ڊاڪٽر احسان دانش
امر
جليل جي ڪهاڻين جو فني اڀياس
ادب جي سمورين صنفن مان ڪهاڻي هڪ
اهڙي صنف آهي، جنهن جي لذت نرالي آهي. شايد ان جو وڏو سبب اهو به آهي جو ان ۾ اسان
کي پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن انيڪ ماڻهن جي تصوير نظر اچي ٿي، اهي ماڻهو جيڪي اسان جي ئي
سماج ۾ اسان جي آس پاس رهن ٿا، جن جا چهرا ڄاتل سڃاتل لڳن ٿا ۽ جن جا ڪم، ڪرتوت ۽
عمل روز ڏسجن ٿا.... ڪهاڻين ۾ ته اهي ماڻهو به وائکا ٿين ٿا جيڪي روز پنهنجن چهرن
تي هڪ نئون ماسڪ چاڙهي گھمن ٿا. ڪهاڻين ۾ اهو سڀ ڪجھ هوندو آهي جيڪو اسين پنهنجي
اردگرد ڏسندا آهيون يا ڏسڻ چاهيندا آهيون، ڇوته ڪهاڻيون زندگيءَ جو عڪس ۽ اولڙو
آهن انهن ۾ انساني احساسن ۽ امنگن جون اهڙيون تصويرون آهن جن کي اسين پنهنجي روح
جي قريب محسوس ڪندا آهيون. ڪهاڻين ۾ اسين دک ۽ ڪرب جو ذائقو به چکندا آهيون ته
جيون جي حسناڪين ۽ رنگينين کي به پسندا آهيون تنهن ڪري غلام محمد گرامي جا اهي لفظ
سچ آهن ته ”انسان ۽ ان جي سماجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي ترجماني جيتري افساني / ڪهاڻيءَ ۾ ٿي سگھي آهي اوتري نه شعر و
شاعريءَ ۾ ٿي سگھي آهي ۽ نه تاريخ ۾. افسانو انسان جي ڪنهن نه ڪنهن جذباتي عمل ۽
رد عمل جي اهڙي ته سادي، موثر، دلڪش ۽ هوبهو تصوير پيش ڪري ٿو جنهن کان پڙهندڙ جو
ذهن هر حال ۾ متاثر ٿئي ٿو. ائين ٿيڻ سان ان تاثر جو سلسلو وسيع ٿيندي ٿيندي
انساني حيات جا ٻيا به ڪيئي شعبا پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو. خاص طرح سان طبقاتي ڪشمڪش
جا سڀ پهلو پنهنجي مڙني خباثتن سان ظاهر ٿين ٿا. ايتري قدر جو پڙهندڙ پاڻ کي اهڙي
معاشري جو هڪ زنده جُز سمجھڻ شروع ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته اُهي سڀ حالات ۽ واقعات ڄڻ
ته سندس اکين اڳيان يا سندس پاڙي ۾ يا سندس ڳوٺ ۾ يا خود مٿس گذري رهيا آهن.
افساني جي مختلف ڪردارن جي عمل ۽ خيال، ارادي ۽ نيت، ظلم ۽ تشدد جي اهڙي عڪاسي ڏسي
پڙهندڙ ۾ هڪ طرف نفرت ۽ حقارت ٿا پيدا ٿين ته ٻئي طرف اصلاح ۽ تبديليءَ جو منجھس
پُر جوش طوفان ٿو پيدا ٿئي ۽ ٽئين طرف همدردي ۽ پيار، خيرخواهي ۽ انسان دوستيءَ جو
اڻمٽ جذبو ٿو پيدا ٿئي. اثر پزيري ۽ اثر انگيزيءَ جي ان عالم ۾ پڙهندڙ سچ ۽ ڪوڙ،
هيڻي ۽ ڏاڍي، ظالم ۽ مظلوم جي پس منظرن کان واقف ٿئي ٿو.“ (1) اهڙي طرح ڪهاڻي
پڙهندڙ سان هڪ اٽوٽ رشتو جوڙي ٿي. دنيا جي افسانوي ادب ۾ اهڙيون ڪيئي عظيم ڪهاڻيون
ملنديون جن پنهنجي پنهنجي سماج تي گھرا اثر ڇڏيا ۽ اهي پنهنجي دور تي ڇانئيل رهيون.
اهڙا عظيم تخليقڪار جن جي قلم اهڙيون عظيم تخليقون سرجيون اهي مري وڃڻ باوجود ادب
جي دنيا ۾ امر آهن ۽ اهڙن امر ڪردارن جي ڪٿا ڪڏهن به پراڻي ٿيڻ جي نه آهي.












