Tuesday, 31 January 2017

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر سُجاڳي ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش 
 
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر
سُجاڳي

قدرن جو تعلق انسان جي ذاتي عمل، احساس ۽ اخلاق سان به آهي ته سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين، ريتن، رسمن ۽ رواجن سان پڻ. ڪجھ قدرَ مذهب، عقيدي، تهذيب ۽ تمدن جي دائري ۾ اچن ٿا ته ڪي وري ادب ۽ اخلاق جو احاطو ڪن ٿا. مجموعي طور سمورن قدرن جو تعلق فردَ سان ئي هوندو آهي. انهن قدرن ۾ انسان جي سوچ، فڪر، عمل، جذبو، احساس، تصور، تخيل، خواهش وغيره شامل آهن. سماج پنهنجي سماجي قدرن جي پاسباني ان ڪري ڪندو آهي جو سماج جي بقا جو دارو مدار گھڻي حد تائين انهن ئي قدرن جي تحفظ تي هوندو آهي.“(1) ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ شاعر جنهن سماج ۾ پيدا ٿئي ٿو، ان سماج ۾ مروج قدرن کان ضرور متاثر ٿئي ٿو پر هو پنهنجي سوسائٽي جي خراب قدرن کي وڏي واڪي خراب چوي ٿو ۽ انهن کي اکيون ٻوٽي قبول نه ٿو ڪري، نه رڳو ايترو پر هو پنهنجي سماج جي اعلى قدرن کي ٽٽندو ۽ ڀرندو ڏسي انهن کي نئين سر جيئارڻ جا جتن به ڪندو آهي. تنهن ڪري شيلي (Shelley) بلڪل صحيح چيو آهي ته ”شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو مسخ ٿيل شين ۾ نئين سر حسن پيدا ڪندو آهي.“ (2) شاعر جي انهي تخليقي قوت سبب ڪنهن به سماج ۾ پنهنجي وڃايل قدرن کي نئين سِر ڳولڻ جي آرزو پيدا ٿيندي آهي. پر جڏهن اسين عالمي قدرن جي ڳالھه ڪندا سين ته هڪ شاعر کي پنهنجي سماج ۾ مروج قدرن کان مٿاهون ٿي سوچڻو پوندو. شيلي (Shelley) پنهنجي مضمون Defence of Poetry ۾ صحيح لکيو آهي ته ”هڪ شاعر لاءِ اهو واجب ناهي ته هو پنهنجا ذاتي تصور نيڪي ۽ بدي کي، جيڪي عام طور سندس ملڪ ۽ زماني جا تصور هوندا آهن، پنهنجين تخليقن ۾ سمائي ڇڏي، ڇو ته سندس تخليقون سندس ملڪ ۽ زماني کان ماورا هونديون آهن.“ (3) يعني شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجا تصور مڙهڻ بدران اهڙو خيال پيش ڪري جيڪو سڀني کي پنهنجو لڳي ۽ زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانڱي سگھڻ جي سگھ رکندو هجي ۽ اهڙن سماجي قدرن کي پنهنجي شاعريءَ جو حاصل بڻائي جن کي سڄي دنيا اهميت جي نگاھ سان ڏسندي هجي. ان حوالي سان اسان کي سنڌي زبان ۾ جيڪي شاعر نظر اچن ٿا انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقام سڀني کان مٿاهون آهي.

شاهه لطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ جو سماجي اڀياس ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش

