Monday, 28 April 2014

احساس جي پوترتا -- احسان دانش (Ahsan Danish)

احسان دانش
احساس جي پوترتا
”لفظن جي خوشبو“ لاءِ لکيل ٻه اکر

شاعري منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جي مک تي مرڪ جي لڪير وانگر به آهي ته روح جي پاتال مان ٻُرندڙ سڏڪي وانگر به. جنهن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ هڪ انوکي بصيرت ۽ بصارت جي ضرورت هوندي آهي. ادب ۾ پوسٽ ماڊرن ازم وارو لاڙو ان لحاظ کان اهم آهي ته ان ۾ تخليقڪار کان وڌيڪ تخليقي سگھ جي پرک کي اهميت ڏيندي قاري کي ان تخليق جي گھڻ رخي تشريح جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. تخليقڪار جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي ڇوته اهو احساسن جي هڪ اڻ ڏٺي دنيا کي جنمي ٿو پر حقيقت ۾ هڪ بهترين تخليق ان هيري وانگر آهي جنهن جي هر رخ ۾ پنهنجي جوت ۽ جلوو آهي، پر ان جي اهميت کان ڪو اهڙو جوهري ئي آشنا ٿي سگھي ٿو جنهن کي ان جي قدر ۽ قيمت جو اندازو هوندو.... هڪ شاعر جيڪا احساس جي دنيا تخليق ڪري ٿو ان کان ڪوئي تيسيتائين لطف اندوز ٿي ئي نه ٿو سگھي جيسيتائين اهو ان تخليقي لطافت کي پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ هڪ تحرڪ وانگر محسوس نه ڪري. هونءَ به هڪ بهترين شعر دل جي دنيا کي ڌوڏي، سوچ ۾ هلچل مچائي  ڇڏيندو آهي.
آءٌ پنهنجي شاعريءَ لاءِ ڪابه دعوى نه ٿو ڪريان، مان پنهنجي تخليقي سگھ جي حوالي سان به ڪنهن خوشفهميءَ جو شڪار نه آهيان، البته آءٌ اهو ڄاڻان ٿو ته مون جيڪو ڪجھ لکيو آهي اهو روح جي رحل تي رکي لکيو آهي، ها! منهنجي شاعري منهنجي احساس جي پوترتا جي گواھ آهي. مان پنهنجي هيءَ سموري شاعري اوهان جي مهربان هٿن ۾ رکي آهي، اوهان ئي ان کي انيڪ معنائون ڏئي سگھو ٿا ۽ اوهان ئي منهنجي اندر جي دنيا کي دريافت ڪري سگھو ٿا.
منهنجي اندر جي دنيا هڪ انوکي پياس سان تاسيل به آهي، منهنجو من ان پياسي سپيءَ وانگر آهي، جيڪا سدا مينهن ڦڙي جي متلاشي هوندي آهي. منهنجو من محبت جي مينهن ڦڙيءَ کي موتي بڻائڻ جي سگھ رکي ٿو، مونکي لڳندو آهي ته ڪبير جو هي دوهو منهنجي پياسي من جي صدا آهي :
ڪبيرا سيپ سمندر ڪي رٽي پياس پياس
اور بوند ڪو ناگهي، سواتي بود ڪي آس
(اي ڪبير! سمنڊ جي سپي اڃ اڃ پڪاريندي رهي ٿي، کيس ٻي ڪا بوند نه کپي، هن کي رڳو مينهن ڦڙيءَ جي آس آهي.)
آءٌ سوچيان ٿو منهنجي تخليقي عمر جا 22 سال ڪيڏي نه تيزيءَ سان گذري ويا آهن، ياد جي وير ماضيءَ جي انيڪ پلن جا ڪوڏ هٿن ۾ ڏئي وئي آهي. لاڙڪاڻي ۾ مشاعرن جي موسم، وزن بحر جي ڀير تي ڏونڪو، طرحي ترڪتالين جي تال تي نچڻ، ترقي پسندي ۽ رجعت پسنديءَ جا رينگٽ، ادبي اختلاف، ڏي جواب وٺ جواب، نئين شاعريءَ کان نهڪر ۽ اهڙيون ڪيئي ڳالهيون مونکي لاڙڪاڻي جي ادبي ماضي جا اڻ مٽ نشان محسوس ٿيندا آهن. لاڙڪاڻو جنهن جي ڪلهن تي قدامت پسندي جا ڪوٽ اڏيل آهن ان ئي لاڙڪاڻي ادب ۾ جديديت کي به جنم ڏنو. ڪشنچند بيوس، هري دلگير، اياز قادري، جمال ابڙي ۽ لعل پشپ کان وٺي ڪيهر شوڪت، رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ ۽ سعيد ميمڻ تائين لاڙڪاڻي سنڌي ادب ۾ جدت جو هڪ الڳ جهان جوڙيو آهي. جنهن کان ادب جو شاگرد ڪڏهن به ڪن لاٽار نه ٿو ڪري سگھي.
