ڊاڪٽر احسان دانش
شاهه لطيف جي علامتي شعور مان
جنم وٺندڙ سماجي فڪر
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس ڪرڻ يا سندس شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي سمجھڻ لاءِ سندس ڪلام جي علامتي پهلوءَ کي جاچي ڏسڻ ضروري آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علامتن ۽ اهڃاڻن جو هڪ جهان آباد آهي.’علامت‘ جنهن لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’اهڃاڻ‘ جو لفظ به عام استعمال ٿيندو آهي اصل ۾ انگريزي لفظ Symbol مان ورتل آهي. جيڪو وري يوناني لفظ سمبالين (Symbaline) مان نڪتو آهي. ان يوناني لفظ جون وري مختلف معنائون بيان ڪيون وڃن ٿيون: جهڙوڪ معاهدو، نشان، تمغو، شناخت جو ذريعو يا وري ’شين کي گڏ ڪري رکڻ‘ وغيره. علامت جا ٻه وڏا قسم آهن. پهريون عارضي ۽ ٻيو دائمي. ٻئي لفظ پنهنجي معنى بيان ڪن ٿا. يعني عارضي علامتون ٿوري وقت لاءِ هونديون آهن، جڏهن ته دائمي علامتون سدائين لاءِ. اهي ڪڏهن فنا نه ٿيون ٿين. ”ينگ علامت کي سڀني کان وڏي اهميت ڏني آهي. ان وٽ ڪڏهن ڪڏهن ئي اهڙيون تحريرون ملن ٿيون جيڪي ان ذڪر کان خالي هجن...... هو اهو به نه ٿو مڃي ته ”علامت هڪ شي بدران ٻي شي جو استعمال آهي.“...... علامتون رڳو انسان جي ماضي طرف اشارا نه ڪنديون آهن بلڪه سندس مستقبل جي آرزوئن، تمنائن ۽ خواهشن جي نمائندگي به ڪن ٿيون. انهيءَ سبب علامت جي حرڪت جا ٻه رخ ٿين ٿا. پهريون ماضيءَ طرف رجوع ڪرڻ وارو (Retrospective) ۽ ٻيو مستقبل طرف پيش قدمي ڪرڻ وارو (Ptospective) يعني علامت تفاعلي (Functional) به ٿيندي آهي ته وجودي (Ontological) پڻ.“ (1) يُنگ مطابق علامت کي وقت جي ٻنهي ڌارن يعني ماضي ۽ مستقبل ۾ ڏسي سگھجي ٿو. وقت جي انهن ٻنهي ڌارائن جي وچ تي آهي حال، جنهن ۾ علامتون پيدا ٿين ٿيون. علامت جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ ان ٽه رخي عمل کي سمجھڻ نهايت ضروري آهي. ڪولريج لکيو آهي ته ”ڪنهن خاص شي کي عام شي ۾ آرو پار ڏسڻ، يا ڪنهن عام شي کي ڪنهن خاص شي ۾ آرو پار ڏسڻ، يا ڪنهن آفاقي حقيقت کي عام شين مان حاصل ڪرڻ، يا ڪنهن ازلي سچ کي عام، وقتي ۽ فاني شين مان حاصل ڪرڻ جو نالو آهي اهڃاڻ. ٻين لفظن ۾ اهڃاڻ ازلي حقيقت کي سمجھ لائق بڻائڻ جو نالو آهي.“ (2) ڀٽائيءَ جي شاعري انهيءَ حقيقت جي ساڃاهه بخشي ٿي.
