Wednesday, 2 September 2020

لڇمڻ ڪومل جي غزلن جو اڀياس ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

لڇمڻ ڪومل جي غزلن جو اڀياس

 

 

شاعري هڪ اهڙي دنيا آهي، جنهن کي مڪمل طور ڪوبه تسخير نه ڪري سگھيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت تائين شاعريءَ جون اڻ ڪٿيون وصفون ته بيان ڪيون ويو آهن پر حتمي وصف بيان نه ٿي سگھي آهي، تنهن ڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته ’شاعري‘ وصفن کان اڳتي هڪ اهڙو احساساتي ڪرشمو آهي، جنهن کي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ بيان نه ٿو ڪري سگھجي. نامياري شاعر ۽ نقاد لڇمڻ ڪومل به سنڌي ٻوليءَ جي برجستي شاعر نند جويري جي شعري مجموعي ”اکر ڪٿا“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”دنيا جو ڪو به دانشور، ويندي اُستاد اَرسطوءَ جهڙو ڏاهو شخص به شاعريءَ جو صحيح ۽ چٽو مفهوم پيش نه ڪري سگهيو آهي. ڪن پارکن شاعريءَ کي اندر جي اڌمن جو آواز ڪري ڪوٺيو آهي. ڪن شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو درجو ڏيئي پير پرستيءَ ڏانهن مائل ڪيو آهي ۽ ڪن روايتي انداز ۾ جذبن جي پلٽ پلٽان کي سٽن ۾ سرجڻ جو سلسلو ڪري ڄاڻايو آهي. پر خالص شاعري انهن معنائن، مفهومن ۽ مطلبن کان گهڻو مٿي ۽ مختلف آهي...... منهنجي نظر ۾ پڻ مختلف گهڙين ۾شاعريءَ جا الڳ الڳ رخ ۽ وهنوار پئي رهيا آهن. جيڪي مبهم ۽ اڻ چٽيا رهيا آهن جو مختلف دورن ۾ شاعريءَ جا رنگ روپ ۽ نّظريا به وقت جي وهڪرن سان وهندا رهيا آهن. انڪري جدا جدا دورن جي شاعري رڳو پنهنجي دورن ۽ وقت جي تقاضا پوري ڪندي رهي آهي.(1)

شاعري بيشڪ مختلف دورن ۾ پنهنجي وقت جي تقاضا جو پورائو ڪندي رهي آهي ۽ اهو ئي شاعريءَ جو سماجي ڪارج به آهي. پر حقيقت اها آهي ته ”شاعري هڪ پيچيده تخليقي عمل آهي. ان جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ جيتوڻيڪ مختلف عنصر ڪارفرما هوندا آهن پر اهي عنصر اهڙي ته لطيف انداز ۾ هڪ ٻئي سان جڙيل هوندا آهن جو جڏهن انهن جو الڳ الڳ تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته انهن جي تخليقي سرشاري ۽ جمالياتي تازگي بي تاثير ٿي ويندي آهي. شاعر جو اهو عمل پکيءَ جي اهڙي عمل جهڙو چئي سگھجي ٿو جو جيئن هو پنهنجي آکيري لاءِ ڪک ڪک گڏ ڪندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي جمالياتي احساس ۽ تخليقي قوت (ڇوته ان کان بغير مخصوص ڪکن جو گڏ ڪرڻ بيڪار آهي.) کي اهڙي ريت پاڻ ۾ ڳنڍيندو آهي جو انهن ڪکن جي انفرادي حيثيت باقي نه رهندي آهي ۽ آکيري جي صورت ۾ هڪ تخليقي وحدت ظاهر ٿيندي آهي.

اها تخليقي اڪائي ڪکن جي الڳ الڳ تجزيي سان قائم نه رهي سگهندي آهي. آکيري جي اڻت ۽ شعر جي اڻت ۾ بظاهر ڪا هڪجهڙائي نه آهي پر ٻنهي جي ٺهڻ ۾ هڪ ئي اصول ڪارفرما نظر ايندو آهي. شعر جا ترڪيبي جزا به هڪ ٻئي ۾ جذب ٿي هڪ تخليقي وحدت کي جنم ڏيندا آهن. ان تخليقي وحدت يا اڪائيءَ جي ساڃاهه لاءِ هڪ ٻئي مثال مان به مدد وٺي سگھجي ٿي. مختلف درياهه، نديون ۽ وهڪرا جمع ٿي بلڪه هڪ ٻئي ۾ گڏ سڏ ٿي (يا پنهنجي ظاهري وجود جي نفي ڪندي) هڪ وحدت (سمنڊ) کي جنم ڏيندا آهن. ان وحدت (سمنڊ) ۾ جيتوڻيڪ انهن سمورن ترڪيبي جزن (درياهه، ندي، وهڪري) جو رنگ ڍنگ شامل هوندو آهي پر انهن جو الڳ الڳ تجزياتي مطالعو نه ٿو ڪري سگھجي. چئجي ته تخليقي وحدت ترڪيبي عنصرن جي ذاتي تشخص کي ميٽي وجود ۾ ايندي آهي.“ (2)

