Friday, 8 August 2025

هڪ روشن دماغ انسان ڪامريڊ جمال الدين بخاري ــ ڊاڪٽر احسان دانش

ڊاڪٽر احسان دانش



هڪ روشن دماغ انسان

ڪامريڊ جمال الدين بخاري


ايک روشن دماغ تھا نه رها

شهر ميں اک چراغ تھا نه رها

ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري هڪ اهڙو ئي هڪ روشن دماغ انسان هو، جنهن شهر ۾ ترقي پسند فڪر ۽ روشن خيالي جي جوت جلائي، ان ڪري کيس هڪ اهڙو ڏيئو چوڻ کپي، جنهن شعور جي روشني پکيڙي ۽ انقلابي فڪر جي راهه روشن ڪئي.هن سڄي عمر مزاحمت جو عَلم بلند رکيو ۽ جبر جي اڳيان ڪڏهن به نه جھُڪيو. ڪامريڊ زندگيءَ جا 84 سال عملي جدوجهد ۾ گذاريا. پنهنجي فڪر جي ڦهلاءَ ۽ نظريي جي پرچار لاءِ هن ديس ديس جو سفر ڪيو، ماڳ ماڳ کي پنهنجو مسڪن بڻايو. ڪڏهن سمرقند ته ڪڏهن ڪابل، ڪڏهن مزار شريف ته ڪڏهن ترمذ، ڪڏهن تاشڪند ته ڪڏهن بخارا وڃي نڪتو. ايتري تائين جو ڪامريڊ مغرب جون گھٽيون به لتاڙيون ۽ لنڊن ۽ جرمنيءَ ۾ به قدم ڌريا. هو پاءُ صديءَ تائين ڀارت ۾ پنهنجن هم عصر ڪامريڊن ۽ انقلابين سان گڏ بورزوائي تسلط جي خلاف وڙهندو رهيو.

ڪامريڊ جمال الدين هڪ شعله بيان مقرر ۽ بي ڊپو ڪامريڊ هو، تنهن ڪري ان بيباڪي ۽ جوشِ خطابت سبب ڪيترائي ڀيرا کيس جيل ياترا به ڪرڻي پئي. ڪڏهن سندس تقريرن کي اعتراض جوڳي گفتگو جي ذمري ۾ آڻي قلم124 –A لڳايو ٿي ويو ته ڪڏهن کيس باغي سڏيندي قلم121-B ۾ چالان ٿي ڪيو ويو. هن انڊيا ۽ پاڪستان جي لڳ ڀڳ ويهارو جيلن جي هوا کاڌي پر آخري دم تائين پنهنجي نظريي تان هڪ انچ به نه هٽيو. هو هڪ مضبوط ۽ اڏول انسان هو. پوين ڏينهن ۾ جڏهن هو عمر جي اسي واري ڏهاڪي ۾ سفر ڪري رهيو هو، تڏهن جسماني طور هو ڪمزور ٿي چڪو هو پر اعصابي طور، تڏهن به هو نهايت مضبوط هو. مان بلڪل ننڍي عمر ۾ ڪامريڊ سان مليس ۽ پاڪستان نيشل سينٽر ۾ سندس ٻه تقريرون ٻڌيون، هن کي اڇي لباس تي ڊگھو اوور ڪوٽ پاتل هو ۽ هٿ ۾ اسٽڪ هئس، مٿي تي مائو ڪيپ، ڏاڙهي فرينچ ڪَٽ،هن کي اکين تي ٿلهي فريم وارو چشموته هو پر مون کي هن جي نظر عقابي محسوس ٿي. مون پهرين دفعو ئي تقرير کان اڳ هن کي هڪ ضعيف انسان جي روپ ۾ ڏٺو پر جڏهن هن خطاب ڪيو تهمون کي حيران ڪري ڇڏيو. اهو جھونو جوڳي جيڪو مون کي هڪ ڪمزور انسان پئي لڳو، تَنهن جي تقرير جوش، جذبي، ولولي، انقلابي ۽ مزاحمتي فڪر سان ڀرپور هئي. هن جيڪا سماجي انياءَ جي صورت چِٽي ۽ هاري، مزدور ۽ پورهيت طبقي تي ٿيندڙ ظلمن جو داستان بيان ڪيو ته مان دنگ رهجي ويس. ان کان اڳ مون اهڙي پُر جوش تقرير ڪڏهن ڪونه ٻڌي هئي.اهو پهريون ڀيرو هو، جڏهن مان ڪنهن انقلابي اڳواڻ کي پنهنجي اکين پسيو هو.تقريب ختم ٿيته والد صاحب کي چيم ته ”هن بزرگ جو پورو تعارف ته ڪرايو.“ جنهن ٻڌايو ته ”بابا هي شخصڪميونسٽ تحريڪ جو انتهائي سرگرم اڳواڻ ۽ عظيم انقلابي انسان آهي، ٿورن لفظن ۾ چوان ته هي ماڻهو لاڙڪاڻي جو شان آهي.“ اڳتي هلي جڏهن مون ڪامريڊ جي عملي جدوجهد بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ته دنگ رهجي ويس.