”علامت مان مراد اهو بيان آهي جنهن جي وسيلي جو ڪجھ چيو وڃي ان کان ڪجھ وڌيڪ ۽ ڪجھ الڳ معنى ورتي وڃي. علامت اسان جي ذهن کي معنائن جي ڪيترن ئي رخن ڏانهن منتقل ڪري ٿي ۽ ان جي خوبي اها ئي آهي ته اها انهن مان هر هڪ پاسي لاءِ موزون سمجھي وڃي.“ (3) ”علامت هڪ سماجي عادت آهي، جيڪا سماجي سطح تي انسان جي ٻين عادتن جهڙوڪه چُرڻ پُرڻ، ڏسڻ ۽ سمجھڻ جيان هڪ عادت آهي، جنهن جو عمل سڄي سماج جي سطح تي ٿئي ٿو ۽ عادت جيان غير ارادي ٿئي ٿو.“ (4)
فرينچ شاعر بودليئر ڪائنات کي ’علامتن جو جھنگ‘ سڏيو آهي. يعني ڪائنات جي هر شي ۽ لقاءُ پنهنجي اندر هڪ علامت رکي ٿو. هر عظيم شاعر ڪائنات جي انهن وٿن منجھان نيون علامتي معنائون تراشيندو آهي. ”شاعر جي آڏو ڪائنات جي ڏٺل وائٺل شين جي اهميت انهن جي رواجي حيثيت کان وڌيڪ آهي. هن جي اونهي ۽ باريڪ بين نظر ۾ دنيا جي هر شي ظاهري ۽ رواجي هئڻ کان ڪجھ وڌيڪ به آهي. هن کي هيءَ ڪائنات بي معنى نه پر سڄي دنيا ڳوڙهين معنائن سان ڀريل ٿي ڀانئجي.“(5) ”لفظ اهڃاڻ جي وسيع معنى ۾ سڄي شاعري اچي وڃي ٿي. ڇوته هر ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ ڪنهن احساس، ڪنهن حقيقت، ڪنهن آئيڊيا جو اظهار هوندو آهي ۽ اهو اظهار اڻ سڌو هوندو آهي. اهو اڻ سڌو اظهار هوندو آهي ڪن حقيقي شين جي ذريعي، جن کي ان احساس، حقيقت يا آئيڊيا سان مشابهت هوندي آهي.“(6) لطيف هڪ اهڙو ئي مفڪر شاعر آهي، جنهن جي شاعري ڳوڙهين علامتي معنائن سان جنجھ آهي. هن جو اڻ سڌو اظهار سماج جي تلخ سچاين کي بيان ڪري ٿو، ڇوته هن جو فڪر پنهنجي سماج سان سلهاڙيل آهي. هن جو اهو سماجي فڪر مقامي سماجي قدرن کي عالمي سماجي قدرن سان سلهاڙي آفاقيت بخشي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته ”شاهه لطيف جا اهڃاڻ رڳو مادي حقيقت ناهن، پر معنوي اشارا پڻ آهن. سندس ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار رڳو انسان ناهن، پر ان کان گھڻو مٿي آفاقي حقيقتون آهن. شاهه لطيف برابر نيم تاريخي ڪهاڻين جو سهارو ورتو آهي، پر شاهه لطيف رڳو قصه خوان يا داستان گو ناهي. هن جي هر ڪهاڻي هڪ آفاقي حقيقت ڏي اشارو آهي.“(7)
هڪ اعلى درجي جو اديب/ شاعر پنهنجي اندر جي اجھل احساسن ۽ پنهنجي دور ۽ سماج جي ڪرب کي بيان ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي. هڪ اديب يا شاعر زبان بنديءَ جي دور ۾ به پنهنجن احساسن کي بيان ڪري ٿو. ڪڏهن هو سماجي پابندين کي ٽوڙي باغي بڻجي ٿو، ڪڏهن مصلحت جو شڪار ٿي وڃي ٿو، ڪڏهن جلاوطني جو عذاب قبولي قلم جو سودو نه ٿو ڪري ته ڪڏهن وري پنهنجي ئي سماج ۾ رهندي پنهنجين سماجي حالتن جي اظهار کي علامتن وسيلي بيان ڪري ٿو. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو لکي ٿو ته ”هر سماج جو شاعر يا اديب هڪ مخصوص دائري ۾ ڪم ڪري ٿو. شاعر پنهنجي ماحول ۾ ٿيندڙ تبديلين جو جائزو وٺي، انهن احساسن ۽ جذبن کي بيان ڪرڻ لاءِ اظهار جو مروج طريقو ڳوليندو آهي، جنهن سماج ۾ سماجي ۽ سياسي حالتون شاعر لاءِ سازگار نه هجن ته اهڙي صورتحال ۾ شاعر خاموشي ڪيئن اختيار ڪري سگھي ٿو. اهڙي صورت ۾ شاعر پنهنجا جذبا ۽ احساس ظاهر ڪرڻ لاءِ علامتي ٻوليءَ جو سهارو وٺي ٿو.“(8) لطيف سائين به بلڪل ائين ئي ڪيو. هن جي شاعريءَ جي علامتن ۾ اها سماجي صداقت موجود آهي، جيڪا سندس دور جي ڪرب کي بيان ڪري ٿي. تنهن ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته ڀٽائيءَ جي علامتي شعور منجھان سندس سماجي فڪر ڦٽي ٿو.