شاعري، جيڪا مختلف صنفن تي آڌاريل هجي ٿي، اصل ۾ اهي صنفون اظهار جي الڳ الڳ قالبن وانگر ئي آهن. ننڍي کنڊ ۾ مقبول عروضي صنفن منجھان غزل اهم ترين شعري صنف آهي، جنهن تي اڄ سوڌو مختلف ٻولين ۾ طبع آزمائي ٿي رهي آهي ۽ ان صنف ۾ نوان نوان تجربا پڻ ٿيندا رهن ٿا. خود سنڌي غزل به گذريل ڪجھ ڏهاڪن کان سنڌي شاعريءَ جي مقبول صنف بڻجي پيو آهي. جيتوڻيڪ عروضي شاعريءَ ۾ غزل هڪ مشڪل صنف آهي، جنهن سان نڀاءُ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، پر اڄوڪي سمي ۾ هر شاعر غزل جي صنف ۾ پنهنجن جذبن ۽ احساسن جي پالوٽ ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هند سنڌ جا اڪثر شاعر اسان کي غزل گو نظر ايندا. غزل شاعريءَ جي هڪ اهڙي نرمل ۽ نفيس صنف آهي جنهن کي وڏي احتياط جي آڱر سان ڇهڻ جي ضرورت آهي. غير تجربيڪار فنڪار جي ڇهاءَ سان ان جي حسن کي هيڪاري ڇيهو به رسي سگھي ٿو. تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ غزل جي نزاڪت ان جو اولين ڳڻ آهي.

غزل جي ڳڻن جي ڳالهه نڪرندي ته ڪتاب کولڻا پوندا، وصفون ڳولڻيون پونديون، نقادن جا رايا پڙهڻا پوندا. هن اڀياس ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون لکڻ جو منهنجو ڪوبه ارادو نه هيو، پر پوءِ سوچيم ڪي ٻه چار ڳالهيون ضروري به آهن جن کان سواءِ هي اڀياس اڳتي وڌي نه سگھندو. طارق هاشمي پنهنجي ڪتاب ”اردو غزل نئي تشڪيل“ ۾ مختلف شعبن ۾ غزل جي مروج  معنائن متعلق ان جي چار حيثيتن تي هن طرح روشني وڌي آهي: ”غزل جي پهرين حيثيت بطور عربي لفظ جي ان جي لغوي معنى حسن ۽ عشق جون ڳالهيون، عورتن جون ڳالهيون يا عورتن سان ڳالهيون آهي....... غزل جي ٻي حيثيت اصطلاحي آهي، پر ان جو تعلق شاعريءَ بجاءِ موسيقيءَ سان آهي. ”قول و غزل“ موسيقي جا معروف اصطلاح آهن..... غزل جي ٽين حيثيت تغزلِ قصيده جي طور تي آهي.... فارسيءَ ۾ تغزل مان مراد اهو لطيف پيرايو آهي، جنهن سان قصيدي جو آغاز ٿيندو هو. انهن شعرن ۾ شاعر عاشقاڻا شعر دل پزير انداز ۾ چوندو هو، جنهن کان پوءِ ممدوح جي تعريف شروع ٿيندي هئي. ان حصي کي تشبيب، نسيب ۽ غزل ٽنهي معنائن سان منسوب ڪيو ويو آهي. غزل جي چوٿين حيثيت شاعريءَ جي اصطلاح جي طور تي آهي. يعني هڪ اهڙي صنفِ سخن جيڪا مخصوص ترڪيبي عنصرن تي مشتمل هڪ شعري هئيت رکندي هجي.“ (3)

