ڊاڪٽر احسان دانش
سچل سرمست جو آدرشي سماج وارو تصور
۽ سنڌي سماج
سنڌي سماج صدين کان پيڙا جي پاڇولي ۾ رهيو آهي. ڪڏهن ڌارين جا حملا ۽ يلغارون ڪڏهن پنهنجن جا ڪيس. ڪڏهن سنڌي ماڻهن جي سينن تي سنگينون اڀيون ڪيون ويون ته ڪڏهن ڌارين جي گھوڙن جا سنب رکيا ويا. سنڌ جي سڄي تاريخ اهڙن دل خراش واقعن سان ڀري پئي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪهڙو دور آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهوءَ سُک جو ساهه کنئون هجي. جيڪڏهن ڳالهه عرب دور کان شروع ڪجي ته اها پهرين ڪاري ضرب ئي ته هئي، جيڪا سنڌ جي اصلوڪن (Indigenous) ماڻهن پنهنجن ذهنن، ضميرن ۽ جسمن تي سَٺي. سومرن جي صاحبي ۾ به سنڌي ماڻهوءَ کي ڪا سُک جي ڇانوَ نصيب نه ٿي ۽ ڌارين جا ڪَٽڪ سنڌ تي ڪاهيندا رهيا. سما ڄام به پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ عوام کي وساري ويٺا هئا. خاص طور ڄام فيروز جي زماني ۾ سنڌ اندر خانه جنگي ۽ اندروني خلفشار سنڌي سماج کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هڪ ڌاري رهزن شاهه بيگ ارغون کي سنڌ تي قابض ٿيڻ جو موقعو ملي ويو.
ارغونن جي آزارن ۾ سنڌي ماڻهن آهون ڀريندي گذاريو، ان دور ۾ سنڌ مٿان ظلم جي رات هئي، هو ڏاڍا ظالم، رهزن، سفاڪ ۽ قاتل هيا. شاهه بيگ ارغون ۽ شاهه حسن ارغون ڌرتيءَ ڌڻين تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي نشاني بڻجي آيا. ترخانَ وري غاصب ۽ قبضاگير، دهشتگرد، داداگير ۽ قهاري بڻجي قوم تي ڪڙڪيا، ”هوٿي“ ۽ ”نوٿي“ جهڙن جلادن جون تلوارون سنڌي ماڻهن جون سسون ڌڙن کان ڌار ڪنديون رهيون. مغلن مقامي ماڻهن کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي سوگھو ڪري ڇڏيو ۽ کين ساهه کڻڻ جي سهولت به سولي نه نٿي ملي. هن ئي دور ۾ پورچيگيزن ٺٽي تي حملو ڪري وڏي لٽ مار ۽ قتل و غارت گري ڪئي. ڪلهوڙا، مغل سلطنت جا غلامَ ۽ هٿ ٻڌا ٻانها ٿي بيٺا، جنهن جو نتيجو به خلقِ خدا ڀوڳيو. ڌارين جي ڪاهن جو نه کٽندڙ سلسلو ۽ اندروني جهڳڙن جي پاڙ پٽجي نه سگھي. نادر شاهه افغاني، سنڌ کي رت جو غسل ڏياريو، مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪري ظلم جي بازار گرم ڪئي، ميان يار محمد ڪلهوڙي، جھوڪ ڌڻي شاهه عنايت جي سر جو سودو مغلن سان ڪري ”خدايار“ جو لقب حاصل ڪيو، مطلب سنڌ جي ماڻهن کي رَت جا ڳوڙها روئاريو ويو.
