Wednesday, 2 September 2020

سچل سرمست جو آدرشي سماج وارو تصور ۽ سنڌي سماج ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سچل سرمست جو آدرشي سماج وارو تصور 

۽ سنڌي سماج

 

سنڌي سماج صدين کان پيڙا جي پاڇولي ۾ رهيو آهي. ڪڏهن ڌارين جا حملا ۽ يلغارون ڪڏهن پنهنجن جا ڪيس. ڪڏهن سنڌي ماڻهن جي سينن تي سنگينون اڀيون ڪيون ويون ته ڪڏهن ڌارين جي گھوڙن جا سنب رکيا ويا. سنڌ جي سڄي تاريخ اهڙن دل خراش واقعن سان ڀري پئي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪهڙو دور آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهوءَ سُک جو ساهه کنئون هجي. جيڪڏهن ڳالهه عرب دور کان شروع ڪجي ته اها پهرين ڪاري ضرب ئي ته هئي، جيڪا سنڌ جي اصلوڪن (Indigenous) ماڻهن پنهنجن ذهنن، ضميرن ۽ جسمن تي سَٺي. سومرن جي صاحبي ۾ به سنڌي ماڻهوءَ کي ڪا سُک جي ڇانوَ نصيب نه ٿي ۽ ڌارين جا ڪَٽڪ سنڌ تي ڪاهيندا رهيا. سما ڄام به پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ عوام کي وساري ويٺا هئا. خاص طور ڄام فيروز جي زماني ۾ سنڌ اندر خانه جنگي ۽ اندروني خلفشار سنڌي سماج کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هڪ ڌاري رهزن شاهه بيگ ارغون کي سنڌ تي قابض ٿيڻ جو موقعو ملي ويو. 

ارغونن جي آزارن ۾ سنڌي ماڻهن آهون ڀريندي گذاريو، ان دور ۾ سنڌ مٿان ظلم جي رات هئي، هو ڏاڍا ظالم، رهزن، سفاڪ ۽ قاتل هيا. شاهه بيگ ارغون ۽ شاهه حسن ارغون ڌرتيءَ ڌڻين تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي نشاني بڻجي آيا. ترخانَ وري غاصب ۽ قبضاگير، دهشتگرد، داداگير ۽ قهاري بڻجي قوم تي ڪڙڪيا، ”هوٿي“ ۽ ”نوٿي“ جهڙن جلادن جون تلوارون سنڌي ماڻهن جون سسون ڌڙن کان ڌار ڪنديون رهيون. مغلن مقامي ماڻهن کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي سوگھو ڪري ڇڏيو ۽ کين ساهه کڻڻ جي سهولت به سولي نه نٿي ملي. هن ئي دور ۾ پورچيگيزن ٺٽي تي حملو ڪري وڏي لٽ مار ۽ قتل و غارت گري ڪئي. ڪلهوڙا، مغل سلطنت جا غلامَ ۽ هٿ ٻڌا ٻانها ٿي بيٺا، جنهن جو نتيجو به خلقِ خدا ڀوڳيو. ڌارين جي ڪاهن جو نه کٽندڙ سلسلو ۽ اندروني جهڳڙن جي پاڙ پٽجي نه سگھي. نادر شاهه افغاني، سنڌ کي رت جو غسل ڏياريو، مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهه ڪري ظلم جي بازار گرم ڪئي، ميان يار محمد ڪلهوڙي، جھوڪ ڌڻي شاهه عنايت جي سر جو سودو مغلن سان ڪري ”خدايار“ جو لقب حاصل ڪيو، مطلب سنڌ جي ماڻهن کي رَت جا ڳوڙها روئاريو ويو. 