شاهه لطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ جو سماجي اڀياس


شاهه عبداللطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته کانئس اڳ سنڌي ٻوليءَ جي محافظ شاعرن جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي، جن مان به اڪثر شاعرن جو ڪلام اڌورو ۽ اڻپورو ملي سگھيو آهي. گمان آهي ته ڀٽائي کان اڳ واري دور جي ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام وقت جي طوفانن ۾ تيلو تيلو ٿي ويو هوندو. هن کان اڳ سنڌ جي سماجي تاريخ بيان ڪندي اسين ذڪر ڪري آيا آهيون ته تاريخ جا ورق ورائيندي اڪثر ڪري سنڌ اسان کي ڌارين ۽ غاصبن جي چنبي ۾ نظر اچي ٿي. سمن جي صاحبيءَ کان ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪمراني تائين سنڌي ماڻهو ڌارين هٿان جهڙي ريت پيڙبو رهيو آهي، برصغير جي تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي.
خاص طور اهي سمورا رت پياڪ حڪمران جيڪي سنڌ تي ڏاڍ ۽ ڏمر بڻجي ڪڙڪيا، انهن سڀ کان پهريان ڌرتيءَ جي صوفي سنتن ۽ عالمن کي ئي پنهنجي ڏاڍ جو نشانو بڻايو، ڇوته وٽائن شعور جون شمعون روشن ٿي رهيون هيون. تنهن ڪري محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ شاعرن جو علمي ۽ شعري خزانو انهن سفاڪ وحشين جي لتاڙ جو شڪار ٿي صفحهءِ هستي تان مٽجي ويو هوندو. شاهه لطيف جي پيش رو جن سنڌي شاعرن جو ڪلام زماني جي گردشن مان بچي ڀٽائي جي هٿن تائين پهتو ۽ هن سندن ڪلام ۽ پيغام کي هينئين سان هنڊايو، انهن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ ميون شاهه عنايت خاص طور قابلِ ذڪر آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ تي انهن شاعرن جو گھرو اثر نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ اهي شاعر سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جا بنيادي ٿنڀا آهن، جن تي ئي اڳتي هلي شاهه سائين پنهنجي فڪر جي عظيم عمارت کڙي ڪئي. تنهن ڪري اسين شاهه سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي تيسيتائين پُرجھي ۽ پروڙي نه ٿا سگھون جيسيتائين انهن شاعرن جي ڪلام جو جائزو نه ٿا وٺون.

Wednesday, 6 January 2016

شاهه لطيف جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک ــ ڊاڪٽر احسان دانش (DR Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک


شاهه لطيف جي حقيقي عظمت سمجڻ لاءِ سندس شاعريءَ جي فني، ادبي ۽ لسانياتي پرک ڪرڻ نهايت ضروري آهي. هن وقت تائين ڀٽائي جي ڪلام جي اهڙي پرک ٻن سطحن تي ٿي آهي. پهريون مقامي ۽ ٻيو بين الاقوامي. مقامي سطح تي شاهه کي سندس ٻوليءَ جي خاصيتن، علم البيان توڙي مروج شعري اصولن، موسيقيت ۽ ٻين خوبين جي بنياد تي پرکي اسان جي عالمن ۽ محققن کيس هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ڏني آهي ۽ اهڙي ريت ٻين عالمن وري سندس شاعريءَ کي بين الاقوامي ادبي اصولن، معيارن ۽ قدرن تي پرکي عظمت جي بلندين تي بيهاريو آهي. هن مقالي ۾ مون ڀٽائي جي ڪلام جي مقامي سطح تي يا ننڊي کنڊ جي سنڌي عالمن ۽ محققن مطابق، مروج فني، ادبي ۽ لسانياتي اصولن کي سامهون رکندي  ڪيل تحقيق ۽ پرک جي حوالي سان مختصر تحقيقي جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو آهي.... سندس شاعراڻيءَ ”خستوريءَ جي خوشبوءِ سڀ ولات واسي ڇڏي آهي. شاهه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي لياقتون موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هي آهي، ته جيئن جيئن اسين سندس شعر تي اونهو غور ڪندا سين، تئين تئين اسان ۾ نئين حيرت اتپن ٿيندي.“ (1) ساڳي ڪتاب ۾ گربخشاڻي صاحب شاهه جي شاعريءَ جي جمالياتي پهلوءَ تي روشني وجھندي چيو آهي ته ”ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجھس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي ۽ جيتري قدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ امنگ اٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترا ئي قسم آهن جهڙوڪه طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. مگر درحقيقت سڀ حسن جو مول هڪ ئي آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا.“ (2) جماليات بيشڪ شاعريءَ جو روح آهي ۽ دنيا جي سمورن وڏن شاعرن جي شاعري حسن ۽ جمال جي خوبي سان ڀريل آهي. جتي فارسي جي عظيم شاعرن رومي، سعدي، حافظ، فردوسي، جامي ۽ تبريزي جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جي جوت جرڪي ٿي اُتي عربي جي سبعه معلقات وارن ستن قادرالڪلام شاعرن امرءُ القيس، زهير بن ابي سلمى، عمرو بن ڪلثوم التغلبي، طرفه ابن عبدالبڪري، عنتره بن شداد العبسي، لبيد بن ربيعه العامري ۽ حارث بن حِلزه اليشڪري ۾ پڻ جمال جا جلوى نظر اچن ٿا. ائين ئي هندي ڪوتاڪارن ۾ جئين رامانند، ڀرتري هري، ميران ٻائي، دادو ديال، سورداس، ڀڳت ڪبير، تلسيداس ۽ ڪاليداس جا شبد سونهن جا پُر پيالا آڇين ٿا تئين ئي انگريزي ۽ يورپي شاعرن شيڪسپيئر، ورڊس ورٿ، گوئٽي، ٽي ايس ايليٽ، والٽ وٽمن ۽ بادليئر جي نظمن ۾ به جماليات جھلڪندي محسوس ٿئي ٿي. ان جماليات شاهه جي شاعريءَ ۾ به انوکو نکار پيدا ڪيو آهي. ان ڳالهه جي عملي ثبوت ۽ تحقيقي نتيجي طور نوجوان محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“ پڻ موجود آهي.