ٻارن جي شاعريءَ جي اهميت ۽ مختيار سمي جي ٻارن لاءِ شاعري ــ ڊاڪٽر احسان دانش

ڊاڪٽر احسان دانش


ٻارن جي شاعريءَ جي اهميت ۽ مختيار سمي جي ٻارن لاءِ شاعري

 


اهو جملو اسان سو ڀيرا ٻڌو هوندو ته “ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو آهي.” پر سوال آهي ته ڪيئن؟ ٻارن لاءِ لکڻ ته سولو هجڻ کپي، جو ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ سادي ٻولي ڪتب آڻڻي پوندي آهي ۽ سادا خيال، عام دلچسپي جون ڳالهيون ۽ نصيحتون اهڙي شاعريءَ جو خاص موضوع هوندا آهن. ٻارن جي شاعريءَ ۾ ٻارن جي تعليم تربيت ۽ وندر کي خاص طور ذهن ۾ رکيو ويندو آهي. اهي سڀ ته ساديون ۽ سوليون ڳالهيون آهن ته پوءِ ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو ڪيئن ٿيو؟ ٻارن کي سمجھائڻ لاءِ نه ڪنهن فلسفي کي بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي نه ڪنهن ڳوڙهي خيال جي مٽي ڳوهڻ جي گھرج، نه ڪنهن فن جا شاهڪار تخليق ڪرڻا آهن نه ئي فڪر ۽ خيال جي بلندين کي ڇهڻو آهي. مان سمجھان ٿو اهو جملو ته “ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو آهي” اهي ئي ليکڪ چوندا آهن جن کي ٻارن لاءِ لکڻو ئي نه هوندو آهي. اهڙن ليکڪن وٽ هڪڙي جسٽيفڪيشن اها هوندي آهي ته “ٻارن لاءِ لکڻ وقت ليکڪ کي ٻار ٿيڻو پوي ٿو، جيڪا ڏکي ڳالهه آهي.” منهنجي خيال ۾ ڪو به ليکڪ جوان جماڻ پيدا نه ٿيندو آهي ۽ هر ليکڪ ٻين ماڻهن وانگر ئي پهريان ٻار، پوءِ جوان ۽ پوءِ پوڙهو ٿيندو آهي ۽ ٻاراڻي وهي جون شرارتون ۽ رانديون، اهو بي فڪري وارو دور، ڪڏهن به ڪو وساري نه ٿو سگھي. وسارڻ ممڪن ئي نه آهي. هونءَ به پوڙهائپ جي آخري حد تائين به ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪ ٻار جيئرو رهي ٿو، ڪي ماڻهو مصنوعي طور ان کي ماري يا سمهاري ڇڏيندا آهن، پر اهو سچ آهي ته هر ماڻهوءَ جي من ۾ ٻار موجود هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن نه ڪڏهن من مان ليئاڪا پائيندو آهي... ان ڪري اهي ليکڪ جيڪي اهو چئي ٻارن لاءِ لکڻ کان لنوائيندا آهن ته “ٻارڻو ادب لکڻ لاءِ ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ اهو ڏاڍو ڏکيو آهي.” سي اصل ۾ ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ کان فرار حاصل ڪن ٿا. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي مختيار سمي جي ڪتاب ”گلن جهڙي شاعري، پوپٽ جهڙا ٻار“ جي ٻن اکرن ۾ درست لکيو آهي ته “ٻارن لاءِ لکڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي! پر ٻار بڻجي لکڻ ۾ اڃا به وڌيڪ مزو آهي، ۽ اهو مزو ڪنهن ڪنهن جي حصي ۾ ئي ايندو آهي.”

اها ڳالهه بيشڪ درست آهي ته ٻارن لاءِ لکڻ وقت ليکڪ ڪجهه گھڙين لاءِ پاڻ کي ٻار ڪري ڇڏيندو آهي يا ٻاراڻي وهي ۾ پاڻ کي فريز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان هن جي تخليق ۾ حسن پيدا ٿيندو آهي. ٻاراڻي ٻولي هون ئي سادي ۽ سولي آهي. ٻارن وٽ بناوٽ ۽ ڏيکاءُ نه هوندو آهي، هو هر وقت سکڻ چاهيندا آهن کين سيکارڻ جو هڪ سٺو ذريعو ٻارن لاءِ ڪيل شاعري يا ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون آهن. جيتوڻيڪ اسان جنهن صدي ۾ پير پائي چڪا آهيون، ان کي آرٽيفيشل انٽيليجنس يا مصنوعي ذهانت جي صدي سڏيو وڃي ٿو، جتي سائيبر ورلڊ ۾ روز نوان لقاءَ ڏسڻ لاءِ نظر اچن ٿا ۽ ٻار به تعليم جي جديد ذريعن مان فاعدو وٺڻ چاهي ٿو پر بد قسمتيءَ سان اسان ڊجيٽلائيزيشن واري دور ۾ پنهنجي ٻارن لاءِ ڪجهه خاص نه ڪري سگھيا آهيون. اسان وٽ ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪو مواد موجود ناهي، جنهن وسيلي هو سکي سگھن ۽ سندن ذهني تربيت ٿي سگھي. ان جو به هڪ بنيادي سبب ٻارن لاءِ لکجڻ جي شرح گھٽجڻ آهي. اڳي جڏهن اسان ننڍا هئا سين ته ٻارن لاءِ رسالا ۽ ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب عام جام شايع ٿيندا هئا پر هاڻي صورتحال بنهه مختلف آهي. ائين به ناهي ته هاڻي ٻارن لاءِ لکندڙ رهيا ئي ناهن پر ايترو ضرور آهي ته انهن ۾ گھڻي گھٽتائي آئي آهي. ان سڄي پس منظر ۾ جڏهن اسان محترم مختيار سمي جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري جو مطالعو ڪريون ٿا ته انتهائي سرهائي ٿئي ٿي.