شعر ۽ سخن جي جهان ۾ ’غزل‘ جي صنف جيتوڻيڪ اڄ تائين پنهنجي اصلوڪي معنى ۽ مفهوم توڙي غنائيت ۽ موسيقي سان سلهاڙيل آهي ۽ تشبيب جي خوبي سان به مالامال آهي پر فڪري لحاظ کان ان جون سرحدون نهايت ڪشاديون ٿي چڪيون آهن. نئين غزل کي ڪنهن مخصوص فڪر ۽ نظريي جي دائري ۾ قيد نه ٿو ڪري سگھجي. اڄوڪو غزل اهڙو آزاد پنڇي آهي، جنهن جا پنهنجا نوان آڪاس آهن ۽ اهو ڪنهن به نئين ڪائنات جي تسخير ڪري سگھي ٿو. سنڌي غزل جڏهن روايتي فارسي ماحول کان دامن ڇڏائي گيڙو ويس اوڍيو ته ان ۾ سنڌ جي ثقافتي رنگن سان گڏ سنڌ جي مٽيءَ جي سڳنڌ به سمائجي وئي. هاڻي اهو غزل نئون غزل بڻجي پيو. ڊاڪٽر اياز قادري ان نئين غزل تي ڳالهائيندي لکيو آهي: ”نئين غزل ۾ پراڻي روايت جي انڌي تقليد ڏسڻ ۾ نٿي اچي. نئين غزل جي اسلوب ۾ گهڻو ڦيرو اچي چڪو آهي. نئون غزل پنهنجي دامن تان پراڻين تشبيهن، استعارن ڪناين جي دز ڇنڊي ڦوڪي ڇڏي آهي. اڄ ان ۾ نه بلبل ۽ شمع و پرواني جا روايتي عشق ۽ محبت جا داستان دهرايا وڃن ٿا، نه ان ۾ اسان کي ساقي جام بدست ۽ مينا به دوش ڏسڻ ۾ ٿو اچي، نه ئي اسان کي ان ۾ اهڙا ميڪش ۽ ميخوار ڏسڻ ۾ ٿا اچن جي پنهنجي زندگيءَ ۽ سماج جي معاملن کان بي خبر هر وقت نشي ۾ ٻڏل رهن ٿا. اسان کي موجوده غزل ۾ سروَ ۽ طوبيٰ قد سهڻا به ڏسڻ ۾ نٿا اچن، جن جا زلف سنبل ۽ سوسن آهن، جن جون اکيون نرگس ۽ ڳل گلاب جا گل آهن. نه وري نئين غزل ۾ اهڙن عاشقن جو ذڪر آهي جي گهر ٻار ڇڏيون، ڪپڙا ڦاڙيون، مٽي مٿي ۾ وجهيون، چريا ٿيو دشت و صحرا ۾ مجنون مثل سرگردان آهن.“ (4) خاص طور سنڌي غزل روايت کان جدت ڏانهن سفر ڪندي جنهن جو آغاز خليفي گل محمد گل کان ٿئي ٿو، هري دلگير، شيخ اياز، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، استاد بخاري، واسديو موهي، ارجن حاسد، ايم ڪمل ۽ لڇمڻ ڪومل کان ٿيندي نئين ٽهي جي نوجوان غزل گو شاعرن تائين پنهنجي هئيت ۽ موضوعن ۾ زبردست نواڻ آندي آهي، پر هن اڀياس ۾ منهنجو مقصد رڳو نئين سنڌي غزل تي روشني وجھڻ ناهي، ڇوته هي مقالو لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا جي غزلن جي اڀياس تي مشتمل آهي، پر ان اڀياس کان اڳ مجموعي طور ڪي ڳالهيون لڇمڻ ڪومل جي شاعريءَ بابت ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.

