ڊاڪٽر
احسان دانش
ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي
(عبد الخالق سنديلي جي ڪتاب اڻويهه عالمي ڪهاڻيون جو مهاڳ)
اڄ کان ٽيهه سال اڳ جڏهن مان ادب پڙهڻ شروع ڪيو ته جن ڪتاب
پهريان پهريان مونکي موهيو ۽ متاثر ڪيو اُهي ڪهاڻين جا ڪتاب هئا. آهستي آهستي
ڪهاڻي منهنجي روح ۾ سرائيت ڪندي وئي. ڪهاڻيءَ سان منهنجو عشق ٿي ويو ۽ پڙهندي
پڙهندي پاڻ به ڪٿاڪار بڻجي ويس. منهنجو ڪهاڻي سان انس جو اهو عالم هيو جو مان
سوچيندو هيس ته ادب ۾ منهنجو پهريون پهريون ڪتاب ڪهاڻيءَ بابت هوندو. ائين ته نه
ٿي سگھيو پر منهنجو پهريون ڪتاب هڪ ڪهاڻين جو مجموعو هيو. سو ڪهاڻي منهنجي نس نس ۾
موجود آهي. مان پاڻ کي ڪهاڻيءَ کان پري نه ٿو ڪري سگھان ان ڪري اڄ تائين ان ڪتاب
لکڻ ۾ مصروف آهيان جيڪو ’ڪهاڻيءَ بابت‘ هوندو.
ڪهاڻي ڇا آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جا هزارين جواب
آهن يا وري ڪوبه جواب ناهي. مظهر الاسلام پنهنجي ڪتاب ”گھوڑوں کے شهر ميں اکيلا آدمي“ ۾ ان سوال جي جواب ۾ ڄڻ هڪ نظم
لکي ورتو هو:
کهاني سياه دور کي چيخ هے.
کهاني گلاب موسموں کا پھول هے.
کهاني جواني کي دهليز پر کھڑي عورت کا خواب هے.
کهاني پھٹا هوا آدمي هے.
کهاني ورق ورق لڑکي هے.
کهاني عمر قيد کي سزا کاٹنے والا قيدي هے.
کهاني ڈار سے بچھڑي هوئي کونج هے.
کهاني غير مطبوعه بوسه هے.
کهاني بچے کي سليٹ پر مٹا هوا سوال هے.
ڇا اسان اهو نظم پڙهي هڪ ٿڌو ساهه ڀري چئي سگھون ٿا ته اسان
ڪهاڻيءَ جي حقيقت سمجھي ورتي......؟ ڇا ڪهاڻيءَ جي ڪا حقيقت هوندي آهي؟ ڇا حقيقت
هڪ ڪهاڻي ٿيندي آهي؟؟ جي ها! ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي کي سمجھڻ لاءِ
اسان کي پنهنجي ذهن جا تاڪ کولڻا پوندا ۽ ڏسڻو پوندو ته دنيا جي ڪهڙن ڪهاڻيڪارن
ڪهاڻي ۾ حقيقت جو حسن اوتي ڪهاڻي جي حقيقت سمجھائي آهي. هن ڪتاب جا ڪهاڻيڪار به
اهڙي حقيقت سمجھائين ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ عالمي افسانوي ادب جي ترجمي جي حوالي سان
بنهه ٿورو ڪم ٿيو آهي، ان ڪم جو آغاز مرزا قليچ بيگ ڪيو ۽ م. ن محزون، فضل احمد بچاڻي ۽ رشيد ڀٽي کان ويندي ولي رام ولڀ، زيب سنڌي، ممتاز بخاري ۽ رضوان گل
تائين اهو سلسلو جاري آهي، سو ائين ته نه ٿو چئي سگھجي ته اهو ميدان صفا خالي آ.