منهنجو هڪ ادبي گھر ۾ جنم مون لاءِ خوشقسمتي آهي، دوستن جهڙي والد جي رهبريءَ ۾ مون ادب جا الاهي سبق سکيا آهن. مان مڃان ٿو ته لاڙڪاڻي جي جنهن ادبي ماضيءَ جو آءٌ مٿي ذڪر ڪيو آهي ابتدا ۾ ان جو سڌي يا اڻ سڌي طرح مون به اثر قبول ڪيو پر ستت ئي پنهنجو گس گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇوته ادبي پوليوشن منهنجو ساھ گھٽيندي  آهي..... مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لکڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي. قلم سان منهنجو عشق آهي، ڪتاب منهنجي زندگي آهن، لفظ مون لاءِ پناھ گاھ آهن. مون مسلسل لکيو آهي ۽ لکندو رهان ٿو. مون ڪنڊائتو ويهي خاموشيءَ سان ڪم ڪيو آهي، آءٌ ڪڏهن به پنهنجي تخليقي اهميت جو هوڪو نه ڏنو آهي. ڇو ته مونکي وقت تي ويساھ آهي. مان جيون جي هڪ هڪ پل کي قيمتي سمجھان ٿو، تنهن ڪري منهنجي زندگي سدا تحرڪ ۾ رهي آهي.
رفتارِ زندگي مين سڪون آئي ڪيا مجال
طوفان ٺهر بهي جائي تو دريا بها ڪري    (ياس)
مون پنهنجي سموري ادبي سفر ۾ جيتوڻيڪ نثر ۾ ڪهاڻي، مضمون، مقالا ۽ ڪالم به لکندو رهيو آهيان پر منهنجي پهرين سڃاڻپ نظم آهي. مون پنهنجي ادبي زندگيءَ جي آغاز ۾ سڀ کان پهريان شعر لکيو، ان ڪري آءٌ پاڻ کي اول ۽ آخر شاعر سمجھان ٿو. ۽ اها سڃاڻپ مونکي عزيز آهي. ايليٽ چيو هو ته ”نثر جي بجاءِ نظم احساس ۽ امنگ جي اظهار سان واسطو رکي ٿو.“ ائين ئي مون جڏهن به شاعري ڪئي آهي ته پنهنجي اندر ۾ احساس جي تند کي ڇڙندي محسوس ڪيو آهي. اهو هڪ اتفاق چئجي ته منهنجا پهريان ٽي ڪتاب نثر ۾ آهن جنهن ڪري منهنجي شاعر واري بنيادي سڃاڻپ تي ڪجھ ڪوهيڙو اچي ويو آهي سو هي ڪتاب انهي ڪوهيڙي کي هٽائڻ جي ئي هڪ ڪوشش آهي.
هن ڪتاب ۾ منهنجي گذريل ٻن ڏهاڪن جي شاعري آهي، جنهن ۾ ان دوران ٿيل سماجي اٿل پٿل جا عڪس ۽ اولڙا اوهان کي ضرور نظر ايندا. مان ادب ۾ ان لڏي سان تعلق جوڙڻ پسند ڪندو آهيان جيڪي معيار کي مقدار تي ترجيح ڏين ٿا، اهو ئي سبب آهي جو آءٌ پنهنجي شاعريءَ جي ڊائرين مان اهي ئي اسم هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن جن کي آءٌ وڌيڪ اهم سمجھان ٿو، اهو ضروري ناهي ته اهي اوهان لاءِ به اوترا ئي اهم هجن. شايد اوهان انهن شعرن کي اهميت جي نگاھ سان ڏسو جن کي آءٌ هن ڪتاب کان ٻاهر رکيو آهي.... مان سمجھان ٿو اهو وقت سِر ڪتاب نه ڇپائڻ جو نقصان آهي.
منهنجا اهي دوست جيڪي مونکي نئين دور جي چڱن شاعرن جي قطار ۾ بيهاريندا آهن انهن جو عرصي کان اهو اسرار رهيو آهي ته جتي ڇهه مهينن جي ادبي عمر رکندڙ شاعرن جا شعري مجموعا شايع ٿي رهيا آهن اتي تنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب نه اچڻ زيادتي آهي. مان کين سدائين چوندو رهيو آهيان ادب ۾ عمر نه پر تخليقي قوت کي ڏسڻ کپي.... هو مونسان محبت ڪن ٿا تڏهن کين منهنجون خاميون نظر نه ٿيون اچن. ”مون ڏي مديون ٿئين، سڄڻ ساڄاهين ۾. (شاھ)“ پر مان اڄ پنهنجين سمورين خامين سميت اوهان جي سامهون آهيان.
شاعريءَ جو هي مجموعو محبت جي انهن متوالن لاءِ آهي جيڪي چاھ جي چنڊ کي تڪيندي راتيون گذارين ٿا، هي شعر انهن مستانن کي پنهنجي دل جي قريب محسوس ٿيندا جيڪي پنهنجي سرمستيءَ ۾ صليبن کي به سيني لائڻ کان نه گھٻرائيندا آهن. هنن شعرن مان درد جي اها لذت به ماڻي سگھجي ٿي، جيڪا اندر کي ڪمزور ڪرڻ بدران ويتر سگھ ڏيندي آهي. هي شعر رڳو شعر نه آهن پر هڪ وجود ۽ هڪ دور جي صدا آهن جنهن کي دل جي ڪنن سان ڪنائي سگھجي ٿو. هن شاعريءَ ۾ اوهان کي حسن ۽ جمال جا جلووى به پسڻ لاءِ ملندا ته عشق جا پتنگ به تڙپندي نظر ايندا، هن مجموعي ۾ اوهان سماجي سور ۽ ناسور به ڏسندوء ته فطرت جو موھ ۽  منظر به. هن ۾ معصوم خواهشون به آهن ته حسرتون ۽ خواب به. انهن سڀني شين سان گڏ و گڏ هن شعري مجموعي ۾ اوهانکي مايوسيءَ جي ڀيٽ ۾ اميد وڌيڪ نظر ايندي.
 اداسين جا پلئه ڇڏ تون مسڪراءِ کڻي
جئين اميد جا جگنو به جرڪندا ئي رهن
نهار وقت جي نيڻن ۾، لڙڪ روڪ پرين
ته جيئن درد بيابان ۾ ڀٽڪندا ئي رهن