ڪجهه عرصو اڳ جڏهن ميڊم وينا شرنگي هڪ ميسيج وسيلي مونکي سائين لڇمڻ ڪومل جي شاعريءَ تي اڀياس لکڻ لاءِ زور ڀريو ته سچ پچ هڪ لڱا سوچيم ته ڪومل صاحب شاعر به هيو ڇا؟ ڇوته هن کان اڳ مان کيس هڪ نثرنگار طور ئي سڃاڻيندو هيس ۽ اها پڻ ڄاڻ هئي ته هن جو صحافت جي ميدان ۾ به وسيع تجربو هيو. مون وٽ هن جي سڃاڻپ هڪ صحافي، تجزيا نگار، مضمون نويس ۽ نقاد واري هئي ۽ ويجھڙ ۾ هن پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ به وڏي بولڊ انداز ۾ لکي هئي. جنهن جون ڪجھ قسطون مون ”سوجھرو“ ۽ ”سارنگا“ ۾ پڙهيون هيون. مونکي پنهنجي ڪم عملي جو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن ميڊم وينا شرنگي، ڪومل صاحب جا ڪيترائي غزل ۽ نظم مون ڏانهن اماڻيا. خبر پئي ته 1975ع ۾ لڇمڻ ڪومل جو هڪ شعري مجموعو ”جيءَ جھروڪا“ پڻ شايع ٿيل آهي جنهن ۾ هن جا آزاد نظم/ نثري نظم هيا، ان ڪتاب تي کيس ساهتيه اڪيڊمي دهلي پاران 1976 ۾ هند جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا کولي ڏٺم ته لکيل هيو. ”هو ورهاڱي کانپوءِ وارن شاعرن ۾ سٺو مقام رکي ٿو ۽ غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر آهي. ڀارت ۽ ان کان ٻاهر ”آل انڊيا پوئٽري سمپوزيم“ ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ پڻ ڪيترا ڀيرا ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي اٿس. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي.“ (5) مان لڇمڻ ڪومل جي هڪ شاعر واري حيثيت کان شايد ان ڪري ئي واقف نه هيس جو هند ۽ سنڌ ۾ سرحدي فاصلن سبب ساڳي ئي ٻوليءَ جي اديبن جو مواد به هڪ ٻئي کي آساني سان ميسر نه ٿو ٿئي. جيتوڻيڪ هاڻي ان مواد جي حصول ۾ ڪجھ آسانيون پيدا ٿي پيون آهن پر لڇمڻ سائين جي شاعري ڇوته چار ڏهاڪا اڳ شايع ٿي هئي تنهن ڪري ان کي حاصل ڪرڻ ڪو ايڏو آسان ڪم به نه هيو. بهرحال وري به مان ميڊم وينا جو ٿورائتو آهيان جنهن ڪومل صاحب جي اهڙين ڪومل ڪوتائن سان آشنائي ڪرائي، جنهن کي پڙهي مونکي دلي سرهائي ٿي آهي. ان سرهائيءَ سان گڏ هڪ سوال به ذهن ۾ ڦيرا ڏيندو رهي ٿو ته لڇمڻ ڪومل پنجاهه واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن کان شاعري شروع ڪندي ستر واري ڏهاڪي تائين ئي شعر چيو ۽ پوءِ شاعريءَ کي الوداع چيو. اهڙي پختي شاعر ڀلا شاعريءَ کان پنهنجا رستا ڌار ڇو ڪيا؟! ان جا ڪيئي جواب ٿي سگھن ٿا پر مون کي انهن مان ڪو به جواب معلوم ناهي. ها البته لڇمڻ ڪومل جي شاعريءَ جي ڪتاب ”جيءَ جھروڪا“ تي کيس ايوارڊ ملڻ بعد هند ۾ جيڪو چوٻول ٿيو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ ۾ به ڪجهه مڌم انداز ۾ ڪيو آهي، تنهن چوٻول جو هتي ذڪر ڪرڻ بنان مان رڪارڊ تي موجود سندس شاعري ۽ خاص طور غزل جي حوالي سان پنهنجا ويچار ونڊڻ چاهيان ٿو.

هي مقالو لکندي جڏهن پنهنجي مطالعي کي وسيع ڪيم ۽ لڇمڻ ڪومل بابت لکيل مواد کي نظر مان ڪڍيم ته خبر پئي ته سندس سڃاڻپ جو پهريون حوالو ئي شاعري آهي. منهنجي هم عصر شاعر ۽ نثر نگار رکيل مورائي پنهنجي هڪ مضمون ”لڇمڻ ڪومل ۽ سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته ”لڇمڻ اول ۽ آخر شاعر آهي ۽ هند ۾ هُن جي اهائي اهم سڃاڻپ آهي، هُو شاعريءَ جي سمورين باريڪين کان واقف هُئو، ڇاڪاڻ ته هُن کي شروعاتي ڄمار ۾ نارائڻ شيام ۽ پراسرام ضيا جهڙا شاعر مليا، جن سان هن گڏجي شاعري ڪئي ۽ هند ۾ هُن کي هرو مل سدارنگاڻي خادم جهڙو عروض جو ڄاڻو استاد مليو. جنهن کيس ٺپي ٺاهي هڪ لاجواب غزل گو شاعر بڻايو.“ (6) جيتوڻيڪ هن غزل سان گڏ نظم ۽ نئين ڪويتا پڻ لکي ۽ ڪاميابيءَ سان لکي پر سندس غزلُ پنهنجي عروضي تقاضائن سان بلڪل هم آهنگ، فني طور پختو ۽ فڪري طور گھرو نظر اچي ٿو. منهنجي دعوى جي دليل طور سندس هي غزل ئي پڙهي ڏسو:

مشڪين تون پاڻ ويٺي نظارن جي گود ۾
چمڪي ٿو يا ڪو چنڊ ستارن جي گود ۾؟
ڪنهن جو ڪرشمو آهه، هي ڪنهن جو ڪمال آهه،
طوفان جذب ٿي ويا ڪنارن جي گود ۾!
ان ريت مسڪرائي غمن ۾ به زندگي
جيئن ڦول مسڪرائي ڪو خارن جي گود ۾!
ڪومل پڇج انهن کان محبت جي درد جو
آئي نه جنکي ننڊ بهارن جي گود ۾!