Friday, 4 December 2015

تخليق جو سفر ــ ڊاڪٽر احسان دانش (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

تخليق جو سفر
(ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو سرسري جائزو)


تخليق فطرت جو معجزو آهي ۽ تخليق ئي هن سڄي ڪائنات جو جوهر آهي. ڪنهن ڪنڀر جي چڪ کان مائيڪل اينجلو جي ڪنهن شاهپاري جي ڪئنواس تائين تخليق جا رنگ ڦهليل آهن. اگر ڪنهن سنگتراش جي مورتي ڪا عظيم تخليق آهي ته پوءِ لفظن جا گھاڙو ته ان کان به وڏا تخليقڪار آهن. لفظ جيڪي بي ساهه هوندي اندر ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏين ٿا، لفظ جيڪي غير مادي هوندي ذهن ۾ هزارين تصويرون، تصور ۽ مجسم ٺاهين ٿا. لفظن جي مصورن اديبن ۽ شاعرن کي اهو ڪمال حاصل آهي ته هو سانتيڪن لفظن توڙي لفظن مان جنم وٺندڙ آوازن وسيلي ماڻهن جي دلين تي پنهنجو اثر ۽ سحر قائم ڪري وٺندا آهن. لفظن کي آوازن جي شڪل ڏيڻ ۽ آواز جي لهرن کي سماعتن تائين پهچائڻ جو پهريون سائنسي ڪرشمو ريڊيو آهي. سڄي دنيا ۾ ريڊيو ٽن مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. پهريون تعليم، ٻيو معلومات ۽ ٽيون تفريح. ريڊيو پاڪستان پڻ انهن ئي ٽن مقصدن کي سامهون رکندي پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو هو ۽ پاڪستان جي سمورين ريڊيو اسٽيشنس تي ٻين پروگرامن سان گڏ ادبي پروگرامن وسيلي ادبي معلومات پهچائڻ ۽ ٻڌندڙن کي ادب ۽ شعور ڏانهن راغب ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو. ادب جيڪو لفظن ۽ احساسن جي دنيا آهي، جيڪا دنيا ماڻهو جي اندر جي دنيا کي تبديل ڪري ٿي ذهنن کي روشن ڪري ٿي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو پڻ وڏي عرصي کان ان ادب ۽ شعور جي پنڌ ۾ وک وڌائيندو رهي ٿو. هتي مونکي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان سالن کان وٺي نشر ٿيندڙ ادبي پروگرام ”تخليق“ بابت ڪجھ لکڻو آهي پر ان کان اڳ ان پروگرام جو پس منظر بيان ڪرڻ ضروري آهي.

ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 24 سيپٽمبر 2014 تي ڪاميابي جا 19 سال پورا ڪري رهيو آهي. ان دوران اسٽيشن تان انيڪ پروگرام آن ايئر ٿي چڪا آهن. انهن مان پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان ڪي اهڙا نرالا پروگرام پڻ نشر ٿيا آهن، جن وسيلي ريڊيو جي دنيا ۾ نوان ٽريڊ متعارف ٿيا. خوش قسمتي سان منهنجو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڄم ڏينهن کان وٺي سڌي يا اڻ سڌي طرح تعلق رهيو آهي. 1995 کان ريڊيو جي مختلف پروگرامن جهڙوڪه مشاعرن، مذاڪرن ۽ تقريرن جي حوالي سان ان تعلق جو آغاز ٿيو ۽ اڳتي هلي ريڊيو لاڙڪاڻي جي واحد ادبي پروگرام ۾ شموليت.