ميرن جي صاحبي به سنڌ جي تاريخ جو هڪ تاريڪ باب آهي. ان دور ۾ شاهه شجاع سنڌ تي ٻه ڀيرا ڪاهي آيو، قنڌار کان افغانن جا ڪٽڪ حمله آور ٿيا، جن کي موٽائڻ لاءِ ڏَنُ ڀريو ويو، رنجيت سنگهه جي قهري ڪاهه به هن ئي دور جو داستان آهي، ٽالپرن رتُ ڀنل تلوارن سان تخت نشين ٿيڻ بعد سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي ٽوڙي ٽي ٽڪر ڪيو. هڪڙن شهداداڻي بڻجي حيدرآباد کي تخت گاهه بڻايو، ته ٻيا ملڪاڻي بڻجي ميرپور خاص جا مالڪ بڻيا ۽ ٽيان وري سهرباڻي ٿي خيرپور جا ڌڻي ٿيا. سچل سائين سهرباڻين جي سلطنت ۾ هڪ باغي شاعر ٿي اڀريو. سنڌ تي صدين کان ٿيندڙ ڪلورن جي تاريخ هن جي اکين اڳيان پئي ڦري ۽ جنهن دور ۾ هن ساهه پئي کنيون اهو به سنڌ جي اتهاس جي گذريل ڪڙين کان ڪنهن به ريت مختلف نه هو. هن جڏهن پنهنجي آس پاس پنهنجي سماج ۾ مذهبي شدت پسندي، فرقيواريت، رجعت پسندي، افراتفري ۽ اندروني خلفشار کي اکين پسيو ته پنهنجون اکيون نه پوريون بلڪه جرئت ۽ بيباڪي سان چئي ڏنوته:
مريد ٿيڻ جو خيال نه رکجان، عاشق ٿج نرالو
دين مذاهب، ٻوڙ ٻيائي، مست ڦرج متوالو
مان ۽ تون جي سودي اندر، متان ڪرين ڏيوالو
يا
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،
پاڻ بيگانو مور نه ڄاڻين، آهين يار يگانو
وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شاهانو
سنڌي شاعريءَ ۾ سچل سائين کان اڳ اهڙو کرو لهجو نظر نه ٿو اچي. هن پنهنجي دور جي سمورين مروج ريتن ۽ رسمن کي هڪ ڌڪ سان رد ڪري ڇڏيو. اهي رواج ۽ رسمون طبقاتي سماج کي جنم ڏيندڙ هيون، تنهن ڪري سچوءَ کي اهي ڪنهن به طور قبول نه هيون، هن مردُ ٿي، بيباڪي ۽ بي ڊپائيءَ سان پنهنجي وقت جي طاغوتي قوتن کي للڪاريو، هن بيگانگيءَ کان يگانگيءَ جي پنڌ ۾ پنهنجي اندر مان ٻانهپ جو وهم ڪڍي ڇڏيو. هن کي سماج ۾ ٻانهپ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل ٻانها نه پيا گھرجن. انهيءَ ڪري هن شاهه بڻجڻ وارو خوشناسيءَ جو سبق ڏنو. ان سبق ۾ خودي ۽ اعتماد هيو، ۽ پنهنجي سماج ۾ رائج غلط ڪارين خلاف هڪ للڪار هئي. پنهنجي دور جي Status Quo خلاف ڀرپور آواز هيو. ڪلياڻ آڏواڻي لکيو آهي ته ”سچل جي نظر ۾ ڪنهن جو به ٻانهو ٿي هلڻ هڪ عظيم گناهه آهي. سندس خيال موجب نه رڳو پيري ۽ مخدوميءَ کان ڪنارو ڪرڻ کپي پر خاني ۽ اميريءَ کان به. هن صاحب جي تصور ۾ هڪ اهڙو غيرفرقيوار سماج هيو، جنهن کي هنئر (Classless Society) چيو ٿو وڃي.“ (1)
