ڊاڪٽر
احسان دانش
ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي
(عبد الخالق سنديلي جي ڪتاب اڻويهه عالمي ڪهاڻيون جو مهاڳ)
اڄ کان ٽيهه سال اڳ جڏهن مان ادب پڙهڻ شروع ڪيو ته جن ڪتاب
پهريان پهريان مونکي موهيو ۽ متاثر ڪيو اُهي ڪهاڻين جا ڪتاب هئا. آهستي آهستي
ڪهاڻي منهنجي روح ۾ سرائيت ڪندي وئي. ڪهاڻيءَ سان منهنجو عشق ٿي ويو ۽ پڙهندي
پڙهندي پاڻ به ڪٿاڪار بڻجي ويس. منهنجو ڪهاڻي سان انس جو اهو عالم هيو جو مان
سوچيندو هيس ته ادب ۾ منهنجو پهريون پهريون ڪتاب ڪهاڻيءَ بابت هوندو. ائين ته نه
ٿي سگھيو پر منهنجو پهريون ڪتاب هڪ ڪهاڻين جو مجموعو هيو. سو ڪهاڻي منهنجي نس نس ۾
موجود آهي. مان پاڻ کي ڪهاڻيءَ کان پري نه ٿو ڪري سگھان ان ڪري اڄ تائين ان ڪتاب
لکڻ ۾ مصروف آهيان جيڪو ’ڪهاڻيءَ بابت‘ هوندو.
ڪهاڻي ڇا آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جا هزارين جواب
آهن يا وري ڪوبه جواب ناهي. مظهر الاسلام پنهنجي ڪتاب ”گھوڑوں کے شهر ميں اکيلا آدمي“ ۾ ان سوال جي جواب ۾ ڄڻ هڪ نظم
لکي ورتو هو:
کهاني سياه دور کي چيخ هے.
کهاني گلاب موسموں کا پھول هے.
کهاني جواني کي دهليز پر کھڑي عورت کا خواب هے.
کهاني پھٹا هوا آدمي هے.
کهاني ورق ورق لڑکي هے.
کهاني عمر قيد کي سزا کاٹنے والا قيدي هے.
کهاني ڈار سے بچھڑي هوئي کونج هے.
کهاني غير مطبوعه بوسه هے.
کهاني بچے کي سليٹ پر مٹا هوا سوال هے.
ڇا اسان اهو نظم پڙهي هڪ ٿڌو ساهه ڀري چئي سگھون ٿا ته اسان
ڪهاڻيءَ جي حقيقت سمجھي ورتي......؟ ڇا ڪهاڻيءَ جي ڪا حقيقت هوندي آهي؟ ڇا حقيقت
هڪ ڪهاڻي ٿيندي آهي؟؟ جي ها! ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي کي سمجھڻ لاءِ
اسان کي پنهنجي ذهن جا تاڪ کولڻا پوندا ۽ ڏسڻو پوندو ته دنيا جي ڪهڙن ڪهاڻيڪارن
ڪهاڻي ۾ حقيقت جو حسن اوتي ڪهاڻي جي حقيقت سمجھائي آهي. هن ڪتاب جا ڪهاڻيڪار به
اهڙي حقيقت سمجھائين ٿا.




















