Monday, 15 February 2021

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو محسن ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 ڊاڪٽر احسان دانش


 

سنڌي ٻولي ۽ ادب جو محسن

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

 

سنڌ جي پنهنجي هڪ تهذيبي ۽ ثقافتي تاريخ آهي، هن ڌرتيءَ جون الڳ ريتون ۽ روايتون آهن. اسان بيشڪ موهن جي دڙي جي عظيم سڀيتا جا وارث آهيون ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اسان جي هن ڀوميءَ ڪئين لعلن کي به جنميو آهي، پر ڪجھ سوال آهن ته ڇا اسان پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ڪري سگھيا آهيون؟ ماضيءَ جي حسين ريتن ۽ روايتن جا امين رهيا آهيون؟ پنهنجي تاريخ جي عظيم ڪردارن، انهن املهه موتين ۽ ماڻڪن جو قدر ڪيو آهي؟ ديانتداريءَ سان جاچبو ته انهن سوالن جا جوابَ نفيءَ جي رڃ ۾ ڀٽڪائي ڇڏيندا.

 



اسان سنڌي قوم جي ناتي پنهنجن کوڙ سارن فرضن کان غافل آهيون ۽ بي قدري اسان جو نئون تعارف پئي بڻبي وڃي. ان طرح جڏهن سنڌ جي عالمن ۽ اڪابرن، محققن ۽ تاريخدانن، تخليقڪارن ۽ نقادن جو ذڪر نڪرندو ته به ساڳي صورتحال نظر ايندي. اهو شڪوو ڪنهن هڪ فرد کان نه پر سڄي سنڌي سماج کان ڪري سگھجي ٿو، جنهن جا اسين سڀ ذميدار آهيون. ڀلا اسان جي نرڙ تي ئي مرده پرستيءَ جو اسٽيڪر ڇوٿو چنبڙايو وڃي، ڀلا اسان پنهنجي دور جي عظيم انسانن کي سندن زندگيءَ ۾ ڇونه ٿا سڃاڻون، ڇونه ٿا انهن کي سندن زندگيءَ ۾ اهو مانُ ۽ مريادا ڏيون، جنهن جا هو حقدار آهن. ان سڄي صورتحال ۾ جڏهن سنڌ جي هڪ عالم جا اهي آخري لفظ ته ”مون هن قوم کي هٿيار نه پر ڪتاب ڏنا آهن ۽ هن قوم لاءِ آئون دعا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔“ ذهن ۾ گونجن ٿا ته سچ ته اندر ئي اندر ۾ ندامت جو احساس ٿئي ٿو.

اهي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جا آخري لفظ آهن جيڪي هن ۱۶ جولاءِ ۱۹۹۴ تي ٽنڊو آدم ۾ شام جي پهر هڪ تعليمي سيمينار ۾ جذبات ۾ اچي چيا هئا ۽ سندس آخري لفظُ ”دعا“ هيو، جنهن کان پوءِ هن جي دل بيهي رهي هئي ۽ هو اسان کي الوداع چئي ويو هو. هن ويندي ويندي به سنڌي قوم کي دعا ڏني ۽ ان کان اڳ ۾ ڪتابَ. هڪ قوم کي هڪُ عالم ان کان سواءِ ٻيو ڏئي به ڇا ٿو سگھي..... پر ڇا ڪنهن قوم لاءِ اهو ڪافي به ناهي ته ڪو عالم ان کي ڪتابَ وسيلي علم جي روشني ڏئي وڃي ۽ ”دعا“ جي لفظ ۾ آئيندي جي اميد..... پر اسان ٻوهيي سان انصاف نه ڪيو آهي. هو علم ۽ ادب جي دنيا جو وڏو ماڻهو هيو، زندگيءَ ۾ به هن کي هِن سماج کان شڪايتون هيون. هن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”اديب کي به عوام کپي، مان اديب ناهيان جو مونکي پبلڪ ڪانهي......... اديب جي دشمنيءَ کي مون ڏٺو آهي ته انهيءَ جهڙي سخت ترين ٻي ڪابه ڪانهي. جڏهن اديب دشمن ٿئي ته انهيءَ کان بچائڻ وارو هن ڌرتيءَ تي ٻيو ڪوبه ڪونهي.“ (1) شايد ٻوهيي جو ڪنهن به ادبي ڌڙي سان تعلق نه هجڻ ڪري ئي ان دور جي اديبن جي ساڻس اها روش هئي. هونءَ به ڀلا ڊاڪٽر ٻوهيي کي اهو شڪوو هجي به ته ڇونه؟ جنهن ماڻهوءَ سماجي لسانيات تي ان وقت ڪم ڪيو هجي جڏهن اردو سميت کوڙ سارين وڏين ادبي ٻولين ۾ اڃا اهو اصطلاح مروج به نه هجي، جڏهن هن سنڌ جي نقادن کي تنقيدي اصول سمجھائي رستو ڏنو هجي ته ٻيلي ڏاها ٿيو، تنقيد جي هنن مڃيل اصولن ۽ معيارن کي سامهون رکي تنقيد ڪريو، جڏهن هن تحقيق کي هڪ علم طور سمجھايو هجي، شعر جي اڀياس جا نوان طريقا ٻڌايا هجن، ادب جا فڪري محرڪ سمجھايا هجن، ٻولي ۽ ڪلچر جي معاملن تي نئين روشني وڌي هجي، تڏهن به هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي وئي هجي ۽ کيس ڏکيون ڳالهيون ڪندڙ، سر ڦريو، مٿي کاڌو ليکڪ، خشڪ اديب ۽ مٿي جو سور سڏيندي نظر انداز ڪيو ويو هجي ته پوءِ سندس اهڙو شڪوو جائز آهي. جامي چانڊيي مطابق ”ڊاڪٽر ٻوهيو جنهن سطح جو عالم، اديب هو ۽ هن سڄي زندگي جن وڏن ۽ بنيادي موضوعن تي نهايت علميت ۽ گهرائيءَ سان سوچيو ۽ لکيو، جي اُهي اڄ به اسان جي سماجي، فڪري ۽ ادبي ايجنڊا تي گهربل اهميت سان سامهون اچن ته مان پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ سان چوان ٿو ته سنڌي ادب ۽ سماج صحيح معنيٰ ۾ هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.“ (2)

