Sunday, 11 October 2026

سنڌوءَ جو سڏڪو ۽ گل محمد گاد (ھڪ تاثر) ــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


 

سنڌوءَ جو سڏڪو ۽ گل محمد گاد (ھڪ تاثر)

 

منھنجي ٻال پڻي وارو لاڙڪاڻو اڄ واري لاڙڪاڻي کان گهڻو مختلف ۽ حسين ھو. ان وقت روڊن ۽ رستن تي ايڏو شور ۽ دونھو نھ ھو. اوچيون عمارتون ھوا جا رستا نھ روڪينديون ھيون، ھوٽلن تي ايڏي پيھھ نھ ھوندي ھئي. مڇي مارڪيٽ انگريزن جي دور واري ان اعلى عمارت ۾ قائم ھو، جيڪا اوچي ڇت واري ھڪ ھوادار جاءِ ھئي. لاري اڏو شھر کان پر ڀرو ھوندو ھو. ڳوٺن ۾ فطرت جي سونھن سرس ھئي، ڪارو ڪاري ۽ سڱ چٽي جھڙيون بدعتون اڃا عام نھ ٿيون ھيون. ترش ۽ تکا ماڻھو بھ ھئا پر سندن دلين ۾ نفرتون نھ ھيون. مندر، مسجدون، مڙھيون، مدرسا، ڪليسائون ۽ آشرم بھ گڏ گڏ تھ مقام ۽ شمشان گهاٽ بھ ويجها ويجها ھئا. ماڻھن جا ھڪ ٻئي سان تعلق بھ گهاٽا ۽ گهرا ھوندا ھئا. سلام ڪلام تھ عام جام ھو پر مرڪي ملڻ، ھڪ ٻئي جو حال ڀائي ٿيڻ، ڏک سک ۾ گڏ ھجڻ واريون روايتون بھ اڃا فوت نھ ٿيون ھيون. اڄ ان لاڙڪاڻي تي سوچيان ٿو تھ اندر جون ڪيفيتون عجيب ٿي وڃن ٿيون. منھنجو اھو لاڙڪاڻو ھڪ خواب جھڙو ھو.


لاڙڪاڻي جا اھي ڏينھن ياد ڪريان ٿو تھ ذھن جي پردي تي ڪيئي رنگ برنگي شخص نظر اچن ٿا. شاشو مھيسر کان وٺي ناني ٻڍي تائين، باب مکڻ کان وٺي اللھ ڏني پڙھي واري تائين، ابلي پڪوڙن واري، غيبي چانھن واري ۽ ممتاز جنجهڻ برف واري کان ڪالي دڪان واري، سائين قاسم ڪرياني واري ۽ نظام کٽاڻ واري تائين الائي ڪھڙا ڪھڙا ۽ عجب جھڙا شخص. اھڙن ئي شخصن مان ھڪ شخص جنھن کي مون ٻال وھيءَ ۾ علي گوھر آباد جي گهٽين ۾ گشت ڪندي ڏٺو ۽ پوءِ بابا سائين سان سندس ويجهڙائي بھ محسوس ڪئي. اڳتي ھلي پتو پيو تھ ان شخص جو نالو گل محمد گاد آھي. حقيقت اھا آھي تھ ھر شخص پنھنجي وجود ۾ ھڪ ڪائنات آھي. ماڻھن تي ماڻھن جون خوبيون آھستي آھستي منڪشف ٿينديون آھن. مان جنھن شخص جي ڳالھھ ڪري رھيو آھيان، ان کي بھ مان پھريان ھڪ پاڙيسري ۽ بابا جي دوست طور پئي سڃاتو پر پوءِ پتو پيو تھ ھي انسان رڳو ھڪ عام شخص ناھي پر منجهس وڏي مڻيا موجود آھي.

