Sunday, 27 April 2014

ذوالفقار راشدي جي شاعريءَ بابت ويچار -- احسان دانش (Ahsan Danish)

احسان دانش

لکون ٿا ٻول ٻاجھ جا، زبان زهر تي رکي
ذوالفقار راشدي  جي شاعريءَ بابت ويچار


زندگي جي ڪينواس تي هر ماڻهو الڳ رنگ ڀريندو آهي، هر احساس جو پنهنجو رنگ آهي، جيئن هر گل جو الڳ واس. واس رڳو گلن جي ئي ملڪيت نه آهي، واس ته لفظن ۾ به هوندو آهي، پر ان لاءِ احساس جي حس گھرجي. بهارن جي هير ۾ جو واس آهي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هڳاءُ لفظن جي گلن ۾ هوندو آهي. هڳاءُ رڳو خوشيءَ جي ماڪ ڀنل رابيلن ۾ ئي نه هوندو آهي، درد جي ڪارن گلابن ۾ به پنهنجو هڳاءُ آهي.
ماڻهوءَ جو وجود ڪوڙين جذبن جي کاڻ آهي. اڻ پورين خواهشن جي حاصلات، اندر جي اڻ تڻ، سپنن جي ساڀيان، منزل جي تڙپ، ٽٽل احساسن جا ٽڪرا، اڻ پورين آشائن جي طلب ۽ نه ڄاڻ ڪيترا جذبا زندگيءَ جي رڻ ۾ ڀٽڪندا ٿا رهن. زندگي، جنهن جي لاءِ شيڪسپيئر چيو هو ته ’اها محبت ڪرڻ لاءِ ئي ٿورڙي آهي، نه ڄاڻ ڪيئن ماڻهو ان ۾ نفرت ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍن ٿا.‘ بقول شاعر:
زندگي يون هي بهت ڪم هي محبت ڪي لئي
لوگ نفرت ڪي جگه ڪيسي بنا ليتي هين

