Thursday, 1 May 2014

ڪارونجھر جي ڪور تي پياسي مور جي رڙ -- احسان دانش (Ahsan Danish)



احسان دانش

ڪارونجھر جي ڪور تي پياسي مور جي رڙ

(ناياب کوکر جي ڪهاڻي ڪتاب ”زندگيءَ جي ويڙهه ۾“ جو مهاڳ)

مناسب قد واري اها سنهڙي ڇوڪري جيڪا ڪلاس ۾ مونکان هميشه اهڙا سوال ڪندي هئي جن جي جواب ۾ وري هڪ نئون ليڪچر شروع ٿي ويندو هيو. اها ئي ڇوڪري ڪيترو تخليقي ذهن رکندڙ ڏاتيار آهي، ان جو پتو مونکي تڏهن پيو جڏهن هن پنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب موڪلي ڏنو. نرگس جي تخليقي صلاحيت جا ترورا ته مون ان ڏينهن محسوس ڪيا هيا، جيڪو ٽرينگ جو آخري ڏينهن هيو. استادن ۾ ٽيچنگ اسڪلس پيدا ڪرڻ لاءِ اهو ٽرينگ پروگرام 2011 ۾ لاڙڪاڻي ۾ رکيو ويو هيو. اهي سخت گرميءَ جا ڏينهن هيا ۽ مان گرميءَ کان بيزار. پر پوءِ هڪ دوست جي حجت تي ماسٽر ٽرينر طور ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻو پيو. ٽرينگ جي آخري ڏينهنِ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ٽرينگ بابت رفليڪشن وٺڻو هيو. جنهن ۾ نرگس به رفليڪشن ڏنو هيو. هن پهريان پنهنجو مختصر تعارف ڪرائيندي چيو هو ته هوءَ 1988 ۾ پيدا ٿي.......... ان ڏينهن هوءَ مونکي پنهنجي تخليقي عمر جيتري لڳي هئي.

Monday, 28 April 2014

احساس جي پوترتا -- احسان دانش (Ahsan Danish)

احسان دانش
احساس جي پوترتا
”لفظن جي خوشبو“ لاءِ لکيل ٻه اکر

شاعري منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جي مک تي مرڪ جي لڪير وانگر به آهي ته روح جي پاتال مان ٻُرندڙ سڏڪي وانگر به. جنهن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ هڪ انوکي بصيرت ۽ بصارت جي ضرورت هوندي آهي. ادب ۾ پوسٽ ماڊرن ازم وارو لاڙو ان لحاظ کان اهم آهي ته ان ۾ تخليقڪار کان وڌيڪ تخليقي سگھ جي پرک کي اهميت ڏيندي قاري کي ان تخليق جي گھڻ رخي تشريح جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. تخليقڪار جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي ڇوته اهو احساسن جي هڪ اڻ ڏٺي دنيا کي جنمي ٿو پر حقيقت ۾ هڪ بهترين تخليق ان هيري وانگر آهي جنهن جي هر رخ ۾ پنهنجي جوت ۽ جلوو آهي، پر ان جي اهميت کان ڪو اهڙو جوهري ئي آشنا ٿي سگھي ٿو جنهن کي ان جي قدر ۽ قيمت جو اندازو هوندو.... هڪ شاعر جيڪا احساس جي دنيا تخليق ڪري ٿو ان کان ڪوئي تيسيتائين لطف اندوز ٿي ئي نه ٿو سگھي جيسيتائين اهو ان تخليقي لطافت کي پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ هڪ تحرڪ وانگر محسوس نه ڪري. هونءَ به هڪ بهترين شعر دل جي دنيا کي ڌوڏي، سوچ ۾ هلچل مچائي  ڇڏيندو آهي.

منهنجا خواب ـــــ منهنجو سچ -- احسان دانش


احسان دانش
منهنجا خواب ـــــ منهنجو سچ
”بي سڪون خواب جو سچ“ تي لکيل ٻه اکر

سوچيان ٿو پنهنجي پاران ٻه اکر لکڻ ضروري آهن ڇا؟ ڇا هنن ڪهاڻين ۾ لکيل اکر منهنجا نه آهن؟ ڇا اهي سموريون ڪهاڻيون جيڪي هن ڪتاب ۾ موجود آهن سي منهنجن ٻن اکرن جو پورائو نه ٿيون ڪن....؟ گهڻائي سوال ذهن ۾ اچن ٿا پر انهن سمورن سوالن جي اڳيان روايتن جي ڀت اوچي ٿي بيهي ٿي...... - اسين راويتن جا امين آهيون. تنهن ڪري راويتن جي پورائي لاءِ ٻه اکر لکڻ چاهيان ٿو.
مان چاهيان ٿو هي ڌرتي محبتن جو وسيع گلزار بڻجي وڃي جتي چاهتن جا پوپٽ اڏامندا رهن ۽ هر ڏسا خوشبوئن جا جهونڪا هجن ۽ ائين نفرتون آپ گهات ڪري ڇڏين. بم ۽ بارود مٽي جا کيڏوڻا بڻجي وڃن، لبن تي مرڪن جا ماڪ ڦڙا جرڪي پون. مان چاهيان ٿو. ها! مان چاهيان ٿو ڪوئي ڳل ڳوڙهن سان آلو نه ٿي، ڪنهن به اک ۾ درد جو جهڙالو نه ٿي، مان چاهيان ٿو.......