”ٽڪ ٽاڪ گرل“ تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش

 

ڊاڪٽر احسان دانش

”ٽڪ ٽاڪ گرل“ تي هڪ نظر

 


ڪهاڻي ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪو به تخليقڪار پاڻ کي ڀرپور نموني اوتي سگھي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ ڪهاڻي ڪنهن نظم جي تشريحي صورت هجي. ائين ئي اسان ڪوتا ڪهاڻيون به پڙهيون آهن. جيتوڻيڪ ڪهاڻي ڪنهن به هڪ واقعي، هڪ لمحي ۽ ڪنهن هڪ احساس جي آڏاڻي تي به اُڻي سگھجي ٿي، پر ڪي ڪهاڻيون ناولن جيان زندگيءَ جي ڪٿا به ٻڌائين ٿيون. اهو ڪنهن به ليکڪ جو هنر آهي، جو اهو ڪهاڻي کي رٻڙ وانگر ڇڪي وڏو ڪري يا واريءَ جي ذرڙي ۾ سمائي ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جي ڪهاڻي پنهنجي قد ڪاٺ ۾ ننڍڙي ٿيندي ٿيندي بائيٽ اسٽوري به بڻجي وئي آهي. ان چُهنڊي ۽ چَڪَ کي ڪي تخليقڪار سو لفظن ۾ سمائي فليش فڪشن بڻائين ٿا ڪي پنجن لفظن ۾ پورو ڪن ٿا. گھڻو اڳ ڪنهن تخليقڪار دوست چيو هو ته اسان جيڪي ڪرشن چندر، غلام عباس، عصمت چغتائي، امر جليل ۽ نور الهدى شاهه جي افسانن تي هريل آهيون، جيڪي افسانه منڌ جي چئن پيگن وانگر مڪمل نشو چاڙهن ٿا اُنهن تي فليش فڪشن جو چوٿ پيگ ڪو خمار نه ٿو چاڙهي. خير اهو هڪڙو الڳ بحث آهي، پر ادب ۾  صحتمند بحثن جي آجيان ڪرڻ کپي. مثلاً ادب ۾ هڪ بحث صنفي تفريق جو به آهي. صنفي اعتبار کان يا جينيٽيڪلي عورت ۽ مرد ڀلي جدا هجن پر ادبي طور عورت ۽ مرد جي تفريق مون کي بلڪل به سٺي نه لڳندي آهي. ان ڪري مان ريحانه نظير جي هن ڪتابَ ”ٽڪ ٽاڪ گرل“ کي به هڪ تخليقڪار جي ڪتاب طور ڏسان ٿو نه ڪئي هڪ ليکڪا (عورت) طور.

سنڌي ادب جي تاريخ ڏانهن نهاريندا سين ته لوڪ ادب کان ڪلاسيڪي ادب تائين عورتازاد ادب جا آثار ملندا.سنڌي ٻوليءَ جي قديم ترين شعري صنفن ۾ ”لوڪ گيتَ“ به شامل آهن. انهن ۾ اسان کي عورتن جي جذبن ۽ احساسن جون تصويرون نظر اينديون.ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ مان سمجھان ٿو ته پهريون شاعر ميون شاهه عنات آهي، جنهن عورتازاد ادب جو آغاز ڪيو ۽ سهڻي، مارئي، سسئي ۽ مومل جهڙن ڪردارن ۾ عورتن جو درد اوتيو ۽ ان کي عروج بخشيو شاهه لطيف. جنهن عورت جي عظمت کي قبول ڪندي پنهنجي سڄي شاعريءَ کي عورت جو لب لهجو ڏنو. اهڙي طرح سان افسانوي ادب جي حوالي سان به ڏسندا سين ته اسان کي جمال ابڙي ۽ اياز قادري کان وٺي نجم عباسي، امر جليل، نسيم کرل ۽ طارق اشرف تائين ڪيترائي ڪهاڻيڪار نظر ايندا جن فيمينسٽ فڪشن لکيو آهي. ان ڪري اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته سنڌي ادب ۾عورتازاد ادب جي واڌاري ۾ مرد تخليقڪارن جو به وڏو هٿ رهيو آهي. مون خود هڪ سو کان مٿي ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان هڪ مجموعو 17 سال اڳ ”بي سُڪون خواب جو سچُ“ جي عنوان سان شايع ٿيو به ٿيو آهي ۽ ٻيو مجموعو هن ئي سال شايع ڪرائڻ جو ارادو رکان ٿو انهن ڪهاڻين ۾ به گھڻائي اهڙين ڪهاڻين جي آهي، جن ۾ عورت جو درد اوتيل آهي. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ادب ۾ ان ادبي تحريڪ کي عروج تي رسائڻ ۾ وري به عورت ليکڪائن جو گھڻو ڪردار رهيو آهي. جن ۾ ثميره زرين، ماهتاب محبوب، نورالهدى شاهه کان وٺي شبنم گل، امر سنڌو، عرفانه ملاح، سحر گل ۽ ريحانه نظير تائين کوڙ نالا ڳڻائي سگھجن ٿا.

سنڌ جو سرمد ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

پيار لئه ساجن صديون گھرجن، ڳالهه ته ڏاڍي ڳوري آ، هيءَ حياتي ٿوري آ

سنڌ جو سرمد

 


هنديءَ زبان جي وڏي شاعر ڀڳت ڪبير چيو هو ته

پاني ڪا هي بلبله اس مانش ڪي ذات*

(ماڻهوءَ جو وجود، جَر ڦوٽي وانگر آهي.)