البته ان حوالي سان اڃا گھڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. دنيا جي شاهڪار ڪهاڻين جي ترجمن
تي مشتمل سنڌي ٻولي ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب آهن، ان ڏس ۾ اسان کي پنهنجي
ٻوليءَ کي وڌيڪ مالامال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت اوهان جي هٿن ۾ جيڪو ڪتاب آهي
اهو يقيناً انهيءَ ڪوشش جو هڪ نتيجو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي تخليقڪار ۽ مترجم هڪ محبوب ۽ محجوب
انسان عبدالخالق سنديلي جي هيءَ سهڻي سهيڙ ۽ ترجمو انهيءَ ڪري به ڪارائتو ۽ قدر
لائق آهي جو هو هڪ وڏي عرصي کان عالمي ادب مان ڪهاڻين جي ترجمي واري ان ڪرت ۽ ڪم ۾
مصروف رهيو آهي ۽ هن وقت تائين تمام گھڻيون ڪهاڻيون ترجمو ڪري چڪو آهي پر هِن ڪتاب
۾ هُن انهن سمورين ڪهاڻين مان رڳو 19 ڪهاڻيون چونڊي رکيون آهن. اهي اڻويهه ئي
ڪهاڻيون پنهنجن پنهنجن موضوعن ۾ نهايت منفرد ۽ اڇوتيون آهن. اهي ڪهاڻيون ادب جي
دنيا جي انهن عظيم ليکڪن جي قلم مان سرجيون آهن، جن دنياءِ ادب ۾ پنهنجي تخليقن
وسيلي ڌاڪو ڄمايو آهي. اهي اولهه ۽ اوڀر جي يارنهن ملڪن روس، فرانس، برطانيه،
ترڪي، ايران، هالينڊ، چيڪ، بنگال، ڪولمبيا، آمريڪا ۽ ناروي سان تعلق رکندڙ ليکڪ
آهن.
عبد الخالق ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ ٻن قسمن جون ڪهاڻيون شامل
ڪيون آهن. هڪڙيون اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ اسان کي اهڙا ئي مسئلا نظر ايندا جهڙا
اسان جي سماج ۾ موجود آهن. ان ڪري اهي ڪهاڻيون اسان جي معاشري سان ڏاڍيون ويجھڙيون
آهن. انهن ڪهاڻين جا دک اسان کي بنهه پنهنجا لڳندا. هن ڪتاب ۾ ٻيون ڪي اهڙيون
ڪهاڻيون به آهن جن جو ماحول اسان جي معاشري کان ڪجھ مختلف ۽ اوپرو آهي پر انهن ۾
پيش ڪيل معاملا ۽ مسئلا احساس کي جنجھوڙيندڙ آهن. ان ڪري انهن ڪهاڻين جي ڪردارن
سان به اسان پنهنجي دک جو رشتو جوڙي سگھون ٿا.
ترجمي جي فن بابت مختلف ليکڪن، مترجمن ۽ سوچيندڙن جا مختلف
خيال آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته ’ترجمو اهڙو هجڻ کپي جو ان تي ترجمي جو گمان ئي نه ٿئي
پر لڳي ته جهڙوڪه اها تخليق جنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي آهي ان ۾ ئي لکيل آهي.‘ هڪڙا
چون ته ’ترجمو لفظ به لفظ هجڻ گھرجي ڇوته تخليق تخليقڪار جي امانت آهي ان ۾ ذري
برابر خيانت نه ٿيڻ گھرجي.‘ ٻيا چون ’ڪنهن به تخليق جو لفظي ترجمو ڪنهن ڪم جو ناهي
جيسيتائين ان تخليق جو پورو روح ۽ جوهر ترجمي ۾ نه ٿو اچي تيسيتائين ترجمو قابلِ
قبول ناهي.‘ ٻين لفظن ۾ سندن خيال آهي ته ’اصل تحرير جي خيال کي پنهنجن لفظن ۾
ترجمو ڪرڻ گھرجي.‘ ترجمو بيشڪ ڏاڍو نفيس ۽ ڏکيو ڪم آهي. ڪجھ نقاد ته ان خيال جا
آهن ته تُز ترجمو ڪنهن تخليق کان گھٽ نه آهي، تنهن ڪري هڪ اعلى درجي جو مترجم به
تخليقڪار جيترو ئي مانُ لهڻي.
