ڊاڪٽر احسان دانش
سنڌ جي تاريخ جو نشانِ راهه
پير حسام الدين راشدي
سنڌ پنهنجي جوهر ۾ دنيا جو هڪ اهڙو عظيم خطو آهي، جتي نه ڪڏهن علم ۽ هنر جي کوٽ رهي آهي ۽ نه ئي وري عظيم شخصيتن جي. شخصيتون عظيم ٿين ٿيون پنهنجي قول، ڪردار ۽ عمل سان. سچ اهو آهي ته ماڻهو جو چڱو عمل ئي ان کي عظمتن جي بلندين تي پهچائي ٿو. سنڌ جي ڌرتي شخصيت ساز ڌرتي آهي. هن ڀونءِ ادب ۽ آرٽ کان وٺي سياست ۽ سماجي علمن تائين انيڪ شعبن ۾ اهڙا املهه انسان پيدا ڪيا آهن، جن تي اسان فخر ڪري سگھون ٿا. پير حسام الدين راشدي سنڌ جي علم ادب ۽ تاريخ جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ اهڙي سٻاجھي ۽ سماني شخصيت آهي، جنهن جا جيترا ڳُڻ ڳائجن سي ٿورا ٿيندا.
ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته پير سائين جنهن جون ڄمڻ بعد اکيون ئي نه پئي کُليون، سو اڳتي هلي اهڙن ڪهنن ۽ قديم ڪتابن ۾ نظرون کُپائيندو، جن ۾ سنڌ جي تاريخ دفن ٿيل هئي. ڀرندڙ ورقن وارن انهن قلمي نسخن کي هن ڪيڏي احتياط جي آڱر سان ڇهيو هوندو ۽ انهن ۾ موجود اکرن کي ڪيڏي باريڪ نظري سان ڏٺو هوندو...... اهو سڀ ڪجهه ان عشق جي طفيل هيو، جيڪو سندس من ۾ ڪنهن ساگر جيان ڇوليون هڻي رهيو هيو. اهو سنڌ جي عشق جو ساگر هيو جنهن سدائين سندس من کي بي چين رکيو. ان عشق ۽ بي چيني هن کي سياست جي گورک ڌنڌي کان پري ڪري ڪتابن ۾ پناهه ڏني. هو سڄي حياتي ماضي جي ورقن ۾ گم رهيو. ”پنهنجي وسيع مطالعي سان جيڪو به تحقيقي ڪم ڪيائون، ان ۾ سنڌ جي پيار ۽ محبت جو عنصر نظر اچي ٿو. سندس هر لکڻيءَ ۾ سنڌ شناسيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو، جنهن مان اسان پنهنجي ماضيءَ جي داستان کي پڙهي ۽ پروڙي سگهون ٿا. انهن مقالن ۽ تصنيفن ۾ سنڌ جي سوين سالن جي تاريخ ۽ تذڪرا بيان ڪيل آهن.“ (1)
سنڌ جي حقيقي تاريخ ۽ تمدن جي تلاش ۾ هن دنيا جون لائبريريون اٿلايون، ڏيهان ڏيهه گهميو. قديم ڪتابن جي ورق گرداني ڪئي ۽ هر وقت مهوِ مطالعه رهيو. اعجاز الحق قدوسي لکيو آهي ته ”سنڌ وارن تي راشدي صاحب جو وڏي ۾ وڏو احسان اهو آهي، جو سنڌ جي تاريخ جي ڪميابي بلڪ نايابي سبب مٿس جيڪي قلف چڙهيل هئا، راشدي صاحب انهن ماخذن کي ايڊيٽنگ جي جديد، مستند، مدلل ۽ سائنسي اصولن موجب حواشي ۽ تعليقات، مقدمن ۽ حاشين، وضاحتن ۽ نوٽن سان سنواري ۽ سينگاري، قلفن جي ڪٽ لاٿي ۽ منظر عام تي آندا ۽ ان طرح سنڌ جي تاريخ عام ماڻهو آڏو پهتي. سنڌ جي تاريخ جا اڪثر ماخذ سندس ئي ايڊٽ ڪيل آهن.“ (2)
پير سائين جي سنڌ سان عشق ۽ تاريخ سان اٽُٽ تعلق جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ ۽ معنى خيز آهي. لاڙڪاڻي جو ڳوٺ بهمڻ جيڪو پير صاحب جي جنم ڀومي آهي، سنڌ جي روايتي ڳوٺن وانگر ثقافتي رنگن سان رچيل ته هيو، پر تعليم جي ميدان ۾ ماڻهن جا هٿ وڃي مسجد جي مُلن ۽ مولوين تي ئي کُپندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سنڌيءَ کي گھر جي زبان سمجھندي گھڻو ڪري فارسيءَ تي زور هوندو هو. جتي حافظ جا گلستان ۽ بوستان، جامي جو يوسف زليخا ۽ ٻيا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. پير علي محمد راشدي انهن ڏينهن جون ساروڻيون ساريندي هڪ اهڙو واقعو ٻڌايو آهي، جنهن پير حسام الدين راشدي جي زندگيءَ ۾ طوفان برپا ڪيو ۽ هو هڪدم بدلجي ويو. هو لکي ٿو ته ” هڪڙي ڏينهن حسام الدين راند ڪندي ڪندي منهنجي ڪمري ۾ اچي ڪتابن سان کڙاند ڪرڻ لڳو. مون کيس دڙڪو ڏنو، ”اڙي ڄٽ، تون منهنجن ڪتابن کي هٿ نه لاءِ.“ هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن چوندو هليو ويو، ”آءٌ ڄٽ آهيان؟ چڱو ادا.“
