Saturday, 6 October 2018

هڪَ محبوب شخصيت ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

هڪَ محبوب شخصيت
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

رجنيش اوشو پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ جيون جي حقيقت بيان ڪندي چيو هو ته ”جيون هڪ ڪورو ڪتاب آهي. ان کي کولڻ سان ڪجھ حاصل نه ٿيندو. ان ۾ توهان کي ڪو اکر ۽ ڪا سٽ نه ملندي. خالي ڪاغذ کي ڪوئي ڇا پڙهندو..... هڪڙي ئي ڳالهه ٿي سگھي ٿي ته ان ڪوري ڪاغذ کي ڏسندا رهو، ڏسندا رهو ۽ هڪ ڏينهن خود به ڪورا ڪاغذ بڻجي وڃو. جيون جي حقيقت کي ڳوليو ويندو آ کوليو نه ويندو آهي. اهو ڪو تالو ناهي جو ان جي ڪا چاٻي هجي. هونءَ ته جيون جي دروازي تي ڪوئي تالو ناهي سڀ ڪجھ کليل آهي ۽ انت تائين کليل آهي.... ڳوليندا رهو ڳوليندا رهو ڪوئي پاتال نه ماڻيندئو اهو اٿاهه آهي، ان جو ڪو ڪنارو ناهي، بي ڪناره آهي. ڪنارو هجي ها ته ماڻهو پار ڪري وڃي ها. گھرو ناهي اٿاهه آهي. گھرو هجي ها ته اسان ماپ ڪري سگھون ها. تنهن ڪري هڪ ڇا هزار سالن تائين به جيون جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا سين ته به ڳالهه سمجھ ۾ نه ايندي.“ 

هومر جي رزميي کان ڪيٽس جي شاعريءَ تائين، شيڪسپيئر جي اوپيراز کان پئبلو نرودا جي مزاحمتي ڪوتائن تائين، رودڪي جي شعرن کان رومي جي رمزن تائين، ڪبير جي دوهن کان ميران جي ڀڄنن تائين، ڀٽائي جي بيتن کان سامي جي سلوڪن تائين ۽ اياز جي نظمن کان اڄوڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي سمورن سگھارن آوازن تائين نه رڳو نظم ۾ زندگي ۽ زندگيءَ جي حسناڪين ۽ ڪربناڪين جون عجيب تصويرون چٽيون ويون آهن پر وڏن وڏن فلسفين ۽ ڏاهن جيون جي حقيقت کي بيان ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا آهن...... پر ايڏين تشريحن کان پوءِ به ان جي ڪا تشريح حتمي ناهي...... ائين چئجي ته جيون اهو آهي، جيڪو هر تشريح کان بالا آهي..... اهو هڪ ڪورو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪو به اکر ۽ ڪا به سٽ ناهي. بقول اوشو ”خالي ڪاغذ کي ڪوئي ڇا پڙهندو.“ پوءِ چوڻ واري ائين ڇو چيو آهي ته ”ڪوئي خالي سکڻا نهين، سب ڪي اندر لعل“........ اهو لعل اصل ۾ انسان جي اها ڏات آهي جنهن سان سندس ذات جي تڪميل ٿئي ٿي. اهو هنر ۽ ڏات ئي آهي، جنهن سان سندس جيون جي ڪوري ڪتاب ۾ ڪجھ پڙهڻ ۽ سمجھڻ لائق ٿئي ٿو.
هر ماڻهو پنهنجي جيون ڪتاب ۾ عمل جي وکر سان اهي اکر ميڙي ٿو، جنهن سان سندس زندگيءَ کي ڪو مفهوم ملي ٿو....... ها جيون جي ڪوري ڪتاب کي اندر جي اک سان پڙهي سگھجي ٿو...... جيڪب آباد جي سوڙهين گھٽين ۾ جنم وٺندڙ هڪ سماني انسان غلام نبي سڌايو به پنهنجي حياتيءَ جي ورقن کي پنهنجي عمل جي وکر سان پُر مفهوم بڻايو آهي. هن جي جيون ڪتاب جي ورق ورق کي کولڻ ۽ محبت جي اکين سان پڙهڻ جي ضرورت آهي.

ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جا ٽي ڪتابَ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جا ٽي ڪتابَ
 
1 . ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي
ڪم جو تنقيدي جائزو (پي ايڇ ڊي ٿيسز)
2. روشن تارا (ٻارن لاءِ شاعري)
3. سنڌي ادبي اخبار نويسي

ملڪن جي وچ ۾ ڀلي ڪيتريون ڀي سرحدون هجن پر ادب جي ڪا به سرحد نه ٿي ٿئي. ادب خوشبو وانگر آهي جنهن جو ڪو هڪڙو ديس نه هوندو آهي، جيڪا ڪنهن سرحد جي محتاج نه هوندي آهي. ادب امن جي پکين وانگر ئي آهي جيڪي هر ديس ۾ پيار جي ٻولي ٻوليندا آهن. سائيبر ورلڊ سڄي جهان کي هڪ ڳوٺڙو بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هاڻي ته ساهت جي سرحدن لاءِ سوچي ئي نه ٿو سگھجي. دنيا جي هر ٻولي ۾ ادب جو اڻ ميو خزانو موجود آهي. انٽرنيٽ تي ان خزاني جي لوٽ پئي ٿئي، رڳو ڪو هجي جو ان ڄاڻ جي کاڻ مان ڪجھ کڻي. هڪ پاسي دنيا علم آڇي رهي آهي ته ٻي پاسي اڃا به ڪٿي ڪٿي جهالت جا مينار تعمير ٿي رهيا آهن. هڪ پاسي آءِ ٽي ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿي رهي آهي ته ٻي پاسي ڳوٺن ۾ وڻن جي هيٺان اڌ اُس ۽ اڌ ڇانوَ ۾ اڄ به ميٽ مليل ڦرهيءَ تي الف انب ب بلا پڙهايو وڃي ٿو. ان سموري وايومنڊل ۾ هڪ اديب لاءِ به ساهت جي سنسار جون کوڙ کڙڪيون کُلي پيون آهن. انهن کڙڪين ۾ جھاتي پائي ادب جي نئين ڪائنات دريافت ڪري سگھجي ٿي. هڪ طرف ادب جي نئين ڪائنات آهي ۽ ٻئي طرف سنڌي ساهت جو سنسار. سنڌي ادب ان ڪائنات کان ٻاهر جي ڪا چيز ته نه آهي پر ان جا موضوع پنهنجا آهن.

هڪ اديب پنهنجي وقت جو ضمير هوندو آهي. هو پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ سان جڙيل هوندو آهي. صدين جا فاصلا به هن کي پنهنجي مٽيءَ جي سڳنڌ کان پري نه ٿا ڪري سگھن. ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي جي وڍ بعد جن سنڌي اديبن کي پنهنجي ڌرتيءَ کان دور ٿيڻو پيو، اهي اڄ به پنهنجي ساهن ۾ ان مٽيءَ جي هڳاءَ کي محسوس ڪن ٿا. اڄ به اهي تهذيب جا لڄپال آهن، ڇوته انهن جا وڏڙا ئي موهن جي دڙي جهڙي عظيم تهذيب جا خالق هيا. اڄ به انهن جي آس آهي ته سندن خاڪ کي سنڌو ۾ ٺاريو وڃي. هندوستان ۾ هڪ نسل آهي جنهن سنڌ کي پنهنجي ايمان جو جُز بڻائي ڇڏيو آهي. انهيءَ نسل جي تسلسل ۾ اديبن جي هڪ وڏي کيپ جيجل جي لوليءَ جهڙي سنڌي ٻوليءَ جي آڱر پڪڙي جوان ٿي آهي ۽ انهيءَ نسل منجھان هند ۾ اڄ ڪيئي ساٿي سنڌي ساهت جا سرموڙ ساهتڪار ٿي اڀريا آهن. ڊاڪٽر روشن گولاڻي به انهيءَ ٽهيءَ جو هڪ نمائندو ليکڪ آهي. جيڪو گذريل اڍائي ڏهاڪن کان پنهنجي علمي ۽ قلمي پورهيي وسيلي ادب جا واهڙ وهائيندو رهيو آهي. هن هڪ ئي وقت شاعر، مترجم، محقق ۽ ايڊيٽر طور پاڻ مڃايو آهي. ڊاڪٽر روشن گولاڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ورثو“ (1994)، ”رنگ برنگي گُل“ (2007)، ”مٺڙي مٺڙي لات“ (2010)، ”روشن آواز“ (2011)، ”روشن تارا“ (2012)، ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو“ (2014)، ”رنگ برنگي پوپٽ“ (ايڊٽ ٿيل)، ”مهاڳ“ (ايڊٽ ٿيل)، ”ادبي تبصرا“ (ايڊٽ ٿيل)، ”سنگھ درشن“ (ترجمو) شامل آهن. 29 مئي 1972 تي احمد آباد ۾ جنم وٺندڙ روشن گولاڻي سنڌي ادب ۾ پي ايڇ. ڊي آهي. هو ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪري چڪو آهي ۽ ادبي مڃتا طور سندس ڪتابن تي کيس ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. هو هند جي متحرڪ ادبي شخصيتن مان هڪ آهي.
ڀلو ٿئي سوشل ميڊيا جو جنهن ڪري ڊاڪٽر روشن گولاڻي مونکي ڳولي لڌو ۽ مان به کانئس واقف ٿي سگھيس. ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن ڊاڪٽر روشن هڪ ميسيج ۾ مونکان منهنجو پتو گھرندي ٻڌايو ته هو پنهنجا ڪجھ ڪتاب مون ڏي موڪلڻ گھري ٿو ته سچ پچ دلي سرهائي ٿي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس ٽي ڪتاب1 . ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو (پي ايڇ ڊي ٿيسز) 2. روشن تارا (ٻارن لاءِ شاعري) ۽ 3. سنڌي ادبي اخبار نويسي اچي پهتا ۽ مٿان اهو حڪم هيو ته انهن تي تبصرو به لکڻو آهي.