گل محمد گاد چوڻ ۾ تھ ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جو آفيسر ھو پر نظرياتي طور ھو ھڪ قوم پرست، ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻھو ھو. سرڪاري ملازم ھجڻ سبب ھو عملي سياست جو حصو تھ نھ بڻيو پر سندس روح ان رنگ ۾ رچيل ھو. مان ننڍو ئي ھيس جو سنڌ ۾ قومي تحريڪ زور وٺي چڪي ھئي. گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ انقلابي جهنڊا پيا ڦڙڪندا ھئا. علي گوھر آباد تھ ڄڻ ان تحريڪ جو ڳَڙُ ھو. اسان علي گوھر آباد جي ڪيترن ئي اھم قومي اڳواڻن کي پنھنجي گهٽين ۾ گهمندي ۽ سڄي سنڌ ۾ جلسا ڪندي ڏٺو. جڏھن باندي ٿين تھ سڄي سنڌ ۾ وال چاڪنگ ”اسان جي اڳواڻ ........ کي  آزاد ڪيو.“ انھن ڏينھن ۾ شيخ اياز جو گيت ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نھ ڏيندو سھندو ڪير ميار او يار“ فقير عبدالغفور جي آواز ۾ گهر گهر گونجندو ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ پيو ٻڌبو ھو. ضياءَ جي آمريت وارو دور ھو، سياسي تنظيمن تي سختيون ۽ پابنديون جام ھيون، جلسن جلوسن تي پابنديون، احتجاجن ۽ ڌرڻن تي پابنديون، ھڙتالن ۽ ڦيٿا روڪن تي پابنديون....


ٻئي پاسي ڦٽڪا ۽ ڦاھيون، جيل، ڪڙھايون ۽ تعزيرون... اھڙي ماحول ۾ ساھھ کڻڻ ڏکيو ھو. خير انھيءَ دور ۾ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ ”جشن لطيف“ جو سلسلو بھ شروع ٿي ويو ھو. اسان جي پاڙي ۾ بھ سال ۾ ھڪ ٻھ دفعا ڪڏھن علي گوھر آباد پرائمري  اسڪول جي اڳيان ميدان تي، ڪڏھن گاھھ پڙيءَ واري روڊ تي، ڪڏھن بھشتي مسجد جي آس پاس تھ ڪڏھن قافلا سراءِ ۾ شاندار ’جشن لطيف‘ ٿيندا ھئا. اھي جشنِ لطيف قومي تحريڪ ۾ ٻارڻ جو ڪم ڪندا ھئا ۽ نوجوانن ۾ وڌيڪ جوش ۽ ولولو پيدا ٿيندو ھو. استاد محمد يوسف، زرينا بلوچ ۽ الڻ فقير کي سڀ کان پھريان مون انھن ئي ميڙن ۾ ٻڌو. منھنجن ڪنن ۾ اڄ بھ استاد يوسف جي آواز ۾ آڪاش انصاريءَ جي گيت جا ٻول ”جنھن وقت ھي جوڳي جاڳيا، ھن ڀونءِ سڄيءَ جا ڀاڳيا ڪندا سڀ مست قلندر، دمادم مست قلندر“ گونجي رھيا آھن. زرينھ بلوچ جو تاڙين جي گونج ۾ ڳايل ”جيئي لطيف منھنجو جيئي لطيف“ ۽ الڻ فقير جو ”ٽِڙي پوندا ٽارين، جڏھن ڳاڙھا گلَ، تڏھن ملندا سين“ انھن پروگرامن جا مقبول گيت ھئا. انھن ميڙن ۾ گل محمد گاد سدائين ثقافتي لباس ۾ نظر ايندو ھو. اڇي سلوار قميص، ڪُلھن تي اجرڪ، مٿي تي سھڻي سنڌي ٽوپي، وٽيل ڪارا شھپر، قداور جوان. اسان ٻار ھئا سين ۽ ھو پڪو پختو ۽ خوبصورت جوان. اڳتي ھلي خبر پئي تھ انھن ميڙن مچائڻ ۾ سندس وڏو ھٿ ھو. ھن جو اولاد خاص طور جميل گاد ۽ تنوير گاد بھ انھن پروگرامن ۾ سرگرم ھوندا ھئا ۽ ڀرپور حصو وٺندا ھئا. ھن جي لطيف سان محبت جو اندازو ان مان بھ لڳائي سگهجي ٿو جو ھن پنھنجي ننڍي ننڍي پُٽ جو نالو بھ ’لطيف‘ رکيو.