۽ ڀٽائي فرمايو هو

هي جي جرڪن جَر تي، سي تان پڻ حباب

زندگي آهي ئي اهڙي جنهن کي ڪو ثبات ۽ دائميت آهي ئي ڪانه..... پر جڏهن ڪو ماڻهو  پنهنجي زندگي دکن جي بٺيءَ ۾ پچي ۽ پڄري گذاري هن دنيا کي الوداع چوي ٿو ته ان جي پٺان به هڪ غم جو پڙاڏو رهجي وڃي ٿو.  18 جولاءِ 2022 تي جڏهن سنڌ جي نامور استاد شاعر، عالم، لطيف شناس، علم عروض ۽ ڇند وديا جي ڄاڻو، موسيقي جي علم جي ماهر، ناول نگار ۽ نقاد سائين سرمد چانڊيي جو  انتقال ٿيو ته فارسي زبان جي نامور شاعر شهريار جو شعر ياد اچي ويو:

یک عمر گذشت و عاقبت فهمیدیم

از دل نرود هر آنکه از دیده رود*

 (*هڪ عمر گذري وئي ۽ اسان انجامِ ڪار سمجھي ويا سين ته جيڪو اکين کان ڏور ٿي وڃي اهو دل کان ڪڏهن به دور نه ٿيندو.)

ائين لڳو ڄڻ شهريار جو اهو شعر، لطيف جي بيت جي پدَ جو ترجمو هجي. ’ڪي ڏور به اوڏا سپرين.....‘ ڪنهن به شخص جي جسماني دوري ساڻس پيار ڪندڙن لاءِ  سندس ڪميءَ جو احساس ته پيدا ڪندي رهندي آهي پر ڪي انسان پنهنجي ڪم ۽ ڪردار وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ اهڙي جاءِ جوڙي وٺندا آهن جو اهي ڏور هوندي به اوڏڙا لڳندا آهن جيئن مقصود گل چيو هو ”ڪي ڪي ماڻهو ڏور هجن ته به ويجھا ٿيندا آهن“ ۽ پوءِ اهڙا ئي انسان عطا محمد حامي جي لفظن ۾ ”دل کان اسان کي دور رکي ڪير ٿو  سگھي“ جهڙي دعوى جا حقدار به بڻبا آهن..... پر ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگھي ته پيارن جو وڇوڙو ماڻهوءَ کي جهوري به وجھي ٿو. اڄ جيڪڏهن سرمد چانڊيي جي پُٽن عزيز قاسماڻي، راحب حسين، منصور سرمد، مقبول احمد ۽ پوٽن علي مصطفى، حسن مجتبى ۽ ٻين گھرڀاتين توڙي دوستن ۽ شاگردن علي آڪاش، رياضت ٻرڙي، سعيد سومري، ايڊووڪيٽ ستار هليي، حبدار ٽوٽاڻي، علي دوست عاجز، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، رضوان گل ۽ مون سميت سندس سمورن چاهيندڙ کي هن جي وڇوڙي جو غم بيان ڪرڻ لاءِ ڪو چوي ته سرمد سائين جي ئي هن گيت کان سواءِ اظهار لاءِ ٻيو ڪجهه به نه بچندو ته.

ساجن! توکان پوءِ...

هيج ڀريو هينئڙو،

ننڍڙو ٿيندو ٿو وڃي!

استاد بخاري جي شاعريءَ ۾ سماجي، انقلابي ۽ مزاحمتي شعور ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

استاد بخاري جي شاعريءَ ۾

سماجي، انقلابي ۽ مزاحمتي شعور

 


سنڌي شاعري تڪبندي ۽ قافيه پيمائي واري روايتي دور کان نڪرڻ بعد جديد فڪر ۽ جولان سان سلهاڙجي انيڪ نوَن ۽ اڻ ڇهيل احساسن ۽ موضوعن سان جڏهن پنهنجو سفر اڳتي وڌايو، ته ان ۾ ڪيترن ئي شاعرن فن ۽ اسلوب جي سطح تي به انيڪ تجربا ڪيا، پر ڇوته جيسيتائين شاعري پنهنجي فڪر، خيال ۽ ادراڪ ۾ گھري ۽ وسيع نه آهي، تيسيتائين ٺلهو فن ڪنهن ڪم جو نه ٿو ٿئي، تنهنڪري جديد سنڌي شاعرن عروضي شاعريءَ جي اڳوڻي رومانوي روايت سان گڏ مزاحمت ۽ انقلابيت کي به اهم موضوع بڻايو ۽ شاعري جي سماجي فڪر ۽ ڪارج تي زور ڏنو. استاد بخاري سنڌي شاعريءَ جي ان تحريڪ جو نمايان شاعر آهي.  ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي استاد بخاري جي ڪتاب ”اوتون جوتون“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ”سچ پچ ته اها شاعري، جيڪا ڪنهن کي سڏي نه ٿي سگھي، ڪنهن کي پيار نه ٿي ڪري، ڪنهن سان به سچي ناهي ۽ ڪنهن کي به جياري ۽ اٿاري نه ٿي سگھي، سا بڪواس آهي..... استاد بخاري جي شاعري اهڙي نستي ۽ نڪمي شاعريءَ جي ابتڙ آهي. هوءَ سڏي ٿي، اها ستل کي جنجھوڙي جاڳائي ٿي، اونگھيل کي اٿاري ٿي. اها زندگيءَ جو عظيم قوتون حاضر ڪري ٿي.“ (1)