Wednesday, 17 June 2015

ڊاڪٽر احسان دانش ــ سچل سرمست جي سُر سسئي جو سماجي اڀياس (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

سچل سرمست جي سُر سسئي جو سماجي اڀياس


سنڌي اساسي شاعري پنهنجي فڪري ۽ موضوعي جهان ۾ ڏاڍي وسيع آهي. قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي جهڙن شاعرن جو ڪلام ڪٿي صنفي يڪ رنگيءَ ته ڪٿي موضوعي هڪ جهڙائي سبب صدين کان سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين تي اثر وڌو آهي. اسان جي انهن ڪلاسيڪي شاعرن جو لب ۽ لهجو ڀلي هڪ ٻئي کان مختلف ئي ڇونه هجي پر سندن سنيهو ساڳيو آهي. هنن پنهنجي شاعريءَ ۾ ميٺ، محبت، امن، انسانيت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي آهي ۽ مذهبي تنگ نظري، انتهاپسندي ۽ بنياد پرستيءَ کان ڪوهين ڏور رهيا آهن سندن اها پرچار ئي اسان کي اصل ۾ سنڌي قوم جو فڪري منشور محسوس ٿئي ٿي. اسان جي عالمن سالن کان انهن ڪلاسيڪي شاعرن جي عظمت جا ڳڻ ڳاتا آهن پر منهنجي خيال ۾ سندن ڪلام جي هڪ رخي مطالعي سبب اڃا سندن اها اهميت اجاگر نه ٿي سگھي آهي، جنهن جا هو مستحق آهن، پر جس آهي انهن عالمن ۽ محققن کي جن انهن شاعرن جي ڪلام جي فقط صوفي فڪر جي پچار کان پري رهندي سندن ڪلام جي سماجي ڪارج تي قلم کنئيون آهي. اهڙن ئي عالمن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو نهايت اهميت وارو آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ”شاهه، سچل سامي“ ۾ ٽنهي شاعرن جي ڪلام بابت همعصر اديبن کان مختلف ۽ ڪارائتي ڏيندي لکيو آهي ته ”شاھ، سچل ۽ سامي، عظمت جي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج جا عظيم ماڻھو آھن. اھي سنڌي سماج جي ھڪ وڏي بحراني دور جي پيداوار آھن. ھو ذھني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليقڪار آھن. ھو پنھنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنھي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آھن. ھو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب آھن. ھو مفڪر به، شاعر به، فنڪار به ھئا. ھو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لڇندڙ ۽ سڄي پنھنجي زندگي ھڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ ھڪ ئي آدرش جا فدائي ھئا.“ (1) تڏهن ئي هنن پنهنجي ڪلام ۾ امن، آجپي، انسان جي ڀلائي، انسان دوستي ۽ نيڪي جو پيغام ڏنو آهي. جويو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته ”ھنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين عملي راھ ڏيکاري ــ قومي تھذيب، قومي مذھب ۽ قومي سياست جي راھ، مشترڪ مفاد ۽ باھمي تعاون جي راھ، محبت، رواداريءَ ۽ اتحاد جي راھ، عمل ۽ قربانيءَ جي راھ. ھنن جي سامھون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب ھو، ۽ ھنن وٽ ان خواب جي تڪميل جو رستو به ھو. ٻيائيءَ ۽ ويڇي کي ھٽائڻ جو، پنھنجن کي پنھنجو ڪرڻ جو، ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو، سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن کي پاڻ ارپڻ ۽ انھن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻھپي جو، ماڻھوءَ جي مريادا ۽ مانَ ۽ ماڻھوءَ جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تھذيب جي عروج ۾ پنھنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو.“ (2) سنڌ جي مذڪوره ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ انساني ڀلائي، مذهبي رواداري، عدم تشدد، سماجي ترقي جهڙا موضوع موجود آهن پر بد قسمتيءَ سان انهن پهلوئن تي تمام ٿورن محققن قلم کنئون آهي. اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن ”پنهنجي شاعريءَ ذريعي بني نوع انسان جي وچ ۾ منافرت، نفاق، منافقي ۽ ڪم ظرفيءَ بدران محبت، اتفاق، سچائيءَ ۽ اعلى ظرفي کي فروغ ڏنو آهي. انسان دوستي ۽ روشن خيالي، سيڪيولر سوچ واري متي سان امن آشتي جي تبليغ ڪئي ۽ مختلف مذهبن ۽ مسلڪن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ امن ۽ رواداري جي قدرن سان رهڻ جو درس ڏنو ۽ صحيح معنى ۾ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جو متو سمجھايو، جيڪو نه صرف سندن پنهنجي پنهنجي دور ۾ سچو هو پر اڄوڪي پُر آشوب ۽ پريشان دور ۾ رهڻ وارن ماڻهن لاءِ به اوترو ئي Relevant ۽ سچو آهي.“ (3)

