ڊاڪٽر احسان دانش
”فريم کان ٻاھر“ تي ھڪ سرسري نظر
وليم فاڪنر چيو ھو تھ ”مصور لڪيرن جا شاعر ھوندا آھن ۽ شاعر لفظن جا مصور.“ ”فريم کان ٻاھر“ جو ليکڪ اسان جو دل گهريو دوست اي آر آزاد مصور بھ آھي تھ شاعر پڻ، ان ڪري کيس وڻي تھ لڪيرن مان شاعري بڻائي، مرضي پويس تھ لفظن ۾ تصويرون چِٽي. اي آر آزاد جي شاعري واقعي بھ مصوري جھڙي ئي آھي، ان ۾ رنگ ۽ عڪس بہ آھن تھ حسين احساس بھ.
لڪيرون ۽ دائرا بھ تھ خوبصورت چِٽَ پڻ. ان ۾ منظر بھ آھن تھ اڻ ڇھيون انساني ڪيفيتون پڻ.
ڪيترا ليڪا ڪڍي ڊاھي ڇڏيم
ڪو نئون منظر ھجي ھا زندگي
عڪس اُڀريو ذھن ۾ جيئن اوچتو
شھر ٺاھيو آ مصور سوچ جو
مون اڃا سوچيو تھ ھن کي ٺاھيان
ھو اُٿي ۽ فريم ۾ پئي آھُلي
سوچيان ٿو فريم کان ٻاھر چِٽيان
راز جيڪو روح ۾ آھي دفن
ھي مجموعو پڙھندي ۽ ڏسندي اوھان کي محسوس ٿيندو تھ ھڪ آرٽسٽ جي شعري مجموعي کي ائين ئي ھجڻ کپي. ھن ڪتاب جي ھر ڏھن صفحن کان پوءِ اوھان کي اي آر آزاد جو ٺاھيل ھڪ خوبصورت اسڪيچ بھ ملندو. ”فريم کان ٻاھر“ سندس ٻيو شعري مجموعو آھي، جنھن ۾ ھن جي نثري نظمن کان سواءِ ڏيڍوڻا ۽ غزل بھ شامل آھن. ھن مجموعي ۾ سندس غزلن جي گهڻائي آھي. غزل بھ اھڙا جن جا ڪيئي شعر ڪوٽ ڪرڻ جھڙا آھن. جيئن:
ڇو نھ
ڇيڙيون
ساز گڏجي ڪو نئون
زندگي ڪيڏي نھ آھي مختصر
ڪڪر مان جي لھي آيون
ڦڙيون تو ۾ پيون وھنجن
اُڏي ھڪڙي پوپٽ سڀن کي سڏيو
گُلن ڀي ھو گڏجي ڪو سپنو ڏٺو
ھن وٽ ھاڻي ڪجھھ
ڀي ڪونھ
بچيو ھو
بس
پنھنجا گھاوَ گُلن تي بيھي گھوريائين.
ھن ڀِڄايا انگ پنھنجا مينھن
سانوڻ جيئن وُٺو
سِڪَ اڄ ڀي سونھن کي حيرانگيءَ مان پئي ڏٺو.
سنڌي شاعريءَ ۾ ڏيڍوڻي جي صنف تي ٿورو لکيو ويو آھي. اھا شعري صنف ھائيڪو جو تسلسل آھي ۽ ھائيڪو جو بنيادي موضوع منظرنگاري ۽ محاڪات آھي. سنڌيءَ ۾ عڪسي شاعريءَ تي گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. اي آر آزاد جي ڪيترن ئي ڏيڍوڻن ۾ اھا عڪس نگاري ۽ منظر نگاري نظر اچي ٿي.
ڪي خيال ڪُڏيا آھن،
پوپٽ جي پرن تي ھُن، ڪجھہ نظم لکيا آھن.
برسات وسي وئي آ،
۽ وانڍ وسڻ کانپوءِ، ھوءَ ڀي تھ پُسي وئي آ
اي آر آزاد جا ڪي ڏيڍ سٽا حسين احساسن ۽ اڌمن سان تارون تار ۽ ڏاڍا دل ڇھندڙ آھن.
توڏانھن اوس ايندو،
ھي خوابُ اگر توکي، ڇھندو تھ مَري ويندو
ڪا ڳالھھ چوڻ سک تون،
ننڊ کي تھ ڪري پاسي، وئي جاڳ جُڙي مون سان
ڪنھن لاءِ ڪفر آھي،
مون آھھ ڪيو توکي، سجدو بھ سفر آھي.
اي آر آزاد جو ھمعصر دور جي شاعرن ۾ ھڪ جدا تعارف آھي. ھن وٽ شعر لکڻ لاءِ الڳ آرٽ ۽ ڪرافٽ آھي. ”فريم کان ٻاھر“ ھڪ مصور جي شاعري آھي، تنھن ڪري ان ۾ اوھان کي ھر جاءِ ھھڙا ئي عڪس ۽ احساس ملندا.
منھنجي پھچ صرف فريم تائين آھي
۽ ڪينواس
فريم جو پھريون اسٽيپ آھي
ورھين کان پوءِ
اڄ ھن کي فريم ۾ ڏسي
مون کي خوشي ٿي
۽ مون کيس ٺاھڻ شروع ڪيو
پر ھوءَ بنان رنگن جي
مڪمل ٿيڻ لاءِ تيار نھ ھئي
۽ مون وٽ جيڪي رنگ ھئا
اھي ھن جي وزن تي پورا نھ پئي لٿا
ھن فريم جي پسمنظر کي ڇُھي
مون ڏانھن ڏٺو تھ،
منھنجي ھٿ مان ڪلر پليٽ ڇڏائجي وئي
۽ فرش تي سمورا رنگ وکري ويا
تھ ھن جو عڪس اُڀري آيو
مون ديوار ڏانھن ڏٺو تھ،
ھوءَ فريم کان ٻاھر بيٺي ھُئي....!!


No comments:
Post a Comment