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي 8 آگسٽ 1934ع تي تعلقي قمبر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گھوگھاري جتي سڳداسي چانورن جو فصل ٿيندو هيو ۾ جنم ورتو. سڳداسي جي سڳنڌ جهڙي هن انسان جو هڳاءُ انهن ماڻهن ئي محسوس ڪيو، جيڪي چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءَ جا عاشق هوندا آهن، جن جو رشتو زمين سان هوندو آهي. الهداد ٻوهيي جي اک اهڙي جھوپڙيءَ ۾ کُلي جتي غربت، تنگ دستي ۽ مجبوري جهڙيون بيمايون اڳي ئي موجود هيون. هن جا ڀائرن دُک ۽ درد هيا جيڪي هن کان اڳ ئي ان لانڍيءَ ۾ رهندا هيا. هو پنهنجي هڪ انٽريو ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌائي ٿو ته ”مان هڪ هاريءَ جو پُٽ آهيان...... مونکي ياد نه آهي ته منهنجي ماءُ ڪهڙن مهانڊن جي عورت هئي، ڇو جو اڃان منهنجي سانڀر ئي ڪانه ٿي هئي جو منهنجي والده گذاري وئي....... توهان جي تصور ۾ جيئن ڪو ٻارُ پنهنجي ماءُ کان سواءِ پلجي سگهي ٿو، تئين مون سان به ٿيو...... مان سدائين بيمار، بکيو، مٿي اگھاڙو، پيرين اگھاڙو ۽ وڌيل پيٽ وارو ٻارُ هئس..... منهنجي شڪل به سٺي نه هئي.“ (3) اسان سوچي سگھون ٿا بُک ڏک تي پلجندڙ جنهن ٻار جِي مامتا جي پيار ۽ شفقت بنان پرورش ٿي هوندي، ان جو اندر يتيميءَ جي احساس ۽ ٻين محرومين سان ڪيترو نه ڀريل هوندو. ٻوهيي صاحب جو اهو چوڻ ته ”منهنجي شڪل به سُٺي نه هوندي هُئي“ خود انهيءَ محروميءَ جو پڙاڏو هيو. مان سندس راءِ سان متفق ناهيان پر جيڪڏهن سندس ڳالهه مڃي به وڃي ته مان سمجھان ٿو ڳالهه شڪل جي نه پر عقل جي آهي. دنيا جي وڏن وڏن ڏاهن پنهنجي شڪل جي ڪري نه پر عقل جي ڪري دنيا ۾ مڃتا ماڻي، جنهن جو وڏو مثال ڏاهن جو ابو ”سقراط“ آهي. ڊاڪٽر ٻوهيي به پنهنجي علم، عمل ۽ عقل وسيلي سماج جي هڪ ڪاگر فرد واري زندگي گذاري.

 

ڊاڪٽر الهداد جِي هڪ پورهيت گھر ۾ پالنا ٿي ان ڪري هن پاڻ به پورهيو ڪيو، رونبو ۽ لاب ڪيو ۽ هَرُ ڪاهيو. هن جو پيءُ ڌرتيءَ جو دهقان هيو ۽ نوي سالن جي عمر تائين هن پگھر جو پورهيو ڪيو. الهداد عرف دادو اڃا ٻار ئي هيو جو سندس وڏن گھوگھاري کي ڇڏي تعلقي وارهه جي هڪ ڳوٺڙي پيچوهن ۾ پکڙا اڏيا. هو هڪ مضمون ۾ پنهنجي ڳوٺ جي جاگرافي ٻڌائيندي پنهنجي ٻالپڻي کي هن طرح ياد ڪري ٿو: ”ڳوٺ جي جاگرافي سنڌ جي هڪ روايتي ڳوٺ جي جاگرافي جهڙي آهي. وچ ۾ هڪڙو دڙو آهي ۽ پوءِ ان جي آس پاس هيٺاهينءَ ۾ يا لاهيءَ ۾ اسان ماڻهو رهون ٿا..... جڏهن آئون پنجن ڪي ڇهن سالن جو ٿيس تڏهن مون کي گھر جي ڀرسان ملا مڪتب ۾ پڙهڻ ويهاريائون. سائين ميان محروم حافظ محمد شاهه.... منهنجو پهريون استاد بڻيو. روئڻو ۽ ڊڄڻو آءٌ (دادو) ٻوهين جو ٻار. پهريان قرآن جي تعليم وٺندو هوس، پوءِ سنڌي چار درجا به هن ئي ملا اسڪول ۾ پڙهيم. جسم ۾ تمام هلڪو هوس، تيسر ۽ ڪرودي هوس، بيمارين جو شڪار هوس.“ (4) ٻوهيي پنهنجي انهيءَ مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته ”مٿاهين واري هنڌ تي اڳ واڻيا، پوءِ پيچوها ۽ ڀر پاسي سيد رهندا هئا.“ (5) ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اهو هڪ طبقاتي سماج هيو، جتي اوچ نيچ رڳو ذات جي بنياد تي ئي نه پر معاشي حالتن جي لحاظ کان به محسوس پئي ٿي. غريب کي هيٺاهينءَ تي رهڻو آهي ۽ امير کي مٿاهين هنڌ تي، جيئن ڪا ٻوڏ وغير اچي ته به غريب مري. ٻوهيي کي اها اوچ نيچ ڪنهن به صورت قبول نه هئي، تنهن ڪري ننڍي لاءِ کان ئي هو پنهنجي ماحول کان باغي هيو.