ان واقعي کان پوءِ هن جي طبيعت ۾ وڏو انقلاب آيو. هن رانديون رهڻ ۽ ڳوٺ جي ٻارن سان رلڻ هڪدم ڇڏي ڏنو. اڳي کان وڌيڪ منهنجي ويجهو آيو ۽ هر ان شيءِ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، جنهن ۾ مون کي هئي. ماٺ ميٺ ۾ هر ڪا ڇپيل شيءِ پڙهڻ لڳو. جيڪو به پڙهيل لکيل ماڻهو مليس، تنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڪانه ڪا ڪم جي شيءِ حاصل ڪرڻ لڳو. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ لالٽين رکي ڪي نه ڪي پيو پڙهندو هو ۽ دير تائين پڙهندو رهندو هو. ڳوٺ ته ڇڏيو سنڌ جي وڏن وڏن شهرن ۾ به اڃا بجلي ڪين آئي هئي. اسان جي والده مرحومه پکو کڻي ساڻس گڏ ويهندي هئي ۽ جيستائين هو پاڻ ٿڪجي سمهي نه رهندو هو، هوءَ اتان چرندي به نه هئي. گهڻو ڪري ٻئي صبح جو ٽين چئين بجي تائين ويٺا هوندا هئا.
منهنجي طبيعت جي انهيءَ تنديءَ ۽ تيزيءَ جي ڪري، هن تي ايترو اثر سو ضرور ٿيو جو سندس طبيعت ۾ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون پيدا ٿي ويون. مثال طور راند روند کان نفرت؛ حد کان وڌيڪ سيلف ڊسپلن ۽ ادب؛ دل، دماغ ۽ زبان تي بيحد ضابطو؛ پڙهڻ ۽ محنت مشقت کان دل نه لاهڻ؛ تجسس ۽ تحقيق جو شوق. اڃا ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي هيس، پر طبيعت ۾ ڪابه ٻاراڻي ڳالهه نه رهيس. طبيعت جو ڏاڍو حساس هو.“ (3) طبيعت جي انهيءَ حساسيت اڳتي هلي هن کي ليکڪ بڻايو. جيتوڻيڪ هن ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي مان تعليم حاصل نه ڪئي پر پنهنجي محنت ۽ جستجو سان علم جا خزانا حاصل ڪيا. هن سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي اهڙي ته مهارت حاصل ڪئي جو اڳتي هلي کيس انهن ٻولين جو وڏو عالم سڏيو ويو ۽ دنيا جي وڏن وڏن عالمن اهڙو اعتراف ڪيو. لکڻ جي ابتدائي دور ۾ هن پنهنجي اڌمن جي اظهار لاءِ شاعريءَ جو دڳ ورتو ۽ ان دور جي استاد الشعراء حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي جي شاگردي قبول ڪئي. بعد ۾ هن ”الزليخا“ نالي هڪ ناوليٽ لکي افسانوي ادب ۾ پير پاتو، جنهن بعد ”امانت“، ”بد نصيب شهزادو“ ، ”انارڪلي“، ”پاڪ دامن عورت“ ۽ ”گلن واري ڇوڪري“ جهڙا نيم رومانوي، اصلاحي ۽ نيم تاريخي افسانا لکيا. ”راشدي صاحب افسانوي ادب ۾ تڏهن وک وڌائي، جڏهن اُپکنڊ جا اڪثر مسلمان اديب نيم مذهبي، نيم تاريخي ناولن ۽ افسانن لکڻ ۾ رُڌل هئا. هي زمانو لڳ ڀڳ 1930ع کان شروع ٿي، 1945ع ڌاري پورو ٿئي ٿو.“ (4). افسانه نويسيءَ جي حوالي سان راشدي صاحب پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو آهي ته: ”بنيادي طرح مان افسانه نويس هئس. سنڌ زميندار اخبار ۽ ٻين اخبارن يا رسالن ۾ منهنجا افسانا شايع ٿيندا هئا.“ (5) اهو ابتدائي تخليقي ادب هن فدائي الراشدي جي نالي سان لکيو. هو پاڻ ٻڌائي ٿو ته ”ثنائي ۽ وفائي سان هم رديف بڻجڻ خاطر پاڻ کي فدائي ڪيم.“ (6) راشدي صاحب جي اندر ۾ جا آنڌ مانڌ هئي ان جي اظهار جو اصل رستو اڃا ڪو ٻيو هيو تنهن ڪري جلد ئي هن شاعري ۽ افسانه نگاري کي الوداع چيو. هن پاڻ اهڙو اظهار هن طرح ڪيو آهي ”سمجهيم ته دراصل مون ۾ نه شعر گوئيءَ جو سليقو آهي، ۽ نه طبيعت ئي موزون يا مناسب آهي، جنهن بعد مرڳو ئي انهيءَ شغل کان دستبردار ٿي ويٺس.“ (7) اهو سندس تخليقي عمر جو پهريون دور هيو جيڪو 1923ع کان 1931 تائين شمار ڪري سگھجي ٿو.