شاعر محبتن جا پرچارڪ هوندا آهن، محبت جنهن ۾ خود انيڪ رنگ هوندا آهن، محبت جيڪا زندگيءَ جي خوبصورت گل جي خوشبو آهي، محبت جيڪا خوشيءَ جي حسين گلن جي ماڪ آهي، اها محبت جيڪا درد جي ڪارن گلابن ۾ به هڳاءَ جو عجيب احساس پيدا ڪندي آهي، ۽ اها ئي محبت جيڪا من جي پاتال ۾ پيهي اندر ۾ هڪ نئين ڪائنات کي جنم ڏيندي آهي ۽ جنهن پرش کي ڇهي وٺندي آهي سو پارس بڻجي ويندو آهي. ذوالفقار راشدي به هڪ اهڙو ئي پارس ماڻهو هيو، جنهن جي صحبت ۽ فڪر جي ڇهاءَ ڪيترن کي ئي سون بڻائي ڇڏيو.
ذوالفقار راشدي کي جيون رڻ ۾ ڪيئي سراب مليا پر محبت جي معاملي ۾ هن ڪڏهن به سمجھوتو نه ڪيو. انهيءَ ڪري ته زيب سنڌي لکيو آهي ته ”مونکي ڄاڻ آهي ته هن نه فقط پنهنجي محبتن سان محبت ڪئي آهي، پر هن پنهنجي اندر جي تنهائين، دکن پيڙائن ۽ ويندي جڳ وٽان مليل نفرتن سان به عشق ڪيو آهي ۽ سندس اندر جي ماڻهوءَ کي ڪوي بڻائڻ ۾ به انهي احساس جو هٿ آهي. اهي سمورا احساس جڏهن سندس اندر جي حساس ماڻهوءَ جي چوڏس گھيرو ڪري بيٺا هئا، تڏهن ئي هن قلم جو سهارو ورتو هو........ ۽ ڪوتا سفر ۾ هو انتهائي محبتن سان انهن احساسن کي ڪوتائن جي سندر روپ ۾ پڌرو ڪندو رهيو... سندس سموري شاعريءَ جو بنياد ئي حقيقت ۾ اهو آهي ته :
قصو ته عاشقيءَ جو آ مگر وري به ڌيان سان
ڪريان ٿو پيش پنهنجي دل کي، ذهن جي زبان سان
ذوالفقار راشدي، رڳو پنهنجي دل کي ذهن جي زبان سان پيش ڪرڻ وارو هڪ خوبصورت شاعر ئي نه هيو پر هڪ پُر خلوص ۽ محبت ڪرڻ وارو انسان به هيو. هن جي شاعري جو جمالياتي پهلو به نهايت ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. شاعر هونءَ به حسن ۽ جمال تي جلد موهت ٿي پوندا آهن، پوءِ اهو حسن فطرت جي حسين منظرن، چنڊ ۽ تارن ۾ هجي يا پرينءَ جي ڪنهن ادا ۾، سندس اک جي اشاري ۾ هجي يا هن جي مرڪ جي سحر ۾. هو ان حسن جي جلون کان پاڻ بچائي نه سگھندا آهن. ذوالفقار راشدي چنڊ جي چانداڻ کان وڌيڪ ڪنهن حسينا جي مُرڪ جي موهه ۾ سودائي بڻيو هو.
مونکي ڪنهن جي مُرڪَ سودائي ڪيو
چنڊ جي چانڊاڻ تي بُهتان هو.
ذوالفقار راشدي جي شاعري انيڪ انوکن موضوعن جو بحر آهي. هن جي شاعري رڳو محبوب جي موهيندڙ مرڪ ۽ ذلفن جي زنجيرن ۾ ويڙهيل نه آهي پر هن وٽ ڌرتي جو درد به اٿاهه آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي لفظن ۾ ته ”سائين راشدي جي ڪلام جو جڏهن آءٌ مطالعو ڪريان ٿو ته مايوس ٿيڻو نه ٿو پويم، ڇوته جتي هن حسن ۽ عشق جا هوڪا ڏنا آهن، اُتي هن پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن کي به نه وساريو آهي پر اهو ئي خيال ۽ اهو ئي حال سندس شاعريءَ جو پس منظر آهي:
آءٌ جڏهن به گيت رچيان ٿو، راڳن هاڻا خواب ڏسان ٿو
نغمن کي هيسائي ٺهه پهه، پس منظر جو روڄ ۽ راڙو.
زندگي ۾ خوشين ۽ محبتن جا پل ڪيڏا نه مختصر ٿا لڳن پر جڏهن ماڻهوءَ جي من تي درد جي دز چڙهي وڃي ٿي ته ڄڻ لمحن جي پيرن ۾ سنگھر پئجي وڃن ٿا. خوشيءَ جي ٻانهن مان نڪري جڏهن ماڻهو دردن جي جھول ۾ ڪرندو آهي ته سُڪون جون سموريون ساعتون ڄڻ سوريءَ ٽنگجي وينديون آهن. ذوالفقار راشديءَ جي اُها شاعري جنهن ۾ سندس اندر جو درد پرٽيل آهي ان ۾ به هڪ عجيب سوز ۽ سرور آهي. هن جي هيانوَ ۾ جڏهن درد جو ڪنڊو هري پيو هو ته سندس احساس تڙپي پيا هئا.
اوچتو ئي اوچتو ڪنڊو چُڀي ويو هانوَ ۾.
ڇا سمهي هاڻي ڪبو ٻيرين جي ٿڌڙِ ڇانوَ ۾.
ــــــــــــــــ
منهنجي من کي ڇو ٿا ڇيڙيو، پاڻ ڳايو، پاڻ وڄايو،
چانڊوڪي ۽ چيٽ اوهان جو منهنجي دل تي دُک جي ڇايا.
اها دُک جي ڇايا جڏهن من تي ڇانئجي ٿي ته ماڻهو اداسيءَ جي ساگر جي ڪُن ۾ ٻُڏندو ئي وڃي ٿو. پر راشدي جي شاعريءَ ۾ اها اداسي، مايوسي ۽ درد جُز وقتي نظر اچي ٿو، جيڪو سچ ته فطري به آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي شاعريءَ جي مطالعي مان لڳي ٿو ته سندس شاعري ڄڻ ڪو درد جو داستان آهي.
