احسان
دانش
موهن جي دڙي جا نوادرات
سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو داستان
هزارين سالن تائين ڦهليل آهي، جنهن کي ڳولڻ، ڦولڻ ۽ کولڻ سان سوين ڪهاڻيون سامهون
اچي وينديون پر تحقيق، لطيف ڪٿائن ۽ ڪهاڻين جي بيان جو نالو ناهي بلڪه ڪهاڻين مان
حقيقت جي پهلوئن کي ڳولي، ڇنڊ ڇاڻ ڪري سچائيءَ کي سامهون آڻڻ جو عمل آهي. هونءَ ته
گھڻو ڪري سائنس جي اڪثر شعبن جو هڪ ٻئي سان تعلق آهي ۽ ڄاڻ جا دروازا مختلف شعبن
وارن علمي اڱڻن تي کُلن ٿا پر خاص طور علم الارض (Geography)، ارضيات (Geology)، علم الانسان (Anthropology)، سماجيات (Sociology)، قديم آثارن جو علم (Archeology) ۽ محافظ خانو (Archives) جهڙا شعبا هڪ
ٻئي سان گھڻو سلهاڙيل آهن ۽ انهن شعبن ۾ گھڻي کان گھڻي تحقيق جي گھرج آهي، پر بد
قسمتيءَ سان اسان جنهن سسٽم ۾ ساهه کڻون ٿا اُتي مجموعي طور نون محققن لاءِ تحقيق
جا دروازا اپٽڻ بجاءِ پوريا وڃن ٿا......
پر تحقيق ڀٽائيءَ جي فلاسافي ناهي جنهن چيو هو ته ”اپٽيان ته انڌيون، پوريو پرين پسن.“ تحقيق کليل اکين جو کيل آهي. اکيون کليل هونديون ته انسان نظر ايندو ۽ شيون نظر اينديون. انسان جيڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ رکندو آهي ۽ شيون جيڪي پنهنجي جوهر ۾ انيڪ قصن کي پالينديون آهن. اصل ۾ آرڪائيوز هڪ اهڙو دفتر آهي، جنهن ۾ انهن ئي قصن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ انهن قصن جي سچ کي کوليندا آهن محقق.
تحقيق جو پهريون اصول آهي شڪ،
گمان يا اندازو. جنهن کي Hypothesis جو نالو ڏنو
ويو آهي. اهو گمان ۽ اندازو ئي حقيقت جي جستجو لاءِ اتساهيندو آهي ۽ حقيقت جي
حاصلات وري دليلن جي گھرجائو هوندي آهي. اسان جڏهن سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ قديم
آثارن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان لاءِ به اسان کي تحقيق جو دامن جھلي ڳالهائڻو پوندو.
پنج هزار سال قديم تهذيب جي دعوى ڪندڙ اسان جي قوم پنهنجي تهذيب ۽ تاريخ تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اٽي ۾ لوڻ
برابر آهي. موهن جو دڙو اسان کي ٻين ڳولي ڏنو ۽ ان تي تحقيق جو آغاز به پهريان ٻين
ڪيو، گھڻو پوءِ مقامي محققن به ان ڪم ۾ حصو ورتو. باقي اسان گھڻو ڪري ڌُڪي تي
بندوقون ڇوڙيون آهن، ڊاڙ ۽ ٻٽاڪ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. بنان ڪنهن سوچ ويچار
۽ تحقيق جي پيا چوندا سي حضرت آدم عه جنت مان تڙجڻ کان پوءِ سڌو سنڌ جي زمين تي
قدم رکيو، حضرت نوح جو ٻيڙو به هتي ئي اچي بيٺو..... مطلب جيڪو ڪجھ ٿيو سو سنڌ
منجھان ٿيو. اسان مت جا موڙها ماڻهو انهن سڀني ڳالهين کي چمي اکين تي رکندا سي ۽
زبان تي رڳو سبحان الله سبحان الله جا ڪلما هوندا. اهڙي صورتحال ۽ اهڙي سماج ۾ شين،
ڳالهين ۽ واقعن جي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ خود هڪ مسئلو بڻجي پوي ٿو ۽ محقق کي سدائين
تلخ راين ۽ نئين فتوائن جاري ٿيڻ جو خوف رهي ٿو. ان خوف جو پردو
چاڪ ڪرڻ لاءِ مجموعي طور اسان جي قوم کي خودپسنديءَ جي خول مان نڪرڻو پوندو ۽
سچائين کي قبول ڪرڻو پوندو، پوءِ اُهي تلخ ئي ڇونه هجن.
ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته موجوده سنڌي
سماج پنهنجي سمورين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين باوجود ماضي بعيد ۾ دنيا جي تختي تي هڪ سڌريل
۽ ترقي يافته سماج رهيو آهي، جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال موهن جو دڙو آهي. پروفيسر
چيتن ماڙيوالا موهن جي دڙي جي عظمت جو بيان هنن لفظن ۾ ڪري ٿو ته ”ڪيئي صديون اڳي،
جنهن کي هزارين سال ٿي ويا، سنڌوءَ جي ڪنٺي تي موهن راڄ قائم هو. ڇا ملڪ هو ۽ ڇا
سندس فلڪ ۽ نذاڪت! هر ڏس ۾ حد ڪماليت تي رسي چڪو هو. اهو اوج ۽ اعلى رتبو سنڌ وري
نه ڏٺو آهي. ڇا راڄ جي آزاد خيالي، ڇا رعيت جي آسودگي، ڇا ڌارمڪ اوچ پدوي، ڇا علم
۽ هنر جي واڌ ۽ ڇا ملڪ جو انتظام. مگر اڄ انهيءَ راڄ جي ڊٺل دڙن کان سواءِ ڪوبه
نشان نظر نه ٿو اچي. (1) اسان موهن جي ماڳ جي ماڻهن موجوده دور تائين سنڌي سماج جو
نقشو ان حد تائين تبديل ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻي موهن جي دڙي جي گھٽين ۾ گھمندي اهو
ويساهه ئي نه پيو ٿئي ته اهو سنڌ جي تهذيب جو آثار آهي..... اسان کي آئيني ۾
پنهنجو چهرو ڀلي اوپرو لڳي پر دنيا اڄ به ان تهذيب جا ڳڻ ڳائي ٿي جيڪا اسان جو
عظيم ماضي ۽ ورثو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ئي ناهي ته ”موهن جو دڙو دنيا جي عظيم تهذيب جو
گهوارو آهي. هن ڦٽل شهر جون ديوارون ۽ گهٽيون سندس عظمت جون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿيون.
هن خاموش ڦٽل شهر جو نظارو عجيب طلسماتي ڏيک ڏئي ٿو. موهن جي دڙي جي کنڊرن اڳيان
بيهي ٿوري دير لاءِ اکيون بند ڪري سوچجي ٿو ته هن عظيم شهر جي آبادي ۽ خوشحالي جو
منظر اکين اڳيان ڦري اچي ٿو. جتي پورهيتن جي مٿن تي سائي گاهه جون ڀريون نّظر اچن
ٿيون، ڏاند گاڏين جا چيڪاٽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، هڪ پاسي نازڪ نفيس ۽ حسين نرتڪين جو ناچ
۽ ٻي پاسي کوهه تان پاڻي ڀريندي جيڏين سرتين جا ٽهڪ ..... سندن چيلهه ۽ مٿي تي
رکيل گهاگهرون ڪيڏيون نه سونهن ٿيون، هڪ طرف نيروليءَ جي دڪان تي رنگن جي ڌنڪ ۽
رونق آهي ته ٻئي پاسي اناج جي گودامن ۽ بازارن ۾ ماڻهن جي پيهه.... پر اکيون کلڻ
تي هڪ لک آباديءَ واري ان شهر ۾ هر طرف موت جهڙي خاموشي آهي....... موهن جي دڙي جو
اسٽوپا، گهٽيون، دڪان، کوهه، وڏو تلاءُ، گهر، آڳر ۽ رستا اداسيءَ جو ويس اوڍيل نظر
