Friday, 27 January 2023

”فلسفي جي تاريخ“ تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش



”فلسفي جي تاريخ“ تي هڪ نظر

سنڌي ٻوليءَ ۾ روز ڪونه ڪو ڪتاب ڇپجي رهيو آهي، پر انهن مان ڪيترائي ڪتاب لفظن جي کوکلي ميڙ ۽ ڪاغذ جي ڍڳن کان وڌيڪ حيثيت نه ٿا رکن. هونءَ اها چوڻي به مشهور آهي ته ”هر لکيل لفظَ کي ڪونه ڪو پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي“ پر ڪي لفظَ ۽ ڪتابَ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا هوندا آهن، جن کي پڙهي ذهن جا ڪپاٽ کُلي ويندا آهن. اهڙا ڪتابَ جيڪي سوال ڪرڻ سيکاريندا آهن، انڪار ڪرڻ سيکاريندا آهن ۽ سوچڻ سيکاريندا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪتابَ ڪڏهن ڪڏهن ئي نظر ايندا آهن. تازو ئي هڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ اسان جي دوست نويد سنديلي جو هڪ اهڙو ئي ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي ڇپجندڙ ڪتابن کي پوئين پيرن وڃي ڏسندا سين ته انهيءَ موضوع تي هن ڪتابَ کان اڳ اڪبر لغاري جو ڪتاب ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ پڻ نظر ايندو، جنهن کي بعد ۾ اردوءَ ۾ پڻ پڌرو ڪيو ويو. اهڙي طرح رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب ”سچ جو فلسفو“ پڻ ان سلسلي جو هڪ سٺو ڪتاب آهي، جيڪو جدلياتي ماديت سمجھائي ٿو. ائين ئي ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ڪتاب ”ڏاهپ جو اڀياس“ پڻ جدلياتي ماديت تي لکيل هڪ شاندار ڪتاب آهي..... پر منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي بابت جيڪو پهريون بنيادي ۽ اهم ڪتابُ نظر اچي ٿو اهو آهي محمد ابراهيم جويي جو ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“. نويد سنديلي جو هي ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ انهيءَ سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي.

اصل ۾ فلسفو هڪ مختلف موضوع آهي، جنهن جو تعلق فڪر ۽ ڏاهپ سان آهي ۽ فلسفي جو بنيادي مفهوم ئي ڏاهپ سان پيار آهي. نويد سنديلي پنهنجي هن ڪتاب ۾ فلسفي لفظ جي وضاحت هنن لفظن سان ڪئي آهي ”فلسفو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ”فِلين“ Philen معنى To Love ”پيار ڪرڻ“ ۽ ”صوفيا“ Sophia معنى ”وزڊم“ Wisdom ”ڏاهپ“ ۽ ”علم“ معنى ٿي ”ڏاهپَ ۽ علم سان پيار ڪرڻ“ To Love with Knowledge and wisdom فلسفي جي تاريخ ۾ سڀ کان اول لفظ فلسفي Philosopher پيٿاگورس ايجاد ڪيو هو.“ هو اڳتي لکي ٿو ته ”هڪ فلسفي راتيون جاڳي، ڌيان ۽ گيان ۾ پاڻ وڃائي، سموري سڌ ٻُڌ ان سوچ تي محور ڪري ٿو، ته هن زندگيءَ جو ال ڪارڻ ڇا آهي؟ ۽ ان جو مقصد ڪهڙو هئڻ گھرجي. هيءَ ڪائنات ڪيئن ٺهي آهي ۽ ان سان منهنجو ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا ان جو ڪو ڇيهه يا انت آهي؟ ڇا اسين سڀ هڪ صورت جا مظهر آهيون؟ ڇا ان صورت جو ڪي ٻيون به اڪيچار صورتون يا رنگ روپ ۽ وَرن آهن؟ ايڪ ۾ انيڪ ۽ انيڪ ۾ ايڪ ڪيئن آهي؟ هي آواز اڳ آهن يا اُهي هڪ ڏورانهين ماڳ منجھان ڦٽي نڪرن ٿا؟ جيئن سمنڊ جي پاڻيءَ تي ڀانت ڀانت لهرون جدا آهن، پر پاڻي ته هڪ ئي پسجي پيو.

لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو. (شاهه)

انسان جڏهن کان سوچڻ شروع ڪيو آهي ۽ سوال ڪرڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان ئي فلسفي جي شروعات ٿي آهي. فلسفي جو آغاز ڏاهپ جي ڌرتي يونان مان قديم زماني کان ٿئي ٿو. يونان جي ڌرتي يورپ ۾ اچي ٿي جيڪا ايشيا کي به ويجھي آهي ته مصر کي به ويجھي آهي. يعني دنيا جي ٻن وڏن خطن آفريقا ۽ ايشيا جي قريب آهي. يونان جو علم، ادب، آرٽ ۽ فلسفو 600 ق.م کان نظر اچي ٿو. يونان کي سڄي دنيا ۾سڪندرِ اعظم جي ڪري به وڏي شهرت ملي، جيڪو هندوستان تائين به اچي پهتو. يونان ۾ اسپاٽا جا جوڌا مشهور هوندا هئا ۽ اُتي شهري رياستون هيون.