پرائمري تعليم بعد ٻوهيي صاحب وڳڻ ۽ نصيرآباد جي اسڪولن ۾ مڊل تائين تعليم حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ سن 1953ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪئي. انٽر وري سروري ڪاليج هالا مان ڪيائين. ان کان پوءِ ڊاڪٽر ٻوهيي باقي سموري تعليم نجي طور حاصل ڪئي. هن جو چاهه ته معاشيات جي مضمون ۾ هيو پر هن ايم اي انگريزي ادب ۽ پي ايڇ. ڊي سنڌي ادب ۾ ڪئي. ان دوران هن پي. ٽي. سي ۽ ايل. ايل بي جون ڊگريون به حاصل ڪيون. ان دوران هن ماستري کان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو ۽ سڄي زندگي درس و تدريس جي انهيءَ شعبي سان لاڳاپيل رهيو ۽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي عهدي تائين رَسيو. اهو سڀ ڪجھ هن کي اڻ ٿڪ محنت ۽ قابليت سبب حاصل ٿيو. هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”جيڪڏهن مان هاريءَ جو ٻار نه هجان ها ته مون ۾ ايڏي قابليت نه هجي ها.“ (6) ڊاڪٽر ٻوهيو ڪم جي معاملي ۾ ڏاڍو چيڙهيالو ۽ مَ ڇَڏو هيو، هُن سرڪاري آفيسن ۾ رڳو ڦرڻي ڪرسيءَ جو مزو نه ورتو پر عملي طور سنڌ جي تعليم جي بهتريءَ لاءِ اپاءَ ورتا ۽ عوام ۾ جاگرتا پيدا ڪئي. ان سلسلي ۾ هن مختلف شهرن ۾ تعليمي سيمينار منعقد ڪرايا ۽ تعليمي نظام جي خرابين جي نشاندهيءَ لاءِ تعليمي ماهرن کان صلاحون ورتيون ۽ تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي کي ڪيئي ڪارائتيون تجويزون ڏنيون.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي ٻه شاديون ڪيون. پهرين گهرواري سندس پڦاٽ هئي، جنهن مان کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، پر ان وفادار جيون ساٿياڻي سان زندگيءَ وفا نه ڪئي ۽ ٽن سالن جي قليل عرصي ۾ ئي سندس انتقال ٿي ويو، جنهن بعد هن ٻي شادي هڪ غير سنڌي پروفيسر سان ڪئي، پر ان عورت سان سندس ازدواجي زندگي ڪا ايڏي بهتر نه رهي، اهڙو اظهار هن پاڻ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو آهي. ٻي گھرواريءَ مان کيس هڪ ڌيءُ جيڪا ڊاڪٽر بڻي ۽ پُٽ هيو جيڪو انجنيئر ٿيو.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ننڍيءَ وهيءَ کان ئي ذهين ۽ زيرڪ شاگرد هيو ۽ سندس لاڙو ٻولي ۽ ادب ڏانهن هيو. هن جي ابتدائي علمي ۽ ادبي تربيت تراب تخلص واري استاد عبد الڪريم ڪئي، جنهن نه رڳو هن کي شعر شناسي جا سبق سيکاريا، لکڻ جا گُر ڏسيا پر انگريزي ٻوليءَ سان به روشناس ڪرايو. ٻوهيي لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي ۽ عاصم تخلص اپنائي شعر چيا. شعر به عام روايتي ۽ رومانوي نه پر سماجي شعور سان ڀرپور ۽ مقصدي. مثال طور سندس هي شعر ڏسو:

کوٽا ماڻهو! تون کوٽو آن: تنهنجو منُ ڀي کوٽو آهي،
تون ان جو ئي پاسو آهين جنهن جي هٿ ۾ سوٽو آهي.

 

پورا ماڻهو! تون پورو آن: تنهنجو مَن ڀي پورو آهي،
تون ان جو ئي دشمن آهين جنهن جو توتي ٿورو آهي.

 

هلڪا ماڻهو! تون هلڪو آن: تنهنجو مَنُ ڀي هلڪو آهي،
تون ان جو ئي پاسو آهين جيڪو تنهنجو پٽڪو لاهي.

 

ڪاڻا ماڻهو! تون ڪاڻو آن: تنهنجو مَنُ ڀي ڪاڻو آهي،
تنهنجي ڳلي ۾ ڳارو آ، پر تنهنجي وات ۾ داڻو آهي.

 

سچا ماڻهو! تون سچو آن: تنهنجو مَنُ ڀي سچو آهي،
تون ئي ان جو پاسو آهين، جيڪو توسان سچو آهي. (7)

الهداد ٻوهيي جو پهريون نظم ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اخبار ”هاري حقدار“ ۾ 50 ــ 1949ع ۾ ڇپيو، جنهن جو ڪريڊٽ سندس دوست قاضي عبد الغفار ڏي وڃي ٿو، جيڪو ابتدائي ڏينهن ۾ سندس ٻيو ادبي سونهون بڻيو. اڳتي هلي هن ڪهاڻين ڏانهن رخ رکيو ۽ ”اسان جا روح ڪٿي آهن؟”، ”منهنجو قلم مري ويو آهي“، ”ميراثين جي گهرن کي باهه لڳي“، ”مان چپ، منهنجا چپ سبيل منهنجي وات ۾ مڱ“، ”منيلا جي روڊ تي“، ”دلربا“، ”تارن ڀري ڪهاڻي“، ”سدا ڀاڳ“ ۽ ”ٻاڄائي“ جهڙيون سماجي حقيقت نگاري واريون ڪهاڻيون لکيون. منهنجي مطالعي مطابق ڊاڪٽر ٻوهيو پهريون ادينب آهي جنهن ڪهاڻي ۽ افساني جي فرق بابت ٻڌايو. هن چيو هو ته ”مان چوان ٿو ته ڪهاڻيءَ کان افسانو وڌيڪ اهم آهي، ڪهاڻي اها آهي ته اسان جيڪو ڪجهه ڏسون ٿا، جيڪي ڪردار ۽ واقعا اسان جي مشاهدي ۾ اچن ٿا اسين انهن کي لکت ۾ آڻيون ٿا. اها ڪهاڻي آهي پر افسانو تمام وڏي ڳالهه آهي....... افسانو اسان کي مستقبل جو شعور ۽ ڪردار ڏئي ٿو. اهو اسان جي شعور جي تمنا بڻجي ٿو.“ (8) هن جيڪي ڪهاڻيون لکيون تن کان سواءِ پاڪيٽ سائيز ۾ ڇپيل انگريزيءَ ۾ لکيل سندس لوڪ ڪهاڻين جو ڪتابچو Tales Retold پڻ اهميت رکي ٿو. ان کان علاوه سنڌيءَ ۾ لکيل سندس مختصر قصي نما ڪهاڻين ۾ ”ڪينجهر ڪيئن ٿي ڳالهائي“، ”مصنف شاهه ۽ وڪيل“ ۽ ”جواني جو موت“ به قابلِ ذڪر آهن. ايترو ئي نه پر ٻوهيي صاحب ڪجھ اسٽيج ناٽڪ به لکيا جيڪي خاص طور لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پيش ڪيا ويا. اهڙن ناٽڪن ۾ ”نوري ڄام تماچي“، ”امرتا“، ”ڳورهين جو قرض“ ۽ ”صبح نه ٿي سگهندو“ شامل آهن. ان سڄي پوتاميل مان صاف ظاهر آهي ته ڊاڪٽر ٻوهيي لکڻ جو آغاز تخليقي ادب سان ڪيو ۽ جھجھو تخليقي پورهيو هن جي ڪريڊٽ تي موجود آهي، پر سنڌي ادب ۾ هن جي سڃاڻپ جو حاوي حوالو هڪ عالمَ ۽ محقق وارو آهي.