ڊاڪٽر احسان دانش ــ موهن جو دڙو نالي جي حقيقت، تهذيب، ثقافت ۽ سماج (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


موهن جو دڙو
نالي جي حقيقت، تهذيب، ثقافت ۽ سماج

دنيا ۾ جڏهن به متمدن قومن جي تهذيب ۽ تاريخ تي تحقيقي روشني وڌي وئي آهي تڏهن موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت کي اهميت واري نگاهه سان ڏٺو ويو آهي، ڇو ته موهن جو دڙو نه رڳو سنڌ پر سڄي جهان لاءِ عظيم تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو اهڃاڻ آهي. اسين سنڌ جا ماڻهو ان حد تائين خوش نصيب ضرور آهيون ته اسين دنيا جي ان عظيم تهذيب جا وارث آهيون جيڪا پنج هزار سال اڳ به پنهنجي اوج تي هئي، ان دور جي ماڻهن کي اٿڻ ويهڻ جو ڍنگ هيو ۽ صلح جو ۽ امن پسند هئا، اسين ان تهذيب جي پونئير هجڻ ناتي پنهنجو سِر فخر سان اوچو ته ڪيون ٿا. پر افسوس جو هن وقت تائين موهن جي دڙي تي تحقيقي حوالي سان اوترو ڪم نه ڪري سگهيا آهيون، جيترو ڪرڻ کپي. اسان جي عام ماڻهوءَ وٽ ته اڃا اها ساڃاهه به ڪونهي ته ”موهن جي دڙي جي اهميت ڪهڙي آهي!“ ڪاش کين ڪو سمجهائي ته اهي اگر ان کي بچائڻ لاءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن ته ان کي وڌيڪ برباد ڪرڻ ۾ ته هڪ ٻئي جا ڀاڱي ڀائيوار نه ٿين. اسين اڃا موهن جي دڙي جي نالي وارو سُٽُ به ڪو نه سلجهائي سگهيا آهيون. جيترا وات اوتريون ڳالهيون، ڪن پنهنجي سمجهه ۽ ساڃاهه آهر ته ڪن وري روايتن ۽ مفروضن جي بنيادن تي نالي جي اصليت ۽ حقيقت تي راءِ زني ڪئي آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش ــ سنڌي لوڪ شاعريءَ جو سماجي اڀياس (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