اهي ابتدائي نوَ سال هن استادن جي تربيت ۽ لکڻ جي مشق هيٺ گذاريا. جنهن بعد پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي جي معرفت هن صحافت ۾ پير پاتو ۽ مختلف اخبارن ۾ ان دور جي ٻرندڙ مسئلن تي ڪالم، ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. اهي سندس نوجوانيءَ جا ڏينهن هيا ۽ ان کي اسين سندس تحريرن جو عبوري دور چئي سگھون ٿا، جنهن ۾ هن جي سنڌ ۽ سنڌ جي مسئلن تي گھري نظر رهي. لفظ ’حُسام‘ جي معنى آهي تيز ترار، ۽ پير حسام الدين تن ڏينهن ۾ قلم کي ترار ڪري وهايو پر هن جون انهن ڏينهن واريون اهي تحريرون به ٺلهي جذباتيت ۽ لفاظيءَ کان پاڪ، مدلل ۽ مضبوط هيون. قريشي حامد علي خانائي پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته ”مرحوم سيد صاحب 19 ورهين جي ڄمار ۾ يعني سن 1930ع کان وٺي ”سنڌ زميندار“ اخبار ذريعي صحافت جي رستي سنڌي علم ادب جي ميدان ۾ قدم ڌريو. پاڻ انهيءَ اخبار جي ذريعي سنڌي نثر جي لکڻ جي باقاعدي شروعات ڪيائين. هي اهو زمانو هو، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ انگريز شاهيءَ جي خلاف آزاديءَ جي هلچل هلي رهي هئي ته ٻئي طرف افغانستان ۾ انگريز سامراج پنهنجي سياسي چالبازين ۽ مڪارين سان امير امان لله خان کي تخت و تاج کان محروم ڪري ڇڏيو. مولانا ظفر علي لاهور مان ”زميندار“ اخبار وسيلي جوشيلا مضمون ۽ تقريرون شايع ڪري، انگريز سلطنت جي ڪوٽ جي ڪنگرن کي لوڏي وڌو هو. ساڳي دور ۾ مولانا غلام رسول مهر جي اخبار ”انقلاب“ کان به سيد صاحب متاثر هو. مولانا مهر جا سنجيده ۽ پر مغز ايڊيٽوريل سندس خيالن ۾ وسعت ۽ ڪشادگي پيدا ڪئي هئي.... تاريخي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالن لکڻ جي شروعات مرحوم سيد صاحب انهيءَ دور کان ڪئي. ان کان پوءِ سن 1934ع ۾ سيد صاحب ”ستاره سنڌ“ ۾ تاريخي مضمون ڏيڻ شروع ڪيا، جن ۾ ڪافي علمي پختگي پيدا ٿي چڪي هئي. ان کان سواءِ ”الوحيد“ ۽ ”توحيد“ اخبارن ۾ سندس بهترين مضمون پوڻ لڳا. انهيءَ زماني ۾ اهي ٻئي اخبارون سنڌي زبان جي آسمان تي پوري آب و تاب سان چمڪي رهيون هيون. شڪارپور سنڌ مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ”سنڌو“ ۾ به سندس بهترين مضمون ڇپجندا هئا.“ (8) انهيءَ دور ۾ هن جيڪي مضمون ۽ مقالا لکيا سي علمي، ادبي ۽ تاريخي نوعيت جا هيا. انهن منجھان ڪي مقالا وري سنڌ جي عظيم شخصيتن متعلق هيا. ان طرح ابتدائي طور هن خاڪا نويسي ۽ تذڪره نگاري جو ڪم به شروع ڪيو ۽ اڳتي هلي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ سماج کي ئي پنهنجي تحقيق جو مستقل موضوع بڻايو. اهو سندس تحريرن جو ٽيون ۽ عروج وارو دور هيو. ان دور ۾ هو هڪ اعلى درجي جي محقق ۽ مورخ طور اڀريو ۽ ڏيهان ڏيهه مقبوليت حاصل ڪئي. راشدي صاحب سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي اٽڪل 300 تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا آهن. جن مان ڪجھ سندس ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ شامل آهن.