اچن ٿا. انهن ويران ۽ اداس کنڊرن کي ڏسي، سنڌو ماٿر جي انهن اوائلي انسانن کي دنيا
۾ تهذيب جي باني چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿي ٿئي.“ (2)
موهن جي دڙي جا ٺڪر ۽ ٺاٻر اڄ به
پنهنجي عظمت جي ڪٿا ٻڌائين ٿا. اسان انهن ٺڪرين کي ڀلي بي ملهو سمجھون پر قديم
آثارن جي ماهرن لاءِ اهي سون ۽ چانديءَ کان به ملهاتيون وٿون آهن، ڇوته انهن وسيلي
به تاريخ جو پيرو کڻي سگھجي ٿو. ”ٺڪرين جي بناوت، نقاشي، مضبوطي ۽ ٿلهائي، مطلب ته
هر خصوصيت پراڻيءَ تهذيب جي هڪ خاص دور جي آئيني مثل تسليم ڪئي وڃي ٿي.“ (3)
موهن جي دڙي جو تهذيبي، سماجي ۽
ثقافتي اڀياس تڏهن ئي ممڪن بڻيو جڏهن ان جي کوٽائي بعد منجھائس قيمتي نوادرات حاصل
ٿيا...... جڏهن اسين نوادرات جو لفظ استعمال ڪريون ٿا ته ان جي مفهوم جي سرحدن جو
سوال به پيدا ٿئي ٿو. هونءَ ته نوادرات لفظ نادر جو جمع آهي، جنهن کي اڻ لڀ ۽
انمول جي معنى ۾ به وٺي سگھجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهڙيون شيون جيڪي وقت گذرڻ سان اهم ۽
انمول بڻجي وڃن انهن کي نوادرات ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو. ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته
ماضي بڻجي ويل هر اها وٿ جنهن کي محفوظ ڪري سگھجي سا نوادرات ۾ شامل آهي ۽ انهن
نوادرات کي محفوظ ڪرڻ جو وسيلو آهي آرڪائيوز. آرڪائيوز اهڙو محافظ خانو آهي، جتي
تاريخي دستاويز توڙي ماضي سان تعلق رکندڙ شيون محفوظ ڪيون وينديون آهن. ان حوالي
سان جڏهن اسين موهن جي دڙي جي ڳالهه ڪندا سين ته سائيٽ تي موجود ميوزم اهڙن
نوادرات سان ڀرپور نظر ايندو. ميوزم ۾ موجود نوادرات ۾ ٺڪر مان ٺهيل ٿانوَ، مجسما
۽ مورتيون، ڪم ڪار وارا اوزار، تور جا وٽَ، ٻاراڻا رانديڪا، وڏن جي وندر ۽ ورونهن
جو سامان، هار سينگار جون شيون، مهرون، سڪا، ڪپڙو ۽ اَنَ جا داڻا وغيره شامل آهن.
موهن جي دڙي مان مليل مواد ۽ نوادرات
جن شين ۽ ڌاتن مان تيار ٿيل آهن، انهن ۾ مٽي / ٺڪر، پٿر، شيهو، پتل، ڪُٽ، چاندي، سون، ٽامو، سپيون، عاج، شيشائين
لئِي ۽ اُنَ وغيره شامل آهن. هن دڙي مان مليل سڀ کان گھڻو مواد ٺڪر ٺاٻر تي مشتمل
آهي. محمد ادريس صديقي مطابق ”هي سمورا ٺڪر سنڌونديءَ جي آندل چيڪيءَ مٽيءَ مان
ٺهيل آهن، جن ۾ چن ۽ ابرڪ جا جزا ننڍڙن ننڍڙن ذرن جي شڪل ۾ شامل آهن. هي ٿانو
ڪنڀار جي چڪ تي ٺاهيا ويندا هئا، پر ڪي ٿانو هٿ سان به ٺاهيل آهن. چڪ جيئن ته ڪاٺ