1926 ۾ اردو ٻوليءَ ۾ فلسفي بابت هڪ ڪتاب ملي ٿو جيڪو ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم جو آهي. اهو ”تاريخ فلسفه“ جي نالي سان هن ترجمو ڪيو هو جيڪو نهايت اهم ڪتاب آهي ۽ اهو يورپ جي يونيورسٽين ۾ به پڙهايو ويندو هو. مان سمجھان ٿو ته فلسفي جي تاريخ تي جيڪڏهن ڪو اهم ڪتاب بلڪل منظم نموني سان لکيو ويو ته اهو البرڊ ويبرڊ جو هيو ”هسٽري آف ويسٽرن فلاسافي“ ان کي انگريزيءَ ۾ فرينڪ ٿلي ترجمو ڪيو، جيڪو هن 1905 ۾ ڇپايو هو. اهڙي طرح برٽنڊرسل جو ڪتاب ”هسٽري آف ويسٽرن فلاسافي“ به نهايت اهم ڪتاب آهي.

اسان جيڪڏهن گھڻو پوئتي ويندا سين ته فلسفي کي منظم نموني سان محفوظ ڪندڙ جيڪو سڀ کان اهم ڪم اسان کي نظر ايندو اهو ارسطوءَ جو ڪم هو. ارسطو پنهنجي دور کان اڳ آيل سمورن فلسفين جو ذڪر ڪيو. هن اهڙن فلسفين جو ذڪر هن جي لکيل ڊائلاگس ۾ نظر اچي ٿو. ائين هيگل فلسفي جي تاريخ تي ٽين جلدن ۾ بهترين ڪتاب لکيا.

جيئن فزڪس لاءِ چيو ويندو آهي ته اها سمورين سائنسن جي ماءُ آهي، اهڙي طرح فلسفي لاءِ چيو ويندو آهي ته فلسفو سموري ڄاڻ ۽ علمن جي ماءُ آهي. فلسفي جا سوال هن سموري ڪائنات سان لاڳاپيل آهن. سچ ڇا آهي، ڪُلي سچ ڇا آهي؟ هي سموري ڪائنات هلي ڪيئن ٿي؟ ۽ هن ڪائنات جي اندر آئون ڇا آهيان؟ منهنجو هن ڪائنات سان ڪهڙو تعلق آهي؟ اِهي اُهي موضوع آهن جيڪي فلسفي جي اندر اچن ٿا. فلسفي جو تعلق سياسيات، سماجيات، نفسيات، ادب ۽ فن سان به آهي. فلسفي جي موضوعن کي سمجھڻ کان پوءِ ماڻهو جو هن سماج ڏانهن رويو مٽجي ٿو وڃي. فلسفي ۾ پهرين ويڙهه انسان پنهنجي اندر سان ئي وڙهي ٿو. فلسفي سان هن جا آدرش، تصور، خيال ۽ عقيدا تبديل ٿين ٿا. نويد سنديلي پنهنجي هن ڪتابَ ”فلسفي جي تاريخ“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”شيون اصل ۾ جيئن آهن ۽ شيون جهڙي ريت نظر اچن ٿيون، ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. فلسفي جو مُکُ ڪردار شين جو آخري وجودي حقيقت جو راز پروڙڻ آهي. ان جو مطلب ته اسان کي اهو ڄاڻڻو پوندو ته شيون ائين ناهن هونديون، جيئن اُهي هميشه ظاهري طور تي نظر اچن ٿيون ۽ جيڪي ڪجهه اسان کي نظر اچي پيو، ڪنهن به ريت حقيقي ناهي، جيڪا حقيقت سامهون آهي، اها صحيح ناهي هوندي ۽ شيون هميشه اصل روپ ۾ نظر نه ٿيون اچن. اک جو ڪم ڏسڻ آهي، ارسطو جي ٻوليءَ ۾ ”اها ايستائين شين جي ماهيت ۽ اصليت کي پورو نه ٿي پَسي، جيستائين اها ڏسڻ جو عمل ناهي.“

سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي جي تاريخ تي هن وقت تائين جيڪو به ڪم ٿيو آهي، نويد جو هي ڪم ان کان مختلف ۽ منفرد آهي. هي ڪتاب رڳو فلسفي جي تاريخ ناهي پر اصل ۾ فلسفي جو تنقيدي اڀياس آهي. نويد سنديلو بنيادي طور هڪ شاعر ۽ تخليقڪار آهي ۽ سندس پالنا هڪ اهڙي گھر ۾ ٿي آهي، جتي لطيف هن کي سُتيءَ ۾ مليو تنهن ڪري هن ڪتاب جي مختلف بابن ۾ نويد سنديلي جو تخليقي جوهر ۽ تنقيدي شعور عيان آهي.