لڇمڻ ڪومل جي غزلن جو اڀياس ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

لڇمڻ ڪومل جي غزلن جو اڀياس

 

 

شاعري هڪ اهڙي دنيا آهي، جنهن کي مڪمل طور ڪوبه تسخير نه ڪري سگھيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت تائين شاعريءَ جون اڻ ڪٿيون وصفون ته بيان ڪيون ويو آهن پر حتمي وصف بيان نه ٿي سگھي آهي، تنهن ڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته ’شاعري‘ وصفن کان اڳتي هڪ اهڙو احساساتي ڪرشمو آهي، جنهن کي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ بيان نه ٿو ڪري سگھجي. نامياري شاعر ۽ نقاد لڇمڻ ڪومل به سنڌي ٻوليءَ جي برجستي شاعر نند جويري جي شعري مجموعي ”اکر ڪٿا“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”دنيا جو ڪو به دانشور، ويندي اُستاد اَرسطوءَ جهڙو ڏاهو شخص به شاعريءَ جو صحيح ۽ چٽو مفهوم پيش نه ڪري سگهيو آهي. ڪن پارکن شاعريءَ کي اندر جي اڌمن جو آواز ڪري ڪوٺيو آهي. ڪن شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو درجو ڏيئي پير پرستيءَ ڏانهن مائل ڪيو آهي ۽ ڪن روايتي انداز ۾ جذبن جي پلٽ پلٽان کي سٽن ۾ سرجڻ جو سلسلو ڪري ڄاڻايو آهي. پر خالص شاعري انهن معنائن، مفهومن ۽ مطلبن کان گهڻو مٿي ۽ مختلف آهي...... منهنجي نظر ۾ پڻ مختلف گهڙين ۾شاعريءَ جا الڳ الڳ رخ ۽ وهنوار پئي رهيا آهن. جيڪي مبهم ۽ اڻ چٽيا رهيا آهن جو مختلف دورن ۾ شاعريءَ جا رنگ روپ ۽ نّظريا به وقت جي وهڪرن سان وهندا رهيا آهن. انڪري جدا جدا دورن جي شاعري رڳو پنهنجي دورن ۽ وقت جي تقاضا پوري ڪندي رهي آهي.(1)

شاعري بيشڪ مختلف دورن ۾ پنهنجي وقت جي تقاضا جو پورائو ڪندي رهي آهي ۽ اهو ئي شاعريءَ جو سماجي ڪارج به آهي. پر حقيقت اها آهي ته ”شاعري هڪ پيچيده تخليقي عمل آهي. ان جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ جيتوڻيڪ مختلف عنصر ڪارفرما هوندا آهن پر اهي عنصر اهڙي ته لطيف انداز ۾ هڪ ٻئي سان جڙيل هوندا آهن جو جڏهن انهن جو الڳ الڳ تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته انهن جي تخليقي سرشاري ۽ جمالياتي تازگي بي تاثير ٿي ويندي آهي. شاعر جو اهو عمل پکيءَ جي اهڙي عمل جهڙو چئي سگھجي ٿو جو جيئن هو پنهنجي آکيري لاءِ ڪک ڪک گڏ ڪندو آهي ۽ پوءِ پنهنجي جمالياتي احساس ۽ تخليقي قوت (ڇوته ان کان بغير مخصوص ڪکن جو گڏ ڪرڻ بيڪار آهي.) کي اهڙي ريت پاڻ ۾ ڳنڍيندو آهي جو انهن ڪکن جي انفرادي حيثيت باقي نه رهندي آهي ۽ آکيري جي صورت ۾ هڪ تخليقي وحدت ظاهر ٿيندي آهي.

سنڌ جي تاريخ جو نشانِ راهه پير حسام الدين راشدي ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سنڌ جي تاريخ جو نشانِ راهه

پير حسام الدين راشدي

 

سنڌ پنهنجي جوهر ۾ دنيا جو هڪ اهڙو عظيم خطو آهي، جتي نه ڪڏهن علم ۽ هنر جي کوٽ رهي آهي ۽ نه ئي وري عظيم شخصيتن جي. شخصيتون عظيم ٿين ٿيون پنهنجي قول، ڪردار ۽ عمل سان. سچ اهو آهي ته ماڻهو جو چڱو عمل ئي ان کي عظمتن جي بلندين تي پهچائي ٿو. سنڌ جي ڌرتي شخصيت ساز ڌرتي آهي. هن ڀونءِ ادب ۽ آرٽ کان وٺي سياست ۽ سماجي علمن تائين انيڪ شعبن ۾ اهڙا املهه انسان پيدا ڪيا آهن، جن تي اسان فخر ڪري سگھون ٿا. پير حسام الدين راشدي سنڌ جي علم ادب ۽ تاريخ جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ اهڙي سٻاجھي ۽ سماني شخصيت آهي، جنهن جا جيترا ڳُڻ ڳائجن سي ٿورا ٿيندا.

ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته پير سائين جنهن جون ڄمڻ بعد اکيون ئي نه پئي کُليون، سو اڳتي هلي اهڙن ڪهنن ۽ قديم ڪتابن ۾ نظرون کُپائيندو، جن ۾ سنڌ جي تاريخ دفن ٿيل هئي. ڀرندڙ ورقن وارن انهن قلمي نسخن کي هن ڪيڏي احتياط جي آڱر سان ڇهيو هوندو ۽ انهن ۾ موجود اکرن کي ڪيڏي باريڪ نظري سان ڏٺو هوندو...... اهو سڀ ڪجهه ان عشق جي طفيل هيو، جيڪو سندس من ۾ ڪنهن ساگر جيان ڇوليون هڻي رهيو هيو. اهو سنڌ جي عشق جو ساگر هيو جنهن سدائين سندس من کي بي چين رکيو. ان عشق ۽ بي چيني هن کي سياست جي گورک ڌنڌي کان پري ڪري ڪتابن ۾ پناهه ڏني. هو سڄي حياتي ماضي جي ورقن ۾ گم رهيو. ”پنهنجي وسيع مطالعي سان جيڪو به تحقيقي ڪم ڪيائون، ان ۾ سنڌ جي پيار ۽ محبت جو عنصر نظر اچي ٿو. سندس هر لکڻيءَ ۾ سنڌ شناسيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو، جنهن مان اسان پنهنجي ماضيءَ جي داستان کي پڙهي ۽ پروڙي سگهون ٿا. انهن مقالن ۽ تصنيفن ۾ سنڌ جي سوين سالن جي تاريخ ۽ تذڪرا بيان ڪيل آهن.(1)


سنڌ جي حقيقي تاريخ ۽ تمدن جي تلاش ۾ هن دنيا جون لائبريريون اٿلايون، ڏيهان ڏيهه گهميو. قديم ڪتابن جي ورق گرداني ڪئي ۽ هر وقت مهوِ مطالعه رهيو. اعجاز الحق قدوسي لکيو آهي ته ”سنڌ وارن تي راشدي صاحب جو وڏي ۾ وڏو احسان اهو آهي، جو سنڌ جي تاريخ جي ڪميابي بلڪ نايابي سبب مٿس جيڪي قلف چڙهيل هئا، راشدي صاحب انهن ماخذن کي ايڊيٽنگ جي جديد، مستند، مدلل ۽ سائنسي اصولن موجب حواشي ۽ تعليقات، مقدمن ۽ حاشين، وضاحتن ۽ نوٽن سان سنواري ۽ سينگاري، قلفن جي ڪٽ لاٿي ۽ منظر عام تي آندا ۽ ان طرح سنڌ جي تاريخ عام ماڻهو آڏو پهتي. سنڌ جي تاريخ جا اڪثر ماخذ سندس ئي ايڊٽ ڪيل آهن.“ (2)

سنڌي اساسي شاعريءَ جو هڪ اهم شاعر فقير قادر بخش بيدل ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سنڌي اساسي شاعريءَ جو هڪ اهم شاعر

فقير قادر بخش بيدل

      

 