”ڊاڪٽر الهداد جو محقق ۽ نقاد وارو حوالو، علمي ۽ ادبي حلقن ۾ وڌيڪ معتبر ۽ مسلم آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي تحقيقي ۽ تنقيدي کيتر ۾ جنهن عرق ريزي، محنت، جاچنا، سائنٽيفڪ ۽ مدلل طريقي سان ڪم ڪيو آهي، ان سان سنڌي ادب جي تحقيق ۽ تنقيد وارن شعبن ۾ نه صرف فڪري ۽ فني وسعتن جنم ورتو آهي، پر تحقيق ۽ تنقيد جي علمي ۽ پروفيشنل اصولن جا پختا معيار ۽ بنياد پڻ ڀرپور ۽ واضح نموني سان عيان ۽ اجاگر ٿيا آهن.“ (9) ڊاڪٽر ٻوهيي لاءِ هڪ عام راءِ اها به آهي ته ’هو هڪ مشڪل پسند ليکڪ آهي ۽ هن ادب جي ڳوڙهن ۽ دقيق موضوعن تي لکيو آهي.‘ مان سمجھان ٿو ته ڊاڪٽر ٻوهيي جي لکڻين جي اها ئي انفراديت آهي. هو جڏهن اعلى علمي سطح تي نج سائنسي انداز ۽ تحقيق جي مڃيل اصولن مطابق ڳالهه ڪري ٿو ته اسان مان کوڙ سارن جي مٿي جي مٿان ٿي گذري وڃي. حقيقت اها آهي ته ڊاڪٽر ٻوهيي تحقيق ۽ تنقيد جي مروج اصولن سان گڏ نئين جهتن تي به روشني وڌي ۽ لسانيات جي موضوع تي جديد سائنسي انداز ۾ لکيو. هن تنقيد جي علمي ۽ نظرياتي پاسن جي کوج ڪئي ۽ پنهنجين لکڻين ۾ ادب ۽ سماج جي رشتي ۽ اديب جي سماجي ذميداري جهڙن موضوعن کي اهميت ڏني.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو پي ايڇ. ڊي وارو مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جڏهن 1977ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ته تيسيتائين اهو ان موضوع تي ايشيائي ٻولين مان ڪنهن ٻوليءَ ۾ لکيل پهريون مقالو هيو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ٻوليءَ جي سماجي ڪارج جي سوال تي ٻوهيي صاحب لکيو آهي ته ”اها ڳالهه هاڻي دنيا جي سڀني عالمن وٽ مڃيل آهي ته ٻولين جو هرڪو ڪارج هڪ سماجي ڪارج آهي، پر جدا جدا سماجن جون تقاضائون، اخلاقي قدر، معيار، سياسي ۽ سماجي رجحان ۽ ادبي مقصد ۽ لاڙا جدا جدا ٿين ٿا. ان ڪري هر سماج جي ٻوليءَ جو ڪردار به نرالو ۽ جدا جدا ٿئي ٿو. ان ڪري اسان جي سامهون به سوال رڳو اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج ڪهڙو آهي. ٻين لفظن ۾ هيءَ تحقيق انهيءَ مقصد تحت ٿي رهي آهي ته اسان معلوم ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس مان اسان پنهنجي سماج جي نفسيات، معاش، اقتصاد، سياست، تاريخ، حياتيات، مذهبي عقيدي ۽ ڏاهپ جي باري ۾ ڪهڙو رايو قائم ڪري ٿا سگهون. سماجي لسانيات جي مڃيل اُصولن مطابق هن قسم جو اڀياس اهو آهي جنهن کي بياني سماجي لسانيات (Descriptive Socio-linguistics) ٿو چئجي.“ (10) پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل اها ٿيسز سماج، ٻولي ۽ ڪلچر، سنڌي ٻوليءَ جو ادب ۽ ان جو سماجي اڀياس، روز مره واري سنڌي ٻولي ۽ ان جو سماجي اڀياس، اشارن واري ٻوليءَ جو اڀياس ۽ علم ـــ معنى ۽ ان جي سماجي حيثيت جهڙن اهم عنوانن تي مشتمل آهي. پهرين ٻن ڀاڱن ۾ الڳ الڳ عنوانن وارا باب مقرر ڪيا ويا آهن، ائين ڀاڱي پهرين ۾ پنج باب ۽ ڀاڱي ٻئي ۾ چار باب شامل ڪيا ويا آهن، انهن مان هر هڪ باب جا وري ڪيئي ذيلي عنوان آهن. جڏهن ته پوين ٽن ڀاڱن ۾ ننڍا عنوان ڏنا ويا آهن. ڀاڱي ٽين ۾ پنجويهه عنوان، ڀاڱي چوٿين ۾ يارنهن عنوان جڏهن ته ڀاڱي پنجين ۾ پنڌرنهن ننڍا عنوان موجود آهن.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي اها ٿيسز پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن وٽ اڻ ڪٿيو علم موجود آهي ۽ ٻوليءَ بابت اڻ ڳڻيا سوال. هن انهن سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ لاءِ دنيا جهان جا ڪتاب کوليا ۽ بيشمار حوالا گڏ ڪري ۽ تحقيق جو نئون طريقو اپنائي منجھيل سُٽ جهڙن انهن سوالن کي سلجھائڻ جي سعي ڪئي. مختصر طور ائين چئي سگھجي ٿو ته ٻوهيي صاحب جي هي ٿيسز سماج، ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي سٻڌ ۽ گھڻ رخي تحقيقي مطالعي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻولي، ادب ۽ ان جي سماجي ڪارج بابت نهايت جزياتي اڀياس پيش ڪيو آهي. جامي چانڊيي درست لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر ٻوهيو ڇاڪاڻ ته هڪ عالم ۽ دانشور اديب هو، ان ڪري هن سمجهيو ٿي ته جيسين دنيا جي سمورن فڪري ڌارائن کي سنڌي ادب ۾ اچڻ جا لنگهه نه ڏبا ۽ سنڌي ادب کي فڪري طرح دنيا جو سجاڳ ۽ فلسفياڻو شعور رکندڙ ادب نه بڻائبو، تيسين اسان جو ادب پنهنجي سماج لاءِ ڪنهن به وڏي تبديليءَ ۽ رهبريءَ جو سبب نه بڻبو. ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي هن جي ريسرچ جو مُحرڪ به اِهو هو.“ (11)