استاد بخاري جي شاعريءَ بابت هن وقت تائين جيڪو ڪجھ لکيو ويو آهي، ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پهريون استاد جي شاعريءَ جو فني اڀياس ۽ ٻيو استاد جي شاعريءَ جو فڪري ۽ موضوعي اڀياس. استاد بخاري شاعراڻي فن ۽ ٻوليءَ جي حسناڪين جي حوالي سان هڪ اهڙي آرٽسٽ طور نظر اچي ٿو، جنهن وٽ نه رڳو لفظن جي گھڙت پر جڙت جو هنر به آهي. هو شاعريءَ جي نزاڪتن ۽ فن کان نه رڳو واقف آهي، پر ان حوالي سان هن نوان تجربا پڻ ڪيا آهن. هن وٽ پنهنجو ڌار اسلوب ۽ ڏانءُ آهي. استاد جي ڪلام جي فني اڀياس جي حوالي سان تاج جويي، مير محمد پيرزادي، تاجل بيوس ۽ ڪجھ ٻين جو ڪم ساراهه جوڳو آهي، پر مان ان کي ڪافي نه ٿو سمجھان. اهڙي طرح موضوعي حوالي سان استاد جي شاعري جماليات توڙي رومانوي، قومي، سماجي ۽ انقلابي فڪر ۽ طبقاتي شعور سان ڀرپور نظر ايندي. اها پنهنجي موضوعاتي جهان ۾ گھڻ رخي ۽ ڦهليل نظر اچي ٿي. مجموعي طور هن جو لهجو عوامي آهي، پر ان عواميت سبب استاد کي رڳو ڪنهن سگھڙ ۽ سپورنج جي سطح تي آڻي سندس شاعريءَ جي تخليقي معيار، ترقي پسندي ۽ جدت کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. ”استاد بخاري هن معنى ۾ عوامي شاعر آهي جو هو عوام لاءِ شاعري ڪري ٿو. عوام کي عشق، جدوجهد، جستجو، قربانيءَ، سورهيائيءَ جا نوان تصور ڏئي ٿو ۽ سندن سوچ، احساس ۽ عمل جي مٽي نئين سر ڳوهي کين جهالت، عقيدن ۽ خودفريبين جي ڌٻڻ مان ڪڍي، پنهنجي ۽ سماج جي قسمت بدلائيندڙ عوام ۾ تبديل ڪري ٿو. ان ڪري استاد بخاري جيڪڏهن عوامي شاعر آهي ته رواجي معنى ۾ نه پر انقلابي معنى ۾ آهي.“ (2) بخاري پنهنجي فڪر ۾ هڪ جدت طراز شاعر آهي. هن کي پتو آهي ته هر نئين دور جون پنهنجون تقاضائون آهن ۽ نئين دنيا هر ساعت تبديلي ۽ تغير چاهي ٿي. تنهنڪري هو پنهنجي فڪر ۾ رجعت پرستيءَ کان ڪوهين ڏور ۽ هر نئين فڪر جي آجيان ڪندي نظر اچي ٿو.

فقير قادر بخش بيدل جو صوفي ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش



فقير قادر بخش بيدل جو صوفي

               


فقير قادر بخش بيدل سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ انمول رتن آهي. خاص طور اتر سنڌ جي اهم ترين شاعرن مان هڪ آهي. بيدل سائين بنيادي طور هڪ صوفي شاعر آهي ۽ سندس تعلق شاعرن جي ان سٿ سان آهي، جن جو مسلڪ وحدت الوجودي ۽ طريقو سرمستي وارو آهي. مون تصوف جي تاريخ جا ڪتاب پڙهندي اسلامي ۽ غير اسلامي تصوف جا اصطلاح پڙهيا آهن ۽ ان جون ڊگھيون توضيحون پڻ. پروفيسر ڪي ايس ناگپال پنهنجي ڪتاب ”صوفي لاڪوفي“ ۾ صوفيءَ جو تعارف هنن لفظن ۾ ڪرايو آهي ”صوفي ڪير به ٿي سگهي ٿو. ٻڌُ، مسيحي، هندو ۽ سکُ، هر مذهب ۾ تصوف آهي پر تصوف ۾ ڪو مذهب نه آهي.“ (1) ٻين لفظن ۾ تصوف هڪ اهڙو رستو ۽ راهه آهي، جنهن تان هر ڪو گذري سگهي ٿو، پر ان لاءِ ڪي اصول ۽ ضابطا ضرور موجود آهن، جيڪي اسان کي صوفين ۽ صوفي شاعرن ٻڌايا آهن. ”صوفي پنهنجي تخيل، علم، رياضت، مراقبي، مجاهدي، مسلسل ڳولها ۽ جاکوڙ سان پنهنجي هڪ الڳ دنيا ٺاهي ٿو، جنهن ۾ فرار هرگز نه آهي..... تصوف جو مقصد سچ، سونهن، ڏاهپ ۽ علم جي ڳولها آهي.“ (2)

