ڊاڪٽر احسان دانش
آڪاش انصاري عشقَ ۽ انقلابَ جو شاعر
شاعري
هڪ اهڙو جادوئي جھرڻو آهي، جنهن جي ڦڙي ڦڙي ۾ پنهنجي جوت ۽ جواني هوندي آهي.
شاعريءَ جي ڌرتي به پنهنجي آهي ته آڪاش به پنهنجو. شاعريءَ جي ڪائنات انوکي آهي،
ان کي مڪمل طور ڪو به تسخير نه ٿو ڪري سگھي. هر شاعر وٽ فڪر ۽ احساس جا پنهنجا رنگ
هوندا آهن. ڪي شاعرَ پنهنجي ڌرتيءَ جي رنگن سان سلهاڙيل ۽ سنجوڳي هوندا آهن ته ڪي
وري من جي دنيا ۾ مستان جوڀن رنگن ۾ رتل سونهن ساريکا کيپ اکين تي چاڙهي جھومندا
رهندا آهن. هو رڳو پاڻ ئي نه جھومندا آهن پر سندن لفظن ۾ به اهڙي طاقت هوندي آهي،
جن کي پڙهندي ۽ ٻڌندي ڪنهن به ماڻهوءَ تي مي رقصم جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي. ڪي لفظَ
ماٺيڻا ۽ مرجھايل هوندا آهن، ته ڪن ۾ للڪار هوندي آهي، ڪي لفظَ محبت جي اظهار لاءِ
مخصوص هوندا آهن ته ڪي مزاحمت لاءِ محدود. لفظن جي ڪهڪشائن کي ڪير ڪَٿي...... لفظن
جي اثر، اهميت ۽ انهن مان اڀرندڙ احساسن بابت ٽيري ايگلٽن (Terry Eagleton) لکيو آهي ته
:
''Our actions are expressive of feelings in the same way that words are expressive of meanings. There can be all sorts of ambiguities about what someone is feeling, just as there can be about what they are meaning. We speak of the meaning 'behind' someone's words.'' (1)
ڪڏهن ڪي لفظ چنڊَ، تارن، مريخ، عطارد ۽ مشتري جيان خيالن جي اسپيس ۾ ترندا رهندا آهن ته ڪڏهن وري ڪي لفظَ احساس جي چشمن ۽ چٽانن مان اُڀري رڃُن ۾ مورَ جي رڙِ وانگر ڀاسندا آهن. ڪڏهن لفظن جي جھنگ مان فڪر جا گلاب ٽڙي پوندا آهن ته ڪڏهن تخيل جي زمين مان لفظَ سبز سَلن جيان اُڀري پوندا آهن. اهي لفظَ ئي ته آهن جيڪي بي روح جذبن کي معنى ڏين ٿا، اهي لفظ ئي ته آهن جيڪي من ۾ دٻل دانُهنِ کي مُڪتي ڏين ٿا، اهي لفظ ئي ته آهن جيڪي سنسار جي سموري دک جي ڪهاڻي بيان ڪن ٿا. لفظَ لڙڪَ ته ناهن، پر لڙڪَ لفظن کان ڌار به ناهن، لفظَ ۽ لڙڪ گڏجي احساسن جي مالها جوڙيندا آهن. لفظَ جڏهن وکري ويندا آهن ته نثر بڻجي ويندا آهن ۽ جڏهن سميٽجي ويندا آهن ته شاعري بڻجي ويندا آهن..... ته شاعري لفظن جي وکريل پاري کي سميٽڻ جو آرٽ آهي. ان پاري کي وڏي احتياط جي آڱرين سان ڇهڻو پوندو آهي.