سنڌي لوڪ شاعريءَ جو 
سماجي اڀياس

لوڪ ادب ڪنهن به قوم جو اهڙو انمول ادبي زخيرو آهي، جنهن جي موجودگي ان قوم جي ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۽ عظمت جو دليل آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي لوڪ ادب جو جنم ڌرتيءَ مان ٿئي ٿو، ۽ ان وسيلي عوام جي امنگ ۽ احساس کي نروار ڪيو وڃي ٿو. ’لوڪ‘ آهي ته سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ، پر پاڻ سولي سنڌي ۾ ان جو ترجمو ڪندا آهيون، ’ماڻهو‘ يا ’عوام‘. تنهن ڪري لوڪ ادب جي مفهوم کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ ۾ ڪو مونجھارو نه هجڻ کپي. هي اهو ادب آهي، جنهن جو سڌو واسطو عوام سان آهي، عوام به خاص دهقاني ۽ ڳوٺاڻو. ان ڳالهه ۾ به ڪنهن شڪ جي گنجائش نه آهي ته ڳوٺَ ڪنهن به قوم ۽ سماج جا تهذيبي ۽ ثقافتي گھوارا هوندا آهن ۽ اُتان ئي نج ٻولي اسرندي آهي. تنهن ڪري لوڪ ادب ان ٺيٺ ٻولي ۽ سماجي روايتن جو عڪاس هوندو آهي. لوڪ ادب جي سڃاڻپ عوامي لب ۽ لهجو آهي. ”هر قوم جو لوڪ ادب انهيءَ قوم جو آئينه دار آهي، ڇاڪاڻ جو، لوڪ ادب جو سماجي زندگيءَ سان گھرو تعلق آهي. لوڪ ادب سڀ ڪنهن ملڪ جو اصل ۽ نج شاعريءَ جو عام دفتر آهي، جنهن ۾ صاف ۽ پاڪ ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ عوام جي اخلاق، عادتن، ريتن رسمن، تاريخ، فلسفي، سمجھ ۽ عقل جو سرمايو محفوظ آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ان قوم جي رهڻي ڪهڻي ۽ هلت چلت ڪهڙي آهي.“ (1)
لوڪ، سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو لفظ آهي، لڳ ڀڳ ساڳي معنى ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ فوڪ (Folk) ۽ جرمن ٻوليءَ ۾ ووڪ (Volk) لفظ استعمال ٿيندا آهن. ٽنهي لفظن جو هڪڙو ئي مفهوم آهي، يعني ’ماڻهو‘ يا ’عوام‘. ان حوالي سان ٽنهي لفظن ۾ معنوي يڪ رنگي آهي. اهو ممڪن آهي ته فوڪ ۽ ووڪ جا لفظ ٻوليائي اثرات سبب هڪ ٻئي کان متاثر هجن، جو سندن تلفظي بناوٽ به ذري گھٽ هڪ جهڙي آهي، پر اسان وٽ استعمال ٿيندڙ لفظ لوڪ، تلفظي بناوٽ ۾ هڪ جهڙائي رکڻ باوجود فوڪ ۽ ووڪ جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪهنو آهي. انگريزي ادب ۾ صدين کان فوڪ لور مروج رهيو آهي. ”لور (Lore) جي معنى آهي اهو علم يا معلومات جيڪا انسان جي ماضي جي ورثي طور زنده رهندي آئي هجي، ۽ هلندي هلندي اسان تائين پهتي هجي.“ (2) ”فوڪ لور جو لفظ سال 1846ع ۾ ڊبليو. جي ٿامس (W.J Thomas) پنهنجي جريدي اٿينائيم (Aethenaeum) ۾ ڪم آندو هو.“ (3) پر اهو واضح هجي ته اسان جو لوڪ ادب ان کان آڳاٽو علمي زخيرو آهي.

ڊاڪٽر احسان دانش ــ (شاعري ــ قدامت، افاديت ۽ سماجي ڪارج) (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