          مٿيون غزل، غزل جي بنيادي وصف ۽ گھرجن مطابق مُنڊيءَ تي ٽِڪَ وانگر ئي ته آهي. محبوب جو مست نظارن ۾ مرڪڻ، ستارن جي گود ۾ چنڊ جي چمڪڻ جهڙو آهي. طوفانن جو ڪنارن جي هنج ۾ جذب ٿيڻ آخر ڪنهن جو ڪرشمو آهي! غمن ۾ مرڪندڙ زندگي خارن جي وچ ۾ کلندڙ گلن جهڙي آهي ۽ محبت جو درد بهارن جي هنج ۾ بي آرام ماڻهن کان پڇڻ کپي. سچ ته هي غزل مونکي ڪنهن گلزار وانگر ئي لڳي ٿو. جنهن ۾ طرحين طرحين گل آهن. هر گل ۾ پنهنجو رنگ ۽ خوشبو آهي. حسين تشبيهن جي حسن سان سينگاريل ڪومل جي هن غزل ۾ نه رڳو رومانوي فضا پئي پسجي پر غم ۽ خوشي جي ڳالهين مان زندگيءَ جو جھلڪ به ڏسجي پئي.

          غزل جي ٻين کوڙ خوبين سان گڏ ان جي هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته ان جو هر شعر / بيت پنهنجي هڪ الڳ دنيا رکي ٿو. جيڪڏهن غزل جي شعرن کي ستارن سان تعبير ڪجي ته هڪ غزل ڪنهن گئلڪسيءَ جيان ئي لڳندو. غزل جي انهيءَ خوبيءَ بابت شيخ عبد الرزاق راز لکيو آهي ته ”غزل جو هر هڪ بيت ڪنهن جداگانه تخيل ۽ تجربي جي پيداوار ٿئي ٿو، تنهن ڪري غزل جي هر بيت جو مضمون منفرد ۽ مڪمل نظريي جو حامل رهي ٿو. جنهن مان هڪ مڪمل تجربي جو مواد حاصل ٿئي ٿو. غزل جي مختلف بيتن ۾ مختلف خيال ۽ تجربن پيش ڪرڻ سان غزل جي سونهن برقرار رهي ٿي. غزل ۾ گھڻو ڪري مضمون جو سلسلو نه رهندو آهي. جيڪڏهن سڀني بيتن ۾ هڪ ئي مضمون آندو وڃي ۽ غزل ۾ تسلسل قائم رکجي ته اهو غزل جي روايت جي خلاف قانوني طور هڪ عيب سمجهيو وڃي ٿو.“ (7) لڇمڻ ڪومل جي غزلن ۾ الڳ الڳ بيتن / شعرن ۾ خيالن جي رنگين دنيا نظر اچي ٿي. مثال طور سندس هي غزل پڙهجي:

 

اندر! اندر لاچاري بيزاري آ
ٻاهر! ٻاهر مان ۽ دنياداري آ.

برفن جا گھر ٺاهي ويٺو هرڪوئي
تيزي اُسَ جي، تيزيءَ سان ئي جاري آ.

هن پَلَ جو پس منظر ڪوئي ڏسي اچي،
هر ڪا صورت ڪيڏي پياري پياري آ.

ڪهڙا ڪهڙا ٿوهر اُڀريا ڌرتيءَ تي،
مٽيءَ جي پڻ پنهنجي ڪا لاچاري آ.

ڪهڙيون ڪومل تن کي ڏيون ميارون ڪي،
جن جي فطرت ۾ ئي دل آزاري آ.

          مٿيون غزل، جديد غزل جون سموريون گھرجون پوريون ڪندڙ آهي. جنهن ۾ شاعر پنهنجي داخلي احساسن کي ئي لفظن جي لڪيرن ۾ پورٽريٽ نه ڪيو آهي پر خارجي آزمودن ۽ تجربن کي به شعري قالب ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي. هڪ پاسي اندر جي بيزاريءَ هڪ داخلي احساس آهي، ته ٻي پاسي ٻاهر دنياداري سماجي ٻنڌڻن ۽ خارجي معاملن سان مُنهن ڏيڻ جو احساس ڏياري ٿي. غزل جي مطلع وارن ٻنهي مصرعن جي منڍ ۾ ڏنل لفظ ’اندر‘ ۽ ’ٻاهر‘ اصل ۾ شاعر جا پاڻ کان ئي پڇيل سوال آهن، جن جا خود ئي جواب ڏئي ٿو. ائين سمورو غزل انسان جي اندر ۽ ٻاهر جي ڪيفيتن ۽ معاملن سان رچيل آهي.

          غزل جي فني حسناڪين ۾ جماليات ۽ موضوعي سونهن ۾ رومانيت جي وڏي اهميت آهي. رومانس کان سواءِ غزل جي فضا ڏاڍي ٻُسي محسوس ٿيندي آهي. لڇمڻ ڪومل جا غزل جماليات توڙي رومانويت جي حسن سان مالا مال آهن.

ڪڏهن هن سان اهڙي ملاقات ٿيندي،
زبان بند هوندي مگر بات ٿيندي!