گل محمد گاد سڄي حياتي متحرڪ گذاري، سياست شايد سُتيءَ ۾ پيل ھئس. انھيءَ ڪري ھن جي نھ رڳو قوم پرست تنظيمن جي اڳواڻن سان اُٿي ويٺي ھئي پر عوامي ۽ جھموريت پسند سياسي تنظيمن جي اڳواڻن سان بھ ڏيٺ ويٺ ھئي. ڀُٽي صاحب سان تھ وزير اعظم ٿيڻ کان اڳ بھ سندس تعلقات ھئا. شايد انھيءَ سياسي شعور سبب جڏھن کيس ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي ۾ نوڪري ملي تھ ھن اتي ’ميونسپل ايمپلائيز يونين‘ ٺاھي، ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ عملي جدوجھد ڪئي ۽ ھنن لاءِ ھڪ ھائوسنگ اسڪيم بھ منظور ڪرائي. يونين جي پليٽ فارم تان گل صاحب جو وڏو ڪم لاڙڪاڻي جي تاريخ تي پھريون جامع ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساھھ سيباڻو“ ترتيب ڏيڻ ھو. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پوڻا نو سو صفحن واري ان ٽھ ٻوليائي (سنڌي، ادرو، انگريزي) ڪتاب جي سھيڙَ ڪو سولو ڪم نھ ھو، ان لاءِ وڏي جستجو جي ضرورت ھئي. ھن پنھنجن دوست، ساٿين ۽ علمي ادبي حلقن ۾ ذاتي تعلقن کي استعمال ڪندي ان ڪتاب کي عملي روپ ڏئي ڇپرايو. سچ تھ ”لاڙڪاڻو ساھھ سيباڻو“ رڳو ھڪ ڪتاب نھ آھي پر تاريخ جو ھڪ باب آھي. جنھن ۾ لاڙڪاڻي جي تاريخ، جاگرافي، ادب، سياست، سماج، ھنر، شخصيتن، ماڳن مڪانن کان وٺي، تعليم، زراعت ۽ طب جھڙن ڪيترن ئي موضوعن تي اعلى مضمون ۽ مقالا سھيڙيل آھن. مان سمجھان ٿو تھ اھو ڪتاب لاڙڪاڻي جي تاريخ جو ھڪ اھم ماخذ آھي. ڪتاب ۾ جيڪي ناياب تصويرون موجود آھن، اُھي ان کان اڳ ڪٿي بھ شايع نھ ٿيون. سچ تھ اھو وڏي جوکم جو ڪم ھو، جيڪو گل محمد گاد احسن طريقي سان انجام ڏنو.

اھو لاڙڪاڻو جنھن جي عروج جون ڳالھيون ھاڻي وڃي ڪتابن ۾ رھيون آھن، ان شھر کي گل محمد گاد پنھنجين سان ڏٺو. اھي شاھي باغ جون رونقون، اھو تجر باغ جو گلستان، اھي جناح باغ جا حسين ٻارا، اھو گيان باغ جتي قدآدم پکو پيو ڦرندو ھو، اھو گهاڙ واھھ جي اوج جو  زمانو، رستن تي پخالين جي ڇڻڪار ۽ ڪڻھار، چونا ڇَٽڻ، مڏين ۽ اوطاقن تي ڪچھريون، محفلون ۽ رونقون، سينيما ۽ ھوٽلن جي عروج وارو دور ھن پنھنجي اکين پسيو. ھن لاڙڪاڻي جو چپو چپو پنھنجي پيرن سان چميو. جڏھن ميونسپل ڪاميٽي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ انسپيڪٽر مقرر ٿيو تھ لاڙڪاڻي جو انچ انچ ڪڇي ڇڏيائين. غير قانوني اڏاوتون روڪڻ ھن جو ڪم ھو پر ھن جي ڪم سبب لاڙڪاڻي جي سونھن وڌي رھي ھئي. ھو پنھنجي لھجي ۾ تلخ ۽ کرو ھو، ڪي ھوندا جن کي سندس ڳالھيون ڏکيون لڳنديون ھونديون پر ھن جي دل ۽ دماغ ۾ جيڪا ڳالھھ ايندي ھئي ٺھھ پھھ چئي ڏيندو ھو. اصولي ڳالھھ تي ڳنڍ ٻڌي بيھندو، ان تان اصل ھڪ انچ بھ نھ چُرندو.