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي پنهنجي زندگيءَ ۾ تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان جيڪو پورهيو ڪيو، اهو اڪيڊمڪ ۽ بنيادي جو نوعيت جو هيو، جنهن سنڌي ادب کي نوان بنياد فراهم ڪيا. مثلاً جيڪڏهن سندس ڪتاب ”تنقيدون“ جو جائزو وٺبو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اهو ڪتاب تنقيد جي موضوع تي هڪ بنيادي نوعيت جو ڪتاب آهي، جيڪو عالمن ۽ اديبن سان گڏ سنڌي ادب جي شاگردن کي به ضرور پڙهڻ کپي، جيئن تنقيد بابت سندن Concepts واضح ٿين. ان ڪتاب بابت هن پاڻ به چيو آهي ته ”اهو ڪتاب مون يونيورسٽيز جي لاءِ لکيو آهي ۽ يونيورسٽيز جي نصاب ۾ موجود آ ۽ ادب جي پرچي ۾ ان ڪتاب جو اڀياس ضروري ٿي پيو آ.“ (12) عام طور سنڌي ادب ۾ تنقيد کي بدعت سمجھيو ويندو آهي ۽ نقاد کي تخليقڪار جو دشمن. ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. ٻين سببن سان گڏ شايد اهو رويو ان ڪري به پيدا ٿيو آهي جو اڌ پڙهيا نقاد تنقيد جهڙي شعبي ۾ ٽپي پيا آهن ۽ پٽڪا ڊاهه کي تنقيد چئي تضحيڪ جي ڪم ۾ رُڌل آهن. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو اسان وٽ اڃان اڪيڊمڪ تنقيد جو تصور اڀري نه سگھيو آهي. اصل ۾ تنقيد هڪ فن آهي، مان ته ان کي ادب جو روح سمجهندو آهيان. تنقيد کي هڪ فن طور سمجھڻ لاءِ ڊاڪٽر ٻوهيي جو ڪتاب ”تنقيدون“ نهايت ڪارگر آهي. اهو ڪتاب 1980ع ڌاري شايع ٿيو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ئي ٻوهيي صاحب هن ڪتاب لکڻ جا چار محرڪ ٻڌايا آهن. ”هن تحرير ۾ مون اها ڪوشش ڪئي آهي ته ادبي تنقيد جي سوال تي مان بنيادي خيالن ۽ نظرين کي گڏ ڪريان..... ٻيو محرڪ اهي دوست آهن، جن جون بي انتها تحريرون ۽ بي انداز لکڻيون، ادبي ڇنڊڇاڻ جون منتظر آهن....... ٽيون محرڪ منهنجا اهي شاگردن آهن، جن مان گهڻا هاڻي مون کان بهتر اديب ۽ پڙهيل ماڻهو آهن..... منهنجيءَ هن تحرير جو چوٿون محرڪ سنڌ جا اهي معتبر نقاد ۽ انهن جا رايا آهن، جي مضمونن ۾ ۽ ڪتابن ۾...... تحريرن ۾ موجود آهن.“ (13)

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي پنهنجي هن ڪتاب ”تنقيدون“ ۾ ادبي تنقيد جو پس منظر بيان ڪرڻ بعد دنيا جي وڏن عالمن، مفڪرن ۽ نقادن جي راين جي روشنيءَ ۾ ادب جي ڏهن تنقيدي پهلوئن تي نهايت جامع ۽ مدلل انداز ۾ لکيو آهي. جن ۾ نظرياتي، اخلاقياتي، مذهبي، نفسياتي، جمالياتي، سماجياتي، افادياتي، عملي، ذاتي يا شخصي تنقيد ۽ نئين تنقيد شامل آهن. ڊاڪٽر ٻوهيي هن ڪتاب وسيلي سمجهائڻ چاهيو آهي تنقيد ادب جو هڪ جدا شعبو ۽ الڳ علم آهي. هو تنقيد کي هنرمندي نه پر علم ڄاڻائي ٿو. تنقيد بابت وضاحت ڪندي اهڙو اظهار هن پنهنجي هڪ انٽويو ۾ به ڪيو هو. هن جو چوڻ هو ته ”تنقيد ڪا هنرمندي ڪانهي، پر تنقيد هڪ علم آهي، هنر ۽ علم ۾ هڪ فرق ٿئي ٿو. هنر هڪ ڪاريگري آهي، جنهن جا گُرَ سکبا آهن ۽ پوءِ ان مطابق ڪا شيءِ پيدا ڪبي آهي، پر علم جيڪو آهي، سو اصولن جا بنياد رکي ٿو..... مان ذاتي طور تنقيد کي ڪو وقت گذارڻ يا ڪا ادبي چيز پيدا ڪرڻ جو سبب نه ٿو سمجھان.“ (14) هن ڪتاب وسيلي هن کي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي هڪ وڏي عالم جي حيثيت ۾ سڃاتو ويو ۽ اصل ۾ سندس خواهش به اهائي هئي. ٻوهيو صاحب هڪ مشڪل پسند اديب هيو، جنهن جو اظهار هن ڪيترن ئي موقعن تي ڪيو. ڪتاب ”تنقيدون“ جي حوالي سان به هڪ ڀيري هن چيو هو ته ”جيئن ته مان هميشه مشڪل پسند ماڻهو رهيو آهيان، ان ڪري پاڻ کي تڪليف ۾ وجهندو آهيان ۽ پوءِ لوڙيندو به آهيان، پوءِ ان جي باري ۾ جيڪو ڀوڳڻو پوندو آهي ان کي ضروري به سمجهندو آهيان. مون سوچيو جي پروفيشنل تنقيد ڪندس ته پوءِ ڪنهن جي تعريف ڪبي، ڪنهن تي تنقيد ڪبي. ڪنهن جي خلاف ڪو لفظ نڪري يا لکجي ويندو ته پوءِ ڏاڍي ٿيندي. ان ڪري ڪم اهڙو ڪجي، جو ڪنهن کي جواب ڏيڻ جي ضرورت پيش نه اچي...... مون تنقيد جو مشڪل رستو اختيار ڪيو ۽ پروفيشنل تنقيد کي ڇڏي علم تنقيد تي لکڻ شروع ڪيو. مون نه ٿي چاهيو ته ماڻو مون کي تنقيدنگار سڏين، پر جي آئون ڪجهه ڄاڻان ٿو ته ماڻهو مونکي تنقيد جو عالم سمجھن.“ (15)