محترم الطاف اثيم سچل سائين جي دور جو نقشو هنن لفظن ۾ چٽيو آهي ”سچل سائين جي وقت ۾ سنڌ جون سماجي حالتون گھڻيون ابتر ٿي چڪيون هيون. چوطرف بدانتظامي پکڙيل هئي. هڪ پاسي جاگيرداري، زمينداري ۽ عهديداري هئي جن جي زندگي بي انتها عيش ۽ آرام واري ۽ سڀني نعمتن سان ڀرپور هئي. ان طبقي کي ملڪ ۽ ان ۾ رهندڙ مخلوق جي ڪائي پرواهه ڪانه هئي، بس رڳو پنهنجي مدح سرائيءَ واري مئي ۾ مدهوش ۽ شيلن شڪارن ۾ مصروف رهندا هئا. حاڪمن کي حڪمرانيءَ جو نه ڪو هنر هو نه وٽن سماج ۾ سُک ۽ سرهائي آڻڻ جي سوچَ ـــ ٻئي پاسي خوف ۽ بُکَ ۾ ورتل اٻوجھ، غريب هاري ۽ پورهيت هو، جيڪو فقط پيٽ پالڻ خاطر غلاميءَ جي بدترين جڪڙ هيٺ آيل هو. سچل جهڙو همدرد ۽ حساس شاعر خلقِ خدا تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ تي ڏاڍو ڏکايل رهندو هو. هن هيڻن ۽ هيسيل ماڻهن کي زور اڳيان زاريون ڪندي ڏٺو ته محسوس ٿيس ته هي بانڪا بي پرواهه پنهنجي بانور تي اهڙا ته قاعدا ۽ قانون جوڙيون ويٺا آهن، جنهن جي ڪري ويچاري هيٺين طبقي جي حصي ۾ سواءِ حقارت ٻيو ڪجھ نه ٿو اچي.“ (2)
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر لکيو آهي ته ”سچل سرمست جي عمر 88 سال هئي. سندس انهيءَ عمر جي عرصي ۾ (1739ع کان 1827ع) سنڌ ننڍين وڏين 15 جنگين جي هولناڪيءَ جو شڪار رهي. چئني طرفن کان ٻاهريان حملا ٿيندا رهيا. اتر کان سِکَ ۽ پٺاڻ، اولهه کان ايراني ۽ بروهي، اڀرندي کان راجپوت ۽ جوڌپور جا راجا، سنڌ تي مسلسل حملا ڪندا رهيا. جيڪو گھر کان رُسي پيو ته اهو سنڌ تي حمله آور پئي ٿيو! ان کان سواءِ گھرو لڙايون، جن مُلڪ اندر قهرام مچائي ڇڏيو هو. انهن ئي مُلڪي حالتن جي ڪري ملڪ جي ڏتڙيل عوام صوفي درويشن جي خانقاهن ۾ پناهه پئي حاصل ڪئي. سچل سرمست جي ڪلام جو وڏو حصو عوام جي آهن ۽ آزين جي صدائن جي ترجماني ٿو ڪري. ان کان علاوه ملڪي معاملات جي شهه رڳ تي قابض مُلي جي نا اهليءَ تي تنقيد به آهي. انهيءَ ڪري مُلي جي فتوائن کان سنڌ جو هي بزرگ به بچي نه سگھيو. مگر اسان کي اهو وسارڻ نه کپي ته ”حق“ جا وارث موت جي فتوائن ۽ جلادن جي ڌمڪين کان ڪڏهن به خوفزده نه ٿيندا آهن.“ (3) سچل سائين وقت جي قاضي کي به ”حق“ جي اها مئه چکڻ جي صلاح ڏئي ٿو، جنهن سان حقيقي راهه حاصل ٿئي ٿي. اها ئي راهه عوام جي ڀلائي واري راهه آهي ۽ انهيءَ راهه تي هلندي سماج ۾ چڱائي جو ٻج پوکي سگھجي پيو.
قاضي مين سچ آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا!
آءُ پيون هڪ سرڪي مي دي، مول نه ٿيوين مُلا!
”سچل“ جنهن حق حاصل ناهين، راهه ڪنون او ڀلا!