نوي واري ڏھاڪي جي مھڙين سالن ۾ مان نوجوان ھيس ۽ اڃا گريجوئيشن بھ پوري نھ ڪئي ھئي جو مون کي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ملي. ڪاڏي مان نفيس مزاج ڇوڪرو ڪاڏي روينيو کاتو جتي ڪيئي آڙيڪاپ ديرو ڄمايو ويٺا ھئا. مان شاعر، حساس دل رکندڙ ۽ ماڻھن جو درد محسوس ڪندڙ نوجوان ۽ اتي اڪثر بي رحم ماڻھو. مان اھو سڀ ڪجھھ ڏسي تڙپي پوندو ھوس. بابا کي چوندو ھوس تھ مان ھيءَ نوڪري نھ ڪري سگھندس. بابا بھ ڪڏھن زور نھ ڀريو تھ توکي نوڪري ڪرڻي پوندي.... خير انھن ئي ڏينھن ۾ منھنجي پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي آفيس ۾ ٿي، جتي ٻين ڪمن سان گڏ انڪروچمينٽ ھٽائڻ جو ڪم بھ مئجسٽريٽ صاحب جي حوالي ھوندو ھو. تيستائين لاڙڪاڻو ميونسپل ڪاميٽي، ميونسپل ڪارپوريشن ٿي چڪي ھئي ۽ ان جو ڪجھھ عملو بھ انڪروچمينٽ ھٽائڻ واري ٽيم ۾ شامل ھوندو ھو، مان مئجسٽريٽ صاحب جو اسٽاف ميبر ھجڻ ڪري ساڻس گڏ گڏ. اينٽي انڪروچمينٽ انسپيڪٽر ھجڻ ڪري سائين گل محمد گاد ان ٽيم جو اھم حصو ھوندو ھو. ان ڪري منھنجو ھڪ ڊگهو عرصو ساڻس ويجهڙو تعلق رھيو ۽ ھو ڪچھرين ۾ مون کي پنھنجو بزگ دوست لڳندو ھو. ھن جي مون سان سدائين بي تڪلف گفتگو ھوندي ھئي. انھن ئي ڏينھن ۾ مون کي سندس شخصيت جي گهڻن ئي پھلوئن جي خبر پئي. سچ تھ ھو ھڪ ذھين، زيرڪ ۽ جھان ديد ماڻھو ھو. ھن سان ڪچھري ڪندي وقت گذرڻ جو احساس ئي نھ ٿيندو ھو. ڳالھين جو ڳھير. ڳالھھ مان ڳالھھ ائين کوليندو جيئن ڪپڙي جو ٿان کولجي. لاڙڪاڻو ھن جو محبوب موضوع ھو. ڳالھين جي ڳھر ۾ ھو لاڙڪاڻي جي ماضيءَ ۾ گم ٿي ويندو ھو. ان دور کي ياد ڪندو ھو جيڪو اسان نھ ڏٺو.

سائين گل محمد گاد سان جيسيتائين صحت ساٿ ڏنو، تيستائين علمي، ادبي پروگرامن، سياسي ۽ سماجي سرگرمين، جلسن ۽ ڌرڻن ۾ شامل ٿيندو رھيو. مون ھن کي ڪمزوريءَ واري حالت ۾ بھ جناح باغ ۽ پريس ڪلب جي آڏو ٿيندڙ اھڙن ڪيترن ئي جلسن جلوسن ۽ ڌرڻن ۾ ڏٺو، جيڪي سنڌ جي مختلف مسئلن توڙي ٻوليءَ جي معاملن بابت ھوندا ھئا. آخري ڀيرو ھن انتھائي ڪمزوريءَ ۽ بيماريءَ واري حالت ھوندي بھ پنھنجي اولاد کي چيو تھ ’مون کي ٻٻرلو وٺي ھلو تھ مان سنڌوءَ تي ڪينال ٺاھڻ خلاف ڪيل عوامي ڌرڻي ۾ شامل ٿيان.‘ ٽياسي سالن جي عمر ۾ لانجهو ھجڻ باوجود ھن جو اھو جذبو ان ڪري جوان ھو جو ھن عاقل ڀرسان سنڌوءَ جي ڪناري تي جنم ورتو ھو. اھو مست الست سنڌو جنھن کي ھن موج ۽ مستيءَ ۾ ڏٺو ھو، ھن ان جو ساھھ گهٽجندي ڏسڻ نھ پئي چاھيو ۽ پنھنجي حصي جو احتجاج ڪرڻ پئي چاھيو. ھو ان عمر ۾ بھ پنھنجن پٽن سان پريس ڪلب لاڙڪاڻيءَ تائين نڪري آيو ۽ سنڌوءَ جي سڏڪي کي ورنايو.

 

 

 


No comments:

Post a Comment