سنڌي سماج ۾ صدين کان صوفي فڪر جي پچار رهي آهي. تصوف جي انهيءَ فڪري روشنيءَ جي ڦهلاءَ ۾ سنڌ جي صوفي شاعرن جو نهايت اهم ڪردار رهيو آهي. شاهه لطيف تائين پهچندي پهچندي اهو فڪر پچي راس ٿيو ۽ لطيف سائين ان فڪر جي مشعل کي اڃا وڌيڪ جوت ۽ جِلا بخشي. (3) معمور يوسفاڻي هن ڳوڙهي فڪر ۽ رويي جو مختصر لفظن ۾ ڏاڍو سهڻو تعارف ڪرايو آهي. هو لکي ٿو ته ”تصوف نالو آهي، دل جي پاڪائي، صفائي، غير کان دوري، مالڪِ حقيقي ڏانهن توجه ۽ ان جي سونهن جي پرتوي جي حاصلات جو. انسان ذات جي خدمت، هَٺَ، پاڻ وڏائيءَ کان پري رهڻ، غربت، عاجزي ۽ انڪساري اختيار ڪرڻ، پنهنجي پاڻ کي پروڙڻ ۽ خدا کي سڃاڻڻ، ڪائنات ڇا آهي؟ ان جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ ان ۾ انسان ڇا لاءِ آيو آهي؟ ان تي ڪهڙا فرض ۽ جوابداريون آهن؟ ان کي ڪيئن رهڻ گھرجي ۽ ڪهڙا خاص عمل ڪرڻ گھرجن. ماڻهن ۽ ساهوارن وغيره سان ڪهڙو سلوڪ روا رکجي. مطلب تصوف جو مقصد آهي، صحيح نموني زندگي گذارڻ“. (يوسفاڻي معمور  ”ڍوليو ڍٽ ڌڻي“ (4)

تصوف هر دور ۾ انساني سماج ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي گھرا اثر ڇڏيا آهن. سنڌي سماج تي پڻ صوفي فڪر ۽ فلسفي جو وڏو اثر رهيو آهي. صوفي متي ۾ نياز، نئڙت، محبت، امن ۽ انسانيت جو سبق به سمايل آهي. ان ڪري ان فڪر جا پوئلڳ سماج ۾ عدم تشدد ۽ اعتدال واري فضا قائم ڪرڻ چاهيندا آهن. تنهن ڪري ئي چيو وڃي ٿو ته ”تصوف جي شروعات تڏهن ٿي هوندي، جڏهن مختلف معاشرن ۾ ڏاڍ جو عمل هليو هوندو. جنهن کان بيزار ٿي، نيڪ انسانن، ظاهري رستي کان ٿورو هٽي، مخفي طرح، نيڪ عملن جي لاءِ نئون رستو ڳوليو هوندو.“ (5) ٻين لفظن ۾ تصوف ماڻهوءَ کي ماڻهپي جو رَند ڏسي ٿو ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو صوفي فڪر هر سماج ۾ عام مقبوليت ماڻي ٿو.  

شاعريءَ جي آڪاس ڏانهن پهرين اڏام ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

شاعريءَ جي آڪاس ڏانهن پهرين اڏام

(ڊاڪٽر امداد شيخ جي شعري مجموعي گم ٿيل ٽهڪ جو مھاڳ)

 

سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ نثري نظم جي قبوليت جو سوال اڄ ايڏو بحث هيٺ نه آهي جيڏو ڪالهه هيو. هاڻي اهو بحث گهڻو مڌم ٿي چڪو آهي ته نثري نظم کي شاعريءَ جي صنف مڃڻ کپي يا نه. ان کان اڳتي نثري نظم جي هئيت ۽ فارميٽ جي معاملن تي به هڪ عرصي کان گفتگو ٿيندي رهي آهي. هونءَ ته نثر ۽ نظم ادب جون ٻه جدا جدا ڌارائون آهن ۽ نظم کي گهڻو ڪري وزن، لئي، ۽ موسيقيت سان جوڙي ان جي صوتي آهنگ تي زور ڏنو ويندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن نثر جا ڪي شهپارا اهڙا به هوندا آهن، جن تي شعري آهنگ جو گمان ٿيندو آهي، جيتوڻيڪ انهن ۾ نه ته ڪو قافيي جي پابندي هوندي آهي ۽ نه ئي وري رديف جو ورجاءُ. ان مان اها ڳالهه سمجهڻ بنهه آسان آهي ته شاعريءَ جو تعلق رڳو وزن، بحر ۽ اهڙن ٻين لوازمات سان نه آهي. جيتوڻيڪ نظم ۽ نثري نظم جي وچ واري ڪڙي يعني آزاد نظم ۾ به وزن جي پابندي لازم آهي پر نثري نظم شاعريءَ جي واحد اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ لفظي ترتيب ۽ زورائتي اُچار مان مخصوص آهنگ پيدا ڪيو ويندو آهي. قاسم يعقوب مطابق ”نثري نظم، آزاد نظم جي اها شڪل آهي جنهن ۾ آهنگ جي جاءِ تي نثري نحوي ترتيب کي غالب ڪيو ويو.“ غزل ۽ ٻين شعري صنفن جي ڀيٽ ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم اڄ به هڪ نئين ۽ جديد صنف آهي، جيڪا پنهنجي ارتقائي مرحلن مان گذري رهي آهي. انگريزيءَ ۾ نثري نظم جي ابتدائي شڪل

prose poem آهي. جنهن جي مختصر وصف هن طرح ملي ٿي.

A prose poem is characterized by its blending of the qualities of poetry and prose. It often has a lyrical and imaginative quality like poetry, but lacks traditional line breaks and stanzas and is written in paragraphs like prose.