جديد سنڌي شاعري ۾ اهڙن شاعرن جي ڪمي ناهي جن ان پاري کي پيار سان ڇهيو آهي. بيشڪ آڪاش انصاريءَ جو نالو اهڙن ئي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
اياز چيو هو ته ”شاعري جا روح گرمائي نه ٿي، منزلِ مقصود کي پائي نه ٿي.“ ته آڪاش انصاري جي شاعريءَ ۾ اها روح کي گرمائڻ واري شدت ۽ شڪتي موجود آهي. هن جي شاعريءَ ۾ رڳو مٺي مٺي محبت جي لوري ناهي پر مزاحمت ۽ انقلاب جا شعلا به آهن. هو اگر چچريل جسمن، بي روح لاشن ۽ مرجھايل گلن جي ڳالهه ڪري ٿو، ته سرسبز کيتن، ڪومل گلڙن ۽ نازڪ اندام نينگرين جا گيت به رچي ٿو. هو اگر سنگينين سان سانگين جي چٿيل سينن جو سور محسوس ڪري ٿو ته ڪنهن جي آغوش جي سانوري شام ۾ پناهه وٺي قرار به ماڻي ٿو. هو اگر رات جي رهزنن جي ارهه زوراين تي قلم کڻي ٿو ته ڪنهن جي ساهن جي جھيڻن سُر سان به سمهي ٿو پوي، هو اگر ڪُکِ ڪُکِ ۾ پنهنجن جي کُتل خنجرن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪنهن جي ڪجلين اکين جي ڪنارن مٿي پنهنجي چپڙن جي ٻيڙي به لڳائي ٿو. هو اگر ٽياسن ٽنگيل ۽ ڪڙاهين ڪڙهيل مظلوم ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪنهن جي وارن جي ڪارين گھٽائن منجھان، واس به وٺندو رھي ٿو! هن جي شاعريءَ ۾ قاتلَ ۽ قربُ ونڊيندڙَ گڏ گڏ بيٺا آهن. عشق ۽ انقلاب، محبت ۽ مزاحمت هن وٽ هر وقت هم دوش آهن. جامي چانڊيي صحيح لکيو آهي ته ”آڪاش محبت ۽ مزاحمت جو شاعر آھي. ھن جي محبت ايڏي ته شديد ۽ سگھاري آھي، جو اھا مزاحمت کان سواءِ رھي نه ٿي سگھي ۽ ھن جي مزاحمت ايڏي حُسناڪ ۽ لطيف آھي، جو اھا محبت کان سواءِ ٻيو ڪوبه ھٿيار نه ٿي رکي. ھن وٽ مزاحمت آھي، ھر ان شيءَ لاءِ جيڪا محبت، حسن ۽ ماڻھپي لاءِ خطرو ھجي.“ (2(
آڪاش انصاري جي شاعريءَ ۾ رومانيت ۽ جماليات پنهنجي الڳ ڏانءَ سان نظر اچي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ ورهه ۽ ويراڳ جون وايون به آهن ته وصل جي راحت پڻ، پر هن لاءِ پرينءَ جو وصال ايڏو اهم آهي جو ان کان سواءِ پاڻ کي گداگر محسوس ڪري ٿو. هن ڀٽائي جي سٽ ”تون پارس آئون لوهه، جي سڃين ته سون ٿيان“ واري تسلسل ۾ پنهنجي خيال کي نئون ڪيو آهي.
ڀل ساري ڪائنات جو، محورُ ھجان ھا مان،
توسان نه ملان ھا، ته گداگر ھجان ھا مان،
ڪنھن پيار جي پارس ڇُھي، ڪنچن ڪري ڇڏيو،
ورنه ڪنھن رڃي راه جو پٿر ھجان ھا مان.
فارسي زبان جي شاعر عماد نسيمي جي هڪ شعر جي مصرع آهي:
آن که مَستِ چشمِ خُوباں نیست ای دِل مُجرِم است
* اي دل... جو جيڪو ماڻهو حسينن جي اکين جو مست ناهي، سو مجرم آهي.