ترجمي جي حوالي سان هڪ ٻي ڳالهه جيڪا بيحد اهم آهي ته ڪي ترجما اصل تحرير تان ڪيا ويندا آهن ته ڪي
وري اصل تحرير جي ترجمن جا به ترجما هوندا آهن. اهڙي طرح ڪجھ ترجما ته ٽن ٽن ٻولين
جي ترجمن جا به ترجما هوندا آهن. اهڙي قسم جي ترجمن کي سيڪنڊ يا ٿرڊ سورس چئبو. ان
۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪو ترجمو تخليقڪار جي اصل تحرير تان ڪيو ويندو سو وڌيڪ تُز ۽
اصل تخليق جي گھڻو ويجھو هوندو ۽ تخليق جو عڪس محسوس ٿيندو، پر ائين به ناهي ته
جيڪو ترجمو سيڪنڊ يا ٿرڊ سورس تان ٿئي سو ڪنهن ڪم جو ناهي. دنيا جا ڪي ڪتاب اهڙا
به آهن جن جي پڙهندڙ جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي. هڪ تازي رپورٽ مطابق پائلو ڪوهلو جو
مشهور ناول Al Chemist سنڌيءَ سميت دنيا جي 60 ٻولين ۾
ترجمو ٿيو آهي ۽ ان ناول جون دنيا ڀر ۾ چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. اهڙي
طرح ترجمي جي حوالي سان اهڙا به کوڙ مثال ملندا ته هڪ ئي ٻوليءَ ۾ ساڳين ڪتابن جا
هڪ کان وڌيڪ ترجما ٿيندا آهن. اهو به سچ آهي ته ساڳي تحرير جي الڳ الڳ ترجمن ۾ جدا
جدا لطف هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ اهڙا مثال ملن ٿا. خود هن ڪتاب ۾ موجود ڪجھ
ڪهاڻين کي به هن کان اڳ سنڌي جو روپ ملي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ عبدالخالق سنديلي گھڻو
تڻو ڪهاڻيون سيڪنڊ يا ٿرڊ سورس وسيلي ترجمو ڪيون آهن. سندس ترجمي جو سورس اردو
ٻولي آهي. انهن مان ڪجھ ڪهاڻيون ته لکيل ئي انگريزي ۾ آهن جن کي سڌو سنئون اردو ۾
ترجمو ڪيو ويو آهي پر ڪجھ الڳ الڳ ملڪن جي ديسي ۽ مقامي ٻولين ۾ لکيل آهن ۽ انهن
کي پهريان ڪنهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جنهن تان وري اردو ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي
۽ بعد ۾ عبدالخالق ان ترجمي جو ترجمو ڪيو آهي.
عبدالخالق سنديلي جِي ترجمي جي دنيا ۾ هيءَ پهرين ڪوشش آهي
پر مان هن ڪتاب جي حوالي سان اها ڳالهه اعتماد سان چئي سگھان ٿو ته هُن هن ڪتاب کي
پوري سچائي ۽ لگن سان سنڌي جو روپ ڏنو آهي، وسُ ڪري ڪهاڻين کي نج سنڌي ٻوليءَ جو ويس
اوڍايو آهي ۽ انهن کي اردو جي چوغي کان آزاد ڪيو آهي. تنهن ڪري مان هن ڪتاب کي هڪ
سٺو ترجمو سمجهان ٿو.
هن مجموعي ۾ هونءَ ته اولهه ۽ اوڀر جي وڏن ڪهاڻيڪارن جون
اڻويهه ڪهاڻيون موجود آهن ۽ هر ڪهاڻي پنهنجي اندر فن، موضوع ۽ ڪرافٽنگ جي لحاظ کان
پنهنجو مٽ پاڻ آهي پر مونکي جن ڪهاڻين بيحد متاثر ڪيو، تن ۾ ليوٽالسٽاءِ جي
”پيالو“، چيخوف جي ”انصاف“، موپاسان جي ”هيرن جو هار“، ٿامس هارڊي جي ”شڪُ“، عزيز
نيسن جي ”حادثو“، ڪافڪا جي ”انصاف جو دروازو“، ٽئگور جي ”شڪست جي فتح“، گارشيامارڪيز
جي ”آرام“ ۽ اوهينري جي ”گراڪ“ شامل آهن. انهن مان ڪي ڪهاڻيون منهنجيون هن کان اڳ
ئي پڙهيل آهن تنهن ڪري مان اها ڳالهه چئي سگھان ٿو ته عبد الخالق انهن ڪهاڻين کي
سنڌيءَ جو روپ ڏيڻ ۾ وڏي محنت ڪئي آهي.