پير علي محمد راشدي هن جي تحقيق ۽ تاريخ طرف لاڙي بعد گذرندڙ وقت جو احوال هن طرح لکيو آهي: ”حسام الدين سمورو وقت تحقيق، تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ لڳي ويو. انهيءَ عرصي ۾ هن ٻاهرين ملڪن جا ڪيترائي تحقيقي چڪر هنيان. روس ويو. وچ ايشيا جون تاريخي جايون ۽ علمي مرڪز ڏٺائين. ٻه ڀيرا چين جو چڪر هنيائين. ۽ ٻه سال فلپائين ۾ رهيو. ۽ ايران سان ايترا ته لاڳاپا پيدا ڪيائين ۽ ايران جي تاريخ تي ايترو ته ڪم ڪيائين جو طهران يونيورسٽي کيس ڊاڪٽريٽ ۽ ايران جي حڪومت ”نشان سپاس درجه اول“ جو اعزاز ڏيڻ مناسب سمجهيو. هن ڪڏهن به پاڻ کي ڊاڪٽر نه سڏايو، ڇو جو کيس پنهنجن جي تنگدليءَ جو احساس هو.“ (9) جيئن ته راشدي صاحب جي ڪم جو بنياد عشق هيو، پنهنجي ڌرتي پنهنجي وطن ۽ تهذيب سان عشق. ان ڪري ان عشق جي اڳيان هن سمورا اعزاز تڇ پئي ڀانئيا. ڊاڪٽر الانا لکيو آهي ته ”راشدي صاحب جي هاڪ ۽ ڌاڪ برصغير پاڪ هند کان سواءِ ايران، افغانستان، چين، روس، امريڪا، برطانيا، آفريڪا، آسٽريليا، هانگ ڪانگ، ۽ سلون تائين پکڙيل هئي. انهن ملڪن جا ڪئين عالم ۽ فاضل سندن گهڻو احترام ڪندا هئا.“ (10) راشدي صاحب جي سڄي زندگي جستجو ڪندي گذري. هو سنڌ جي قديم تاريخ جا پيرا کڻڻ لاءِ هر ان ديس ويو، جتان سنڌ جي آثار ۽ احوال جو مواد ملڻ ممڪن هيو. هن الڳ الڳ ملڪن جا تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ ۽ مڪان گھميا، ڪتب خانا جاچيا ۽ هڪ عالم، محقق ۽ مورخ طور مختلف ملڪن ۾ وڃي سنڌ جي نمائندگي ڪئي. ”پير صاحب 1952ع ۾ عراق، هندستان، شام ۽ لنڊن جون تاريخي جڳهيون، ميوزم ۽ ڪتب خانا ڏٺا. 1956ع ۾ بغداد، شام ۽ لبنان ويو، 1958ع ۾ افغانستان جي دوري ۾ تفصيل سان سنڌ ۽ افغانستان لاڳاپن تي تحقيق ڪيائين. 1963ع ۾ بغداد جي حڪومت پاران 12 سئو سالا جشن ۾ شرڪت ڪيائين 1964ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران کيس روس ۾ علمي کوجنا لاءِ موڪليو ويو. 1964ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ قديم آثارن تي تحقيق لاءِ ويو. 1965ع ۾ کين روسي ڪلچرل ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾ پاڪستاني ليکڪن جي وفد ۾ (30 اپريل کان 15 مئي) تائين چين ويو. 1966ع ۾ شهنشاهه ايران طرفان کيس پهلوي ڪتب خاني جي ٿيندڙ ايران شناس عالمن جي عالمي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ خاص طرح گهرايو ويو. وري سيپٽمبر 1966ع ۾ افغانستان حڪومت جي سرڪاري دعوت تي افغانستان ويو.“ (11)