سنڌي اساسي شاعري کي فڪري ۽ ارتقائي لحاظ کان ٽن دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پهرين دور جي شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه عبد الڪريم ۽ شاهه لطف الله قادري ٻئي دور جي شاعرن ۾ شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، خواجه محمد زمان ۽ عبد الرحيم گرهوڙي ۽ ٽين دور جي شاعرن ۾ سچل سرمست، سامي، روحل، حمل، نانڪ، بيدل ۽ ان سلسلي جي ٻين شاعرن کي شمار ڪري سگھجي ٿو. ان طرح اسان چئي سگھون ٿا ته فقير قادر بخش بيدل سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي آخري ڪڙيءَ جو بيحد اهم شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو تصوف جون رمزون سمجھايون آهن، پر هن جي ڪلام ۾ انسان دوستي، امن ۽ رواداري وارا موضوع به ملن ٿا. ان کان علاوه فقير قادر بخش بيدل وٽ شاعراڻي فن ۽ آرٽ جي به وڏي اهميت محسوس ٿئي ٿي. خاص طور تي، غزل، بيت ۽ ڪافي جي صنفن ۾ هن پنهنجي فڪر جي جوت جلائڻ سان گڏ و گڏ فن جي به پالوٽ ڪئي آهي. هن پنهنجي پيش رو شاعرن خاص طور شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي فڪري تسلسل کي نه رڳو قائم رکيو آهي پر ان کي نوان موڙ به ڏنا آهن. فقير قادر بخش بيدل جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ ئي وقت صاحبِ جمال ۽ صاحبِ جلال صوفي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن کيس شاهه ۽ سچل جو سنگم چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. رشيد ڀٽي پنهنجي ڪتاب ”تصوف ۽ ڪلاسيڪي سنڌي شاعري“ ۾ بيدل سائين بابت لکيو آهي ته ”روهڙيءَ جو هي يگانو، ديوانو، عاشق مزاج ۽ بي پرواهه شاعر جيتوڻيڪ پنهنجن اڳين شاعرن کان تمام گھڻو متاثر نظر اچي ٿو، خاص طرح سان ڀرپاسي جي شاعرن سچل، خوش خير محمد ۽ نانڪ يوسف کان، تنهن هوندي به هن وٽ اسان کي منفرد بيان جو انداز ۽ بي باڪيءَ وارو اظهار ملي ٿو. هن تصوف جي نعرهءِ مستانه ۽ انداز کي پنهنجي منزل تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هن جي اظهار ۾ جيڪا بيباڪي ۽ طنز آهي، اها هن کان پهرين ڪنهن شاعر ۾ نه هئي. هن جي شعر ۾ مذهب جي ظاهريت، بي روح ۽ هٿ ٺوڪي تعبير جي خلاف اظهار سان گڏ ان تي ڀرپور تنقيد ۽ طنز پڻ ملي ٿي. هن مجازي عشق ذريعي حقيقي عشق تائين پهچڻ جو رستو به ٻڌايو آهي.“ (1)

فقير قادر بخش بيدل بنيادي طور هڪ صوفي با صفا هيو پر ترڪ الدنيا صوفي نه هيو. هن ڪڏهن به سماجي ٻنڌڻن کان انڪار نه ڪيو. زندگيءَ جو وڏو حصو سير سفر ۾ گذاريو ۽ مختلف ماڳن مڪانن ۽ درگاهن تي پير ڌريا. پروفيسر سرور سيف مطابق ”حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي کان پوءِ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۾ فقير قادر بخش بيدل ٻيو وڏو شاعر آهي، جنهن جھر جھنگ جھاڳيو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمي مشاهدو ماڻيو. پنهنجي دور جي سگھڙن، سالڪن، عاشقن، عارفن، عالمن شاعرن سان رهاڻيون ڪيون. مجلسن ۾ ويٺو. مختلف بزرگن ۽ صوفين جي خيالن کان آگاهي حاصل ڪئي. ڀنور بڻجي هر خوشبودار گل جي مهڪ ورتي، پنهنجي علمي اُڃ اجھائڻ، روحانيت جون رمزون ماڻڻ ۽ معرفت جا موتي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن جھوڪ جا تڪيا پسيا ته ڪڏهن قلندر جي نگري سيوهڻ ۾ حاضري ڀري. ڪڏهن پريالوءِ مخدوم محمد اسماعيل جي مزار پُر انوار تي مَٽيون ڀريون ته ڪڏهن پير ڳوٺ پهتو، ڪڏهن تجل شريف، ڪڏهن ڍورو نارو، ڪڏهن درازا، ڪڏهن دونهين، ڪڏهن پنهواري ته ڪڏهن عظمت وڃي الله وارن جي حضور ۾ دوزانو ٿي ويٺو ۽ صحبت مان فيضياب ٿيو.“ (2)

