Tuesday, 31 January 2017

موهن جي دڙي جا نوادرات ـــ احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



احسان دانش

موهن جي دڙي جا نوادرات

سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو داستان هزارين سالن تائين ڦهليل آهي، جنهن کي ڳولڻ، ڦولڻ ۽ کولڻ سان سوين ڪهاڻيون سامهون اچي وينديون پر تحقيق، لطيف ڪٿائن ۽ ڪهاڻين جي بيان جو نالو ناهي بلڪه ڪهاڻين مان حقيقت جي پهلوئن کي ڳولي، ڇنڊ ڇاڻ ڪري سچائيءَ کي سامهون آڻڻ جو عمل آهي. هونءَ ته گھڻو ڪري سائنس جي اڪثر شعبن جو هڪ ٻئي سان تعلق آهي ۽ ڄاڻ جا دروازا مختلف شعبن وارن علمي اڱڻن تي کُلن ٿا پر خاص طور علم الارض (Geography)، ارضيات (Geology)، علم الانسان (Anthropology)، سماجيات (Sociology)، قديم آثارن جو علم (Archeology) ۽ محافظ خانو (Archives) جهڙا شعبا هڪ ٻئي سان گھڻو سلهاڙيل آهن ۽ انهن شعبن ۾ گھڻي کان گھڻي تحقيق جي گھرج آهي، پر بد قسمتيءَ سان اسان جنهن سسٽم ۾ ساهه کڻون ٿا اُتي مجموعي طور نون محققن لاءِ تحقيق جا دروازا اپٽڻ بجاءِ پوريا وڃن ٿا......


پر تحقيق ڀٽائيءَ جي فلاسافي ناهي جنهن چيو هو ته ”اپٽيان ته انڌيون، پوريو پرين پسن.“ تحقيق کليل اکين جو کيل آهي. اکيون کليل هونديون ته انسان نظر ايندو ۽ شيون نظر اينديون. انسان جيڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ رکندو آهي ۽ شيون جيڪي پنهنجي جوهر ۾ انيڪ قصن کي پالينديون آهن. اصل ۾ آرڪائيوز هڪ اهڙو دفتر آهي، جنهن ۾ انهن ئي قصن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ انهن قصن جي سچ کي کوليندا آهن محقق.
تحقيق جو پهريون اصول آهي شڪ، گمان يا اندازو. جنهن کي Hypothesis جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو گمان ۽ اندازو ئي حقيقت جي جستجو لاءِ اتساهيندو آهي ۽ حقيقت جي حاصلات وري دليلن جي گھرجائو هوندي آهي. اسان جڏهن سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ قديم آثارن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان لاءِ به اسان کي تحقيق جو دامن جھلي ڳالهائڻو پوندو. پنج هزار سال قديم تهذيب جي دعوى ڪندڙ اسان جي قوم پنهنجي تهذيب ۽ تاريخ تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. موهن جو دڙو اسان کي ٻين ڳولي ڏنو ۽ ان تي تحقيق جو آغاز به پهريان ٻين ڪيو، گھڻو پوءِ مقامي محققن به ان ڪم ۾ حصو ورتو. باقي اسان گھڻو ڪري ڌُڪي تي بندوقون ڇوڙيون آهن، ڊاڙ ۽ ٻٽاڪ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. بنان ڪنهن سوچ ويچار ۽ تحقيق جي پيا چوندا سي حضرت آدم عه جنت مان تڙجڻ کان پوءِ سڌو سنڌ جي زمين تي قدم رکيو، حضرت نوح جو ٻيڙو به هتي ئي اچي بيٺو..... مطلب جيڪو ڪجھ ٿيو سو سنڌ منجھان ٿيو. اسان مت جا موڙها ماڻهو انهن سڀني ڳالهين کي چمي اکين تي رکندا سي ۽ زبان تي رڳو سبحان الله سبحان الله جا ڪلما هوندا. اهڙي صورتحال ۽ اهڙي سماج ۾ شين، ڳالهين ۽ واقعن جي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ خود هڪ مسئلو بڻجي پوي ٿو ۽ محقق کي سدائين تلخ راين ۽ نئين فتوائن جاري ٿيڻ جو خوف  رهي ٿو. ان خوف جو پردو چاڪ ڪرڻ لاءِ مجموعي طور اسان جي قوم کي خودپسنديءَ جي خول مان نڪرڻو پوندو ۽ سچائين کي قبول ڪرڻو پوندو، پوءِ اُهي تلخ ئي ڇونه هجن.

روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش

روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ

ادب ۾ Gender Deference  يا جنسي / صنفي تفريق جو سوال ڏاڍو اهم ۽ بامقصد آهي، يعني هڪ پاسي مرد تخليقڪار آهي ته ٻئي پاسي عورت تخليقڪاره. ڪو به ساڃاهوند ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندو ته تخليق جو ڪوبه Gender نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو چوڻ وارو چوي ته نظم ۾ مرداڻي حشمت ۽ وائي ۾ نسواني نزاڪت آهي ته اها ڳالهه نه رڳو اجوڳي پر مذحقه خيز به لڳندي، تنهن ڪري شاعري عورت لاءِ به اوتري ئي اهم آهي جيتري مرد لاءِ. پوءِ ادب ۾ مرد ۽ عورت تخليقڪارن کي ڌار ڌار صفن ۾ ڇوٿو بيهاريو وڃي؟ اهو هڪ دلچسپ سوال آهي. جنهن تي اسين اڳتي هلي ڳالهائيندا سين. في الوقت ڳالهه ڪندا سين سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي شاعره روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي.

روبينه ابڙو جو مون سان پهريون تعارف ڪڏهن ٿيو هوندو ان جي مونکي پڪ ته ناهي پر ڪجھ ڌنڌلو اندازو آهي پر منهنجو هن سان پهريون تعارف ڪنهن رسالي ۾ ڇپيل سندس تخليقن وسيلي ٿيو هو. اها لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه آهي. هيءَ اها ئي شرميلي شاعره آهي، جنهن کي مون پهريون ڀيرو پوتيءَ ويڙهيل فوٽو ۾ ڏٺو هيو ۽ جيڪا ستت ئي سنڌي ادب جي آسمان جو هڪ جرڪندڙ تارو ٿي پئي هئي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس نالو ۽ حوالو اهميت وارو بڻجي ويو. بڻجي به ڇونه هوءَ واقعي به ته هڪ پختي ۽ خوبصورت شاعره هئي، جنهن وٽ پنهنجو نرالو فڪري دڳ، نئين حسيت، تخيل ۽ ادراڪ، فڪر ۽ آگهي، اظهار جا انوکا رستا، منفرد لفظيات ۽ تخليق جو الڳ گس موجود هيو. بيشڪ هن جي شاعريءَ ۾ هڪ جهان آباد آهي ۽ ان جهان ۾ جھاتي پائڻ لاءِ نه رڳو حسن ۽ تخليق جو شعور لازمي آهي پر شعر جي ماهيت جي پروڙ به ضروري آهي.
”شعر حسن جي تخليق ۽ تصور جو نالو آهي. اهو زندگيءَ جي تفسير به آهي ته ان جي تصوير پڻ. شعر مادي دنيا جو اهو عڪس آهي جيڪو شاعر جي ذهن تي جھلڪندو آهي ۽ خيال جي شڪل اختيار ڪندو آهي. آرٽ جو مقصد تلاشِ حسن آهي ۽ شاعري حسن جي تڪميل جو ذريعو.“ (1) مصوري، موسيقي، سنگ تراشي ۽ رقص سميت آرٽ جا جيترا به فارم آهن انهن مان شاعريءَ کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ”شعر هڪ ڳالهائيندڙ مصوري آهي جيڪا اسان سان کُلي ڳالهائيندي آهي. نقاشي هڪ خاموش شاعري آهي جنهن جي نطق کي ڳالهائڻ جو هنر حاصل نه آهي. شاعريءَ جي مقابلي ۾ نقاشي ۽ مصوري ساڪت ۽ صامت شي آهي..... فنونِ لطيفه جي چئني قسمن ۾ شاعري مڃيل طور تي سڀني کان مٿاهين آهي. ڇوته منجھس باقي سمورين صنفن واريون خوبيون موجود آهن..... شاعر جي نگاهه انساني قدرن جي حقيقت ۽ ان جي گھراين تائين پهچندي آهي..... شاعر جو تخيل ستارن جي گزرگاهن کان اڳتي به سفر ڪري سگھي ٿو.“ (2) C. Day Lewis پنهنجي ڪتاب A Hope for Poetry ۾ لکيو آهي ته ”شاعرُ ڪائنات جي اڻ ٻُڌل آوزن کي ٻڌڻ لاءِ تيار رهندو آهي، هن جا حواس اهي نازڪ تارون آهن جيڪي سندس تجربن کي سندس تخيل جي آلي تائين پهچائينديون آهن.“ (3)

ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي
(عبد الخالق سنديلي جي ڪتاب اڻويهه عالمي ڪهاڻيون جو مهاڳ)

اڄ کان ٽيهه سال اڳ جڏهن مان ادب پڙهڻ شروع ڪيو ته جن ڪتاب پهريان پهريان مونکي موهيو ۽ متاثر ڪيو اُهي ڪهاڻين جا ڪتاب هئا. آهستي آهستي ڪهاڻي منهنجي روح ۾ سرائيت ڪندي وئي. ڪهاڻيءَ سان منهنجو عشق ٿي ويو ۽ پڙهندي پڙهندي پاڻ به ڪٿاڪار بڻجي ويس. منهنجو ڪهاڻي سان انس جو اهو عالم هيو جو مان سوچيندو هيس ته ادب ۾ منهنجو پهريون پهريون ڪتاب ڪهاڻيءَ بابت هوندو. ائين ته نه ٿي سگھيو پر منهنجو پهريون ڪتاب هڪ ڪهاڻين جو مجموعو هيو. سو ڪهاڻي منهنجي نس نس ۾ موجود آهي. مان پاڻ کي ڪهاڻيءَ کان پري نه ٿو ڪري سگھان ان ڪري اڄ تائين ان ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهيان جيڪو ’ڪهاڻيءَ بابت‘ هوندو.
ڪهاڻي ڇا آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جا هزارين جواب آهن يا وري ڪوبه جواب ناهي. مظهر الاسلام پنهنجي ڪتاب ”گھوڑوں کے شهر ميں اکيلا آدمي“ ۾ ان سوال جي جواب ۾ ڄڻ هڪ نظم لکي ورتو هو:
کهاني سياه دور کي چيخ هے.
کهاني گلاب موسموں کا پھول هے.
کهاني جواني کي دهليز پر کھڑي عورت کا خواب هے.
کهاني پھٹا هوا آدمي هے.
کهاني ورق ورق لڑکي هے.
کهاني عمر قيد کي سزا کاٹنے والا قيدي هے.
کهاني ڈار سے بچھڑي هوئي کونج هے.
کهاني غير مطبوعه بوسه هے.
کهاني بچے کي سليٹ پر مٹا هوا سوال هے.

ڇا اسان اهو نظم پڙهي هڪ ٿڌو ساهه ڀري چئي سگھون ٿا ته اسان ڪهاڻيءَ جي حقيقت سمجھي ورتي......؟ ڇا ڪهاڻيءَ جي ڪا حقيقت هوندي آهي؟ ڇا حقيقت هڪ ڪهاڻي ٿيندي آهي؟؟ جي ها! ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي کي سمجھڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ذهن جا تاڪ کولڻا پوندا ۽ ڏسڻو پوندو ته دنيا جي ڪهڙن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻي ۾ حقيقت جو حسن اوتي ڪهاڻي جي حقيقت سمجھائي آهي. هن ڪتاب جا ڪهاڻيڪار به اهڙي حقيقت سمجھائين ٿا.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر سُجاڳي ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش 
 