”علامتي سرشتو منطق (استدلال) جي بنياد تي قائم ٿئي ٿو، جيڪا هڪ سماجي عادت (Social Habit) آهي، جنهن جو عمل سڄي سماج تي ٿئي ٿو. علامت حالتن مطابق پنهنجو عمل ڏيکاريندي آهي، تصوف ۽ زين اظهار پڻ علامتي سرشتي مطابق آهن. لطيف سائين جي شاعري تصوف جي روايتن پٽاندڙ ڪيل آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي تاريخي ۽ روايتي وٿن (Velues) جي آڌار تي سماج کي سڌارڻ، خصوصن سنڌي قوم ۽ عمومن ڪائنات جي مڙني انسانن جي ذهني، اخلاقي ۽ سماجي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ اهو سربستو احوال علامت ذريعي اوريو اٿس. لطيف سائين جو رسالو علامتن سان ڀريو پيو آهي، رسالي جو هڪ هڪ بيت ذو مفهوم، اختراع معنى (Obstruction) ۽ اعلى سوچ جو ڀنڊار آهي، سندس هر ڪا علامت ڪنهن وڏي علامت ڏانهن رجوع ٿئي ٿي، جنهن کي علامتِ اولى چئبو آهي. سڀ علامتون ان هڪ وڏي علامت ۾ جذب ٿي وڃن ٿيون. علامتِ اولى مان ڪائنات، دنيا، انسان يا ڪا به معنى وٺي سگھجي ٿي.“(9) لطيف سائين جي ڪلام ۾ موجود علامتن ۾ وڏي وسعت آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ موجود ڪردارن، سندن عملن توڙي مختلف وٿن کي ايڏي ڪُشادگي بخشي آهي جو اُهي زمان ۽ مڪان جي حدن کان اڳتي ڪائناتي سچ (Universal Truth) جي تسخير ۾ مدد ڏين ٿيون. ڀٽائي جي شاعري کي ظاهري ۽ روحاني وارا لفظ استعمال ڪري رڳو ذو معنى نه ٿو چئي سگھجي، پر سندس هر هڪ بيت ۽ وائي منجھان انيڪ معنائون نڪرن ٿيون. بلڪه هن جي هر بيت ۽ وائي ۾ معنائن جو ڄار ملي ٿو. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکيو آهي ته ”(شاهه جي شاعريءَ) مان هڪ ئي قسم جون معنائون ڪڍڻ ۽ انهن کي آخري ۽ قطعي سڏڻ شاهه لطيف جي فن جي اهميت کي گھٽ ڪرڻ به آهي ته شاهه لطيف جي اهڃاڻن کي محدود ڪرڻ به.“(10)
ڊاڪٽر تنوير عباسي شاهه لطيف جي رسالي مان سُر معذوري جو هيٺيون بيت نقل ڪندي ان جي گھڻ رخي علامتي معنى بيان ڪندي لطيف جي شاعريءَ جي وسعت جو مثال ڏنو آهي.
