ڊاڪٽر احسان دانش
سنڌي اساسي شاعريءَ جو هڪ اهم شاعر
فقير قادر بخش بيدل
سنڌي اساسي شاعري کي فڪري ۽ ارتقائي لحاظ کان ٽن دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. پهرين دور جي شاعرن ۾ قاضي قادن، شاهه عبد الڪريم ۽ شاهه لطف الله قادري ٻئي دور جي شاعرن ۾ شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف، خواجه محمد زمان ۽ عبد الرحيم گرهوڙي ۽ ٽين دور جي شاعرن ۾ سچل سرمست، سامي، روحل، حمل، نانڪ، بيدل ۽ ان سلسلي جي ٻين شاعرن کي شمار ڪري سگھجي ٿو. ان طرح اسان چئي سگھون ٿا ته فقير قادر بخش بيدل سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي آخري ڪڙيءَ جو بيحد اهم شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو تصوف جون رمزون سمجھايون آهن، پر هن جي ڪلام ۾ انسان دوستي، امن ۽ رواداري وارا موضوع به ملن ٿا. ان کان علاوه فقير قادر بخش بيدل وٽ شاعراڻي فن ۽ آرٽ جي به وڏي اهميت محسوس ٿئي ٿي. خاص طور تي، غزل، بيت ۽ ڪافي جي صنفن ۾ هن پنهنجي فڪر جي جوت جلائڻ سان گڏ و گڏ فن جي به پالوٽ ڪئي آهي. هن پنهنجي پيش رو شاعرن خاص طور شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي فڪري تسلسل کي نه رڳو قائم رکيو آهي پر ان کي نوان موڙ به ڏنا آهن. فقير قادر بخش بيدل جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ ئي وقت صاحبِ جمال ۽ صاحبِ جلال صوفي آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن کيس شاهه ۽ سچل جو سنگم چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. رشيد ڀٽي پنهنجي ڪتاب ”تصوف ۽ ڪلاسيڪي سنڌي شاعري“ ۾ بيدل سائين بابت لکيو آهي ته ”روهڙيءَ جو هي يگانو، ديوانو، عاشق مزاج ۽ بي پرواهه شاعر جيتوڻيڪ پنهنجن اڳين شاعرن کان تمام گھڻو متاثر نظر اچي ٿو، خاص طرح سان ڀرپاسي جي شاعرن سچل، خوش خير محمد ۽ نانڪ يوسف کان، تنهن هوندي به هن وٽ اسان کي منفرد بيان جو انداز ۽ بي باڪيءَ وارو اظهار ملي ٿو. هن تصوف جي نعرهءِ مستانه ۽ انداز کي پنهنجي منزل تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هن جي اظهار ۾ جيڪا بيباڪي ۽ طنز آهي، اها هن کان پهرين ڪنهن شاعر ۾ نه هئي. هن جي شعر ۾ مذهب جي ظاهريت، بي روح ۽ هٿ ٺوڪي تعبير جي خلاف اظهار سان گڏ ان تي ڀرپور تنقيد ۽ طنز پڻ ملي ٿي. هن مجازي عشق ذريعي حقيقي عشق تائين پهچڻ جو رستو به ٻڌايو آهي.“ (1)
فقير قادر بخش بيدل بنيادي طور هڪ صوفي با صفا هيو پر ترڪ الدنيا صوفي نه هيو. هن ڪڏهن به سماجي ٻنڌڻن کان انڪار نه ڪيو. زندگيءَ جو وڏو حصو سير سفر ۾ گذاريو ۽ مختلف ماڳن مڪانن ۽ درگاهن تي پير ڌريا. پروفيسر سرور سيف مطابق ”حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي کان پوءِ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۾ فقير قادر بخش بيدل ٻيو وڏو شاعر آهي، جنهن جھر جھنگ جھاڳيو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمي مشاهدو ماڻيو. پنهنجي دور جي سگھڙن، سالڪن، عاشقن، عارفن، عالمن شاعرن سان رهاڻيون ڪيون. مجلسن ۾ ويٺو. مختلف بزرگن ۽ صوفين جي خيالن کان آگاهي حاصل ڪئي. ڀنور بڻجي هر خوشبودار گل جي مهڪ ورتي، پنهنجي علمي اُڃ اجھائڻ، روحانيت جون رمزون ماڻڻ ۽ معرفت جا موتي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن جھوڪ جا تڪيا پسيا ته ڪڏهن قلندر جي نگري سيوهڻ ۾ حاضري ڀري. ڪڏهن پريالوءِ مخدوم محمد اسماعيل جي مزار پُر انوار تي مَٽيون ڀريون ته ڪڏهن پير ڳوٺ پهتو، ڪڏهن تجل شريف، ڪڏهن ڍورو نارو، ڪڏهن درازا، ڪڏهن دونهين، ڪڏهن پنهواري ته ڪڏهن عظمت وڃي الله وارن جي حضور ۾ دوزانو ٿي ويٺو ۽ صحبت مان فيضياب ٿيو.“ (2)



















