم هڪ نئين ڪلچر کي روشناس ڪرايو، ڇو ته ان ۾ مزدور هڪ ئي ڇت هيٺان ڪم ڪندا هئا، ان انهن ۾ آهستي آهستي اجتماعيت جو شعور پيدا ڪيو.“ (37)

صنعتي دور ۾ سماجي ڍانچي ۾ تمام وڏيون تبديليو آيون. مرد خاندان جي ڪفالت جو مضبوط ذريعو بڻجي ويو ۽ عورت (مزدور خاندانن کان سواءِ) گھر تائين محدود رهجي وئي. اهڙي طرح سندس سماجي رتبو گھٽجي ويو. عورت جيڪا اڳ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندي هئي پورهيي ۾ مرد جي ڀاڱي ڀائيوار هئي هاڻي اها گھر ٻار تائين محدود ٿي وئي. اهڙي طرح سماج ۾ مرد جو تسلط قائم ٿيو.

صنعتي سماج هڪ طرف فني مهارت ۽ مقابلي جو رجحان پيدا ڪيو ته ٻي پاسي اقتدار ۽ طاقت وسيلي سگهه ماڻڻ ۽ دولت گڏ ڪرڻ کي هٿي ڏني. ان صورتحال فيوڊل ڪلچر کي جنم ڏنو. ائين معاشي سگهه امير ۽ غريب کي ٻن طبقن ۾ تقسيم ڪيو. اهڙي طرح انسان کي غلام بڻائڻ وارو اهو تصور جاگيراداڻي سماج جي نئين صورت هيو. ڪلھ جو غريب هاري ڪالھ جي جاگيردار کان ڦرجڻ بعد اڄ جو مزدور بڻجي سرمائيدار هٿان پامال ٿي رهيو هيو. سرمائيدارن جي ڏاڍ ۽ مزدورن جي حقن جي اها جنگ 1 مئي 1886 تي شڪاگو جي روڊن کي رت سان رنڱڻ تي ختم ٿي. ان کان اڳ مزدورن 1864 ۾ پنهنجي هڪ بين الاقوامي انجمن ٺاهي هئي، جنهن بعد 1889 ۾ مزدورن ۾ سجاڳيءَ جي هڪ نئين لهر پيدا ٿي جنهن تحت هڪ ٻي بين الاقوامي انجمن ٺاهي وئي؛ ”جنهن سوشلزم يعني اجتماعي، اقتصادي نظام قائم ڪرڻ کي پنهنجو نصب العين قرار ڏنو ۽ اهو نظريو قائم ڪيو ته ريلون، کاڻيون، وڏيون وڏيون صنعتون قومي ملڪيت قرار ڏنيون وڃن، جن جو انتظام عوام جي منتخب ڪيل نمائنده حڪومت جي هٿ ۾ هجي.“ (38) انهيءَ اشتراڪي نظام جو بنيادي تصور جرمني جي مشهور مفڪر ۽ اقتصاديات جي ماهر ڪارل مارڪس ڏنو. جنهن جي تحريرن کي مزدور طبقو ڌيان سان پڙهندو هو. ”هن هڪ ضخيم ڪتاب ڪيپيٽل (سرمايو) جي نالي سان لکيو، جنهن ۾ هن اشتراڪيت جو نظريو پيش ڪيو ۽ اهو لکيو ته جيسيتائين سرمايو ڪنهن خاص طبقي جي هٿ ۾ رهندو ان وقت تائين محنت ڪش ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن کي انهن جو صحيح ۽ جائز حق نه ملي سگھندو. تنهن ڪري بلڪل صحيح اقتصادي نظام اشتراڪيت جي اصولن تي مبني هجڻ گھرجي، جيئن سماج جا سمورا فرد محنت ڪش هجن ۽ پنهنجي محنتن مان جيڪو ثمر پيدا ڪن ان کي سڀني جي مشترڪه ملڪيت سمجھيو وڃي ۽ سڀني ۾ هڪ جيترو ورهايو وڃي.... ان نظريي کي عملي بڻائڻ جو نصب العين کڻي مزدورن جي ٽين بين الاقوامي انجمن 1919 ۾ ظاهر ٿي.“ (39)