جا ٺهيل هوندا هئا، انهيءَ ڪري وقت گذرندي اُهي ناس ٿي ويا. البت اهي آويون
کوٽائيءَ ڪندي هٿ آيون آهن، جن ۾ مٽيءَ جا ٿانو، رانديڪا ۽ ٻيون شيون باهه ۾
پچايون وينديون هيون.“ (4) کوٽائي بعد مليل ٿانون کي شڪل و صورت ۽ نذاڪت جي حوالي
سان ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پهريون نقش و نگار وارا ٿانوَ، ٻيو ريٽي رنگ وارا
ٿانوَ ۽ ٽيون سنها ڪاغذي ٿانوَ. پهرين قسم جا ٿانوَ لسا ۽ ڪار سُري رنگ جا آهن،
ٻئي قسم جا ٿانوَ آويءَ مان اهڙي نموني پڪل آهن جو انهن جو رنگ ريٽو پيو نظر اچي ۽
ٽئين قسم وارن ٿانون جي خصوصيت انهن جي نذاڪت ۽ نفاست آهي. ڊاڪٽر مئڪي موهن جي دڙي
مان لڌل انهن ٿانون لاءِ لکيو آهي ته ”خود مصر ۾ به رومن دور کان اڳ مٽيءَ جا اهڙا
ٿانوَ اڻ لڀ هئا.“ (5)
هٿ آيل مٽيءَ جا ٿانوَ دلا، مٽ، گھگھيون، گلدان، ڪونرا،
پاٽيون، پليٽون، پيالا، وٽا، ٿالهه، دانگيون، ڪوپ، ڪُپڙا، ڍڪڻ، ديڳڙيون، گنديون، ناديون
وغيره ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿر ۽ موهن جي دڙي جا ماڻهو نقش و نگار جا ڏاڍا
شوقين هيا ۽ وٽن جمالياتي ذوق جھجھو هيو. مٽيءَ جي ٿانوَن مٿان ليڪيل ڊزائينون،
گلن، پنن، ولين ۽ مختلف جانورن ۽ پکين جون تصويرون انهن ٿانون جي جاذبيت کي وڌائي ڇڏين
ٿيون. ان نقش و نگار لاءِ گھڻو ڪري ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جو استعمال ڪيو ويو آهي پر
ڪجھ ٿانوَ اهڙا به مليا آهن جن تي سائي ۽ پيلي رنگ جو استعمال به نظر اچي ٿو. اهي
رنگ خاص قسم جي مصالحن مان ٺاهيا ويندا هئا. ٿانون کان سواءِ مٽيءَ مان جُڙيل ٻيون
به ڪيتريون ئي شيون هٿ آيون آهن. جن ۾ ٻه ڪوئا مار به مليا آهن، انهيءَ کان علاوه
مٽيءَ جو پڃرو، سليٽ، ڦيٿا، سُٽ ڪتڻ جا ائٽ، چوڙيون، ديوين، ديوتائن، انسانن ۽
جانورن جا بت پڻ هٿ آيا آهن.
موهن جي دڙي مان مليل نوادرات ۾ پٿر مان ٺهيل شين جي به
وڏي اهميت آهي. جن ۾ پٿر جا اوزار، ٿانوَ ٿپا، اَنَ پيهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ جنڊ
وغيره اهم آهن. ان کان علاوه پٿر جون مهرون ۽ سڪا پڻ اهميت رکن ٿا. انهن مان اڪثر شين
تي اعلى درجي جا نقش و نگار ملن ٿا ۽ اڪُر جو به بهترين ڪم ٿيل آهي. خاص طور تي مهرن
۽ سڪن تي جيڪي نقش ۽ تصويرون آهن انهن جي وڏي اهميت آهي. پٿر مان جڙيل شين منجھان ماڻهن
۽ جانورن جا بت به موهن جي دڙي جي اهم نوادرات ۾ اچي وڃن ٿا. جڏهن ته هار سينگار لاءِ
پڻ مختلف قسم جي پٿرن جو استعمال نظر اچي ٿو.