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سچل سائين جنهن وقت ۾ پنهنجي ڪلام وسيلي پنهنجن ماڻهن سان هم ڪلام ٿيو، اهو وقت فڪري انتشار ۽ فرقه پرستي جهڙن مرضن ۾ ورتل هيو. جتي عام ماڻهن جو ساهه اقتدار جي ٻل تي تخت نشين ٿيل بد مست هاٿين جي هٿ هيو. عوام پنهنجي بنيادي حقن کان به محروم هيو. هڪ طرف جاگيردار، سرمائيدار ۽ ظاهر پرست مذهبي پيشوا هڪ ٽه ڪنڊي وانگر هڪ ٻئي سان گڏ بيٺا هئا، جنهن ڪري اقتدار جي ايوانن مان هر قسم جي سهولت ۽ رعايت حاصل هئي ته ٻئي طرف ان دور جي حڪومت، جاگرافيائي ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڪمزور انتظامي ڍانچي سبب دشمن لاءِ ڪاغذي ديوار جهڙي بڻجي پئي هئي، اقتدار ڌڻين کي پنهنجين غلط پاليسين ۽ اندروني جھڳڙن سبب تخت ۽ تاج جي تاراج ٿيڻ جو خوف هر وقت هوندو هيو. اهڙي صورتحال ۾ سچل سائين وقت جو منصور ٿي اڀريو، جنهن جي چپن تي ’ان الحق‘ جو نعرو هيو. مان سمجھان ٿو ته اهو نعرو رڳو منصور حلاج جي سنت ۽ روايت جو تسلسل نه هيو پر خود شناسي ۽ خود اعتمادي جي علامت به هيو. حقيقت ۾ ان دور جي پيڙيل ماڻهوءَ کي اهڙي خود اعتمادي جي ضرورت هئي ۽ وقت جي حاڪمن ۾ جرت نه هئي جو سچل سرمست جي ان بيباڪانه انداز کي روڪي سگھن.
تون ئي مالڪ مُلڪ جو، ٻانهو ڀانءِ مَ پاڻُ
صورت منجھ سُڃاڻ، پاڻ پنهنجو پاڻ کي
”سچل ڄاتو پئي ته سڀ اجاره دار قوتون ماڻهن جي سماجي حقن تي قبضا ڪري ويهي رهيون آهن ۽ هن اهو به ڏٺو پئي ته انهن پنهنجي طاقت جي پاليسي ۽ پئسي جي آڌار تي انساني فطرت تي قابض ٿي، معصوم ماڻهن سان اهڙا ته شاطر ۽ حيوان صفت ٽولا پيدا ڪيا هئا، جيڪي خوبصورت سماج اڏڻ ۾ رڪاوٽ وجھي رهيا هئا. سچل سرمست انهن سمورن سماجي پهلوئن کي سامهون رکي مذهب جي آڙ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني قوتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مذهبي نفيءَ واري تحريڪ هلائڻ تي زور ڀريو.“ (4)
سچل سائين انسان جي عظمت ۽ وقار کي بلند ڪرڻ لاءِ کيس ڪنهن جو به ٻانهو ٿيڻ کي قبول نه ٿو ڪري، ڇوته هن کي غلاميءَ ۽ گدائيءَ وارو تعلق قبول نه هيو، ان ڪري ئي هن بيخوف ٿي چيو هو ته ’ڇوڙ گمان گدائي والا، شملا ٻڌ شاهي دا‘. ”سچل جي دور ۾ جيئن ته سنڌ جا ماڻهو مسڪينيءَ ۽ مظلوميءَ واري حال ۾ هئا، تنهنڪري سندس اندرُ، روح ۽ ضمير ڪيئن پئي قرار ۾ رهي سگھيو! صدين کان دٻاءَ ۾ رهندڙ انهيءَ بي آسرا قوم ۾ باعزت مقام ماڻڻ جي تڙپ پيدا ڪرڻ لاءِ اسان جي هن عظيم رهبر ضروري سمجھيو ته عوامي سطح تي خود رحمي، مايوسي ۽ ويڳاڻپ جو خاتمو آڻجي. اهوئي سبب آهي جو هُن پنهنجي شعر ۾ بغاوت، للڪار ۽ ويڙهه جي اسمن کي معتبر ۽ محترم ڪري رکيو. سچل سائين سنڌ جي صوفي شاعرن ۾ انهيءَ حوالي سان نهايت ئي ممتاز آهي ته هن غير ضروري نماڻائپ ۽ هر وقت طاري رهندڙ معذرت خواهانه انداز جي نفي ڪندي، حق وٺڻ ۽ آزاد ٿي رهڻ لاءِ جرئت ۽ همت جا دلپزير سبق پاڙهيا، ڇاڪاڻ جو کيس اندازو هئو ته اجتماعي احترام ۽ قومي وقار تڏهن حاصل ٿي سگھندو، جڏهن عوام جي گھڻائي بي خوف، هوشيار، تيار ۽ سُجاڳ رهندي.“ (5)