آڪاش انصاري به محبوبه جي مخمور اکين جو گهايل آهي، هو پرينءَ جي اکين کي فطرت جي هر لقاءَ سان اهڙي ته سليقي سان جوڙي ڇڏي ٿو جو پڙهندي من مرڪي پوي ٿو ۽ نيڻن تي عجب خمار جا کيپ چڙهي وڃن ٿا. چوڦير بادل ڇائنجي وڃن ٿا، چنڊ جي نيري روشني من جي ڪنارن کي ڇُهي وڃي ٿي، ڪٿي ڪا ڪويل جي ڪوڪ ٻُري ٿي ته ڪٿي ماڪ ڀنل مکڙيون مهڪڻ لاءِ تيار لڳن ٿيون، ڪٿي ٻاجھر ۽ ڄانڀي جي کيتن جا منظر اکين اڳيان تري اچن ٿا ته ڪٿي ٿر تي مور ٽهوڪا ڪندي پيا ڀاسن، پر جڏهن اُهي سڀ منظر هڪ وڇوڙي جي درد سان سلهاڙجي وڃن ٿا ته من تي رقعت جو عجيب ماحول ڇانئجي وڃي ٿو.
جڏھين ڪنھن به بادل، ولھاريون وساريون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون،
جڏھين چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
جڏھين ڪنھن به ڪوئل اسر ويل ڳايو،
تڏھين وِلھه ويتر وڇوڙو وڌايو،
جڏھين ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جون ڀڄايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
جڏھين کيٽ ۾ ٻاجھرين سنگ واريا،
جڏھين چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلايا،
جڏھين ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
جڏھين تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو ھو،
تڏھين دور آڪاش ڪيڏو رُنو ھو،
جڏھين جيءُ جھورڻ ھي آيون جدايون،
الئه ڇو اوھان جون اکيون ياد آيون.
اردو جو هڪ شعر ياد ٿو اچي ته ”کبھي کسي کو مکمل جهاں نهيں ملتا، کهيں زميں تو کهيں آسماں نهيں ملتا“ اهو سچ آهي ته هڪ حياتي ۾ ڪجهه به مڪمل نه ٿو ٿي سگھي. استاد بخاري چواڻي ”هجن ڪيئي حياتيون ته ڪو لطفڙو ٿي...“ سو ان اڻ پورائي جو احساس سدائين رهي ٿو ۽ روز بروز ’وقت جي چيچ مان زندگيءَ جو ڇلو گھرگھلو ٿيندو رهي ٿو.‘ ملڻ جون ڪيتريون ئي حسرتون نا تمام رهجي وڃن ٿيون ۽ بس هر وقت هڪ گونج ستائي ٿي:
اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
نڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو
نه هي ديپ دل مان اوهان جو اجھاميو
نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين
نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين
دکيا سين جلياسين اڌورا اڌورا..........
ان اڻ پورائپ ۽ اڌوري هجڻ واري احساس کي آڪاش رڳو عشق سان نه ٿو جوڙي پر سماج سان به جوڙي ٿو. آڪاش انصاري جي شاعري اظهار جو اهڙو دو درياهه آهي، جنهن ۾ عشق ۽ سماجي انياءَ جون ڌارائون گڏ گڏ هلن ٿيون، پر هو رڳو سماج جي دُکن جو مصور ناهي پر هن جي شاعري ۾ سُتلن کي ڌونڌاڙي اٿارڻ جي سگهه به موجود آهي. آڪاش وٽ جتي عشق جي آتش فشان ٿي اڀامڻ جِي آس آهي اُتي هن جي چپن تي انقلاب جا نعرا به گونجن ٿا. جڏهن هن جو نظم ”جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا، هن ڀونءِ سڄيءَ جا ڀاڳيا“ پڙهيو يا ڳايو ويندو آهي ته هر ڪنهن جي اندر جو آتش فشان ڦاٽي لاوا بڻجي ويندو آهي. آڪاش انصاري سماجي تبديلي ۽ انقلاب کي پنهنجي تخليق سان جوڙي ٿو ۽ هو پنهنجي گيتن کي تيسيتائين اڌورو ۽ اڻپورو ٿو محسوس ڪري جيسيتائين ڌرتيءَ تي ظلم ۽ انياءُ آهي.