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ڪو روايتي اديب ۽ لڪير جو فقير نه هيو، هن ادب ۽ ساهت جي سنسار جا نوان آڪاس پَسيا هئا، تنهن ڪري هن چاهيو ٿي ته سنڌي ادب پڙهندڙن تائين به انهن نون آسمانن جون رنگينيون پهچائجن. هن جي نظر رڳو ادب جي فني، نظرياتي ۽ تنقيدي پاسن تي نه هئي پر ادب جي فڪري پهلوئن تي به هن جي گھري نظر هئي، ان جو عملي مثال سندس ڪتاب ”ادب جا فڪري محرڪ“ آهي. هي ڪتاب 1984ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ سنڌي ادب جي قارئين وٽ بيحد مقبول ٿيو. ان جا ڪيئي سبب هيا. مثلاً ٻوهيي صاحب هن ڪتاب ۾ سماجي، مذهبي، سياسي، فڪري ۽ نظرياتي سوالن کي ڇيڙي حياتياتي ۽ انسان جي ارتقائي نظرين ۽ فڪري رجحانن تي جيڪا روشني وڌي آهي ان سان پڙهندڙن جي ذهن جون دريون کلن ٿيون. هي ڪتاب پنهنجي موضوع يا Content جي لحاظ کان هڪ ڀرپور ڪتاب آهي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ٻوهيي ان جي مهاڳ ۾ ڪتاب جي موضوعاتي اڻ پورائي ۽ تشنگيءَ جو بارها اظهار ڪيو آهي، جنهن جو سبب شايد اهو به هجي جو جيڪو ليکڪ وسيع نظر ۽ وسيع مطالعو رکندڙ هوندو آهي، اهو پنهنجي ڪم جو ڪئنواس به وسيع رکندو آهي ۽ کيس ئي اندازو هوندو آهي ته اهو موضوع ڪيترو اهم ۽ ڪشادو آهي. هن جا پنهنجا لفظ آهن ته ”منهنجو ڪم اهو هو ته مان انهيءَ خيال، فڪر، نظريي ۽ ويچار جو هڪ مختصر بيان ڪريان، جيڪو ادب سان لاڳاپي ۾ رهيو هجي ۽ جنهن ادبي تحريرن تي اثر ڪيو هجي. پر رڳو هي ’ڪمڙو‘ به ادارن ۽ بورڊن جي ڪرڻ کان به وڏو ڪم آهي. هي ڪم به ته ادب جي تاريخ ۽ فڪر جي تاريخ جو هڪ گڏيل ڪم آهي! هن حالت ۾ آءٌ رڳو ”مختصر جي مختصر“ تائين سوچي ۽ لکي سگھيو آهيان، جو مان رڳو ايترو ئي ڪري ٿي سگھيس.“ (16) ڊاڪٽر ٻوهيو انهن اديبن ۽ عالمن مان نه هيو جيڪي لکڻ کي به هڪ فارملٽي وانگر نڀائيندا آهن، تنهن ڪري هن جڏهن به قلم کنئيون ته پڙهندڙن جا Concepts چٽا ڪيا ۽ اصل ۾ اهو ئي وڏو ڪم آهي.

ڪتاب ”ادب جا فڪري محرڪ“ جا ڪُل يارنهن عنوان آهن، ٻين لفظن ۾ يارنهن باب آهن ۽ هر هڪ باب ۾ ڪيئي ذيلي عنوان شامل آهن. انهن بابن ۾ مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ، ادب جو فڪري پس منظر، يونان ۽ روم جو عظيم ادب، مشرق جا عظيم ڪتابَ، حياتياتي فڪر، ارتقا جي نظريي جا فڪري رجحان، ادبي فڪر جا تاريخي رجحان، فڪر ۽ فلسفو، ويهين صدي ۽ عقلي ڇنڊ ڇاڻ جو دور، ادب ۽ ڪرداريت ۽ سماجي تبديلي شامل آهن. اهڙي طرح پهرين باب جا ذيلي عنوانَ ’زنده انسان سوچي ٿو‘ ۽ ’زنده سماج سوچي ٿو‘ ئي ايترا ته پُر ڪشش آهن، جيڪي پڙهندڙ کي هن ڪتاب کي وڌيڪ پڙهڻ جي دعوات ڏين ٿا. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي ادب ۽ فڪر جي تاريخي ۽ ارتقائي صورتگري کان سواءِ عقليت پسندي، روشن خيالي، ادب جي ترقي پسند ۽ قوميت وارن نظرين، مٿ، فلسفي ۽ تاريخ، زندگي ۽ فطرت، وجوديت ۽ مارڪسيت جهڙن ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي روشني وجھندي ادب ۽ فڪر جي دنيا کي پڙهندڙن جي اڳيان رکيو آهي. هن ادب جا فڪري محرڪ بيان ڪندي هر عنوان تي تحقيق ۽ استدلال سان لکيو آهي. ”هن ڪتاب ۾ ٻوهيي صاحب ٻُڌايو آهي ته يوناني شاعر هومر ۽ سافو، اسڪائيليس، سوفوڪلس يا يورپيڊس کان وٺي ويندي برهمڻن جي ويدن، گوتم ٻُڌ جي ڌمپدا، ڪنفيوشس، ذرتشت، روم ۽ مشرق جي عظيم ادبي شاهڪارن تائين، دنيا جو اصلوڪو عظيم ادب دراصل پنهنجي پنهنجي دؤر جي اعليٰ شعور ۽ فڪر جي پيداوار هو. ويندي جديد دؤر ۾ ڊارون ۽ ميڪڊوگل جي حياتياتي فڪر کان وٺي هيگل جي عقلِ سليم ۽ حقيقت پسندي، روسو جي ”سماجي عهدنامي“ ۽ مارڪس جي جدلياتي ۽ تاريخي ماديت ۽ سارتر جي وجوديت جي فلسفي، ادب تي غير معمولي اثر مرتب ڪيا آهن ۽ دنيا جو ڪوبه ادب پنهنجي هم عصر فڪري نظامن ۽ محرڪن کان لاتعلق رهي نٿو سگهي.“ (17)