پٿر جا سڄا ٿانو تمام ٿورا مليا آهن. هي ٿانو تر
اکڙيون پيالن جهڙيءَ شڪل جا آهن ۽ عام طرح سادا ۽ بد زيبا آهن، جي نرم پٿرن، مثلاً
وارياسي پٿر يا چن واري پٿر، مان ٺاهيا ويا آهن. تراکڙي تري وارو هڪ لوٽو، جنهن جي
اوچائي چار انچ آهي، ٽامي ۽ ڪٺ جي ٿانون سان گڏ هٿ آيو آهي. هيءُ لوٽو سائي رنگ جي
ڪرِسٽل واري جيڊ پٿر جو آهي. اهڙو پٿر سمير ۾ ڏٺو ويو آهي، ۽ گهٽ لڀڻ سببان قيمتي
هوندو آهي. (6) موهن جي دڙي مان مليل پٿر جا مجسما به ڪمال ڪاريگري جو مظهر آهن پر
افسوس جو انهن مان صحيح سالم حالت ۾ ڪوبه نه ملي سگھيو آهي. اليگزينڊرا آرڊيلينو
ــ جئنسن مطابق ”سنڌو سڀيتا جي دور سان لاڳاپيل پٿر جا بت اڄ تائين فقط موهن جي
دڙي مان هٿ آيا آهن ۽ اهڙن بتن جو ڪُل تعداد سورنهن آهي، جن مان ڪي ڀڳل ٽٽل حالت ۾
مليا آهن.“ (7) انهن بتن منجھان سڀ کان اهم ان پروهت يا راجا (King
Priest) جو بت آهي جيڪو موهن جي دڙي واري هيٺين شهر
يعني ڊي. ڪي ايريا مان 1927ع ڌاري هٿ آيو هو. اهو بت ست انچ ڊگھو آهي ۽ سندس بدن
تي ٽه پتائين گُلن واري چادر ويڙهيل آهي، جنهن کي موجوده اجرڪ سان پڻ ڀيٽن جي ڪوشش
ڪئي ويندي آهي. هي مجسمو دڙي مان مليل مجسمن منجھان سنگ تراشيءَ جو اعلى نمونو
آهي.
موهن جي دڙي جا رهاڪو هار سينگار
جا به ڏاڍا شوقين هيا ۽ مليل نوادرات مان وڏي تعداد ۾ مليل مالائون، گلوبند، ڪڙا،
جهومر، ٽڪا، نڪ جون ڪليون وغيره ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته هو مختلف قسم جي زيورن ۾
قيمتي پٿرن جو پڻ استعمال ڪندا هيا. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ لکيو آهي ته ”مهن جي
دڙي مان جيڪي زيورات هٿ آيا آهن، تنهن مان پتو پوي ٿو ته قديم سنڌ جا رهاڪو عقيق
يا سنگ سليماني (Agate)، نيلم، فيروز ۽ ٻيا قيمتي پٿر،
هار جي داڻن توڙي زيورن لاءِ جڙت طور ڪم آڻيندا هئا.“ (8) اهي رنگ برنگي پٿر جن کي
هو سينگار جي سامان طور استعمال ڪندا هئا انهن مان ڪيترائي ئي قيمتي پٿر ڏيساور
منجھان پڻ گھرائيندا هئا. دڙي مان مليل پٿر جا مڻيا عام طور عقيق، سليماني پٿر ۽
يشب جي پٿر مان ٺهيل آهن. پٿرن کان سواءِ سفيد ۽ نيري مصالحي جا به ڪيترا مڻيا هٿ
آيا آهن، جن مان هار ۽ مالهائون تيار ڪيون وينديون. ان کان علاوه کوٽائيءَ مان پٿر
جا ڪيترائي ننڍا وڏا وَٽَ پڻ مليا آهن. اڪثر ننڍا وَٽَ شڪل ۾ ڇهه ڪُنڊا ۽ وڏا
مخروط آهن. وڏن وَٽَن منجھان ڪن جي وچ ۾ سوراخ به نظر اچي ٿو. انهن کي ڏسي اهو
اندازو ٿئي ٿو ته منجھن نوڙي وجھي کنئيون ويندو هوندو.