ٽي ايس ايليٽ لکيو هو ته ”شاعريءَ ۾ هميشه ڪنهن نئين تجربي جي ورکا ٿئي ٿي يا ڪو مانوس يا ڄاتل تجربو نئين ادراڪ ۽ ڄاڻ سان پيش ٿئي ٿو.“ سنڌي شاعريءَ ۾ هئيت ۽ اسلوب جا انيڪ تجربا نظر اچن ٿا، جن مان ڪن صنفي تجربن کي نه رڳو قبوليت جو شرف مليو آهي پر انهن کي اهميت جي نگاھ سان پڻ ڏٺو وڃي ٿو. مون پڻ سنڌيءَ ۾ هڪ وڌيڪ نئين صنفي تجربي کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. جنهن کي ’ست رنگي‘ جو نالو ڏنو آهي. سنڌي شاعر ان تجربي کي ڪيتري قدر پنهنجو ڪن ٿا اهو وقت ٻڌائيندو.
مون هن شعري مجموعي جو نالو ”لفظن جي خوشبو“ ان ڪري رکيو آهي جو مان سمجھان ٿو ته هر لفظ ۾ پنهنجي خوشبو هوندي آهي، تنهن ڪري هي ڪتاب جنهن ۾ احساسن سان ٽمٽار انيڪ لفظ آهن، ان جو نالو ”لفظن جي خوشبو“ کان سواءِ ٻيو ڪو ٿي ئي نه پيو سگھي.

No comments:

Post a Comment