احسان دانش
احساس جي پوترتا
”لفظن جي خوشبو“ لاءِ لکيل ٻه
اکر
شاعري منهنجي نظر ۾ زندگيءَ جي
مک تي مرڪ جي لڪير وانگر به آهي ته روح جي پاتال مان ٻُرندڙ سڏڪي وانگر به. جنهن
کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ هڪ انوکي بصيرت ۽ بصارت جي ضرورت هوندي آهي. ادب ۾ پوسٽ ماڊرن
ازم وارو لاڙو ان لحاظ کان اهم آهي ته ان ۾ تخليقڪار کان وڌيڪ تخليقي سگھ جي پرک
کي اهميت ڏيندي قاري کي ان تخليق جي گھڻ رخي تشريح جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. تخليقڪار
جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي ڇوته اهو احساسن جي هڪ اڻ ڏٺي دنيا کي جنمي ٿو پر
حقيقت ۾ هڪ بهترين تخليق ان هيري وانگر آهي جنهن جي هر رخ ۾ پنهنجي جوت ۽ جلوو
آهي، پر ان جي اهميت کان ڪو اهڙو جوهري ئي آشنا ٿي سگھي ٿو جنهن کي ان جي قدر ۽
قيمت جو اندازو هوندو.... هڪ شاعر جيڪا احساس جي دنيا تخليق ڪري ٿو ان کان ڪوئي
تيسيتائين لطف اندوز ٿي ئي نه ٿو سگھي جيسيتائين اهو ان تخليقي لطافت کي پنهنجي
اندر جي ڪائنات ۾ هڪ تحرڪ وانگر محسوس نه ڪري. هونءَ به هڪ بهترين شعر دل جي دنيا
کي ڌوڏي، سوچ ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو آهي.