Sunday, 23 August 2020

انساني سماجن جي ارتقا ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

 

ڊاڪٽر احسان دانش


انساني سماجن جي ارتقا 

 

Evolution of Human Societies

 

انساني سماجن جي ارتقا کان اڳ انسان جي ارتقا جي عمل کي سمجھڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اسين سماجن جي اڏاوت کي ان وقت تائين سمجھي نه ٿا سگھون جيسيتائين ماڻهوءَ جي ماڻهو ٿيڻ واري ڳالھ کي نه ٿا سمجھون. تنهن ڪري هتي پهريان تمام مختصر نموني انسان جي ارتقائي سفر جو مختصر ذڪر لازمي سمجھان ٿو.

 

انسان جو ارتقائي سفر (Evolution of Humanbeings):

 

انساني ارتقا جو سفر انتهائي دلچسپ آهي. تخليقِ آدم جي معاملي تي مذهب ۽ سائنس ۾ وڏو تضاد نظر اچي ٿو. مذهب انسان جي تخليق جو سبب ڳجھي طاقت (خدا) جو تخليقي معجزو ڄاڻائي ٿو ۽ سائنس وري منطق، دليل ۽ سائنسي تجربن جي بنياد تي ماڻهوءَ کي پاڻ کان گھٽ جنس وارن جانورن جي ارتقائي صورت تسليم ڪري ٿي. هتي اسانجو مقصد ان تضاد کي سلجھائڻ نه آهي، پر انسان جي ارتقائي مرحلن جي حوالي سان مختصر نموني ڪي بنيادي نڪتا رکڻ آهي.

اڄ سائنس اها حقيقت ظاهر ڪري ڇڏي آهي ته ٻين جانورن وانگر انسان جي به ارتقا ٿي آهي؛ اهو پاڻ کان حقير ۽ خسيس جانورن منجھان طويل ارتقائي عمل کان پوءِ ڦٽي نڪتو آهي؛ اهو روزِ اول کان ان ئي صورت ۾ ڪونه خلقيو ويو آهي، جنهن ۾ اهو اڄ آهي. هن خود فطرت جي موتمار قوتن سان مقابلو ڪندي، پاڻ کي ”اشرف المخلوقات“ بڻايو آهي. اينگلس هڪ هنڌ لکيو آهي: ”انسان پاڻ کي پاڻ ئي انسان بڻايو آهي.“ هن نظريي کي واضح لفظن ۾ پيش ڪرڻ وارو پهريون عالم چارلس ڊارون هو، جنهن چيو ته تمام موجوداتِ عالم (انسان سميت) ان ارتقائي عمل جو نتيجو آهن، جيڪو زندگيءَ جي وجود ۾ اچڻ کان روان دوان آهي.“(1)

سائنس انسان جي ابتدا جي آثارن جي حوالي سان اڪثر اندازا ۽ انومان ڏيکاريا آهن. ڪٿي ڪٿي انهن اندازن کي صحيح ثابت ڪرڻ ۾ مختلف جاين تان مليل انساني هڏن، پنڊ پهڻن يا برف جي تهن ۾ ڄمي ويل انساني جسمن پڻ کين وڏي مدد ڏني آهي. پر بهرحال انسان جي هن ڌرتيءَ تي قدامت جو صحيح اندازو لڳائڻ ڪو آسان ڪم به نه آهي، ڊارون جي ”توريثِ آدم“ (The Descent of Man) واري نظريي جا مڃيندڙ لکين ۽ ڪروڙين سال اڳ جي مليل انهن ڍانچن کي پڻ انسان جي ابتدائي شڪلين سان ڀيٽين ٿا جيڪي باندر نما انسان (Pithecanthropus) آهن. انسان جي ارتقا جو سمورو قصو دلچسپين سان ڀريل آهي.

 

علم هيئت جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته شايد 3،000،000،000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گيس جو تيز گرميءَ سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجھو اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سوء ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1،000،000،000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا. ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي روشني وجھي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا. (2)