پير حسام الدين راشدي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”منهنجي لکيل تاريخن مان هڪ راهه ۽ هڪ نظريو ملي ٿو تنهن ڪري لکندڙن اڳيان رستو صاف ٿيو پوي ٿو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي نقطه نگاهه سان لکڻ گهرجي سو سندن اڳيان واضح ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين سنڌ اندر جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن، تن ۾ ڪو نقطه نگاهه ڪو نه آهي. هر ڌارئي کي، جنهن به اچي قبضو ڪيو آهي ان کي اسان جي لکندڙن اکين تي رکيو آهي. در حقيقت تاريخ ۾ چور کي چور ۽ ساڌ کي ساڌ ڪرڻ گهرجي. تاريخ تڏهن سمجهه ۾ ايندي جڏهن هر هڪ جي عملن ۽ رويه جي تڪ تور ٿيل هوندي. مثلاً آءُ ارغونن ۽ ترخانن جو سنڌ تي قبضو غاصبانه سمجهان ٿو. اسان جي مورخن انهن کي به مسلمان سمجهي پنهنجي اکين تي رکيو آهي. حالانڪه اهي کانئن زياده سچا مسلمان هئا جن جي هٿان هنن سنڌ کسي.“ (12) ائين ئي هڪ ٻئي انٽرويو ۾ هن چيو هو ته ” حاليه تاريخ ته آهي ئي ڪا نه ۽ هن وقت تاريخ اسلام جو نظريو رکي پوءِ لکن ٿا، حالانڪه تاريخ مسلمان نه ٿيندي آهي پر تاريخ تاريخ ٿيندي آهي ۽ تاريخ هن وقت سائنسي ۽ جديد طريقي موجب نه لکي وئي ته پوءِ سمجهه ۾ ئي نه ايندي. (13) ان مان پير صاحب جي تاريخ نويسي جي معيار ۽ غير جانبداريءَ جو اندازو ٿئي ٿو ۽ سندس نڪتهءِ نظر به واضح ٿئي ٿو. هن تاريخ تي جديد سائنسي ۽ تحقيقي انداز ۾ ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي تاريخ تي پيل دز کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هڪ محقق، عالم ۽ مورخ جي حيثيت ۾ پير حسام الدين راشدي جنهن محنت ۽ محبت سان تحقيق ڪئي آهي. سنڌ ۾ ان جا ٿورا مثال ملن ٿا. هن پنهنجي زندگيءَ جو تمام وڏو حصو انهن ورقن جي کناکيڙ ڪندي گذاريو، جن مان هن کي سنڌ جي ماضي جا آثار مليا. هن جي جستجو جي تڪميل رڳو انهن قديم نسخن جي حصول تي نه ٿي پر سندس حقيقي ڪم انهن نسخن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، مقدما ۽ حاشيا لکڻ هيو، جنهن سبب ئي تاريخ تي پيل دروغ بياني جي دز دور ٿي. راشدي صاحب جي ڪم مان ان جو هڪ وڏو مثال ”مڪلي نامو“ آهي. اهو ڪتاب اصل مير علي شير قانع ٺٽوي لکيو، جيڪو فقط 79 صفحن تي مشتمل هيو پر راشدي صاحب جڏهن ان تي ڪم شروع ڪيو ته اهو 779 صفحن تائين پکڙجي ويو. اهو راشدي صاحب جو اڪيلو تاريخي ڪارنامو نه آهي پر هن مقالات الشعراءِ، تاريخ مظهر شاهجهاني، تذڪره امير خاني، تر خان نامه، مير معصوم بکري ۽ مرزا غازي بيگ جهڙن ڪتابن ۾ به پنهنجي تحقيق جا جوهر ڏيکاريا آهن. پير علي محمد راشدي مطابق ”فارسيءَ ۾ پنجويهه وڏا ڪتاب لکيائين، سنڌيءَ ۾ ٻارهن ۽ اردوءَ ۾ چار. سڀئي معياري ڪتاب ۽ وڏي تحقيق ۽ وڏي محنت جو نتيجو. انهن سان گڏ هو علمي رسالن جي لاءِ مضمون ۽ تحقيقي مقالا به لکندو رهيو. (سنڌي ۾ ٻه سؤ، اردو ۾ ويهه ۽ فارسيءَ ۾ پنج، اخباري مضمون ڪيترائي هزار) هي اهي شيون آهن جيڪي ڇپجي چڪيون آهن. انهن کان سواءِ مرحوم جا لکيل ٻيا سوين اڻپورا مسودا اڃا به پيا آهن.“ (14)