دنيا جا سمورا وڏا شاعر سماج جي درد سان جُڙيل رهيا آهن. هنن پنهنجي آس پاس جي دک کي نه رڳو محسوس ڪيو آهي، پر ڪنهن نه ڪنهن طور ان جو علاج به دريافت پئي ڪيو آهي. هو ان خارجي درد ۽ اذيت مان گذري هڪ اهڙي فڪر ۽ فلسفي کي جنم ڏيندا آهن جيڪو سماج ۾ فيصله ڪن تبديلي جو سبب بڻبو آهي. اهڙا شاعر پنهنجي سماج جا غير معمولي انسان هوندا آهن ۽ اهڙا غير معمولي انسان هميشه ڀيڙ کان ڌار بيٺا هوندا آهن، انهن جو رستو نرالو هوندو آهي، صدين جي غلاميءَ ۾ رهندي ڪڏهن ڪڏهن ڪي قومون پنهنجن زنجيرن سان به پيار ڪرڻ لڳنديون آهن، پر اهڙا غير معمولي انسان انهن زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ ايندا آهن. اهي سماج ۾ مزاحمت ۽ انقلاب جو عَلمُ بلند ڪري، سماجي تبديلي جا نقيب بڻبا آهن. سنڌ ۾ تصوف جي نازڪ نڪتن کي سمجھائيندڙ سوين صوفي نظر ايندا پر اهڙا ڪي چند هوندا جن سماج جي سجاڳيءَ لاءِ هڪ ڌار رستي جي چونڊ ڪئي هجي. شاهه لطيف سوين ورهه اڳ هي بيت چئي ان سجاڳي جي ابتدا ڪئي ته:
اک اُلٽي ڌار، ونءُ ابتو عام سين
جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وَهه اوڀار
ابتائپ جي ان فلسفي کي سچوءَ سولو ڪري سمجھايو ۽ چيو ته ”جتي ماڻهن ميڙ آ، مان تتي ناهيان“ ان ڳالهه کي اڃان به چٽو ڪري وڏي واڪي چيائين:
پُٺيءَ ڄڃ مَ ڄُلُ، منجھ تماشي نه پوين
گھوٽ ڪري تون پاڻ کي، ڪر هنگامو هُلُ،
ڀولَ نه ڪنهن ٻي ڀُل، وٺج حال حلاج جو
حلاجي پنڌ جو پانڌي منصور ثاني، انا الحق جو نعرو بلند ڪندي ۽ ”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون“ چوندي سنڌ ۾ نه رڳو پنهنجو ڌار رند ۽ پنڌ جوڙيو پر سماج جي سڀني ظالم قوتن لاءِ للڪار به بڻيو. هو سماج ۾ سُجاڳي جو سنيهو عام ڪندڙ هڪ عوام دوست شاعر هيو. هن کي ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي پسند نه هئي. خاص طور ان دور ۾ مذهبي منافرت ۽ فرقيوارت زور وٺي چڪي هئي، جيڪا ڳالهه هن کي ڪنهن طرح به نه پئي آئڙي. انهيءَ ڪري هن مذهبن ۽ فرقن ۾ ڦاسڻ کانسواءِ پنهنجي ڪلام ۾ انسان دوستي جو پيغام ڏنو. اهڙو پيغام جنهن ۾ ڪا دوئي ۽ دغا نه هئي. هن وٽ هندو ۽ مومن هڪ ئي صف ۾ نظر اچن ٿا، جن وٽ هڪ ٻئي لاءِ باهمي محبت ۽ احترام آهي. اها محبت ئي انسانيت جي سڃاڻپ آهي، جنهن سان سماج ۾ امن ۽ انسان دوستيءَ جي فضا قائم ٿي سگھي ٿي.