Sunday, 27 April 2014

ذوالفقار راشدي جي شاعريءَ بابت ويچار -- احسان دانش (Ahsan Danish)

احسان دانش

لکون ٿا ٻول ٻاجھ جا، زبان زهر تي رکي
ذوالفقار راشدي  جي شاعريءَ بابت ويچار


زندگي جي ڪينواس تي هر ماڻهو الڳ رنگ ڀريندو آهي، هر احساس جو پنهنجو رنگ آهي، جيئن هر گل جو الڳ واس. واس رڳو گلن جي ئي ملڪيت نه آهي، واس ته لفظن ۾ به هوندو آهي، پر ان لاءِ احساس جي حس گھرجي. بهارن جي هير ۾ جو واس آهي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هڳاءُ لفظن جي گلن ۾ هوندو آهي. هڳاءُ رڳو خوشيءَ جي ماڪ ڀنل رابيلن ۾ ئي نه هوندو آهي، درد جي ڪارن گلابن ۾ به پنهنجو هڳاءُ آهي.
ماڻهوءَ جو وجود ڪوڙين جذبن جي کاڻ آهي. اڻ پورين خواهشن جي حاصلات، اندر جي اڻ تڻ، سپنن جي ساڀيان، منزل جي تڙپ، ٽٽل احساسن جا ٽڪرا، اڻ پورين آشائن جي طلب ۽ نه ڄاڻ ڪيترا جذبا زندگيءَ جي رڻ ۾ ڀٽڪندا ٿا رهن. زندگي، جنهن جي لاءِ شيڪسپيئر چيو هو ته ’اها محبت ڪرڻ لاءِ ئي ٿورڙي آهي، نه ڄاڻ ڪيئن ماڻهو ان ۾ نفرت ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍن ٿا.‘ بقول شاعر:
زندگي يون هي بهت ڪم هي محبت ڪي لئي
لوگ نفرت ڪي جگه ڪيسي بنا ليتي هين

ڪهاڻي زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو آهي -- احسان دانش (Ahsan Danish)

احسان دانش

ڪهاڻي زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو آهي
ممتاز لوهار جي ڪهاڻي ڪتاب ”اڻپورا وجود“ جو اڀياس
                                             احسان دانش، رضوان گل ۽ ممتاز لوهار


’ڪهاڻيءَ ۾ زندگي آهي يا زندگيءَ ۾ ڪهاڻي.‘ اها ڳالهه منهنجي ذهن ۾ هميشه هڪ اهڙي دائري وانگر ڦرندي آهي جنهن جو ڇيهه ۽ ڇيڙو ڪڏهن به هٿ نه آيو اٿم. جيڪڏهن ڪهاڻي ائين ئي آهي جيئن زندگي ته پوءِ ٻنهي کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيئن ٿو ڪري سگھجي؟ ڪري به ڪيئن ٿو سگھجي جو ڪهاڻي زندگيءَ جي ڪُک مان جنم وٺي ٿي. جنهن سماج ۾ زندگي نرم، گداز ۽ بخملي بدن جهڙي هوندي ان سماج ۾ ڪهاڻي به پيار جا نغما گنگنائيندي ۽ جتي اها چچريل لاش جهڙي هوندي اتي يقيناً ڪهاڻيڪارَ به نوحه گر ٿي پوندا، ڇوته ڪهاڻي زندگيءَ جي سڏ جو پڙاڏو آهي. زندگي ٽهڪ ڏيندي ته ڪهاڻي به مسڪرائيندي، زندگي سڏڪندي ته ڪهاڻي به لڙڪ لاڙيندي. شيخ اياز لکيو هو ته ”هي زندگي ئي هڪ ڪهاڻي آهي. هڪ عجيب غريب وچتر ڪهاڻي، جنهن جو صفحو صفحو روئاري ۽ کلائي، رسائي ۽ مڃائي، منجھائي ۽ سُجھائي ٿو. ان جي سٽ سٽ ۾ يا ته ڪتڪتائي آهي يا چُهنڊڙي يا ٿف يا ٺوڪر. ائين کڻي چئجي ته هي زندگي گھڻيون ئي ڪهاڻيون آهي. ٻئي پاسي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي جھلڪ آهي. ان جي غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرميءَ جي ترجماني آهي. جي اسان کي زندگي عزيز آهي ته ڪهاڻي ڪيئن نه پياري لڳندي؟ پر جي اسان تي زندگي بار آهي ته ڪهاڻي پڙهي ان جو ٻوجھ هلڪو ٿيندو. آخر زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي. تو چئي مون ٻڌي ۽ پوءِ ڄڻ ته هئي ئي نه.“
هڪ سٺي ڪهاڻيءَ لاءِ جن ٽن خاصيتن جي اهميت آهي انهن کي اصغر گونڊوي جي هن شعر مان سمجھي سگھجي ٿو:
سنتا ہوں بڑے شوق سے افسانهءِ ہستی،
کچھ اصل ہے، کچھ خواب ہے، کچھ طرزِ ادا ہے.