”هڪ محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت ۾ سيد صاحب جو مرتبو نهايت بلند هو، کيس سنڌ جي تاريخ ۽ مشاهيرن جي حالات زندگيءَ جي ترتيب ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ وڏو درڪ حاصل هو. سندس تصنيفن ۽ تاليفن کي مطالعو ڪرڻ مان هرڪو اهل علم سندس طبع علمي، وسعت نظري، وسيع مطالعي، اصول انتقاد ۽ اصول تنقيد جو دل سان داد ڏئي ٿو. پراڻن ۽ گمنام قلمي نسخن، ڪرم خورده ۽ بوسيده بياضن کي ڳولي هٿ ڪرڻ، انهن جي نئين سر توسيع ڪرڻ، عالمانا مقدما ۽ پيش لفظ لکڻ، منتشر ۽ غير مرتب ورقن کي اٿلائي پٿلائي نئين سر ترتيب ڏئي سينگارڻ ۽ سنوارڻ وغيره اهڙا ڪارناما آهن، جي سيد صاحب جي شخصيت ۽ فن کي هميشه لاءِ زنده ۽ قائم رکن ٿا. سندس عالمانه ۽ مورخانه انداز کان متاثر ٿي، برصغير جي هڪ وڏي محقق ۽ مؤرخ سيد سليمان ندويءَ کيس ”مورخ سنڌ“ ڪري سڏيو هو.“ (15)
پير حسام الدين راشدي جي تحرير جو انداز نهايت دلچسپ ۽ منفرد آهي، ان جو وڏو مثال سندس يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ آهي. اهو ڪتاب هن منيلا ۾ ويهي لکيو. ڪتاب ناهي ڄڻ ڪي يادن جون ويرون آهن، جيڪي اُٿن ۽ لهن ٿيون. هڪ عهد جي تاريخ آهي هي ڪتاب. راشدي صاحب اهو ڪتاب هڪ خط ۾ لاڙڪاڻي جي استاد شاعر نواز علي نياز جي انتقال جي خبر پڙهڻ بعد لکڻ شروع ڪيو. اصل ۾ هن نياز جي تعزت لاءِ خط لکڻ چاهيو هيو پر پوءِ ان پٺيان سندس ذهن ۾ يادن جا تاڪيا کلندا ويا. ۽ لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻي جي ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ کان وٺي سڄي سنڌ جو ماضي ۽ حسين روايتن جون رنگينيون، سندس دوست احباب، محفلون ۽ ڪچهريون ياد اينديون ويون، مطلب هڪ جهان آباد ٿي ويو هن ڪتاب ۾. ائين اهو خط هڪ تاريخ ساز ڪتاب بڻجي ويو. ڪتاب جي منڍ وارن صفحن تي ئي راشدي صاحب لکي ٿو. ”خيال ڪيم، ’نياز‘ جي دور، زماني ۽ عهد جي هڪ هڪ شيءِ اکين اڳيان اچي ويئي. لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻي جا مشاعرا، اُتنهن جا مشاهير، وڏا وڏا زميندار، نواب ۽ سردار، انهن جو اوج ۽ اقبال، وضع ۽ قطع، ڪچهريون ۽ ڪارناما، سکرُ، سکر جون ادبي محفلون، اُتنهن جا مشاعرا، اُتنهن جا دلبر دوست ۽ موچارا ماڻهو، نه فقط جن جن واقعن سان ’نياز‘ جو واسطو هو، اهي ياد آيا، بلڪ انهيءَ سڄي ماضيءَ جون اهي سڀئي ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون، جيڪي هنن گنهگار اکين ڏٺيون، هڪ هڪ ٿي ذهن ۾ اينديون ويون، دل تي ترنديون ويون، ۽ يادن جا نقش اُڀرندا ويا.