سنڌو ماٿر جي رهاڪن جي سڀ کان
اعلى تخليق پٿر مان ٺاهيل اهي مُهرون آهن، جيڪي رڳو موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان ٻه
هزار جي تعداد ۾ مليون آهن. انهن مُهرن تي اُڪر جو اهڙو ته اعلى ڪم ٿيل آهي جو
ايڪويهين صديءَ جو ماڻهو به اهو ڏسي دنگ رهجي وڃي ٿو. ”سي مهرون اسٽائيٽ (ابرڪ
جهڙو پٿر) مان ٺاهيون ويون آهن ۽ ڏيڍ انچ چورس کان وٺي اڍائي انچ چورس تائين مختلف
ماپن جون مليون آهن. عام ماپ 1.7 ۽ 1.2 انچ اٿن. هي مهرون چورس شڪل جون آهن، جن تي
جانورن جون تصويرون ۽ تصويري اکر اُڪريل آهن. ڳچ مهرون مستطيل نموني جون آهن، جن
تي فقط اکر اُڪريل آهن، ۽ ڪجهه ٿنڀ جي صورت جون گول مهرون به مليون آهن. چورس مهرن
جي پٺئين پاسي ٻه سوراخن وارا ڪڙا لڳل آهن، جن ۾ ڌاڳو وڌو ويندو هوندو.“ (9)
پٿر مان ٺاهيل شين کان سواءِ موهن جي دڙي مان مليل
سامان ۾ ٽامي ۽ ڪُٽ جون ٺهيل ڪيتريون ئي شيون مليون آهن، جيڪي گهريلو استعمال جي
ٿانون، ڪهاڙين، خنجرن، چاقن، ڀالن، ڪٽارين، تيرن، ڏاٽن، مجسمن، چوڙين، منڊين،
ايرنگن، تارن، آرُن، سيخن، وغيره تي مشتمل آهن. ٽامي کان سواءِ ڪُٽ جا هٿيار به هٿ
آيا آهن. ”سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کي ڪُٽ جي دور جي تهذيب ڪوٺيو وڃي ٿو،
ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ زندگيءَ جي ضرورتن جا سمورا اوزار ۽ ٿانوَ عام طرح سان ڪٽ
جا ٺاهيا ويندا هئا ۽ هتان ٽامي ۽ ڪُٽ جا ٺهيل مختلف سائيزن ۽ شڪلين جا ٿانو
مثلن گلدستا، پيالا، ٿالهيون، هنڊيون( جن مان ڪن جا ڍڪڻ به آهن.) هٿ آيا آهن. (10)
کوٽائي منجھان ٽامي جا ٻه ڀالا به مليا آهن، جن مان هڪ
ساڍا ارڙهن انچ ڊگهو آهي. انهن ڀالن جا ڦر ٻنهي پاسن کان سنهان ۽ وچ ۾ ڪافي ٿلها
آهن. انهن جي نوڪ مُڏي آهي، ۽ اُهي ڪنهن جسم ۾ ٽُنبڻ بدران شين جي ڇلهڻ لاءِ زياده
ڪم اچي سگهن ٿا. اهڙي طرح مختلف قسم جا خنجر، چاڪو، ڏاٽا، پاڪيون، نيزا، کانڀاڻيون،
تيرن جا مُنهن، مڇين ڦاسائڻ لاءِ ڪُنڍيون ۽ ٽنگڻيون پڻ هٿ آيون آهن جيڪي پڻ ٽامي ۽
ڪُٽ جي ڌاتن منجھان ٺهيل آهن. ان کان علاوه تور جون ساهميون پڻ هٿ ڪيون ويو آهن،
جن جون ڪامون پتل جون ۽ پُڙَ ٽامي جا آهن. دڙي مان مليل ڪجھ اهم شين مان ڪُٽ جي
ٺهيل هڪ ڪارائي به شامل آهي، جيڪا ساڍا سورنهن انچ ڊگھي آهي. دڙي مان مليل آرسي پڻ
اهڙي ئي ڌاتو مان ٺهيل ٿي ڀانئجي. ٽامي، چيني ۽ ڪُٽ منجھان ٺهيل گول بٽڻ پڻ مليا
آهن، جن ڌاڳو وجھڻ لاءِ سوراخ پڻ ٿيل آهن. اهڙي طرح ٽامي ۽ ڪُٽ مان جڙيل ٻيون به
ڪيتريون ۽ شيون هٿ آيون آهن جن ۾ انسانن ۽ جانورن جا مجسما به شامل آهن. انهن
مجسمن مان سڀ کان اهم آهي سمبارا جو بت، جنهن کي موهن جي دڙي جي نرتڪي (Dancing
Girl) به سڏيو وڃي ٿو ۽ هن وقت اها دهلي جي نيشنل
ميوزم جي زينت بڻيل آهي. سندس ٽنگون گوڏن کان هيٺ ڀڳل آهن ۽ سندس هاڻوڪي ڊيگھ ساڍا
چار انچ آهي. هن ننگي بت جي ڳچيءَ ۾ هار ۽ ٻانهن ۾ چوڙيون پاتل آهن. ٽامي ۽ ڪُٽ
مان ٺهيل شين کان سواءِ دڙي مان شيهي جي هڪ ٿالهي به ملي آهي. ٿي سگھي ٿو ته ان
ڌاتوءَ مان ڪي مورتيون به ٺاهيون ويون هجن پر اهي هن وقت تائين جي کوٽائيءَ مان
ملي نه سگھيون آهن.