اهي نوَ ڪهاڻيون جن مونکي بيحد متاثر ڪيو ان جا ڪي خاص سبب
آهن مثلاً ليوٽالسٽاءِ جي ڪهاڻي ”پيالو“ جيڪا هڪ اهڙي غريب ٻار جي ڪهاڻي جيڪو ننڍي
لاءِ کان هڪ پورهيت آهي ۽ جڏهن هڪ گھر ۾ نوڪر ٿئي ٿو ته هن جو هڪ ڇوڪريءَ سان پيار
ٿي وڃي ٿو. هن ڪهاڻي جو مرڪزي نڪتو اهو آهي ته ’محبت غربت جي ميراث نه آهي‘. ائين چيخوف
جي ڪهاڻي ”انصاف“ ۾ ٻڌايل آ ته سماجي قدر، معيار ۽ قانون امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ
آهن....... ڇا ته ڪرافٽنگ آهي هن ڪهاڻيءَ جي.
”هيرن جو هار“ موپاسان جي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪوڙي
ڏيک ويک ۽ ڪشش پٺيان حسن ۽ جواني کي قربان ڪرڻ جو غم ساهه کڻي ٿو. اهڙي طرح هن
ڪتاب ۾ موپاسان جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”رسي جو ٽڪرو“ هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، اها ڪهاڻي پڙهي
مونکي ڀٽائي جي بيت جي سٽ ”پلئه پايو سچ آڇيندي لڄ مران“ ياد اچي وئي. ٿامس هارڊي
جي ڪهاڻي ”شڪ“ ۾ شادي شده جوڙن ۾ مينٽل فري ڪوئنسي نه هجڻ جو نتيجو ظاهر ڪيل آهي.
اهڙي طرح عزيز نيسن جي ڪهاڻي ”حادثو“ هڪ عجيب ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اوهان کي خوشامدي
ماڻهن جا ڪٽڪ نظر ايندا. هي ڪهاڻي امير ماڻهن سان عام ماڻهن جي سماجي رويي پڄاڻان
نڪتل نتيجي تي آڌاريل آهي.
جمال مير صادقي جي ڪهاڻي ”ڀت“ هڪ ٻار جي معصوم احساسن جي
ڪهاڻي آهي، جيڪو ٻن گھرن جي ۾ وچ ۾ بيٺل ڀت کي ديو ٿو سمجھي. ائين ڪافڪا جي ڪهاڻي ”انصاف
جو دروازو“ قانون جي در تي بيٺل هڪ دربان سان ان شخص جو ڊائلاگ آهي جيڪو سڄي عمر
ان دروازي مان اندر وڃڻ لاءِ تڙپي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٽئگور جي ڪهاڻي ”شڪست جي فتح“ جو
بنيادي نڪتو اهو آهي ته حقيقي داد اهو آهي جيڪو محبت وٽان ملي ٿو. يعني پيار ئي
حقيقي منصف ٿئي ٿو..... گارشيا مارڪيز جي ڪهاڻي ”آرام“ هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي
جنهن جو چور پٽ ماريو ويو هو.... هيءَ عجيب ڪيفيتن ۽ منظرن سان ڀريل ڪهاڻي آهي. اوهينري
جي ڪهاڻي ”گراڪ“ ٻن دلين جي محبت جو داستان آهي.
اهي ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ موجود سڀ اهڙيون ڪهاڻيون آهن
جن جي چونڊ ۽ ترجمو ڪرڻ تي مان عبدالخالق سندلي کي جس ڏيان ٿو. هي ڪتاب اوهان کي
ڪنهن خوبصورت گلدستي وانگر لڳندو، جنهن ۾ الڳ الڳ رنگ ۽ سڳنڌ وارا گل شامل آهن.
انهن مان هر گل جي پنهنجي پنهنجي خوشبو ته آهي پر عبد الخالق انهن سڀني کي گڏ ڪري
هن ڪتاب جي گلدان ۾ سجائي وڌيڪ سونهن بخشي آهي. مان اميد ڪريان ٿو ته عبدالخالق
سنديلي جو هي محنت ۽ محبت جو پورهيو اوهان سنڌي پڙهندڙن وٽ ضرور صاب پوندو.
No comments:
Post a Comment