هي منهنجي داستان ۾ وڃي رهندو يادگار.
ناهي هي شعر دل جو آهي دردِ ذوالفقار.
مونکي لڳندو آهي ته درد دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي يا وڏي ۾ وڏي قوت. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪن ماڻهن کي دُک ڪمزور به ڪري وجھندو آهي پر حقيقت ۾ اهو وڏي سگھ بخشي ٿو.... اها سگھ اهو ئي ماڻهو محسوس ڪندو جيڪو درد جي لذت کي محسوس ڪري سگھندو. درد زندگيءَ جي طوفانن سان منهن مقابل ٿيڻ جو هنر سيکاري ٿو، اهو انسان کي مضبوط ۽ بهادر بڻائي ٿو. اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا اُتي سچ جا ٻه ٻول به بهادري ۽ حوصلي جي علامت آهن...... سچُ، جنهن منصور کي سوريءَ جو سينگار بڻايو، جنهن سقراط کي زهر جو پيالو آڇيو، جنهن مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙايو، جنهن شاهه عنايت کي شهادت جو جام بخشيو..... پر اڄ تائين سچ مُئو ناهي، سچ زنده آهي ۽ سچ چوڻ وارا به زنده آهن.
حق بات په کڻتي هي تو کڻني دو زبانين،
جي لين گي مري يار به اندازِ دگر بهي.
(محسن نقوي)
ذوالفقار راشدي به انهيءَ سچ جي قافلي جو مسافر هيو. هن دوکي جي ديوار کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ سماج ۾ ڪوڙ جي ڪُڌي ڪاروبار کي ڪرڀ جي نگاهه سان پئي ڏٺو. هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ سدائين سچ جو ساٿ ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو هن جا ٻاجھارا ٻول سچائيءَ جي امرت مان ڌوتل محسوس ٿين ٿا.
زمانو ڪين ڄاڻيندو اسانجي ريت آ ڏُکي.
لکون ٿا ٻول ٻاجھ جا زبان زهر تي رکي.
همت وارا ماڻهو زندگيءَ جي مصيبتن ۽ پيڙائن سان مڙس ماڻهو ٿي مُنهن ڏيندا آهن ۽ هو ڪڏهن به زندگيءَ جي مسئلن کان فرار اختيار نه ڪندا آهن. اهي پنهنجي ارادن ۾ اڏول اهڙن سر ڦريل ڏيئن وانگر هوندا آهن جيڪي هوائن سان مهاڏو ڏيندي پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ کٽي وٺندا آهن. بقول احمد فراز:
هم ڪج ادا چراغ که جب بهي هوا چلي،
طاقون کو چهوڙ کر سرِ ديوار آگئي.
ذوالفقار راشدي به پنهنجي وجود ۾ هڪ اهڙي ڏيئي وانگر هيو، جنهن جي هر پل طوفانن سان ويڙهه هئي.... انهن طوفانن ڪڏهن داخلي ڪيفيتن جي نتيجي ۾ ته ڪڏهن خارجي حالتن مان جنم پئي ورتو. هن ڪڏهن به ڪُل وقتي مايوسيءَ جي وڻ ويڙهيءَ کي پنهنجي وجود جي ويجھو اچڻ نه ڏنو ۽ زندگيءَ جي هر ڏکيائيءَ کي محنت ۽ جستجو سان سکيائيءَ ۾ تبديل ڪيو. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج لاءِ به اهو سنيهو آهي ته زندگيءَ ڪو بيٺل پاڻي نه آهي، ان ڪري تحرڪ ۽ هلچل کان سواءِ منزلن جو ملڻ محال آهي، ان ڪري پنهنجي اڏول ارادن جي اڳيان آيل ڪنهن به آنڌي ۽ طوفان کان گھٻرائجي ويهي رهڻ بهادري نه آهي. هن چاهيو پئي ته هر ماڻهو پنهنجي ارادن جي لاٽ کي اُجھامڻ کان بچائي پنهنجي منزل جي تلاش ۾ سرگردان رهي.
چمڪي چمڪي وئي وسامي هڪڙو ڀيرو لاٽ.
ڀٽڪي ڀٽڪي بيهي رهندين، وري نه ملندئي واٽ.
ذوالفقار راشدي اميدن جو شاعر هيو. هن جي شاعريءَ ۾ نراسائي جي ڪيفيت اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندي، جنهن هن جي شاعريءَ کي هڪ انوکو ذائقو به بخشيو آهي. جهڙي هن جي شخصيت اتساهيندڙ هئي تهڙو ئي اتساهه سندس شاعريءَ ۾ آهي. هن درد جي تکي ڌوپ ۾ به خوشيءَ جي ڇانوري جي آس ۾ ڏورڻ جو ڏس ڏنو. هن کي پڪ هئي ته هڪ ڊگھي تاريڪ رات جي پٺيان اجري باک جا ڪرڻا ضرور هوندا آهن.
نيٺ ته ڦٽنديون باکون، راتيون ڄاڻ ويون،
ٿي نه ڪڏهن پرڀات، ڀلا ائين ممڪن آ!

(سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو طرفان 1999 ۾ ذوالفقار راشديءَ جي ورسي جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب ۾ پيش ڪيل.)

No comments:

Post a Comment