ڊاڪٽر احسان دانش
”ٽڪ ٽاڪ گرل“ تي هڪ نظر
ڪهاڻي ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪو
به تخليقڪار پاڻ کي ڀرپور نموني اوتي سگھي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ ڪهاڻي
ڪنهن نظم جي تشريحي صورت هجي. ائين ئي اسان ڪوتا ڪهاڻيون به پڙهيون آهن. جيتوڻيڪ
ڪهاڻي ڪنهن به هڪ واقعي، هڪ لمحي ۽ ڪنهن هڪ احساس جي آڏاڻي تي به اُڻي سگھجي ٿي،
پر ڪي ڪهاڻيون ناولن جيان زندگيءَ جي ڪٿا به ٻڌائين ٿيون. اهو ڪنهن به ليکڪ جو هنر
آهي، جو اهو ڪهاڻي کي رٻڙ وانگر ڇڪي وڏو ڪري يا واريءَ جي ذرڙي ۾ سمائي ڇڏي. اهو
ئي سبب آهي جو اڄ جي ڪهاڻي پنهنجي قد ڪاٺ ۾ ننڍڙي ٿيندي ٿيندي بائيٽ اسٽوري به
بڻجي وئي آهي. ان چُهنڊي ۽ چَڪَ کي ڪي تخليقڪار سو لفظن ۾ سمائي فليش فڪشن بڻائين
ٿا ڪي پنجن لفظن ۾ پورو ڪن ٿا. گھڻو اڳ ڪنهن تخليقڪار دوست چيو هو ته اسان جيڪي
ڪرشن چندر، غلام عباس، عصمت چغتائي، امر جليل ۽ نور الهدى شاهه جي افسانن تي هريل
آهيون، جيڪي افسانه منڌ جي چئن پيگن وانگر مڪمل نشو چاڙهن ٿا اُنهن تي فليش فڪشن جو
چوٿ پيگ ڪو خمار نه ٿو چاڙهي. خير اهو هڪڙو الڳ بحث آهي، پر ادب ۾ صحتمند بحثن جي آجيان ڪرڻ کپي. مثلاً ادب ۾ هڪ
بحث صنفي تفريق جو به آهي. صنفي اعتبار کان يا جينيٽيڪلي عورت ۽ مرد ڀلي جدا هجن
پر ادبي طور عورت ۽ مرد جي تفريق مون کي بلڪل به سٺي نه لڳندي آهي. ان ڪري مان ريحانه
نظير جي هن ڪتابَ ”ٽڪ ٽاڪ گرل“ کي به هڪ تخليقڪار جي ڪتاب طور ڏسان ٿو نه ڪئي هڪ
ليکڪا (عورت) طور.
سنڌي ادب جي تاريخ ڏانهن نهاريندا سين ته لوڪ ادب کان ڪلاسيڪي ادب تائين عورتازاد ادب جا آثار ملندا.سنڌي ٻوليءَ جي قديم ترين شعري صنفن ۾ ”لوڪ گيتَ“ به شامل آهن. انهن ۾ اسان کي عورتن جي جذبن ۽ احساسن جون تصويرون نظر اينديون.ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ مان سمجھان ٿو ته پهريون شاعر ميون شاهه عنات آهي، جنهن عورتازاد ادب جو آغاز ڪيو ۽ سهڻي، مارئي، سسئي ۽ مومل جهڙن ڪردارن ۾ عورتن جو درد اوتيو ۽ ان کي عروج بخشيو شاهه لطيف. جنهن عورت جي عظمت کي قبول ڪندي پنهنجي سڄي شاعريءَ کي عورت جو لب لهجو ڏنو. اهڙي طرح سان افسانوي ادب جي حوالي سان به ڏسندا سين ته اسان کي جمال ابڙي ۽ اياز قادري کان وٺي نجم عباسي، امر جليل، نسيم کرل ۽ طارق اشرف تائين ڪيترائي ڪهاڻيڪار نظر ايندا جن فيمينسٽ فڪشن لکيو آهي. ان ڪري اها ڳالهه تسليم ڪرڻي پوندي ته سنڌي ادب ۾عورتازاد ادب جي واڌاري ۾ مرد تخليقڪارن جو به وڏو هٿ رهيو آهي. مون خود هڪ سو کان مٿي ڪهاڻيون لکيون آهن، جن مان هڪ مجموعو 17 سال اڳ ”بي سُڪون خواب جو سچُ“ جي عنوان سان شايع ٿيو به ٿيو آهي ۽ ٻيو مجموعو هن ئي سال شايع ڪرائڻ جو ارادو رکان ٿو انهن ڪهاڻين ۾ به گھڻائي اهڙين ڪهاڻين جي آهي، جن ۾ عورت جو درد اوتيل آهي. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ادب ۾ ان ادبي تحريڪ کي عروج تي رسائڻ ۾ وري به عورت ليکڪائن جو گھڻو ڪردار رهيو آهي. جن ۾ ثميره زرين، ماهتاب محبوب، نورالهدى شاهه کان وٺي شبنم گل، امر سنڌو، عرفانه ملاح، سحر گل ۽ ريحانه نظير تائين کوڙ نالا ڳڻائي سگھجن ٿا.