زماني ۾ مدهوش مشهور ٿي ويو -- احسان دانش (Ahsan danish)

احسان دانش
زماني ۾ مدهوش مشهور ٿي ويو
احمد خان مدهوش جي شاعريءَ جو اڀياس



محبت بي چين روح جو اهڙو مضطرب گيت آهي، جيڪو هر ان ماڻهوءَ جي لبن تي رقصان هوندو آهي، جنهن کي سونهن جي ساڃاهه هوندي آهي، جيڪو جمال جا پُر جوت جگنو نيڻن جي جھروڪن ۾ سانڍي رکندو آهي. هونءَ به سونهن ان ڪاڪ محل جيان آهي جنهن جو طلسم هر نظر کي مهوِ سحر بڻائي ڇڏيندو آهي.
تنهنجي درشن جي ڪرامت کي اڃا ڪيئن نه مڃان،
مونکي مدهوش بنائي ٿي ڇڏين او جانان.
احمد خان مدهوش ڀلاري سنڌ جو هڪ اهڙو شاعر هيو، جنهن کي سدا جوان ۽ سدا بهار شاعر چئجي ته غلط نه ٿيندو. اڇي ڏاڙهي ۽ ڪمزور بدن وارو مدهوش ڏسڻ ۾ جھونو لڳندو هو پر سندس دل ان ماڪ ڀنل گلاب وانگر هئي، جنهن جي ڪوملتا، تازگي ۽ سُڳنڌ ساهن کي سُرور بخشيندي آهي. مدهوش جي دل مان نڪتل لفظن ۾ جيڪا پيار جي خوشبو آهي اها شايد ڪڏهن به پاروٿي ناهي ٿيڻي. پيار هن جي سموري شاعريءَ جو مرڪز ۽ محور آهي. پيار جي جيڪڏهن ڪا صورت هجي ها ته اها مدهوش جي لفظن جي آرسيءَ ۾ ضرور ڏسي سگھجي ها، پر پيار ته هڪ احساس آهي جنهن کي مدهوش جي خماريل نيڻن ۾ ڳولي سگھجي پيو.
نهار مونڏي نهار مونڏي، نهار مونڏي نهار جاني.
اهي محبت ڀريون خماريل کڻي نگاهون نهار جاني.

Monday, 21 April 2014

لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جا قديم آثار ۽ دڙا -- احسان دانش (Ahsan danish)


احسان دانش

لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جا قديم آثار ۽ دڙا
(هڪ تعارف)
سنڌو ماٿر جي تهذيب دنيا جي قديم ترين ۽ متمدن تهذيبن مان هڪ آهي. سنڌ جي ڌرتيءَ هيٺان اڄ به هزارين ۽ لکين سال پراڻين تهذيبن جا آثار لڪل آهن، جيڪي آثار قديمه جي ماهرن، محققن ۽ پارکن جي نظرن جا منتظر آهن. سنڌ هونءَ به برصغير جو هڪ وڏو تهذيبي خطو رهي آهي، جنهن جي گواهيءَ لاءِ اهي آثار ۽ اهڃاڻ ئي ڪافي آهن جيڪي هن وقت تائين ٿيل کوٽائين جي نتيجي ۾ دنيا جي اکين اڳيان آيا آهن.
دنيا جون سڀئي وڏيون تهذيبون اڪثر درياهن جي ڪپرن ۽ ڪنارن يا ڀرپاسي جي ماٿرين ۾ ئي اسريون ۽ اڀريون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ قديم آثارن جي کوجنا جا مرڪز درياهن جا پراڻا وهڪرا ۽ ڪنارا ئي رهيا آهن، ساڳي طرح سنڌ ۾ به قديم تهذيب جي دريافت جي حوالي سان گھڻي ۾ گھڻا آثار سنڌو درياھ توڙي هاڪڙي جي ڪنارن سان ئي مليا آهن، جنهن جو وڏو مثال مهين جو دڙو آهي. حقيقت ۾ سنڌوءَ جو ڪپر سنڌ ۾ عظيم تهذيبن جي جنم ڀومي آهي.

