ڊاڪٽر
احسان دانش
”فلسفي جي تاريخ“ تي هڪ نظر
سنڌي ٻوليءَ ۾ روز ڪونه ڪو ڪتاب
ڇپجي رهيو آهي، پر انهن مان ڪيترائي ڪتاب لفظن جي کوکلي ميڙ ۽ ڪاغذ جي ڍڳن کان
وڌيڪ حيثيت نه ٿا رکن. هونءَ اها چوڻي به مشهور آهي ته ”هر لکيل لفظَ کي ڪونه ڪو
پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي“ پر ڪي لفظَ ۽ ڪتابَ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا هوندا آهن، جن کي
پڙهي ذهن جا ڪپاٽ کُلي ويندا آهن. اهڙا ڪتابَ جيڪي سوال ڪرڻ سيکاريندا آهن، انڪار
ڪرڻ سيکاريندا آهن ۽ سوچڻ سيکاريندا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪتابَ ڪڏهن ڪڏهن ئي
نظر ايندا آهن. تازو ئي هڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ اسان جي دوست نويد سنديلي جو هڪ
اهڙو ئي ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ان
موضوع تي ڇپجندڙ ڪتابن کي پوئين پيرن وڃي ڏسندا سين ته انهيءَ موضوع تي هن ڪتابَ
کان اڳ اڪبر لغاري جو ڪتاب ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ پڻ نظر ايندو، جنهن کي بعد ۾
اردوءَ ۾ پڻ پڌرو ڪيو ويو. اهڙي طرح رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب ”سچ جو فلسفو“ پڻ ان سلسلي
جو هڪ سٺو ڪتاب آهي، جيڪو جدلياتي ماديت سمجھائي ٿو. ائين ئي ڊاڪٽر سڪندر مغل جو
ڪتاب ”ڏاهپ جو اڀياس“ پڻ جدلياتي ماديت تي لکيل هڪ شاندار ڪتاب آهي..... پر منهنجي
خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي بابت جيڪو پهريون بنيادي ۽ اهم ڪتابُ نظر اچي ٿو اهو
آهي محمد ابراهيم جويي جو ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“. نويد سنديلي جو هي ڪتاب ”فلسفي
جي تاريخ“ انهيءَ سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي.
اصل ۾ فلسفو هڪ مختلف موضوع آهي، جنهن
جو تعلق فڪر ۽ ڏاهپ سان آهي ۽ فلسفي جو بنيادي مفهوم ئي ڏاهپ سان پيار آهي. نويد
سنديلي پنهنجي هن ڪتاب ۾ فلسفي لفظ جي وضاحت هنن لفظن سان ڪئي آهي ”فلسفو يوناني
ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ”فِلين“ Philen معنى To Love ”پيار ڪرڻ“
۽ ”صوفيا“ Sophia معنى ”وزڊم“
Wisdom ”ڏاهپ“ ۽
”علم“ معنى ٿي ”ڏاهپَ ۽ علم سان پيار ڪرڻ“ To Love with
Knowledge and wisdom فلسفي جي
تاريخ ۾ سڀ کان اول لفظ فلسفي Philosopher پيٿاگورس ايجاد ڪيو هو.“ هو اڳتي لکي ٿو ته ”هڪ فلسفي راتيون
جاڳي، ڌيان ۽ گيان ۾ پاڻ وڃائي، سموري سڌ ٻُڌ ان سوچ تي محور ڪري ٿو، ته هن
زندگيءَ جو ال ڪارڻ ڇا آهي؟ ۽ ان جو مقصد ڪهڙو هئڻ گھرجي. هيءَ ڪائنات ڪيئن ٺهي
آهي ۽ ان سان منهنجو ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا ان جو ڪو ڇيهه يا انت آهي؟ ڇا اسين سڀ هڪ
صورت جا مظهر آهيون؟ ڇا ان صورت جو ڪي ٻيون به اڪيچار صورتون يا رنگ روپ ۽ وَرن
آهن؟ ايڪ ۾ انيڪ ۽ انيڪ ۾ ايڪ ڪيئن آهي؟ هي آواز اڳ آهن يا اُهي هڪ ڏورانهين ماڳ
منجھان ڦٽي نڪرن ٿا؟ جيئن سمنڊ جي پاڻيءَ تي ڀانت ڀانت لهرون جدا آهن، پر پاڻي ته
هڪ ئي پسجي پيو.
لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو. (شاهه)