شاعري
قدامت، افاديت ۽ سماجي ڪارج

شاعري انسان جي فطري اظهار جو سڀ کان قديم ذريعو آهي. دنيا جي قديم تاريخ جا ورق ورائڻ سان اها ئي شاهدي ملي ٿي ته نه رڳو غير مهذب دور ۾ شاعري کي جادو ۽ ٽوڻن ڦيڻن طور استعمال ڪيو ويندو هو پر هر مهذب ۽ متمدن قوم پنهنجي پنهنجي مذهبي رسومات کان وٺي سماجي ڪار وهنوار تائين ابتدائي طور پنهنجي اظهار جو وسيلو شاعري کي ئي بڻايو. آڳاٽي زماني ۾ شاعريءَ جي ذريعي ئي ديوين ۽ ديوتائن کي ڀيٽا ڏني ويندي هئي. ان کان علاوه شاعري جي وسيلي مذهبي رهنمائن، اڳواڻن، بادشاهن توڙي طاقتور ماڻهن جي مدح سرائي پڻ ڪئي ويندي هئي. ان وقت شاعري جو سماجي ڪارج اهو ئي هيو. هتي هڪ ٻي ڳالھه به دلچسپ آهي ته هن وقت تائين سڄي دنيا ۾ جن ڪتابن کي مذهبي طور مقدس ڪتاب سمجھيو وڃي ٿو، اهي پڻ اڪثر شاعراڻي اسلوب جو پورائو ڪن ٿا. تنهن ڪري شاعري انساني تاريخ سان جڙيل هڪ اهڙو باب آهي جنهن کي تاريخِ آدم کان ڪڏهن به ٻاهر نه ٿو ڪري سگھجي.
ان کان اڳ جو شاعريءَ جي قدامت، اهميت ۽ سماجي ڪارج تي ڪجهه وڌيڪ ڳالهائجي، بهتر ٿيندو، ته شعر ۽ شاعريءَ بابت ڪي بنيادي ڳالهيون ۽ وصفون پيش ڪجن. ”شعر لفظ جي معنى عربي ۾ آهي ”ڄاڻ“. انگريزي ترجمو ان جو ڪجي ته ٿيندو Perceive. شاعر جي لاءِ انگريزي لفظ Poet. Poet يوناني لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي “Maker” جڏهن ان لفظ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو ”صنعت گر“. يا وري ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو “Craftsman”. شعر جو لفظ عربي لفظ ’شعور‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى دانائي پروڙ يا دريافت ڪرڻ آهي..... يوناني زبان ۾ شاعر کي Poet يعني صانع يا خالق چوندا هئا ۽ روما وارا شاعر ۽ نبي يعني غيب جي خبر ڏيڻ واري جي لاءِ هڪ ئي لفظ (Vates) استعمال ڪندا هئا. عربي، فارسي (سنڌي) ۽ اردو ۾ شاعريءَ جو لفظ استعمال ٿيندو آهي جنهن جي اصل معنى باخبر ۽ خبر ڏيندڙ طور آهي. سنسڪرت جي لفظ ڪوي جي به اصلي معنى دانشور ۽ عارف جي آهي.

Saturday, 6 June 2015

امر جليل جي ڪهاڻين جو فني اڀياس ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