جيتوڻيڪ مارڪس خالصتاً مادي نظريو پيش ڪيو جنهن جو بنيادي نڪتو معاشي استحڪام هو. سندس ئي نظريي جي بنياد تي سماج ۾ ٻه طبقا سرمائيدار ۽ مزدور پيدا ٿيا..... هتي اهو سوال اهميت رکي ٿو ته هر سماج ۾ هڪ ٽيون طبقو يعني وچولو طبقو به موجود هوندو آهي، جيڪو معاشي طور نه ايڏو مستحڪم هوندو آهي نه ئي ايڏو ڪمزور. گھڻو ڪري ان ئي طبقي مان انٽليڪچوئلس ۽ ڏاها پيدا ٿيندا آهن پر مارڪس ان طبقي کي ڪا اهميت نه ڏني آهي. مارڪس جي ان نئين نظريي سماج ۾ روحاني قدرن کي ڪافي متاثر ڪيو. هن جي اشتراڪي نظريي دنيا ۾ تبديليون ضرور آنديون پر اهو دير پا ثابت نه ٿي سگھيو.

صنعتي دور ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ”سماجي، سياسي ۽ معاشي تبديليون آيون، جن جي ڪري جمهوري روايتون، قدر توڙي ادارا مضبوط ٿيا. جن معاشري ۾ سيڪيولر ذهن کي پيدا ڪيو. ان سان گڏ و گڏ انفرادي آزادي جو تصور اڀريو. راءِ جي آزادي، تقرير، عبادت ۽ انساني حقن جي باري ۾ قانون پاس ٿيا. صنعتي ڪلچر پاڻ کي ان حد تائين لچڪدار ثابت ڪيو جو ان ۾ آسانيءَ سان تبديلين کي ضم ڪيو ويندو رهيو.“ (40)

هن دور ۾ برصغير اندر ڪيتريون ئي سماجي ۽ مذهبي تبديليون پڻ نظر اچن ٿيون جنهن جي بنياد تي ئي سماج ۾ انساني حقن ۽ اعتدال پسندي وارن رجحانن جنم ورتو. هندوستان ۾ تيرهين ۽ چوڏهين صدي دوران ڀڳتي تحريڪ سان ان جو آغاز ٿيو. جنهن جو بنيادي مقصد مذهبي منافرت، ذات پات، اوچ نيچ وارن ويڇن کي ختم ڪرڻ هيو. ان سلسلي ۾ ڀڳت ڪبير جي شاعري اهم ڪردار ادا ڪيو. هن جو پيغام پوري انسان ذات لاءِ هو. ان سان گڏو گڏ ٻين به ڪيترن ئي صوفين مذهبي تنگ نظري کي ختم ڪرڻ ۽ امن، محبت ۽ رواداري وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڀڳتي تحريڪ کان علاوه اڪبر بادشاھ جي صلحِ ڪل ۽ ويجھي ماضيءَ ۾ شروع ٿيندڙ دلت تحريڪ پڻ هندوستان ۾ ڀائيچاري جي فضا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. شاھ لطيف جو پيغام به انهي انساني ڀائيچاري جو ئي پيغام آهي، جنهن جي اڄ به اسان جي سماج کي ضرورت آهي.

 

 

حوالا

 

1.       مغل سڪندر ڊاڪٽر  ”ارتقا جي ڪهاڻي“ سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي 1985 ص 154

2.       وي.اي رينوف ”عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو“ (مترجم: ڊاڪٽر نبي بخش قاضي) سنڌي ادبي بورڊ 2005 ص 3 ۽ 4

3.       فهميده حسين ڊاڪٽر ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ شاھ لطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ 1993 ص 31

4.     Gerhard Lenski, Jean Lenski  “Human Societies” McGraw-Hill Book Company 1987 p 31

5.     Ibid p 31

6.       ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1978 ص 4 ۽ 5

7.       صحرائي تاج ”سنڌو تهذيب“ کيرٿر پبلشرز دادو 1989 ص 113

8.       مرتضى  احمد  خان "تاريخِ اقوامِ عالم" (حصہ  اول و دوم) مجلسِ ترقيءِ ادب لاہور  1958ع، ص 42