آءٌ نه گَڏي پرينءَ کي، تون ٿو
لهين سج،
آءٌ جي ڏيئين سنيهڙا، نيئي
پريان کي ڏج،
وڃي ڪيچ چئج، ته ويچاري واٽ مُئي. (د 3)
”هن بيت ۾ ’آءٌ‘ (سسئي)، ’پرين‘ (پنهون)، ’لهندڙ سج‘ ۽ ’واٽ‘ سڀ اهڃاڻ آهن. جن جي ذريعي ڪنهن آفاقي حقيقت جو اظهار ڪيو ويو آهي. شعر اهو سٺو جنهن جون جيتريون به گھڻيون معنائون ٿي سگھن، اوتريون چڱيون. هن بيت جون معنائون ڏسو ـــ آءٌ، پرين، سج ۽ واٽ، اهي لفظ معنوي حيثيت سان ڪيڏي نه وسعت رکن ٿا. هنن سٽن ۾ سسئيءَ جي پنهونءَ ڏانهن پنڌ ڪرڻ ۽ واٽ تي ئي سج لهڻ ۽ سسئيءَ جي راهه ۾ ئي مري وڃڻ جو ذڪر آهي ته سهي، پر هن بيت جو مفهوم ان مخصوص واقعي تائين محدود ناهي. ان ڪهاڻيءَ سان ته ان جو ظاهري واسطو آهي، پر ان کان مٿي ٻين حقيقتن ڏي پڻ اشارو ڪري ٿو...... هي بيت هر هنڌ ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ قلبي واردات جو ترجمان ٿيو پوي. هن بيت ۾ ’آءٌ‘ ڪنهن جدوجهد ڪندڙ، ڪنهن ڏوريندڙ، ڪنهن مقصد کي تلاش ڪندڙ جو اهڃاڻ ٿي ويو آهي. ’پرين‘ (پنهون، محبوب) منزلِ مقصود يا ماڳ آهي. ’لهندڙ سج‘ مايوسيءَ، قنوطيت ۽ وقت جي خاتمي جو اهڃاڻ آهي.
هاڻي اچو ته ان بيت کي مختلف ماڻهن جي نقطهءِ نظر سان ڏسون.... هڪ صوفي سڄي زندگي حق جي تلاش ۾ سرگردان رهيو هجي. جڏهن هن کي آخري عمر ۾ پنهنجي ناڪاميءَ جو احساس ٿيڻ لڳي ته هو اهو بيت پڙهي: ’ آءٌ نه گَڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج‘..... منهنجي حياتي پوري ٿيڻ تي آهي پر مون اڃا حق جو مشاهدو نه ماڻيو آهي. وري هڪ سياسي رهبر جنهن سڄي حياتي ڪنهن مخصوص فڪر ۽ نظريي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ گذاري ڇڏي هجي، اهو جڏهن پنهنجي ڪوششن جو ڦل ڏسي نه سگھي ۽ سندس عمر پُڄاڻيءَ تي اچي پهچي ته بي اختيار چئي ڏئي ته: ’ آءٌ نه گَڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج‘. ساڳيءَ ريت هڪ شاگرد جيڪو پنهنجي امتحان لاءِ پوري ريت تيار ٿي نه سگھيو هجي، ۽ آخري ڏينهن جي لهندڙ سج کي ڏسي چوي ته: ’ آءٌ نه گَڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج‘.... اهڙي ريت هڪ عاشق ان بيت کي پنهنجي نموني بيان ڪري ٿو سگھي.“ (11)
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي انهن گھڻ رخي علامتي معنائن يا سندس علامتي شعور منجھان ئي سندس شاعريءَ جي سماجي ڪارج جو پتو پوي ٿو. يعني هن جي شاعري سماج جي ڪنهن هڪ مخصوص طبقي لاءِ نه آهي پر سڀني لاءِ آهي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي انهيءَ گھڻ معنوي پهلو ۽ وسعت کي ڏسندي سندس شاعريءَ جو نه رڳو سنڌي سماج تي اطلاق ٿئي ٿو پر سندس شاعريءَ جي عالمي سماجي قدرن جي بنياد تي هن جي سماجي فڪر کي دنيا جي الڳ الڳ ملڪن ۽ سماجن ۾ پڻ پرکي سگھجي ٿو، ۽ اها ڳالهه هن جي شاعريءَ کي عالمگيريت عطا ڪري ٿي.
شاهه لطيف محبت ۾ محبوب جي ديا، رحم ۽ مهرباني کي گھڻو ساراهيو آهي ۽ ڪيترن ئي سُرن ۾ پرينءَ جي عنايت ۽ نظرِ ڪرم جو تذڪرو تمام خوبصورت ۽ دلفريب انداز ۾ ڪيو آهي.
هُنَ تاري هُنَ هنڌ، هُت منهنجا سُپرين،
سڄڻ ماکيءَ مَنڌ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهين. (سُر کنڀات)
سُر کنڀات ۾ ڀٽائي کي سڄڻ ماکي جهڙو مٺو ٿو لڳي، جنهن لاءِ شاهه سائين هن سُر ۾ ماکي مَنڌ کان علاوه ماکيءَ ميٺ ۽ ماکيءَ ساءِ جهڙا لفظ به استعمال ڪيا آهن. ماکي ۽ مٺاڻ خود محبت جي علامت آهي ۽ ڪؤڙو ٿيڻ نفرت ۽ ڪدورت کي ظاهر ڪري ٿو.
پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اُڃ مرن،
ساهان اوڏو سُپرين، لوچي تـان نه لــهن،
دم نه سُڃاڻنِ، دانهون ڪن مُٺــن جيئن. (سُر سسئي آبري)
ڀٽائي وٽ اُڃ جو تصور نهايت وسيع آهي. اڃَ اها آس ۽ اميد آهي، جيڪا جستجو لاءِ اتساهي ٿي. سسئي هڪ عورت هوندي جدوجهد جي علامت آهي. هن جي اندر ۾ محبت جيڪا اُڃ پيدا ڪئي آهي، ان کي اُجھائڻ لاءِ هوءَ ڳولا جو رستو قبول ڪري ٿي. پيڙهل قومون اڪثر رياستي جبر ۽ ڏاڍ اڳيان جھڪيل رهنديون آهن، هنن ۾ ان جبر سان جھيڙڻ جو حوصلو نه هوندو آهي. ڀٽائي اهڙي قوم جي افراد کي پنهنجي اندر ۾ عشق جي اڃ کي اڀارڻ جو سنيهو ڏيندي پنهنجي اندر لڪل قوتن کي آشڪار ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. پيڙيل سماج جا اهڙا فرد اڪثر شڪست جي خوف ۾ مبتلا هوندا آهن انهن جي حالت لطيف جي ان سٽ جو عملي ثبوت هوندي آهي ته ’پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اُڃ مرن‘.
هونءَ ته ڀٽائي جو سمورو ڪلام سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي سڳنڌ سان واسيل آهي ۽ سندس شاعريءَ جا اڪثر ڪردار به سنڌ وطن جا واسي آهن، پر لطيف سائين جو ڪمال اهو آهي ته هن انهن مقامي ڪردارن ۽ واقعن کي علامتي حوالي سان ايڏي ته سگھاري نموني پيش ڪيو آهي جو انهن ۾ ڄڻ هر سماج جي تصوير نظر اچي ٿي. بظاهر سنڌ، سماجي، اقتصادي، مذهبي ۽ فڪري طور ڀلي دنيا جي ٻين ديسن کان مختلف هجي پر شاهه سائين جڏهن پنهنجي شاعريءَ ۾ مثبت ۽ منفي سماجي قدرن جي ڳالهه ڪري ٿو ته اهي اسان کي عالمي لڳن ٿا. ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ جن سماجي قدرن جي ڳالهه ڪئي آهي، انهن مان اڪثر سڄي دنيا جو ورثو آهن. تنهن ڪري ڀٽائي جي هڪ سماجي مفڪر واري حيثيت جي ڪٿ ڪرڻ وقت اسان کي رڳو مقامي حالتن ۽ قدرن تي نگاهه ٽڪائي نه بيهڻو پوندو پر سندس آفاقي حيثيت ۽ پيغام کي به ڏسڻو پوندو. هتي جڏهن اسين آفاقيت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان جو اهو هر گز مطلب نه وٺڻ کپي ته اسين شاهه لطيف جو پنهنجي ڌرتيءَ سان رشتو ڪٽي کيس خلائن ۾ گم ٿا ڪري ڇڏيون. هتي آفاقيت مان اسان جي مراد، عالمي سطح تائين سندس احساس، ادراڪ، فڪر ۽ تخيل جو ڦهلاءُ آهي.
حوالا
1. احمد اشتياق (مرتب) ”علامت ڪي مباحث“، بيت الحڪمت لاهور 2005 ص 59 ۽ 60
2. عباسي تنوير ”شاهه لطيف جي شاعري“ روشني پبليڪيشن 2000ع ص 225
3. احمد اشتياق (مرتب) حوالو ساڳيو ص 159
4. سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر ”شاهه جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1992ع، ص 95
5. عباسي تنوير حوالو ساڳيو، ص 223
6. ساڳيو ص 223
7. ساڳيو ص 225
8. سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر حوالو ساڳيو ص 20
9. سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر ”شاهه لطيف جو علامتي شعور“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007، ص 39
10. عباسي تنوير حوالو ساڳيو، ص 228
11. ساڳيو ص 26 ۽ 27
No comments:
Post a Comment