هي ڪتاب ڪُل چوڏهن بابن تي مشتمل آهي، هر هڪ باب جا ڪيئي زيلي عنوان آهن، جن وسيلي فلسفي بابت ڪي بنيادي ڳالهيون ۽ سوال نظر اچن ٿا جهڙوڪ فلسفو ڇا آهي؟، ڏاهپ ڪيئن ماڻي سگهجي ٿي؟، فلسفو ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ ڏاهپَ، حيرت، شڪ ۽ تجسس مان ڦُٽي ٿي، ماديت پسندي ۽ خيال پسندي وچ ۾ واضح فرق آهي، تقدير يا قضا جو نظريو وغيره. نويد 393 صفحن جي هن ڪتابَ ۾ فلسفي جي قديم ۽ ڪلاسيڪي دور تي ڀرپور روشني وڌي آهي، جنهن ۾ يوناني ڏاهپ جي بنيادي ٿنڀن هومر، هيسيڊ ۽ سيفو کان وٺي ٿيلس، انيڪسي مينڊر، انيڪسي مينس، پيٿاگورس، زينوفينس وغيره جي پيش ڪيل فلسفي تي ڀرپور روشني وڌي آهي. اهڙي طرح نويد ڪلاسيڪي دور ۾ سقراط، افلاطون، ارسطو، ايپيڪيورس ۽ زينو جي فڪر جو گھرو اڀياس به ڪيو آهي.

منهنجي خيال ۾ نويد سنديلي جو هي پورهيو ان ڪري به ان موضوع تي لکيل ٻين ڪتابن کان مختلف ۽ منفرد آهي، جو هن کي ڪتابَ ۾ جتي جتي موقعو مليو آهي اتي اتي هن ٽيڪا طور شاهه لطيف جا بيت ڏئي ڳالهه سمجھائي آهي، جنهن سان اهو ظاهر ڪرڻ چاهيو آهي ته ڀٽائي جو فڪر دنيا جي عظيم فلسفن جو نچوڙ آهي. جيئن هو ڪتاب جي صفحي 145 تي لکي ٿو ”پارمينائڊس سمجھيو پئي ته فطرت لڳاتار تبديليءَ جي حالت ۾ هُئي. هن پنهنجن حواسن وسيلي ڏٺو، ته شيون تبديل ٿي رهيون هيون پر هيءُ ان کي پنهنجي عقل (Reason) جي ڏسيل ڳالهه سان برابر ڪري نه سگھيو هو. جڏهن مٿس عقل ۽ حواسن ٻنهي مان هڪ تي ويساهه ڪرڻ تي زور ڀريو ويو، ته هن عقل جي چونڊ ڪئي. جيئن مشهور آهي ته ”جڏهن آ.ون ڏسندس، ان تي ويساهه رکندس.“ پر پارمينائڊس انهن کي ڏسندي به شين تي اعتبار نه ڪندو هو. هيءُ سمجھندو هو، ته اسان جا حواس اسان کي دنيا جي اڻپوري تصوير ڏيکارين ٿا. تصوير جيڪا اسان جي عقل سان نه ٿي ٺهڪي. اسان جو ڏاهو شاعر شاهه عبداللطيف وجودياتي (Ontological) مسئلي کي هن طرح نبيري ٿو، جنهن ۾ ”هنج“ کي علامتي طور ڪتب آڻي، انساني ادراڪ (Cognition) کي انتها تي وٺي وڃي ٿو ۽ پنهنجي هئڻ جي احساس جو اظهار نهايت سهڻي انداز سان پيش ڪري ٿو:

هنج سدائين هوءِ، آئينو ارواح جو

پاڻيءَ تَنهين پوءِ، ڪونهي لوڙَ نهار جي. (شاهه)

اهڙيءَ طرح نويد سنديلي ڪتاب جي مختلف بابن ۾ ڀٽائي، اياز، غالب ۽ ٻين شاعرن جي فڪر کي مختلف فلسفين جي خيالن سان ڪورليٽ ڪري ٿو.

مان سمجھان ٿو ته نويد سنديلي جو هي پورهيو نه رڳو فلسفي جي شاگردن لاءِ هڪ بهترين گائيڊ بُڪ آهي پر سنڌ جي پڙهندڙن ۽ ڏاهپ سان پيار ڪندڙن لاءِ هڪ بهترين تحفو به آهي، جنهن تي آئون کيس مبارڪباد ڏيان ٿو. 

No comments:

Post a Comment