موهن جي دڙي مان مليل اهم نوادرات
۾ اهي زيور به شامل آهن، جن کي اتان جا رهاڪو وڏي چاهه سان پائيندا هئا. اهي زيور
مختلف ڌاتن جهڙوڪه سون، چاندي، پتل، سپين، عاج ۽ شيشائين لئي وغيره مان ٺاهيا
ويندا هئا. ميوزم ۾ موجود انهن زيورن کي ڏسندي ائين پيو وسهي ڄڻ اهي ڪنهن گھاڙوءَ
اجھو هاڻي گھڙي رکيا آهن. انهن زيورن ۾ نٿ، ٽڪو، جھومڪ، ڳل پٽا، چندن هار، ٽه
پتيون، پنج پتيون، ست پتيون رنگا رنگي پٿرن جي جڙاوت سان بيحد حسين آهن. موهن جا
ماڻهو انهن زيورن جي استعمال ۾ ڳچيءَ کي گھڻي اهميت ڏيندا هئا. ڳچيءَ کان پوءِ
ٻانهن کي زيورن سان سجايو ويندو هيو، ان جي شاهديءَ طور کوٽائي بعد مليل چوڙيون،
ڪنگڻ، دستيون، تائٿ، ٻانهوٽا، بازوبند وغيره موجود آهن. زيورن پائڻ ۾ سڀ کان اڳتي
هونديون هيون عورتون.... پر مرد ۽ ٻار به زيورن جو استعمال ڪندا هيا. مرد اڪثر
چنڌيون، منڊيون، چيلهڪيون ۽ ڪڙيون پائيندا هئا. ”تن ڏينهن ۾ ٻانهين جو رواج عام هو،
پر ٻانهي عاج جي نه، سِپيءَ جي هوندي هئي. سونهن لاءِ ٻانهيءَ جي ڪن چوڙن تي سونا
پَٽ چڙهيل هوندا هئا. ڪرائيءَ مٿان دستيون پائبيون هيون. موهن راڄ جون دستيون واهه
جون جَڙيل آهن. ٺاهيندڙ هن زيور گھڙڻ ۾ پنهنجي هنر جي ڪماليت ڏيکاري آهي. دستين
بعد سونن چوڙن جو وارو هو. اُهي چوڙا گھڻو ڪري اندران پورا، لاک ڀريل هوندا هُئا.“
(11)
موهن جي دڙي جي ايڇ. آر. ايراضيءَ
مان سون جا ڪيترائي مڻيا هٿ آيا آهن، جن مان ڪجھ گول ته ڪجھ وري چپترين ٽڪين جهڙيءَ
شڪل جا آهن. قديم آثارن جا ماهر انهن مڻين کي مصر ۽ ٽراءِ مان مليل مڻين سان ڀيٽين
ٿا. سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهاڪو وارن ٻڌڻ لاءِ چوٽي بند پڻ استعمال ڪندا هئا. هي
چوٽي بند، يا ربينون اڌ انچ ويڪريون، سون چانديءَ يا ٻين ڌاتن جون ٺهيل سنهيون
پٽين جي شڪل ۾ نظر اچن ٿيون، اهي مخروطي يا محراب دار شڪل جون آهن. ڪي چوٽي بند ته
16 انچ ڊگها به آهن، جن جي ڪنڊن تي ٽُنگ آهن، انهن ۾ ڌاڳو وجهي، سينگار پٽيءَ
وانگر مٿن تي ٻڌندا هئا. ڪن سينگار پٽين تي ته چٽسالي به ڪيل آهي ساڳئي قسم جا
چوٽي بند سمير ۾ به استعمال ٿيندا هئا.