اگر گفتگو جي اجازت نه ملندي،
ته ظاهر نگاهن مان  جذبات ٿيندي!

هن غزل ۾ به هڪ روايتي غزل وارا سمورا لوازمات موجود آهن. فن جي سطح تي ٻوليءَ جي نزاڪت، اسلوب ۽ وزن بحر جي پابندي، ۽ فڪر جي سطح تي موضوع سان نڀاءُ ٿيل آهي. عشق ۾ اکيون زبان بڻجي وينديون آهن ۽ لب خاموش هوندا آهن. نگاهون ئي جذبن جو بيان ڪنديون آهن. اهي ڳالهيون ڪيترن ئي عاشقن ۽ شاعرن پنهنجي پنهنجي انداز سان ڪيون آهن پر انهيءَ غزل ۾ لڇمڻ ڪومل جو هڪ شعر آهي، جنهن کي هن ڏاڍي حسين انداز ۾ بيان ڪيو آهي:

ڪيم ضبط آهون ته پيا لڙڪ ڇُلڪي
هوا بند هوندي ته برسات ٿيندي!

          هي اهو ڊڪشن آهي، جيڪو ڪنهن به شاعر کي پنهنجي ڌار سڃاڻپ ڏيندو آهي. ڪومل ان شعر ۾ پنهنجي ڪيفيتن کي بيان ڪندي ’آهُن‘ کي هوا ۽ ’لڙڪن‘ کي برسات سان تشبيهه ڏئي شعر کي جيڪو حسن بخشيو آهي ان جو جواب ناهي. اهڙي طرح ڪومل جي شاعريءَ ۾ جڳهه جڳهه تي فني ۽ فڪري جمال جھلڪي ٿو. مثال طور سندس هي غزل پيش آهي:

ڪندي توبهه به محفل ۾ جي مئي آئي ته ڇا ٿيندو؟
تصور ۾ اگر ڪاري گھٽا ڇائي ته ڇا ٿيندو؟

مڃو سين توکان منهنجي اک ڀنل ڏسجي نه ٿي سگھجي
اگر رخصت جي ويلي ڀرجي اک آئي ته ڇا ٿيندو؟

محبت ۾ گوارا آهه خاموشي به تو خاطر،
پسي توکي نظر محفل ۾ شرمائي ته ڇا ٿيندو؟

تنهنجي هن بي نيازيءَ کان نه دل ۾ درد پيدا ٿئي،
ڪريان مان ضبط آهون، ڀرجي اک آئي ته ڇا ٿيندو؟

ستم ٿيندو اڪيلائيءَ ۾ تنهنجي ياد جو ايندي،
طبيعت هجر جي راتين ۾ گھٻرائي ته ڇا ٿيندو؟

          مٿين غزل ۾ بيشڪ مجازي موهه جون ڳالهيون آهن، پر اندازِ تخاطب ڪيڏو نه حسين آهي. توبهه جي باوجود محفل ۾ آيل مئي کي ٺڪرائڻ ۽ تصور ۾ ڪاري گھٽا ڇائجڻ غزل کي هڪ رومانوي رنگ ته ڏئي ٿو پر ’ڀنل اک‘، ’شرميلي نگاهه‘ ۽ ’اڪيلائيءَ ۾ ياد‘ جهڙيون علامتون هن غزل ۾ غزل جي خالص رنگِ تغزل کي گھرو ڪندي لفظي ۽ احساساتي جمال جون خوبيون به پيدا ڪن ٿيون. لڇمڻ جو اهڙين ئي خوبين وارو هڪ ٻيو غزل به ڏسو:

تنهنجي نظرن جو ٿي شڪار آيو
عشق ۾ جو به دل فگار آيو.
دل ۾ تنهنجو خيال آيو ائين،
ڄڻڪ ويراني ۾ بهار آيو.
ساٿ دل کي جتي نه ڪنهن به ڏنو،
تنهنجو ويچار بار بار آيو.
ڪيئن نه بيتاب ڏس شباب بڻيو،
جيئن ذرا حسن تي نکار آيو.