وسعتي پيدا کن اي صحرا که امشب در غمش،
لشکرِ آهِ من از دل، خيمہ بيرون ميکشد. (16)
هن ڪتاب پڙهڻ سان ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ ۽ ڪڙيون ڪڙين سان ملائڻ جو هنر سکي سگھجي ٿو. اصل ۾ هي ڪتاب پير صاحب جي ناسٽيلجيا آهي. ڪتاب جي ٻوليءَ ۾ ڇا ته چاشني ۽ رواني، لطف ۽ لذت آهي. تُڪ بندي ۽ قافيا پيمائي جي ڪمال سبب سندس نثر تي نظم جو گمان ٿئي ٿو. هي ڪتاب نج سنڌي محاورن، اصطلاحن ۽ ترڪيبن سان جنجھ آهي. منڍ کان وٺي ٻوليءَ تي سندس گرفت مضبوط هئي. ”سندس طبيعت جو زياده ميلان سنڌي عبارت طرف هو. سندس پوري شخصيت پنهنجي عبارت مان جهلڪي ٿي. سندس مزاج ۽ ماٺار، سنجيدگي، ۽ وقار سندس عبارت ۾ رنگ ڀري ٿي. کيس پڙهندڙن کي پنهنجي طرف متوجه ڪرڻ جو وڏو ڍنگ آهي. سيد صاحب پنهنجي هر مقالي ۽ تصنيف جي شروعات نهايت ئي محنت ۽ سليقي سان ڪري ٿو، جنهن مان پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ ڪافي متاثر ٿين ٿا ۽ انهن جي پڄاڻي پڻ پوريءَ طرح نباهي ٿو.“ (17)
راشدي صاحب جو ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ پنهنجي اسلوب ۾ تخليقي ادب جو شاهڪار محسوس ٿئي ٿو. ان ۾ ڪيئي ڪهاڻيون منظر ۽ ڪردار آهن. تنهن ڪري مان هن ڪتاب کي حقيقت جو افسانو سمجھان ٿو. هن ڪتاب مان پير سائين جي ريشم جهڙن گداز لفظن جي نرمي ۽ رنگيني جو هڪ ننڍڙو مثال ملاحظه ڪيو: ”انهيءَ زماني ۾ دوستين جا انگ ۽ ننگ به هوندا هئا. ماڻهو پڳان مَٽائي ياري رکندا هئا، هڪ ٻئي لاءِ سِڪ ۽ سواد هوندو هو. هاسيڪاري دوستن کي ڏسڻ ۽ انهن سان حال اورڻ لاءِ ڏينهن پاند ڏينهن اچبو رهبو هو. غرض ۽ مطلب خاطر نه بلڪه ڇڙو مُنهن ڏسڻ لاءِ هڪ ٻئي ڏي ڪيچ ڪَهي اچبو هو. دوست آيو ته هيانءُ ٺري پوندو، مُنهن ٽڙي ويندو، خوشيءَ مان پيو کِلبو، ور ور ڪري ڳراٽيون پيون ڏبيون، سينن سان پيا سينا ملبا. اها جاءِ نه ملندي جتي کڻي دوست ويهارجي. دلبريءَ ۽ دلداريءَ ۾ کـُـٿو نه پڄبو؛ هرهر پيون خوش خيرافتان ٿينديون. خبر پوندي ته اڄ دوست اچي ٿو ته ڄڻ سڄيون ماندڪايون لهي پيون، ٿڪ ٽُٽي پوندا؛ زماني جا ڏک سور في الحال وسري ويندا؛ آندي نيندي جي ڳڻتي هلي ويندي؛ راتيون چرچن ڀوڳن ۾، ڏينهن ريجهه ۽ رهاڻ ۾ لنگهي ويندا، يار هڪ دفعو هٿ آيو، ته ڇڏڻ تي روح نه ٿيندو، وڃڻ جو وقت ايندو ته ٽِڪائڻ لاءِ بهانا پيا ڳولبا، رٿائون پيون رٿبيون منٿان ميڙيون ڪري پيو چئبو: ”ادا اڄوڪو ڏينهن! يَر ڇڙو اڄوڪو ڏينهن ٽِڪُ! ڀلا ڇڙي رات رَهُه، سڀاڻي ڪري وڃجانءِ! چڱو ڏُپهَرو ڪري شام جو الاتُهار ڪر!“- اڄ ٽـِـڪيو ته سڀاڻي رهائڻ لاءِ وري ٻيا کيڏ کيڏبا. دوست جڏهن رخصت ٿيندو ائين پيو لڳندو ڄڻ گهر ويران ٿي ويو، در ۽ ديواريون پيون کائينديون، ٻٽي ڏينهن کل خوشيءَ جا جو گذريا، ڪي چند گهڙيون وندر ۽ رهاڻ ۾ جو بسر ٿيون! “ (18)
ڪتاب جي ان هڪڙي پيراگراف مان ئي اهو اندازو لڳائڻ اوکو ناهي ته پير حسام الدين راشدي جي هن ڪتاب ۾ ڇا آهي. مختصر لفظن ۾ چئجي ته ٻوليءَ جو جادو آهي، حسين يادن جو طلسم آهي، ماضيءَ جا منظر آهن، املهه انسانن جون ڪٿائون آهن، وڃائجي ويل وٿن جي سار آهي، هڪ انوکو سرور آهي، سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ روايتون جي پچار آهي.....