وقت اها ٿي ويل، دوئي دور ڪرڻ جي،
ڪڍ مذاهب من مان، ساجھر ڪر سويل
هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل
متان ٿئي اويل، اولهه سج نه الهي
سچل سائين کي مذهبن کان نفرت نه هئي، پر مذهب جي ظاهرپرست ٺيڪيدارن انهن کي جنهن رنگ ۾ رچي ڇڏيو هيو، تنهن سان مذهبن جو اصل روح متاثر پئي ٿيو، جيڪا ڳالهه سچي سائين کي قبول نه هئي. ان سان سماج ۾ بيچيني ۽ انتشار وڌيو پئي، جنهن ڪري هن وڏي واڪي چيو ته:
مذهبن مُلڪ ۾، ماڻهو منجھايا
شيخي، پيري، بزرگي، بيحد ڀلايا
ڪي نوڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا
اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي
سچل سائين چوي ٿو ته ”عشق لڳئي ته ڪر آمين، نا منجھ ڪفر نا منجھ دين“ ٻي هنڌ چيائين ”ڏسو عشق جو انصاف، سڀئي مذهب ڪيائين معاف“ سچ ته عشق جي ڪائنات واقعي انوکي آهي، صوفين چواڻي ان کي تيستائين تسخير نه ٿو ڪري سگھجي جيستائين پنهنجي ذهن تان عقل جي پردن کي نه ٿو هٽائجي. عقل ڪڏهن ڪڏهن ذات کي ڏات تي مقدم سمجھي ٿو، پر عشق چوي ٿو ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي“ (شاهه) هي ذاتيون پاتيون، رنگ، نسل، مذهب، مسلڪ، قبيلا ۽ فرقا انسان کي ورهائي ۽ ويڇي ڇڏين ٿا. ان ڪري سچل سائين چيو ”اُتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀن کي سلام“ يا ”نا مين سُني، نا مين شيعه نامين ڏوهه ثواب.“ سچل سائين پنهنجو تعارف هن طرح ڪرائي ٿو.
نا مين ملا، نا مين قاضي، نا مين سبق پڙهايان،
نا مين مسجد،نا مين حجرا، اندر پير نه پايان،
نا مين ڪعبه، نا مين قبله، مڪي مول نه جاوان،
نا مين سُني نا مين شيعه، سيد ڪين سڏايان،
نا مين نانڪ نا مين لڇمڻ، گنگا مول نه جاوان،
يار ته ميڏا درس درازي، سچل نانءُ سڏايان
شاهه سائين ٽي سو سال اڳي ”جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تني وٽ“ چئي جنهن سچ کي ساڃاهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اڳتي هلي انهيءَ سچ جي مجسم صورت سچل بڻجي آيو. ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي جمال جا جلوا پَسايا هئا، انهن کي سچل سرمست جلال جي ڪڪوريل رنگ ۾ آشڪار‘ ڪيو.
ٻيو ڪو ڄاڻن محض گناهه، هر ڪنهن صورت آپ الله
صورت منجھ ”سچوءَ“ جي ٻولي، پاڻ ئي بي پرواهه
سچل سائين پنهنجي دور جو هڪ سجاڳ ذهن ۽ جهان ديد شاعر هيو، جنهن جي نه رڳو پنهنجي دور تي گھري نظر هئي پر مستقبل تي به اک هئي. هن جون اکيون انهن طوفانن کي به ڏسي پئي سگھيون، جيڪي سندس دور کان بعد اچڻ وارا هئا. هو فرنگي فساد کان به اڳواٽ ئي واقف هيو، ان ڪري هن پنهنجي ڪلام ۾ سماج کي سجاڳيءَ جو سنيهو ڏنو.