موهن جي دڙي مان لڌل ناياب شين
مان لوڊي (Ludo) وارا ڇهه ڪُنڊا
ڇڪا ۽ چپڙ جا ڍارا به وڏي اهميت رکن ٿا، جيڪي عاج، ٺڪر ۽ شيشائين لئي منجھان ٺهيل
آهن. عاج جون ڦڻيون ۽ ڦڻوٽا پڻ مليا آهن، جن مان هڪ جي شڪل انگريزي اکر V جهڙي آهي. عاج جي مليل ٻئي سامان ۾ سُيون،
بازوبند، چوڙيون، چوٽا ڦل ۽ مختلف قسم جا رانديڪا شامل آهن.
موهن جي دڙي مان مليل ملهائتين
شين مان هڪ آهي ڪپڙو. دڙي جي کوٽائي مان ڪپڙو جھجھي تعداد ۾ ته نه ملي سگھيو آهي،
ڇوته هزارين سال مٽيءَ ۾ دٻيل هجڻ سبب ان جو باقي رهڻ گھٽ ممڪن هيو، پر ڪپهه مان
تيار ڪيل هڪ ڪپڙي جو ٽڪرو آهي، جيڪو ٽامي ۽ چانديءَ جي ٿانون سان گڏ هٿ آيو آهي ان
کي موهن جي دڙي جي نوادرات ۾ اهم حيثيت حاصل آهي. هيءَ دنيا ۾ ڪپهه جي پراڻي ۾
پراڻي دريافت آهي. ان سوٽي ڪپڙي کي بابل ۾ ”سنڌو“ (Sindhu)، يونان ۾ سنڊان (Sindan) ۽ مصر ۾ سينڊل (Sendal) ڪري ڪوٺيندا هئا. جنهن مان اهو
سمجھڻ ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي ته سنڌ منجھان ئي انهن ملڪن ڏي اهو ڪپڙو موڪليو ويندو
هو. ماهرن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته مصر جي بادشاهن جون مميون (لاش) انهيءَ ڪپڙي ۾
ويڙهي دفن ڪيون وينديون هيون.
موهن جي دڙي جا اهي سمورا نوادرات
۽ سنڌي ڪاريگرن جي اعلى هنري ڪرشمن جا ثبوت ڏسي احساس ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿر جو مانُ
ان وقت به مٿاهون هيو جڏهن جڏهن دنيا اڃا تهذيب جي پهرين ڏاڪن تي پير ڌريا هئا.
حوالا
- ماڙيوالا چيتن (مقالو: موهن جو دڙو) ڪتاب موهن جو دڙو ــ پراچين سڀيتا، نئين تهذيب جي دائري ۾“ سهيڙيندڙ: خليق مورياڻي، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، 2011ع ص 90
- دانش احسان (مقدمو) ڪتاب: سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو: موهن جو دڙو) تحقيق ۽ تلخيص: احسان دانش، سنڌي ادبي بورڊ 2012ع ص 52
- صديقي محمد ادريس ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ (ڪتاب) مترجم: شمس سرڪي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 1995ع ص 73
- ساڳيو ص 74
- Macy “Mohen jo Daro and the Indus civilization Vol. ii, p 581
- صديقي محمد ادريس (حوالو ساڳيو) ص
- جينسن مائيڪل، ميولا ميري ۽ اربن گنٽر ”سنڌو ڪناري وساريل شهر“ (ڪتاب) سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا، 2005ع ص 253
- دانش احسان (حوالو ساڳيو) ص 170
- صديقي محمد ادريس (حوالو ساڳيو) ص 90 ــ 91
- ساڳيو ص 83
- ماڙيوال چيتن (حوالو ساڳيو) ص 98
No comments:
Post a Comment