          لڇمڻ ڪومل جي غزلن جي ٻولي ڏاڍي پياري ۽ نج نبار آهي. جيتوڻيڪ جنهن دور ۾ هن شاعريءَ سان ناتو جوڙيو هيو، تنهن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجندڙ غزل اڃا فارسي ترڪيبن ۽ استعارن کان مڪمل طور آجو نه ٿيو هيو، ۽ اهڙي ڪجهه ڪجهه جهلڪ لڇمڻ جي غزلن ۾ به نظر اچي ٿي، ۽ اهو به سچ آهي ته ڪومل وٽ ’چشمِ پُرنم‘، ’دل فگار‘ ۽ ’نگاهِ يار‘ جهڙا شعري استعارا ۽ ترڪيبون به ملن ٿيون، جيڪي اصل ۾ فارسي غزل جو ئي ورثو آهن، پر تنهن هوندي به هن جا غزل گھڻو تڻو سنڌي ٻوليءَ جي نج لهجي جي خوشبو ڏيندڙ آهن. مان هند ۾ رهندڙ اڪثر سنڌي شاعرن جي شاعريءَ ۾ سنڌي سان گڏ هندي جي لفظن جو گهڻائيءَ ۾ استعمال محسوس ڪيو آهي، جيڪو زميني اثر جي ڪري هڪ فطري عمل به آهي پر لڇمڻ ڪومل جا غزل اهڙي اثر کان بنهه آجا محسوس ٿين ٿا.

هڪ اجنبي وانگر ئي گذاريان ٿو وطن ۾،
سمجھن ڪي زبان منهنجي ته پنهنجا به چوان ڪي.
جيئن جذبا تخيل جي پرن تي ٿي اڏاڻا،
ڪومل نظر آيا ٿي تصور ۾ جهان ڪي.

................

ڊنا سين بحر غم جي کان ۽ طوفانن جي جھٽڪن کان
ڪنارن تي ڀروسو هو ڪنارن ئي ڏنو دوکو

...............

راهه ۾ ڪيئي پيچ ۽ خم
پوءِ به پنهنجا تيز قدم.
راههِ محبت ۽ آسان؟
هلي ته ڏس ڪي چار قدم

مٿين شعرن ۾ ڪو اوپرو لهجو محسوس نه ٿو ٿئي. هر شعر ۾ لفظن جي جڙاوت ۽ ترتيب، خيالن جو وهڪرو، احساسن جي اڇل، تز وزن ۽ واضح مفهوم موجود ملي ٿو.

ڪنور مہيندر سنگھ بيدي سحر جو هڪ شعر آهي ته:

زندگي موت بن گئي هوتي، جان سے هم گذر گئے هوتے

اتنے عشرت زده هيں هم که اگر، غم نه هوتا تو مر گئے هوتے

          حقيقت اها آهي ته غم هڪ طاقت آهي، جنهن وسيلي زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھي سگھجي ٿو. ڇوته دُک جي ڪُک مان ئي سُک جي باک ڦٽندي آهي. ”درد شاعريءَ جو بنيادي موضوع آهي، درد جون کوڙ صورتون آهن. دنيا جي سڄي شاعري انسان جي خارجي ۽ داخلي دک جي ڪٿا آهي. شيلي چيو هو ته “Our sweetest songs are those that tell of saddest thought” ...... تخليق خود هڪ درد جو عمل آهي، جيڪو ماڻهو پاڻ ڀوڳي ٿو سو ٻي جي پيڙا کي به محسوس ڪري ٿو. ائين جيسيتائين ڪو شاعر درد جي جبلت کي گھرائي سان محسوس نه ٿو ڪري ۽ غم جي ماهيت جي پروڙ نه ٿو رکي تيسيتائين ان کي پنهنجي باطن ۾ جذب نه ٿو ڪري سگھي.“ (8) لڇمڻ ڪومل به دک جي حقيقت کان آشنا آهي. هن جو خيال آهي ته درد هڪ حد تائين درد ڏئي ٿو ۽ جڏهن اها حد پار ڪري وڃي ٿو ته دک دک نه ٿو رهي. ڀٽائي جي لفظن ۾ پوءِ ”ڏک سکن جي سونهن بڻجي پوي ٿو.“ ان ڪري ڪومل جڏهن ان ڏک جي سک کي پسي ورتو ته چئي ڏنو ته هاڻي حياتي غم جي اثر کان بچي وئي آهي.

حد کان وڌي ويو ته ڪوئي غم نه غم رهيو
آخر حيات غم جي اثر کان بچي وئي

شبلي نعماني پنهنجي مشهور ڪتاب ”شعر العجم“ ۾ اعلى درجي جي شاعريءَ جي اهم عنصرن بابت لکيو آهي ته ”هڪ عمده شعر ۾ گھڻيون ئي ڳالهيون هونديون آهن. ان ۾ وزن هوندو آهي، محاڪات هوندي آهي، يعني ڪنهن چيز يا ڪنهن حالت جي تصوير ڇڪي ويندي آهي، خيال بندي هوندي آهي. لفظ سادا ۽ مٺڙا هوندا آهن، بندش صاف هوندي آهي ۽ طرز ادا ۾ جدت هوندي آهي.“ (9) انهن بنيادي اصولن کي سامهون رکندي لڇمڻ ڪومل جي غزلن جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن جي غزل ۾ اهي مڙوئي خوبيون موجود آهن. مثال طور سندس غزلن مان هي چند شعر ئي پڙهي ڏسجن:

آئي دل ڀرجي، ٻه ٽي لڙڪ اکين مان ڇلڪيا،
توهين آيوء جو ڪٿي ياد، توهين ڇا ڄاڻو؟
                   .................