اولهه سج نه الهي، متان ٿئي اويرَ
ميڙي ويندئي مغربي، تاريڪيءَ ۾ تيرَ
ڇڏي ويندئي ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍيرَ
مرد ڏين ٿا مام ۾ ماٿيڪي مير
وجَھ اٿئي وِجھ پاڻَ ۾ هيڪڙائيءَ جي هيرَ
ناسودي ناخيرَ، نپٽ پوءِ نابود ڪَر
سچل سائين هڪ اهڙي آدرشي ۽ آزاد سماج جو خواب ڏٺو هيو، جتي امن ۽ سڪون هجي، ماڻهو حاڪمن جو ٻانهو ۽ غلام نه پر آزاد هجي، جتي ڪو به ڪُوڙِين رسمن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل نه هجي، جتي مذهب ۽ مسلڪ جي بنياد تي نفرتن جو وهنوار نه هجي، اهڙو آزاد ۽ غير فرقيواراڻو سماج جتي ماڻهپي جو ڳاٽ اوچو هجي ۽ ڪنهن به قسم جي محڪوميءَ جو تصور نه هجي. سچل سائين کي حسد، ساڙ، بغض، ڪيني، ڪروڌ، تعصب، تنگ نظريءَ، نفاق ۽ نفرت کان سخت نفرت هئي. هو انسان جي خود مختياري ۽ آزادي جو قائل هيو.
جي مڃين ٿا آدمي، سي نه مڃان مان
سچو آهيان آءٌ، جو ٻانهو ڪنهن جو نه ٿيان.
سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ اها قوت ۽ صلاحيت آهي، جيڪا ڪنهن به شاعر کي هميشگي ۽ امرتا بخشي سگھي ٿي. اهڙا شاعرَ زمان ۽ مڪان جون حدون اورانگھي ڪلاسيڪيت جي درجي تي پهچي ويندا آهن. سچل سائين نه رڳو سنڌي اساسي شاعريءَ جو اهم نالو آهي پر هو هر دور جو شاعر آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄوڪي سماج تي به سندس ڪلام جو اطلاق ٿئي ٿو. سنڌي سماج جو موجوده ڍانچو اسان سڀني جي اڳيان آهي. اگر سچوءَ جي دور ۾ مذهبي منافرت، فرقيواريت، تهذيبي ڏيوالپڻي، حسد، تعصب، ڪيني ۽ خوغرضي جهڙيون بيماريون سماج ۾ موجود هيون ته ڇا اڄوڪو سماج انهن آزارن کان آجو آهي؟ يقيني طور اهي مرض اڄ جي سماج کي به لاحق آهن. ڇا اڄ جو انسان به مادي ترقيءَ باوجود ڪالهه وانگر ويڳاڻو، ملول ۽ لاچار نظر نه ٿو اچي؟ ڇا اڄ به هيڻو ڏاڍي جي زير دست ناهي؟ ڇا اڄ جو انسان به پنهنجي عزت، وقار ۽ سربلندي لاءِ ڪوشان ۽ پنهنجي عزتِ نفس کي بچائڻ لاءِ پريشان ناهي؟ ڇا اڄ جو انسان به پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ ناهي؟ مان سمجھان ٿو انهن مان ڪنهن به سوال جو جواب نفيءَ ۾ نه آهي. موجوده سماج جي ان صورتحال کي ڏسندي جڏهن اسان سچل سائين جي ڪلام مان رهنمائي وٺون ٿا ته سندس شاعريءَ ۾ اسان کي عالمي اتحاد، امن، ڀائيچاري، اُنس، محبت ۽ انسان دوستيءَ جو سنيهو ملي ٿو. هن پاڻ تي جلال طاري ڪري تصوف جي ان روايت کي اڀاريو، جنهن ۾ ماٺ ۽ درگزر بدران مزاحمت موجود آهي. سچل سائين مذهب جي سماجي رواداري واري پهلو کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دين کي مسجدن تائين محدود ڪرڻ بجاءِ مذهب جي وسيع تصور کي اهميت ڏني. جنهن تصور ۾ انسان دوستي ۽ اتحادِ بين المذاهب به شامل آهي. اهڙي تصور ۾ رڳو انساني عظمت جو سوال ئي اهم بڻجي وڃي ٿو. هونءَ به هڪ صحتمند ۽ آدرشي سماج تڏهن ئي قائم ٿي سگھي ٿو جڏهن هر فرد کي عزت ۽ احترام لائق تصور ڪجي ۽ انساني عظمت کي سڀ کان اهم سمجھيو وڃي. ”سچل سائين جو آدرشي سماج وارو نظريو اهو هيو ته ماڻهو محبت جو دائرو وسيع رکي، قلب ۾ ڪُشادگي ايتري هجي جو ان ۾ سڀ دين ڌرم، ذاتيون ۽ نسل سولائيءَ سان سمائجي وڃن. سچل جهڙا صوفي مذهب يا ڌرم جا مخالف هر گز ڪونه هوندا آهن، اُهي فقط ان ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته سندن محبوب نه هندو آ نه يهودي نه عيسائي ۽ نه وري مسلمان، بلڪه انهن مڙني ڳالهين کان مٿاهون آهي.