Saturday, 19 April 2014

وکريل خيالن جي سهيڙ -- احسان دانش (Ahsan Danish)

احسان دانش
 رياضت ٻرڙي جي ڪتاب ”واءُ وکيريا خيال“ جو مهاڳ
وکريل خيالن جي سهيڙ


انسان تبديلي ۽ تغير پسند آهي. هو سدائين ڪا نه ڪا نواڻ چاهي ٿو. جدت جو نئون جهان جوڙڻ جي اها جستجو ئي زندگي جي ارتقائي عمل جو دليل آهي، پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ماڻهو پنهنجي روايتن کان ناتو ٽوڙي ڇڏي. اها جدت جيڪا زندگيءَ جي بنيادي اصولن، رشتن، تعلقن، اخلاقي قدرن ۽ روايتن کي ڇيهو رسائي، ان کي جدت بدران جبر چوڻ کپي. اڄ جڏهن اسين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ زنده آهيون ۽ شيون  ڊجيٽلائيز ٿي چڪيون آهن. جڏهن اسين گلوبل وليج جي صحيح تصور کي سمجھڻ شروع ڪيو آهي ۽ سيل فون وسيلي جهڙوڪر دٻليءَ ۾ دنيا بند ڪري ڇڏي آهي، ته هاڻي احساس ٿئي ٿو ته ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ دنيا گھڻو تبديل ٿي چڪي آهي. جَڳُ انهن تبديلين جي مثبت اثرن تي سوچي ٿو پر ترقي پزير ملڪن ۾ انهن تبديلن جا به منفي اثر ظاهر ٿين ٿا. اصل ۾ هر تبديليءَ پٺيان متحرڪ هوندي آهي سوچ. اهڙي طرح شين جي منفي ۽ مثبت استعمال پٺيان به انساني سوچ ئي ڪم ڪري ٿي.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت -- احسان دانش (AhsanDanish)




احسان دانش
شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موسيقيت


دنيا ۾ هن وقت تائين شاعريءَ جون ايتريون تشريحون ۽ توضيحون پيش ڪيون ويون آهن جو عظيم شاعريءَ جي عظمتن جي ڪٿ لاءِ ڪي ٿورا نه پر اڪيچار ماڻ ۽ ماپا اڳيان رکڻا پون ٿا. ”ڊاڪٽر جانسن (Dr. Johnson) شعر کي موزون تصنيف (Metrical Composition) چيو آهي..... ڪارلائل (Carlyle) شاعريءَ کي ”مترنم خيال“ ٻڌائي ٿو. شيلي (Shelley) ’تخيل جي اظهار‘ کي شاعري چوي ٿو. هيزلٽ (Hazlitt) وٽ ”شاعري تخيل ۽ جذبات جي زبان“ آهي..... ورڊس ورٿ (Wordsworth) جي لغت ۾ ”شاعري سمورن انساني علمن جي جان ۽ ان جو لطيف ترين روح آهي. شاعري جذبات جي اهڙي پُر جوش علامت آهي جيڪا سموري علم ۽ حڪمت جي چهري ۾ چٽي هوندي آهي.“ ايڊگر ايلين پو (Edgar Allen Poe) جي خيال مطابق ”شاعري حسن پُر آهنگ ۽ مترنم تخليق جو نالو آهي. وائيس ڊنلٽن (Wais Dunlton) جو قول آهي ته ”شاعري جذباتي ۽ مترنم زبان ۾ انساني شعور جي محسوس ۽ جمالياتي اظهار جو نالو آهي.“ (1)
شاعريءَ جي انهن سمورين تشريحن مان بهرحال اها ڳالهه ته واضح آهي ته شاعريءَ ۾ لئي ۽ ترنم جي موجودگي لازمي آهي، ڇوته جيسيتائين شاعر جا لفظ روح جي تارن کي نه ٿا ڇيڙين، تيسيتائين اها بي ساهي ۽ بي ست محسوس ٿئي ٿئي. عظيم شاعريءَ جو وڏو ڪمال اهو ئي آهي ته اها پنهنجي پڙهندڙ جي وجود ۾ ائين سرائيت ڪري ويندي آهي جو سندس اندر ۾ ’مي رقصم‘ جي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي. اها ڪيفيت ۽ اهو جادو لفظن جي ترنم ۽ موسيقي سبب ئي پيدا ٿيندو آهي ۽ شاعري انهيءَ منزل تي اچي ساحري بڻجي ويندي آهي.