جيسين منھنجي ڌرتيءَ تي ٿو رقص ڪري راڪاس،
جيسين انسانن جي اڱ تي ماسو ناھي ماس،
جيسين دھشت ۽ وحشت جو وستيءَ ۾ آ واس،
جيسين جڳ ۾ جاري آھي رت وھائڻ ريت،
تيسين اڌورا ۽ اڻپورا، رھندا منھنجا گيت.
مٿين نظم جي آخري بند ۾ آڪاش سڄڻ ۽ ساڻيهه جو سَڳو گڏ گڏ سوريو آهي. عوامُ، جيڪو چٿيل، چيڀاٽيل ۽ پيڙيل هجي، وطن واسي جيڪي ظلم ۽ جبر جو شڪار هجن، جتي وصل جي آس ۽ اُمنگ اڌوري هجي، جتي سَچُ سزا وانگر هجي ۽ ماٺِ جي مشرڪي جو رواج هجي اُتي واقعي هڪ شاعر جا گيت به اڌورا ۽ اڻپورا ئي رهجي وڃن ٿا.
جيسين سچ تي سئو سئو ڦٽڪا، پيار آ جيسين پاپ،
جيسين ڪنھن سجني جو ساجن سان نه ٿيو ميلاپ،
جيسين پنھنجي راڄ مٿان ٿي راڄ ڪري چُپ چاپ،
جيسين ماٺ ۾ رھندا، منھنجا مارو، منھنجا ميت،
تيسين اڌورا ۽ اڻپورا، رھندا منھنجا گيت.
آڪاش انصاري شاعريءَ جي آڪاش جو اهڙو تارو آهي، جنهن جي جوت ڪڏهن به جهيڻي نه ٿي ٿئي. ”هن جو انداز عاشقانه ۽ جمالياتي حسن جي سمورين گهرجن کي ڀاڪر ۾ ڀري بيهندڙ آهي، جنهن ۾ مزاحمت ۽ رومانس جو حسين ميلاپ ملي ٿو... دنيا جي سموري انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري پنهنجي هٿ ۾ رومانس جي رومال کي ميرو ٿيڻ نه ڏنو آهي.“ (3) فيض احمد فيض جي شهرهءِ آفاق نظم “مجھ سے پہلی سی محبت مرے محبوب نہ مانگ” جا آخري بند ڪمال جا آهن، جن ۾ چوي ٿو:
ان گنت صدیوں کے تاریک بہیمانہ طلسم
ریشم و اطلس و کمخاب میں بُنوائے ہوئے
جا بہ جا بکتے ہوئے کوچہ و بازار میں جسم
خاک میں لتھڑے ہوئے خون میں نہلائے ہوئے
جسم نکلے ہوئے امراض کے تنوروں سے
پیپ بہتی ہوئی گلتے ہوئے ناسوروں سے
لوٹ جاتی ہے ادھر کو بھی نظر کیا کیجے
اب بھی دل کش ہے ترا حسن مگر کیا کیجے
اور بھی دکھ ہیں زمانے میں محبت کے سوا
راحتیں اور بھی ہیں وصل کی راحت کے سوا
مجھ سے پہلی سی محبت مری محبوب نہ مانگ
جيئن فيض ”اور بھی دکھ ہیں زمانے میں محبت کے سوا“ چئي پنهنجن احساسن کي ديس جي درد سان ڳنڍيو آهي، بلڪل ائين ئي آڪاش انصاري به پنهنجي نظم ”مان هليو ڇو ويس؟“ ۾ محبت تي انقلاب کي ترجيح ڏني آهي، انقلابين جون راهون پُر خطر هونديون آهن، انهن راهن ۾ سينن تي سنگينيون اڀيون ڪيون وينديون آهن، قيدخانن جا ڪشٽ ڀوڳڻا پوندا آهن، دار جي لذت ماڻڻي پوندي آهي، اهو سڀ ڪجھ محبوبه جي ڪاڪل جي قيد کان اڳتي جو قصو آهي.