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر
سُجاڳي

قدرن جو تعلق انسان جي ذاتي عمل، احساس ۽ اخلاق سان به آهي ته سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين، ريتن، رسمن ۽ رواجن سان پڻ. ڪجھ قدرَ مذهب، عقيدي، تهذيب ۽ تمدن جي دائري ۾ اچن ٿا ته ڪي وري ادب ۽ اخلاق جو احاطو ڪن ٿا. مجموعي طور سمورن قدرن جو تعلق فردَ سان ئي هوندو آهي. انهن قدرن ۾ انسان جي سوچ، فڪر، عمل، جذبو، احساس، تصور، تخيل، خواهش وغيره شامل آهن. سماج پنهنجي سماجي قدرن جي پاسباني ان ڪري ڪندو آهي جو سماج جي بقا جو دارو مدار گھڻي حد تائين انهن ئي قدرن جي تحفظ تي هوندو آهي.“(1) ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ شاعر جنهن سماج ۾ پيدا ٿئي ٿو، ان سماج ۾ مروج قدرن کان ضرور متاثر ٿئي ٿو پر هو پنهنجي سوسائٽي جي خراب قدرن کي وڏي واڪي خراب چوي ٿو ۽ انهن کي اکيون ٻوٽي قبول نه ٿو ڪري، نه رڳو ايترو پر هو پنهنجي سماج جي اعلى قدرن کي ٽٽندو ۽ ڀرندو ڏسي انهن کي نئين سر جيئارڻ جا جتن به ڪندو آهي. تنهن ڪري شيلي (Shelley) بلڪل صحيح چيو آهي ته ”شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو مسخ ٿيل شين ۾ نئين سر حسن پيدا ڪندو آهي.“ (2) شاعر جي انهي تخليقي قوت سبب ڪنهن به سماج ۾ پنهنجي وڃايل قدرن کي نئين سِر ڳولڻ جي آرزو پيدا ٿيندي آهي. پر جڏهن اسين عالمي قدرن جي ڳالھه ڪندا سين ته هڪ شاعر کي پنهنجي سماج ۾ مروج قدرن کان مٿاهون ٿي سوچڻو پوندو. شيلي (Shelley) پنهنجي مضمون Defence of Poetry ۾ صحيح لکيو آهي ته ”هڪ شاعر لاءِ اهو واجب ناهي ته هو پنهنجا ذاتي تصور نيڪي ۽ بدي کي، جيڪي عام طور سندس ملڪ ۽ زماني جا تصور هوندا آهن، پنهنجين تخليقن ۾ سمائي ڇڏي، ڇو ته سندس تخليقون سندس ملڪ ۽ زماني کان ماورا هونديون آهن.“ (3) يعني شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجا تصور مڙهڻ بدران اهڙو خيال پيش ڪري جيڪو سڀني کي پنهنجو لڳي ۽ زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانڱي سگھڻ جي سگھ رکندو هجي ۽ اهڙن سماجي قدرن کي پنهنجي شاعريءَ جو حاصل بڻائي جن کي سڄي دنيا اهميت جي نگاھ سان ڏسندي هجي. ان حوالي سان اسان کي سنڌي زبان ۾ جيڪي شاعر نظر اچن ٿا انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقام سڀني کان مٿاهون آهي.

شاهه لطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ جو سماجي اڀياس ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش

شاهه لطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ جو سماجي اڀياس


شاهه عبداللطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته کانئس اڳ سنڌي ٻوليءَ جي محافظ شاعرن جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي، جن مان به اڪثر شاعرن جو ڪلام اڌورو ۽ اڻپورو ملي سگھيو آهي. گمان آهي ته ڀٽائي کان اڳ واري دور جي ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام وقت جي طوفانن ۾ تيلو تيلو ٿي ويو هوندو. هن کان اڳ سنڌ جي سماجي تاريخ بيان ڪندي اسين ذڪر ڪري آيا آهيون ته تاريخ جا ورق ورائيندي اڪثر ڪري سنڌ اسان کي ڌارين ۽ غاصبن جي چنبي ۾ نظر اچي ٿي. سمن جي صاحبيءَ کان ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪمراني تائين سنڌي ماڻهو ڌارين هٿان جهڙي ريت پيڙبو رهيو آهي، برصغير جي تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي.
خاص طور اهي سمورا رت پياڪ حڪمران جيڪي سنڌ تي ڏاڍ ۽ ڏمر بڻجي ڪڙڪيا، انهن سڀ کان پهريان ڌرتيءَ جي صوفي سنتن ۽ عالمن کي ئي پنهنجي ڏاڍ جو نشانو بڻايو، ڇوته وٽائن شعور جون شمعون روشن ٿي رهيون هيون. تنهن ڪري محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ شاعرن جو علمي ۽ شعري خزانو انهن سفاڪ وحشين جي لتاڙ جو شڪار ٿي صفحهءِ هستي تان مٽجي ويو هوندو. شاهه لطيف جي پيش رو جن سنڌي شاعرن جو ڪلام زماني جي گردشن مان بچي ڀٽائي جي هٿن تائين پهتو ۽ هن سندن ڪلام ۽ پيغام کي هينئين سان هنڊايو، انهن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ ميون شاهه عنايت خاص طور قابلِ ذڪر آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ تي انهن شاعرن جو گھرو اثر نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ اهي شاعر سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جا بنيادي ٿنڀا آهن، جن تي ئي اڳتي هلي شاهه سائين پنهنجي فڪر جي عظيم عمارت کڙي ڪئي. تنهن ڪري اسين شاهه سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي تيسيتائين پُرجھي ۽ پروڙي نه ٿا سگھون جيسيتائين انهن شاعرن جي ڪلام جو جائزو نه ٿا وٺون.