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي ادب جي فني ۽ فڪري پهلوئن توڙي تنقيد جي عالمي اصولن ۽ معيارن متعلق سڄا سارا ڪتابَ لکيا. هن جو اڪثر ڪم ڪتابي صورت ۾ ئي ملي ٿو، ڇوته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ جنهن موضوع کي ڇُهيو اهو ايترو ته اهم هيو، جو گھٽ ۾ گھٽ ان تي هڪ ڪتاب لکڻ ضروري هيو. ٻوهيي صاحب جا اهي سمورا ڪتاب پنهنجن پنهنجن موضوعن جي لحاظ کان نهايت اهم آهن. ”علم تحقيق“ سندس اهڙن ئي ڪتابن ۾ شامل آهي، جيڪو 1990ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ ڪتاب محققن، عالمن، اسڪالرن ۽ تحقيق جي شعبي ۾ پير پائيندڙ شاگردن لاءِ نهايت ڪارگر آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي لفظ ”تحقيق“ جي معنوي وسعت کان وٺي، ان جي ڪارج ۽ قسمن توڙي علمي ۽ فني رخن تي نهايت عالماڻي انداز ۾ روشني وڌي آهي. هن ڪتاب ۾ ٻوهيي صاحب تحقيق جي مروج اصولن جي اوک ڊوک ڪرڻ سان گڏ، دنيا ۾ تحقيق جي نظرين توڙي پرک ۽ پروڙ جي نون رجحانن تي به ڀرپور نموني ڳالهايو آهي. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل ۽ ڪيترن ئي ننڍن ننڍن عنوانن ۾ ورهايل آهي، جن وسيلي ڪتاب جي موضوع جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ تحقيق جو مختصر تاريخي جائزو پيش ڪرڻ سان گڏ تحقيق هڪ سماجي علم، سائنس ۽ ريسرچ، تعليمي تحقيق، تواريخي تحقيق، اظهاري تحقيق، تجرباتي تحقيق، علم ۽ علم تحقيق، علم تحقيق جو قانون، علم تحقيق جي سائنسي حيثيت، تحقيق جا علمي، بنيادي ۽ ثانوي وسيلا، تجرباتي تحقيق، ريسرچ ۽ سائنسي طريقا، تحقيق جي علم جي اخلاقيات، تحقيق ۾ غور ۽ فڪر جو مقام، علم تحقيق ۾ طريقي جي اهميت، سماجي، سائنسي، طبعي ۽ حياتياتي علوم ۽ تحقيق جو دائرو کان علاوه ٻين به کوڙ اهم موضوعن تي ڀرپور روشني وڌي وئي آهي.

ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر ٻوهيي انسائيڪلوپيڊيا آف سوشل سائنسس جو حوالو ڏيندي تحقيق (Research) بابت لکيو آهي ته ”تحقيق شين، تصورن ۽ اهڃاڻن جي انهيءَ بندوبست (Manipulation) جو نالو آهي، جنهن جو مقصد عمومي نتيجا ڪڍڻ هجي ۽ جنهن جي مدد سان ڪنهن علمي مواد کي وڌائي، درست ڪري سگهجي ۽ ان جو جائزو وٺي سگهجي، پوءِ اهو علمي مواد سائنس سان تعلق رکندو هجي ۽ ڪنهن نظريي جي ٺهڻ ۾ مدد ڪندو هجي يا ڪنهن آرٽ جي استعمال سان.“ (18) اهڙي طرح تحقيق سان لاڳاپيل جھجھو مواد هن ڪتاب ۾ موجود آهي ۽ هي ڪتاب تحقيق بابت اسان جي بنيادي Concept کي Clear ڪري ٿو ۽ مان سمجهان ٿو ته ٻوهيي صاحب جو هي علمي ۽ تحقيقي پورهيو سنڌي ادب ۾ خاص اهميت رکي ٿو.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو گھڻو سنجيده ڪم ته ڪتابن جي صورت ۾ پڌرو ٿي چڪو آهي پر سندس ٽڙيل پکڙيل مضمون ۽ مقالا به نهايت اهميت وارا آهن. انهن مقالن مان، آءٌ رڳو سندس هڪ خاص مقالي جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان، ڇوته اهو مقالو خود اصل ۾ هڪ ڪتاب جي  ئي برابر آهي. اهو مقالو ”شعر جي اڀياس جا نوان طريقا“ جي عنوان سان 1978ع ڌاري ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ٽن قسطوار شايع ٿيو ۽ ان کي 2007ع ۾ جامي چانڊيي ”ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري“ واري اينٿالاجي ۾ به شامل ڪيو. هن جامع مقالي ۾ ٻوهيي صاحب، عڪس جي اهميت اجاگر ڪندي ادب ۾ عڪسيت، عڪسيت جي نفسياتي حيثيت، ادب ۽ عڪسي مشاهدي جهڙن موضوعن تي روشني وجھندي ڀٽائي جي ڪلام مان مثال ڏنا آهن. اڳتي هلي هن نشان، علامت ۽ اهڃاڻ کي واضح ڪندي ’ٻوليءَ جي مابعد الطبعيات‘ تي ڳالهايو آهي. هن مقالي جو خاص موضوع شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فن سان لاڳاپيل آهي. ٻوهيي صاحب فن جي تارازيءَ ۾ شاهه جي ڪلام کي توري شعر جي فني اڀياس جا مثال ڏنا آهن. انهيءَ اڀياس کي تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ ۾ مڪمل ڪيو. هن مقالي جو هڪ شاندار حصو شاعري ۽ تاريخ جي حوالي سان پڻ لکيل آهي. جامي چانڊيي لکيو آهي ته ”هن (ڊاڪٽر ٻوهيي) ”شعر جي اڀياس جا نوان طريقا“ جي عنوان سان هڪ شاهڪار مقالو لکي واضح ڪيو ته عظيم شاعري توڙي عمومي شاعريءَ جو اڀياس ڪيئن ڪجي؟ عمرانياتي، تاريخي، فطري ۽ فڪري پس منظر، ڪرداريت، قدرن، تصورن ۽ ٻوليءَ جي نسبت سان لکيل اهو عالماڻو مقالو شعر ۽ ادب جي اڀياس لاءِ نوان گَسَ ۽ اُصول متعين ڪري ٿو.“ (19)