تنھنجي ڪاڪل جي قيدي،
ٿيڻ کان اڳي،
قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش ھئي پرين!
جيڪا ويئي ڇڪي.
دل ته ماڻڻ گھُريون،
تنھنجون سڀ دلبريون،
ھا مگر ڇا ڪريون،
دار جي درد کي،
پنھنجي لذت ھئي،
جيڪا ويئي ڇڪي،
تون پڇين ٿو پرين!
مان ھليو ڇو ويس.
آڪاش انصاري جي شاعريءَ ۾ وطن دوستي ۽ پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ سان پيار جا اعلا جذبا ته موجود آهن پر هو اهڙي ڪنهن به فرد ۽ طبقي کي قبول نه ٿو ڪري ۽ ڌڪار جي نظر سان ڏسي ٿو، جيڪو، بي رحم، ظالم ۽ ديش دروهي آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي لازوال ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ بدران ڌرتيءَ ڌڻين جي ئي ڪُک ۾ ڪانُ هڻي ٿو.
جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي،
منھنجي ٻولي ڏي جيڪو نه مائل ھجي،
ذھن جنھن جو اڃا ڀي ورھايل ھجي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
سچل سائين چيو هو ته ”مَلڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو مُلهه“. ماڻهو مٽيءَ جو پنوڙو ته آهي، پر مٽيءَ جي عظمت کان هر ڪو واقف ڪٿي! شيخ اياز چيو هو”مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زنده باد“ مٽيءَ سان ماڻهوءَ جو رشتو ئي انوکو آهي. ڪو اڻاسي ئي هوندو جيڪو ان رشتي کي پرکي نه سگھندو، ان جي خوشبو کي پنهنجي ساهن ۾ محسوس نه ڪري سگھندو. ڪو بي لَڄو ئي هوندو جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ واسين ۽ مٽيءَ سان جُڙيل رشتن کان مُنهن موڙيندو. اهي ازلي سڱ سياپا رڳو ڪو غيرتمند ئي نڀائي سگھندو آهي.
جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،
جنھن نه سانگين جي سڱ کي سڃاتو ھتي،
تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي!
اها للڪار، اها گونج، اها هڪل، اهو جوش ۽ اها جرئت ٿورن شاعرن ۾ هوندي آهي. ڪو نقاد ڀل جان آڪاش جي ان لهجي کي نعريبازيءَ جي زمري ۾ آڻي پر مان ان کي پنهنجي وقت جو آواز سمجھان ٿو، هڪ اهڙو آواز جنهن ۾ سڄي قوم جو درد جاڳي ٿو، جنهن ۾ هزارين آهُن، سڏڪن ۽ سسڪين جو پڙاڏو به آهي.
جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھجي،
جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھجي،
جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھجي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
اها مزاحمت، جتان انقلابَ مُنهن ڪڍندا آهن، اها تلخي جيڪا سورِهَن ۽ سرويچن جي سنت آهي، اها نفرت ۽ ڪدورت جيڪا ڌرتيءَ جي دردن مان جنمي آهي، آڪاش انصاري جي شاعريءَ مان وري وري اڀري اچي ٿي.