شاهه لطيف جي اڄ جي دور ۾ اهميت ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي اڄ جي دور ۾ اهميت

 

شاهه لطيف عظمت جي حقيقي معنا ۾ سنڌ جو اڪيلو عظيم انسان آهي. ان دعوا جا انيڪ دليل آهن. هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو محسن آهي. شاهه سائين ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي، تنهن ڪري اسان چوندا آهيون ته شاهه لطيف هر دور جو شاعر آهي. ڀٽائيءَ جو ڪلام اهڙو وکر آهي، جيڪو ڪڏهن پئي پراڻو نه ٿيڻو آهي، ڇوته لطيف سائين جو فڪر زمان ۽ مڪان جي حدن کان ماورا آهي. هن جي شاعريءَ جون جاگرافيائي حدون گهڻو ڪري سنڌ تائين محدود آهن ۽ هن جا اڪثر ڪردار به سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُک مان ڄايل آهن پر هن جي تخيل جي ڪائنات نهايت وسيع آهي. شاهه لطيف کي ڪو وڏو ادبي ورثو نه مليو پر تنهن جي با وجود هن سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ نئين جوت پيدا ڪئي، ڪجهه نيم ڪلاسيڪي داستانن جي بنياد تي هن جنهن طرح پنهنجي ڪلام جي پيڙه رکي، ان کي اڄ تائين وقت جو ڪو طوفان ميٽي نه سگهيو آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ جي خيال، تصور ۽ تفڪر جي زمين نهايت زرخيز آهي. "ڀٽائي سائين جي شاعري اڄ به ڇو اھم آھي؟" يا "موجوده وقت ۾ سندس ڪلام جو ڪارج ڪهڙي آهي؟" جهڙا سوال ڏاڍا اهم آهن. منهنجي اها دعوا ٺلهي دعوا ناهي ته ڀٽائي جو ڪلام ڪڏهن پئي پراڻو ٿيڻو ناهي. منهنجي دعوا پٺيان دليلن جي قطار آهي. پر سڀ کان اهم ڳالهه هي آهي ته لطيف سائين ’سماج جي زنده قدرن جو شاعر آهي.‘ اهي قدر جيڪي ٽي سو سالن بلڪه صدين کان سنڌي سماج جو ورثو رهيا آهن. اهي قدر جيڪي سماجي تبديلي(Social Change) جو بنياد آهن، جن وسيلي سماجَ اڳتي وڌندا آهن. اهڙن قدرن ۾ پورهيو (محنت)، انسان دوستي، سجاڳي، جستجو، رواداري وغيره شامل آهن. لطيف سائين پنهنجي لطيف ڪلام ۾ سماجي ترقيءَ لاءِ  انهن ۽ اهڙن انيڪ  قدرن جو ڪارج بيان ڪندي پنهنجي شاعريءَ کي امر بڻايو آهي. لطيف سائين امن ۽ انسانيت جو شاعر آهي ۽ هن وقت دنيا جي سمورن خلفشارن جو حل ‘امن’ آهي. لطيف سائين ٽي سو سال اڳي "دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين" چئي نه رڳو  پنهنجي فڪر جو جوهر پيش ڪيو، پر عالمي امن ۽ سلامتي جي خواهش به ڏيکاري. ڀٽائي جي ڳالھه اتي پوري نه ٿي ٿئي پر هو اڄ جي انسان کي امن، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ رستا به ٻڌائي ٿو. لطيف سائين جي شاعري رڳو "واٽون ويهه ٿيام... " ناهي هن وٽ "هو چوني تون مَ چئه..." واري حڪمت عملي به آهي ته "هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين" واري مزاحمت به آهي.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انساني ڪيفيتن جو مانڊاڻ (ڊاڪٽر احسان دانش) dR

ڊاڪٽر احسان دانش



شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انساني ڪيفيتن جو مانڊاڻ

انساني تاريخ ۾ اهڙا ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جن کي صدين تائين ياد رکيو ويو ويندو آهي. سنڌ جو شاهه اهڙن عظيم انسانن مان هڪ آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جا ايڏا ته گهڻا رُخَ ۽ رنگ آهن، جو ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لطيف سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي محدود نظر سان ڏسڻ وانگر آهي، ڇوته شاهه لطيف جي شاعري اهڙي پلزم وانگر آهي، جنهن جي هر ڪنڊ مان نئين روشني ۽ نئون رنگ ڦٽي ٿو، ان ڪري پرک جي نگاهه جي هڪ زاويي جي بنياد تي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ بابت ڪُلي راءِ قائم ڪرڻ ڪنهن به ريت مناسب ناهي، مگر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ تائين ڀٽائي جي شاعريءَ سان اڪثر ائين ئي ٿيو آهي، يعني ان کي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي لينس ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ائين شاهه جي عالمگير فڪر ۽ فلسفي کي محدود ڪيو ويو آهي. سچ اهو آهي ته مونکي شاهه جون  وايون ۽ بيتَ ان موزيڪ آرٽ وانگر ڀاسندا آهن جنهن ۾ ننڍڙن ننڍڙن رنگا رنگ شيشن جي ٽڪرن سان تصويرون ۽ نقش ٺاهيا ويندا آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ جي موزيڪ جي هر شيشي ۾ پنهنجي الڳ ڪائنات آهي. ان ۾ زندگيءَ جا انيڪ رنگ ۽ آهنگ آهن. شاهه لطيف انساني جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جنهن طرح پينٽ ڪيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ خاص طور عورت جي اندروني احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي ڪمال حسناڪيءَ سان چٽيو آهي. هڪ پاسي مومل جي تڙپ ۽ انتظار جون ڪيفيتون آهن ته ٻئي پاسي سهڻيءَ جي لُڇ ۽ تڙپَ جا احساس. هڪ طرف وڻجارن جي ونين جي اندر ۾ وهمن، وسوسن ۽ خوف جون ڪيفيتون سمنڊ جيان ڇلندي محسوس ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي سورن ۾ سامايل سسئي درد جي پاهڻن تي پنڌ ڪري پنهنجا پير پٿون ڪري ٿي ۽ پل پل سندس من ۾ انيڪ احساس ۽ ڪيفيتون ڪَرُ کڻي جاڳن ٿيون. ائين مڻي تي موهيل ليلا جي لالچ کان پوءِ سندس من ۾ پيدا ٿيندڙ احساسِ ندامت ۽ پڇتاءُ ۽ آزيون نيزاريون ڪرڻ توڙي نوريءَ جي نماڻائي ۽ نئڙت مان ڪيئي انساني ڪيفيتون اڀري اچن ٿيون جن کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪمال هنر سان پيش ڪيو آهي. ان طرح لطيف سائين جي سڄي رسالي ۾ انساني ڪيفيتن جو عجب مانڊاڻ نظر اچي ٿو. مارئي جڏهن عمر جي ڪوٽ ۾ باندياڻي بڻجي ٿي ته هر وقت سندس مَنُ مارن لاءِ ملول رهي ٿو. هوءَ پنهنجي اندر کي وطن جي ڪکن ۽ مارن جي سارَ کان ڌار نه ٿي ڪري سگهي. ڀٽائي هن جي اندر جي ڪيفيتن ۾ جهاتي پائي چوي ٿو:

بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوهَ ۾؛

مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي.

Friday, 27 January 2023

”فلسفي جي تاريخ“ تي هڪ نظر ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش



”فلسفي جي تاريخ“ تي هڪ نظر

سنڌي ٻوليءَ ۾ روز ڪونه ڪو ڪتاب ڇپجي رهيو آهي، پر انهن مان ڪيترائي ڪتاب لفظن جي کوکلي ميڙ ۽ ڪاغذ جي ڍڳن کان وڌيڪ حيثيت نه ٿا رکن. هونءَ اها چوڻي به مشهور آهي ته ”هر لکيل لفظَ کي ڪونه ڪو پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي“ پر ڪي لفظَ ۽ ڪتابَ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا هوندا آهن، جن کي پڙهي ذهن جا ڪپاٽ کُلي ويندا آهن. اهڙا ڪتابَ جيڪي سوال ڪرڻ سيکاريندا آهن، انڪار ڪرڻ سيکاريندا آهن ۽ سوچڻ سيکاريندا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪتابَ ڪڏهن ڪڏهن ئي نظر ايندا آهن. تازو ئي هڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ اسان جي دوست نويد سنديلي جو هڪ اهڙو ئي ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي ڇپجندڙ ڪتابن کي پوئين پيرن وڃي ڏسندا سين ته انهيءَ موضوع تي هن ڪتابَ کان اڳ اڪبر لغاري جو ڪتاب ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ پڻ نظر ايندو، جنهن کي بعد ۾ اردوءَ ۾ پڻ پڌرو ڪيو ويو. اهڙي طرح رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب ”سچ جو فلسفو“ پڻ ان سلسلي جو هڪ سٺو ڪتاب آهي، جيڪو جدلياتي ماديت سمجھائي ٿو. ائين ئي ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ڪتاب ”ڏاهپ جو اڀياس“ پڻ جدلياتي ماديت تي لکيل هڪ شاندار ڪتاب آهي..... پر منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي بابت جيڪو پهريون بنيادي ۽ اهم ڪتابُ نظر اچي ٿو اهو آهي محمد ابراهيم جويي جو ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“. نويد سنديلي جو هي ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ انهيءَ سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي.

اصل ۾ فلسفو هڪ مختلف موضوع آهي، جنهن جو تعلق فڪر ۽ ڏاهپ سان آهي ۽ فلسفي جو بنيادي مفهوم ئي ڏاهپ سان پيار آهي. نويد سنديلي پنهنجي هن ڪتاب ۾ فلسفي لفظ جي وضاحت هنن لفظن سان ڪئي آهي ”فلسفو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ”فِلين“ Philen معنى To Love ”پيار ڪرڻ“ ۽ ”صوفيا“ Sophia معنى ”وزڊم“ Wisdom ”ڏاهپ“ ۽ ”علم“ معنى ٿي ”ڏاهپَ ۽ علم سان پيار ڪرڻ“ To Love with Knowledge and wisdom فلسفي جي تاريخ ۾ سڀ کان اول لفظ فلسفي Philosopher پيٿاگورس ايجاد ڪيو هو.“ هو اڳتي لکي ٿو ته ”هڪ فلسفي راتيون جاڳي، ڌيان ۽ گيان ۾ پاڻ وڃائي، سموري سڌ ٻُڌ ان سوچ تي محور ڪري ٿو، ته هن زندگيءَ جو ال ڪارڻ ڇا آهي؟ ۽ ان جو مقصد ڪهڙو هئڻ گھرجي. هيءَ ڪائنات ڪيئن ٺهي آهي ۽ ان سان منهنجو ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا ان جو ڪو ڇيهه يا انت آهي؟ ڇا اسين سڀ هڪ صورت جا مظهر آهيون؟ ڇا ان صورت جو ڪي ٻيون به اڪيچار صورتون يا رنگ روپ ۽ وَرن آهن؟ ايڪ ۾ انيڪ ۽ انيڪ ۾ ايڪ ڪيئن آهي؟ هي آواز اڳ آهن يا اُهي هڪ ڏورانهين ماڳ منجھان ڦٽي نڪرن ٿا؟ جيئن سمنڊ جي پاڻيءَ تي ڀانت ڀانت لهرون جدا آهن، پر پاڻي ته هڪ ئي پسجي پيو.

لهرين لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو. (شاهه)