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي انتقال بعد هن وقت تائين سندس ٻه ڪتابَ منظرِ عام تي آيا آهن. پهريون ”ٻوهيي جون تحريرون 1“ (1994) جنهن کي ناز سنائي ترتيب ڏنو ۽ ٻيو ”سنڌي ٻولي بابت مضمون ۽ مقالا (جلد iii) (2008) جنهن کي آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏنو. پهرين ڪتاب ۾ ٻوهيي صاحب جا ٻه مضمون ”هلون ته موٽي ڳوٺ هلون“ ۽ ”ڪئمپ ۾ ٻه ٽي ڏينهن“ کان علاوه مختلف ادبي رسالن کي ڏنل سندس پنج انٽرويو ۽ ”انقلابيات جون تقاضائون“ جي عنوان سان نجم عباسي سان گڏ مذاڪرو ۽ پنج ڪتابن تي لکيل سندس مهاڳ توڙي سندس ٻه تقريرون شامل آهن. ڊاڪٽر ٻوهيي جي زندگي ۽ ڪم کي سمجھڻ لاءِ هي ڪتاب بنيادي رهنمائي ڪري ٿو. خاص طور هن ۾ شامل انٽرويو ڏاڍا اهم آهن. جڏهن ته سندس ٻيو ڪتاب ”سنڌي ٻولي بابت مضمون ۽ مقالا (جلد iii) خالص علمي ۽ تحقيقي ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٻين مقالن ۽ مضمونن سان گڏ هڪ مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪردار“ به شامل آهي. اصل ۾ اهو ئي اهو مضمون آهي، جيڪو سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز لکڻ جو سبب بڻيو. انهيءَ مضمون ۾ هن اها اهم ڳالهه لکي ته ”ٻولي پنهنجي سماج جي سڀني ماڻهن (Social Groups) جي من (Mind) ۽ ذهن (Thinking) جي اها تحريڪ آهي، جيڪا پاڻ سدا جوان ۽ سدا سرگرم رهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو چين جي ديوار کان چين جي ٻولي گھڻو برتر آهي..... ٻولي سماج جي سچي ۽ امر قوت آهي، جا سماج جي زندگي جي ضمانت طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان جو واسطو سماج جي سڄي زندگيءَ سان آهي ۽ نه هڪ دور جي زندگيءَ سان.“ (20) اِهي ئي اُهي بنيادي ڳالهيون هيون جن کي ان دور جي عالمن ساراهيو ۽ ٻوهيي صاحب کي ان موضوع تي تحقيقي ڪم لاءِ اتساهيو. هن ڪتاب ۾ ان مضمون کان علاوه ٻولي، ڪلچر ۽ لسانيات جي جديد نظرين جي حوالي سان ٻيا به ست پُر مغز مضمون ۽ مقالا شامل آهن.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي سڄي ڄمار علمي ادبي ۽ تحقيقي پورهيو ڪندي ۽ تعليم جي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏيندي گذاري. هن جو علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ڏسندي محسوس ٿئي ٿو ته هن جو قلم ڪڏهن به ڪين ٿَڪيو ۽ هن مشڪل کان مشڪل ڪم کي به هٿ ۾ کڻي تڪميل تي پهچايو. هن وقت تائين هن جو جيڪو تخليقي، تحقيقي ۽ تاريخي ڪم سامهون آيو آهي، ان کان علاوه به ڪجھ ٽڙيل پکڙيل مواد آهي، جنهن کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي. خاص طور هن جا ڪجھ مضمون ۽ مقالا جن ۾ ”سنڌي ادبي تاريخ لکڻ جا اُصول“، ”سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ان جا مسئلا“، ”تاريخي واقعيت جو نظريو“، ”نئون رويو“، ”تنوير عباسي ۽ ورڊس ورٿ“، ”دڙو، دڙائي ۽ دڙائپ“ وغيره اهم آهن، جن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ جي گھرج آهي. ان کان علاوه سندس تقريرون ۽ صدارتي خطبا پڻ نهايت ڪارگر آهن، جن کي پڻ Transcribe ڪرائي ڇپائڻ جي ضرورت آهي.

”ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو وسيع دماغ جو ڌڻي، جھجھي بصيرت رکندڙ ۽ مستقبل بين ماڻهو هو. هن سڄي زندگي پڙهيو، پروڙيو، پاڙهيو ۽ پوءِ ان جي پوري سچائي، سُچيتائي ۽ روشن خياليءَ سان پرچار به ڪئي. هُن عمر ڀر علم ۽ عمل جي روشنيءَ سان سنڌي ماڻهن جي سوچ ۽ سينن ۾ سجاڳي ۽ جاگرتا جي جوت جلائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو.“ (21) ڊاڪٽر ٻوهيو هن بيقدري سماج جو هڪ اهڙو ڪردار هيو، جنهن کي ڪو به سجاڳ سماج پنهنجو رول ماڊل بڻائي سگھي ٿو. هن جي سٺ ساله متحرڪ زندگي قابلِ قدر، قابلِ رشڪ ۽ بي مثال هئي. اڄ هن کي ياد ڪندي ۽ هي مقالو پورو ڪرڻ وقت منهنجي ذهن ۾ هڪ شعر اچي ٿو:

ايک روشن دماغ تھا نه رها

شهر ميں اک چراغ تھا نه رها.

 


 

حوالا

 

1.      سنائي ناز (مرتب) ”ٻوهيي جون تحريرون 1“ سنڌي ساهت گھر، حيدرآباد 1994ع ص 63 ۽ 65

2.      چانڊيو جامي ”سندي جوڳيان ذات“ پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرس ڪراچي، ڊسمبر 2016ع ص 147

3.      سنائي ناز، حوالو ساڳيو ص 58

4.      ساڳيو ص 16 ۽ 17

5.      ساڳيو ص 17

6.      ساڳيو ص 174

7.      الهداد (عاصم) ٻوهيو فيس بڪ پيج تان ورتل

 (https://www.facebook.com/DrBohio/photos/a.683717671645093/1748404881843028/?type=3&theater)

8.        سنائي ناز، حوالو ساڳيو ص 109

9.        دانش احسان (مرتب) ”ويل نه وسريام“ (مقالو: هڪ دانشمند ۽ صاحبِ بصيرت قلمڪار، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ـــ فياض لطيف)، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي 2006ع ص 194

10.     ٻوهيو الهداد ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1978ع ص 10

11.     چانڊيو جامي، حوالو ساڳيو ص 156

12.     سنائي ناز، حوالو ساڳيو ص 38

13.     ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ”تنقيدون“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1980ع ص 8

14.     سنائي ناز، حوالو ساڳيو ص 69

15.     ساڳيو ص 71

16.     ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ”ادب جا فڪري محرڪ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو 2013ع ص 13

17.     چانڊيو جامي، حوالو ساڳيو ص 60 ــ 159

18.     ٻوهيو الهداد ”علم تحقيق“ نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد، ٻيو ايڊيشن فيبروري 1999ع ص 27 ۽ 28

19.     چانڊيو جامي، حوالو ساڳيو ص 158

20.     ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد iii)“ سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، ص 126 ۽ 127

21.     دانش احسان، حوالو ساڳيو ص 197

No comments:

Post a Comment