       
     ڊاڪٽر احسان دانش

امر جليل جي ڪهاڻين جو فني اڀياس
ادب جي سمورين صنفن مان ڪهاڻي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن جي لذت نرالي آهي. شايد ان جو وڏو سبب اهو به آهي جو ان ۾ اسان کي پنهنجي ۽ پاڻ جهڙن انيڪ ماڻهن جي تصوير نظر اچي ٿي، اهي ماڻهو جيڪي اسان جي ئي سماج ۾ اسان جي آس پاس رهن ٿا، جن جا چهرا ڄاتل سڃاتل لڳن ٿا ۽ جن جا ڪم، ڪرتوت ۽ عمل روز ڏسجن ٿا.... ڪهاڻين ۾ ته اهي ماڻهو به وائکا ٿين ٿا جيڪي روز پنهنجن چهرن تي هڪ نئون ماسڪ چاڙهي گھمن ٿا. ڪهاڻين ۾ اهو سڀ ڪجھ هوندو آهي جيڪو اسين پنهنجي اردگرد ڏسندا آهيون يا ڏسڻ چاهيندا آهيون، ڇوته ڪهاڻيون زندگيءَ جو عڪس ۽ اولڙو آهن انهن ۾ انساني احساسن ۽ امنگن جون اهڙيون تصويرون آهن جن کي اسين پنهنجي روح جي قريب محسوس ڪندا آهيون. ڪهاڻين ۾ اسين دک ۽ ڪرب جو ذائقو به چکندا آهيون ته جيون جي حسناڪين ۽ رنگينين کي به پسندا آهيون تنهن ڪري غلام محمد گرامي جا اهي لفظ سچ آهن ته ”انسان ۽ ان جي سماجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي ترجماني جيتري افساني / ڪهاڻيءَ ۾ ٿي سگھي آهي اوتري نه شعر و شاعريءَ ۾ ٿي سگھي آهي ۽ نه تاريخ ۾. افسانو انسان جي ڪنهن نه ڪنهن جذباتي عمل ۽ رد عمل جي اهڙي ته سادي، موثر، دلڪش ۽ هوبهو تصوير پيش ڪري ٿو جنهن کان پڙهندڙ جو ذهن هر حال ۾ متاثر ٿئي ٿو. ائين ٿيڻ سان ان تاثر جو سلسلو وسيع ٿيندي ٿيندي انساني حيات جا ٻيا به ڪيئي شعبا پنهنجي گرفت ۾ آڻي ٿو. خاص طرح سان طبقاتي ڪشمڪش جا سڀ پهلو پنهنجي مڙني خباثتن سان ظاهر ٿين ٿا. ايتري قدر جو پڙهندڙ پاڻ کي اهڙي معاشري جو هڪ زنده جُز سمجھڻ شروع ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته اُهي سڀ حالات ۽ واقعات ڄڻ ته سندس اکين اڳيان يا سندس پاڙي ۾ يا سندس ڳوٺ ۾ يا خود مٿس گذري رهيا آهن. افساني جي مختلف ڪردارن جي عمل ۽ خيال، ارادي ۽ نيت، ظلم ۽ تشدد جي اهڙي عڪاسي ڏسي پڙهندڙ ۾ هڪ طرف نفرت ۽ حقارت ٿا پيدا ٿين ته ٻئي طرف اصلاح ۽ تبديليءَ جو منجھس پُر جوش طوفان ٿو پيدا ٿئي ۽ ٽئين طرف همدردي ۽ پيار، خيرخواهي ۽ انسان دوستيءَ جو اڻمٽ جذبو ٿو پيدا ٿئي. اثر پزيري ۽ اثر انگيزيءَ جي ان عالم ۾ پڙهندڙ سچ ۽ ڪوڙ، هيڻي ۽ ڏاڍي، ظالم ۽ مظلوم جي پس منظرن کان واقف ٿئي ٿو.“ (1) اهڙي طرح ڪهاڻي پڙهندڙ سان هڪ اٽوٽ رشتو جوڙي ٿي. دنيا جي افسانوي ادب ۾ اهڙيون ڪيئي عظيم ڪهاڻيون ملنديون جن پنهنجي پنهنجي سماج تي گھرا اثر ڇڏيا ۽ اهي پنهنجي دور تي ڇانئيل رهيون. اهڙا عظيم تخليقڪار جن جي قلم اهڙيون عظيم تخليقون سرجيون اهي مري وڃڻ باوجود ادب جي دنيا ۾ امر آهن ۽ اهڙن امر ڪردارن جي ڪٿا ڪڏهن به پراڻي ٿيڻ جي نه آهي.

Thursday, 1 May 2014

ڪارونجھر جي ڪور تي پياسي مور جي رڙ -- احسان دانش (Ahsan Danish)



احسان دانش

ڪارونجھر جي ڪور تي پياسي مور جي رڙ

(ناياب کوکر جي ڪهاڻي ڪتاب ”زندگيءَ جي ويڙهه ۾“ جو مهاڳ)

مناسب قد واري اها سنهڙي ڇوڪري جيڪا ڪلاس ۾ مونکان هميشه اهڙا سوال ڪندي هئي جن جي جواب ۾ وري هڪ نئون ليڪچر شروع ٿي ويندو هيو. اها ئي ڇوڪري ڪيترو تخليقي ذهن رکندڙ ڏاتيار آهي، ان جو پتو مونکي تڏهن پيو جڏهن هن پنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب موڪلي ڏنو. نرگس جي تخليقي صلاحيت جا ترورا ته مون ان ڏينهن محسوس ڪيا هيا، جيڪو ٽرينگ جو آخري ڏينهن هيو. استادن ۾ ٽيچنگ اسڪلس پيدا ڪرڻ لاءِ اهو ٽرينگ پروگرام 2011 ۾ لاڙڪاڻي ۾ رکيو ويو هيو. اهي سخت گرميءَ جا ڏينهن هيا ۽ مان گرميءَ کان بيزار. پر پوءِ هڪ دوست جي حجت تي ماسٽر ٽرينر طور ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻو پيو. ٽرينگ جي آخري ڏينهنِ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ٽرينگ بابت رفليڪشن وٺڻو هيو. جنهن ۾ نرگس به رفليڪشن ڏنو هيو. هن پهريان پنهنجو مختصر تعارف ڪرائيندي چيو هو ته هوءَ 1988 ۾ پيدا ٿي.......... ان ڏينهن هوءَ مونکي پنهنجي تخليقي عمر جيتري لڳي هئي.