ذات صفات هڪائي آهي، ڀول نه وجھ ڀولي
سوئي اندر، سوئي ٻاهر، سوئي تنهنجي چولي
تو ۾ مون ۾، هُن ۾ هر جا، سچ ”سچل“ ٿو ٻولي“(6)
سچل جو هر ٻول سچ جي سورج جيان چمڪي ٿو. اڄوڪي سنڌي سماج کي ان سورج جي سهائي جي تمام گھڻي ضرورت آهي. فقير محمد لاشاري لکيو هو ته ”اڄ اسان وٽ انا الحق چوڻ وارو ڪوبه ڪونهي پر جنهن رڳو حق چيو سو به برداشت کان چڙهيل ۽ خوفناڪ راڪاسن جي وچ ۾ اڌاري حياتي گھاريندڙ آهي. (6) اهڙي صورتحال ۾ سچل سائين جي ڪلام جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي. سچل سائين جي آدرشي سماج جي اڏاوت تيسيتائين ممڪن ناهي، جيسيتائين اسان سندس فڪر مان رهنمائي وٺي سندس امن، اتحاد، ڀائيچاري ۽ انسان دوستي واري پيغام کي نه سمجھندا سين.
حوالا
1. آڏواڻي ڪلياڻ، ”شاهه، سچل، سامي“، سنڌي ساهت گھر، حيدرآباد، 2010ع ص 199
2. لاڙڪ مولا بخش، (مرتب) ”سرمست“ 37 (مقالو: سچل سرمست جو سماجي نظريو“ الطاف اثيم) سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، خيرپور 2016ع، ص 37
3. حداد محمد علي، (مرتب) ”سرمست“ 19 (مقالو: سچل سرمست ۽ روشن خيالي“ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر) سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، خيرپور 1999ع ص 51 ۽ 52
4. سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر، ”عشق ناهي آسان“، صدا پبليڪيشن ڪراچي، 2015 ص 41
5. لاڙڪ مولا بخش، (مرتب) ”سرمست“ 21 (مقالو: سچل سرمست سنڌ جي اجتماعي آجپي جو شاعر“ انعام شيخ) سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، خيرپور 2000ع، ص 57
6. لاڙڪ مولا بخش، (مرتب) ”سرمست“ 37 (مقالو: سچل سرمست جو سماجي نظريو“ الطاف اثيم) سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، خيرپور 2016ع، ص 21
7. حداد محمد علي، (مرتب) ”سرمست“ 11 (مقالو: ”عوام انا الحق آهي“ فقير محمد لاشاري)، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، خيرپور، 1991ع ص 23
(نوٽ: هن مقالي ۾ ڪم آندل شعر محمد عثمان انصاري جي ترتيب ڏنل ”سچل سائين جي سنڌي ڪلام“ ۽ ڪتابي سلسلي ”سرمست“ جي مختلف شمارن مان ورتل آهن.)
No comments:
Post a Comment