جيڪو لالڻ ليارن سان نفرت ڪري،
منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي
آڪاش انصاري شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي پر هن جي محبوب صنف نظم آهي ۽ اهو به آزاد نظم. جيتوڻيڪ هن پابند نظم ۽ نثري نظم جا تجربا پڻ ڪيا آهن پر هن جي آزاد نظم ۾ ڪمال جي بيساختگي ۽ اُڇل آهي. هن جي آزاد نظمن ۾ درياهن واري رواني ۽ آبشارن جهڙي موسيقي آهي ۽ انهيءَ سبب کيس سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ منفرد حيثيت ملي آهي. هن جي سڄي شاعري پڙهي ڏسبي ته ڪٿي هن جو لهجو انتهائي نرم ۽ گداز محسوس ٿيندو ته ڪٿي وري سندس ٻولي ۽ لهجو ڇوهو ۽ ان تي مزاحمتي انداز حاوي ٿيندي پسبو. هن وٽ وطن دوستي ۽ انسان دوستي جو تصور واضح آهي ۽ هو پنهنجي فڪر جي آڏاڻي تي عالمي امن ۽ انسان دوستي جهڙن موضوعن کي به اڻيو آهي. ”هن وٽ انسان دوستيءَ جو تصور محدود ۽ روايتي نه آهي. انسان دوستي آڪاش جي شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو رومانس آهي، جيڪو سندس شاعريءَ جو سڀ کان اهم آدرش رهيو آهي. سندس شاعري جتي محبت ۽ مزاحمت جو سگھارو آواز آهي، اتي انسان دوستيءَ جي فڪر جي پرچار به ڪري ٿي. سندس شاعري مسڪين ۽ محروم ماڻهن جي مايوسين جي عڪاسي به ڪري ٿي، ته انسانيت جي عظمت، آجپي، ۽ وطن پرست سوچ کي به اجاگر ڪري ٿي.“ (4) آڪاش پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن مظلوم ۽ محروم ماڻهن جي دکن کي به پينٽ ڪيو آهي، جيڪي صدين کان وٺي درد جي گهاڻي ۾ پيڙبا ئي رهن ٿا.
اڙِي دل اڙِي دل!
انهن ڏي به هل،
جن جي نيڻن ۾ ناهي ڪو سپنو سجيل،
جن لاءِ ميگھا جي رُت کي منع آ ٿيل،
جن جا سڀ ڀاڳ،
ڪاهوءَ جيان اجڙيل،
جن جو هر ماڳ،
رڻ ڪڇ جي واري تتل،
ها انهن ڏي به هل،
اڙِي دل اڙِي دل!
انهن ڏي به هل.
ڪنهن به شاعرَ جي شاعريءَ جي سماجي ڪارج جو اندازو ان مان لڳائي سگهبو آهي ته سندس شاعريءَ کي عوامي مڃتا ۽ مقبوليت ڪيتري قدر ملي آهي؟ ان حوالي سان ڏسجي ته آڪاش انصاري جي شاعري پنهنجو ڪارج ڀرپور نموني ادا ڪيو آهي. هن جا گيتَ ۽ نظمَ جهر جهنگ مشهور ۽ مقبول آهن. اهي ڪڏهن ٿڪل ۽ سُتل عوام کي انقلاب لاءِ ڌونڌاڙي اٿارين ٿا ته ڪڏهن پرين جي مرڪ جي معصوميت جي معنى ٻڌائين ٿا. ان ڪري جيڪڏهن اسان چئون ته آڪاش دل ۽ ڌرتيءَ جو شاعر آهي ته به غلط نه ٿيندو. هن جي شاعري ۾ جيڪو انقلاب جو رومانس آهي اهو ئي کيس لافاني بڻائي سگهي ٿو، ڇوته انقلاب جو رومانس ڪڏهن به فنا ٿيڻو ناهي.
اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
اسان جو جڏھين خون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙھا وطن جا به واسي ڇڏيندو،
جڏھين ٻارڙي ڪنھن، ڪئي ٻولي ٻاتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
حوالا
1. Terry Eagleton, How to Read a Poem, Blackwell Publishing Australia, 2007, P:114
2. انصاري آڪاش ”ڪيئن رهان جلاوطن“ (ٻئي ڇاپي جو مهاڳ ”محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر“ ــ جامي چانڊيو) گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، چوٿون ڇاپو 2008ع، ص 28
3. انصاري آڪاش ”ڪيئن رهان جلاوطن“ (چوٿين ڇاپي جو مهاڳ ”آڪاش هڪ سپني جو سفر“ ــ سردار شاهه) گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، چوٿون ڇاپو 2008ع، ص 15 ۽ 16
4. ناز مرتضى ”آڪاش انصاريءَ جي شاعريءَ ۾ انسان دوستي“روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ 8 آڪٽوبر 2019ع ص 6



No comments:
Post a Comment