9.       فهميده حسين ڊاڪٽر ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ شاھ لطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ 1993 ص 30

10.    مرتضى  احمد  خان "تاريخِ اقوامِ عالم" (حصہ  اول و دوم) مجلسِ ترقيءِ ادب لاہور  1958ع، ص 42

11.    ايضاً ص 47

12.    مغل سڪندر ڊاڪٽر  ”ارتقا جي ڪهاڻي“ سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي 1985 ص 199

13.    ول ڊيورانٽ ”انساني تهذيب جي ارتقا“ (ترجمو: راز شر) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2003 ص 18

14.    انصاري اشتياق  ”ڌرتي ماتا“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2001 ص 192 ۽ 193

15.     مبارک  علي ڊاڪٽر  "تاريخ  اور  عورت"  فکشن ہائوس لاہور 1996ع، ص 25  

16.    مرتضى  احمد  خان "تاريخِ اقوامِ عالم" (حصہ  اول و دوم) مجلسِ ترقيءِ ادب لاہور  1958ع، ص 65

17.   R.F watters   “The Nature of  Shifting Cultivation” 1960 pp.59 

18.   Gerhard Lenski, Jean Lenski  “Human Societies” McGraw-Hill Book Company 1987 p 80

19.    مرتضى  احمد  خان "تاريخِ اقوامِ عالم" (حصہ  اول و دوم) مجلسِ ترقيءِ ادب لاہور  1958ع، ص 66

20.    سبطِ حسن "پاکستان مين تہذيب کا ارتقا" مکتبہ دانيال 1999ع، ص 37، 38

21.   Gerhard Lenski, Jean Lenski  “Human Societies” McGraw-Hill Book Company 1987 p 80

22.    تنوير جوڻيجو ڊاڪٽر ”عورت، سماج ۽ ڏاڍ“ (مقالو) مهراڻ جولاءِ ــ سيپٽيمبر 1996  ص 123

23.    محمد احمد منصور عباسي  ”تهذيبن جي عالمي تاريخ“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2005 ص 18

24.    مرتضى  احمد  خان "تاريخِ اقوامِ عالم" (حصہ  اول و دوم) مجلسِ ترقيءِ ادب لاہور  1958ع، ص 79

25.    ايضاً ص 80

26.    مغل سڪندر ڊاڪٽر  ”ارتقا جي ڪهاڻي“ سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي 1985 ص 215

27.    محمد احمد منصور عباسي  ”تهذيبن جي عالمي تاريخ“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2005 ص 23

28.    دانش احسان ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ــ موهن جو دڙو“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2013 ص 3

29.   Gerhard Lenski, Jean Lenski  “Human Societies” McGraw-Hill Book Company 1987 p 80

30.    سبطِ حسن "پاکستان مين تہذيب کا ارتقا" مکتبہ دانيال 1999ع، ص  40

31.    ٻرڙو محبت ڊاڪٽر  ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر 1999 ص 50

32.    مرتضى  احمد  خان "تاريخِ اقوامِ عالم" (حصہ  اول و دوم) مجلسِ ترقيءِ ادب لاہور  1958ع، ص 180

33.     William J. Bousma, “A  Useable past : Essy in European Cultured History. University California press 1990, p. 125

34.   Norman F. Cantor, “Civilization of the middle Ages”  Harper Perennial  New York, 1993, pp. 540- 41

35.    تنوير جوڻيجو ڊاڪٽر ”عورت، سماج ۽ ڏاڍ“ (مقالو) مهراڻ جولاءِ ــ سيپٽيمبر 1996 ص 126

36.    مبارک  علي ڊاڪٽر "کلچر اور  سماجي تبديلي"  (مقالہ) سہ ماهي "تاريخ" اکتوبر 2004، ص 39

37.    ايضاً ص 40

38.    مرتضى  احمد  خان "تاريخِ اقوامِ عالم" (حصہ  اول و دوم) مجلسِ ترقيءِ ادب لاہور  1958ع، ص 651

39.    ايضاً ص 651

40.    مبارک  علي ڊاڪٽر "کلچر اور  سماجي تبديلي"  (مقالہ) سہ ماهي "تاريخ" اکتوبر 2004، ص 43

 

No comments:

Post a Comment