پير صاحب پنهنجي عمر جي آخري پَل تائين تحقيق ۽ جستجو جاري رکي. سنڌ شناسي هن جي سموري علم جو محور هئي، انهي ڪري هن پنهنجي آخري آرام گاهه به سنڌ جي تاريخ جي عظيم نشان مڪلي جي قبرستان کي بڻايو. هن موت کان اڳ پنهنجي قبر ٺهرائي ڇڏي هئي ۽ ساميءَ ۾ سمهي مڪليءَ جي مهڪ کي محسوس ڪيو هو. ممتاز راشدي سندس زندگي کي هنن لفظن ۾ سهيڙيو آهي: ”پاڻ پنهنجي سماج جي جيڪا وڏي ۾ وڏي خدمت ڪيائين اها هيءُ هئي ته هن پاڻ کي ان لائق بڻايو جو جاگيرداري سرشتي جي هر رجعت پذير شيءِ کي نه رڳو پاڻ ٿڏي ڇڏيائين، پر سندس ويجهو جيڪي به آيا ته سڀني ۾ آزادي پسنديءَ ۽ انسان دوستيءَ جا گڻ پيدا ڪيائين.“ (19) هن آزادي پسند ۽ انسان دوست عالم پنهنجي علمي بصيرت، ڏات ۽ ڏاهپ، عشق ۽ جستجو سبب جيڪو مقام پيدا ڪيو ۽ جن عظمت جي بلندين کي ڇُهيو سي بنهه ٿورن ماڻهن جي حصي ۾ اينديون آهن. پير حسام الدين راشدي جو نالو سنڌ جي تاريخ جو نشان راهه آهي، جنهن کي ڪوبه مٽائي نه ٿو سگھي. اميد خيرپوري شايد راشدي صاحب جهڙن انسانن لاءِ ئي چيو هو:
جڏهن
هڪ موت عالِمَ جو، سڄي عالمَ جي لئه آهي،
تڏهن آ درد، هر همدرد جي دل ۾ جڳهه جوڙي.
مرڻ جن کي کپي، سي موت کان لڪندا رهيا آهن،
جيئڻ وارا الائي ڇو وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙي.
حوالا
1. قريشي حامد علي خانائي”سيد حسام الدين راشدي بحيثيت محقق ۽ مورخ“ (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 36
2. قدوسي اعجاز الحق ”پير حسام الدين راشدي ــ منهنجو قدردان“ ـــ (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“ حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 49
3. راشدي علي محمد پير ”حسام الدين مرحوم حسام الدين ڪيئن بڻيو“ (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 16
4. ڀٽي رشيد، پير حسام الدين راشدي جي افسانه نگاري (مقالو): هلال پاڪستان مئگزين، ڪراچي، سيپٽمبر 1983 ع،ص71-70.
- راشدي سيد حسام الدين (انٽرويو) هلال پاڪستان مئگزين- سيپٽمبر 1983ع ص 08
6. راشدي، حسام الدين سيد ، هو ڏوٿي هو ڏينهن ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1977ع ص 124
7. ساڳيو ص 124
8. قريشي حامد علي خانائي ”سيد حسام الدين راشدي بحيثيت محقق ۽ مورخ“ (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“ حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 37
9. راشدي علي محمد پير ”حسام الدين مرحوم حسام الدين ڪيئن بڻيو“ (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 18
10. الانا غلام علي ڊاڪٽر ”پير حسام الدين راشدي ــ هڪ سُڄاڻ محقق“ (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 42
11. ڀٽي ستار ”لاڙڪاڻو امر شخصيتون“ لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي، 2000ع ص 26
12. راشدي سيد حسام الدين ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ ڊاڪٽرغلام محمد لاکو، (مرتب) (انٽرويو: عابد لغاري) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1992، ص 372
13. راشدي سيد حسام الدين ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“ ڊاڪٽرغلام محمد لاکو، (مرتب) (انٽرويو: خان محمد پنهور) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1992، ص 391
14. راشدي علي محمد پير ”حسام الدين مرحوم حسام الدين ڪيئن بڻيو“ (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 18
15. قريشي حامد علي خانائي”سيد حسام الدين راشدي بحيثيت محقق ۽ مورخ“ (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 37
16. راشدي سيد حسام الدين ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1977ع ص 02
17. قريشي حامد علي خانائي”سيد حسام الدين راشدي بحيثيت محقق ۽ مورخ“ (مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 38
18. راشدي سيد حسام الدين ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1977ع ص 09
19. ممتاز راشدي ”حسام الدين راشدي ــ هڪ انسان هڪ عالم“ ــ (مضمون) ٽه ماهي ”مهراڻ“ حسام الدين راشدي نمبر (شيخ نفيس احمد، ايڊيٽر) جلد 32 جنوري ، مارچ 1983 ص 21
No comments:
Post a Comment