دل جي حالت مونکان پڇو ڇو ٿا،
خود ڏسو منهنجي ئي نگاهن ۾.
                   .................

ٿوهر جي ٽاريءَ تي گل گلابن جا
رات ڏٺا سين خوب ڪرشما خوابن جا.
                   .................

اي وقت جا انڌا رکوالا، هي راز اسان ڀي ڄاڻون ٿا،
بي وجه اوهان جي اکڙين کان ڇو بينائي مُنهن موڙي ٿي.

مٿيان سمورا شعر با وزن آهن، لڙڪن جو اکين مان ڇلڪڻ ڏک جي حالت جي تصوير ڪشي آهي. اهڙي طرح ٿوهر جي ٽاري تي گلابن جي ڦٽڻ کي جيتوڻيڪ هن خوابن جو ڪرشمو سڏيو آهي پر ان شعر ۾ محاڪات سان گڏ سريئلسٽ خيال به موجود آهي. ڪومل جا اهي ۽ اهڙا سمورا شعر لفظي سادگي ۽ چاشنيءَ سان ٽٻُ، حسين لفظي بندش، طرزِ ادا ۽ جدت سان ڀرپور نظر اچن ٿا. سندس غزل جي هر شعر ۾ انوکو فڪر ۽ تخيل موجود آهي. حقيقت اها آهي ته فڪر ۽ تخيل جي دنيا تمام وسيع آهي، جنهن جو ڪو ڇيهه ناهي. لڇمڻ ڪومل جي غزلن ۾ جيڪا تخيل جي پرواز آهي ۽ جيڪو گھرو فڪر ۽ شعور موجود آهي ان جو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ هن جي غزلن کي وري وري پڙهڻو پوندو، ڇوته هن جي غزلن ۾ ههڙا فلسفياڻا شعر به موجود آهن، جن تي گھڻي دير تائين ڳالهائي سگھجي ٿو.  

موت وس ۾ نه زندگي وس ۾
ڪيڏو بي اختيار آهيون اسين

ڪيڏو نه سچ آهي ته ماڻهو بي وسيءَ جي اهڙي عالم ۾ ئي زندگي گذاري ٿو. جڏهن ماڻهوءَ کي نه زندگيءَ تي اختيار آهي نه موت تي ته پوءِ ڄڻ هو زندگي هوائن جي دوش تي گذاري ٿو ۽ جڏهن هوائون بند ٿي وڃن ٿيون ته هڪ گھٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس ٿئي ٿو. هڪ اهڙي گھُٽ جيڪا ماڻهوءَ کي موت جي هنج ۾ سمهاري ٿي. لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا به موت جي انهيءَ هنج ۾ وڃي سُتو آهي پر هن جي فڪر ۽ تخيل کي ڪڏهن به موت نه ٿو اچي سگھي.

 

حوالا

 

1.        جويري نند، ”اکر ڪٿا“، ( مهاڳ: ”اکر ڪٿا“ اوندهه ۾ روشنيءَ جو اڪيلو اهڃاڻ ـــ لڇمڻ ڪومل) ساهت سنڌو پبليڪيشن ممبئي، 2012ع ص 08

2.        ناشاد ارشد محمود  ڊاڪٽر، ”اردو غزل: ٽيڪنيڪ، هيئت اور عروض ڪي خد و خال“ 1995ع، ص 11

3.        هاشمي طارق  ”اردو غزل ــ نئي تشڪيل“ نيشنل بڪ فائونڊيشن، اسلام آباد، 2008ع ص 14، 15

4.        قادري اياز، مقالو: ”نئون سنڌي غزل“ ٽه ماهي ”مهراڻ“ (ايڊيٽر: شيخ نفيس احمد) جولاءِ سيپٽمبر 1981ع، ص 33

5.        انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٻيو) سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2010ع

6.        مورائي رکيل، ”لڇمڻ ڪومل ۽ سنڌ“ سنڌ سلامت. ڪام (لنڪ: http://sindhsalamat.com/threads/11566/)

7.        شيخ عبد الرزاق راز، ”سنڌي غزل جو تجزيو“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ٻيو ايڊيشن 2004ع، ص 20

8.        دانش احسان ڊاڪٽر، مقالو: ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون“، ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل (ايڊيٽر: پروفيسر محمد سليم ميمڻ)، جلد 20، شمارو 2، ڊسمبر 2017ع ص 11

9.        نعماني شبلي مولانا، ”شعر العجم“ (جلد چهارم)، معارف پريس اعظم ڳڙ، 1951ع، ص 6

No comments:

Post a Comment