Tuesday, 31 January 2017

موهن جي دڙي جا نوادرات ـــ احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



احسان دانش

موهن جي دڙي جا نوادرات

سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو داستان هزارين سالن تائين ڦهليل آهي، جنهن کي ڳولڻ، ڦولڻ ۽ کولڻ سان سوين ڪهاڻيون سامهون اچي وينديون پر تحقيق، لطيف ڪٿائن ۽ ڪهاڻين جي بيان جو نالو ناهي بلڪه ڪهاڻين مان حقيقت جي پهلوئن کي ڳولي، ڇنڊ ڇاڻ ڪري سچائيءَ کي سامهون آڻڻ جو عمل آهي. هونءَ ته گھڻو ڪري سائنس جي اڪثر شعبن جو هڪ ٻئي سان تعلق آهي ۽ ڄاڻ جا دروازا مختلف شعبن وارن علمي اڱڻن تي کُلن ٿا پر خاص طور علم الارض (Geography)، ارضيات (Geology)، علم الانسان (Anthropology)، سماجيات (Sociology)، قديم آثارن جو علم (Archeology) ۽ محافظ خانو (Archives) جهڙا شعبا هڪ ٻئي سان گھڻو سلهاڙيل آهن ۽ انهن شعبن ۾ گھڻي کان گھڻي تحقيق جي گھرج آهي، پر بد قسمتيءَ سان اسان جنهن سسٽم ۾ ساهه کڻون ٿا اُتي مجموعي طور نون محققن لاءِ تحقيق جا دروازا اپٽڻ بجاءِ پوريا وڃن ٿا......


پر تحقيق ڀٽائيءَ جي فلاسافي ناهي جنهن چيو هو ته ”اپٽيان ته انڌيون، پوريو پرين پسن.“ تحقيق کليل اکين جو کيل آهي. اکيون کليل هونديون ته انسان نظر ايندو ۽ شيون نظر اينديون. انسان جيڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ تاريخ رکندو آهي ۽ شيون جيڪي پنهنجي جوهر ۾ انيڪ قصن کي پالينديون آهن. اصل ۾ آرڪائيوز هڪ اهڙو دفتر آهي، جنهن ۾ انهن ئي قصن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ انهن قصن جي سچ کي کوليندا آهن محقق.
تحقيق جو پهريون اصول آهي شڪ، گمان يا اندازو. جنهن کي Hypothesis جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو گمان ۽ اندازو ئي حقيقت جي جستجو لاءِ اتساهيندو آهي ۽ حقيقت جي حاصلات وري دليلن جي گھرجائو هوندي آهي. اسان جڏهن سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ قديم آثارن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان لاءِ به اسان کي تحقيق جو دامن جھلي ڳالهائڻو پوندو. پنج هزار سال قديم تهذيب جي دعوى ڪندڙ اسان جي قوم پنهنجي تهذيب ۽ تاريخ تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. موهن جو دڙو اسان کي ٻين ڳولي ڏنو ۽ ان تي تحقيق جو آغاز به پهريان ٻين ڪيو، گھڻو پوءِ مقامي محققن به ان ڪم ۾ حصو ورتو. باقي اسان گھڻو ڪري ڌُڪي تي بندوقون ڇوڙيون آهن، ڊاڙ ۽ ٻٽاڪ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. بنان ڪنهن سوچ ويچار ۽ تحقيق جي پيا چوندا سي حضرت آدم عه جنت مان تڙجڻ کان پوءِ سڌو سنڌ جي زمين تي قدم رکيو، حضرت نوح جو ٻيڙو به هتي ئي اچي بيٺو..... مطلب جيڪو ڪجھ ٿيو سو سنڌ منجھان ٿيو. اسان مت جا موڙها ماڻهو انهن سڀني ڳالهين کي چمي اکين تي رکندا سي ۽ زبان تي رڳو سبحان الله سبحان الله جا ڪلما هوندا. اهڙي صورتحال ۽ اهڙي سماج ۾ شين، ڳالهين ۽ واقعن جي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ خود هڪ مسئلو بڻجي پوي ٿو ۽ محقق کي سدائين تلخ راين ۽ نئين فتوائن جاري ٿيڻ جو خوف  رهي ٿو. ان خوف جو پردو چاڪ ڪرڻ لاءِ مجموعي طور اسان جي قوم کي خودپسنديءَ جي خول مان نڪرڻو پوندو ۽ سچائين کي قبول ڪرڻو پوندو، پوءِ اُهي تلخ ئي ڇونه هجن.

روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش

روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪَٿَ

ادب ۾ Gender Deference  يا جنسي / صنفي تفريق جو سوال ڏاڍو اهم ۽ بامقصد آهي، يعني هڪ پاسي مرد تخليقڪار آهي ته ٻئي پاسي عورت تخليقڪاره. ڪو به ساڃاهوند ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندو ته تخليق جو ڪوبه Gender نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪو چوڻ وارو چوي ته نظم ۾ مرداڻي حشمت ۽ وائي ۾ نسواني نزاڪت آهي ته اها ڳالهه نه رڳو اجوڳي پر مذحقه خيز به لڳندي، تنهن ڪري شاعري عورت لاءِ به اوتري ئي اهم آهي جيتري مرد لاءِ. پوءِ ادب ۾ مرد ۽ عورت تخليقڪارن کي ڌار ڌار صفن ۾ ڇوٿو بيهاريو وڃي؟ اهو هڪ دلچسپ سوال آهي. جنهن تي اسين اڳتي هلي ڳالهائيندا سين. في الوقت ڳالهه ڪندا سين سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي شاعره روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي.

روبينه ابڙو جو مون سان پهريون تعارف ڪڏهن ٿيو هوندو ان جي مونکي پڪ ته ناهي پر ڪجھ ڌنڌلو اندازو آهي پر منهنجو هن سان پهريون تعارف ڪنهن رسالي ۾ ڇپيل سندس تخليقن وسيلي ٿيو هو. اها لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه آهي. هيءَ اها ئي شرميلي شاعره آهي، جنهن کي مون پهريون ڀيرو پوتيءَ ويڙهيل فوٽو ۾ ڏٺو هيو ۽ جيڪا ستت ئي سنڌي ادب جي آسمان جو هڪ جرڪندڙ تارو ٿي پئي هئي ۽ ادبي حلقن ۾ سندس نالو ۽ حوالو اهميت وارو بڻجي ويو. بڻجي به ڇونه هوءَ واقعي به ته هڪ پختي ۽ خوبصورت شاعره هئي، جنهن وٽ پنهنجو نرالو فڪري دڳ، نئين حسيت، تخيل ۽ ادراڪ، فڪر ۽ آگهي، اظهار جا انوکا رستا، منفرد لفظيات ۽ تخليق جو الڳ گس موجود هيو. بيشڪ هن جي شاعريءَ ۾ هڪ جهان آباد آهي ۽ ان جهان ۾ جھاتي پائڻ لاءِ نه رڳو حسن ۽ تخليق جو شعور لازمي آهي پر شعر جي ماهيت جي پروڙ به ضروري آهي.
”شعر حسن جي تخليق ۽ تصور جو نالو آهي. اهو زندگيءَ جي تفسير به آهي ته ان جي تصوير پڻ. شعر مادي دنيا جو اهو عڪس آهي جيڪو شاعر جي ذهن تي جھلڪندو آهي ۽ خيال جي شڪل اختيار ڪندو آهي. آرٽ جو مقصد تلاشِ حسن آهي ۽ شاعري حسن جي تڪميل جو ذريعو.“ (1) مصوري، موسيقي، سنگ تراشي ۽ رقص سميت آرٽ جا جيترا به فارم آهن انهن مان شاعريءَ کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ”شعر هڪ ڳالهائيندڙ مصوري آهي جيڪا اسان سان کُلي ڳالهائيندي آهي. نقاشي هڪ خاموش شاعري آهي جنهن جي نطق کي ڳالهائڻ جو هنر حاصل نه آهي. شاعريءَ جي مقابلي ۾ نقاشي ۽ مصوري ساڪت ۽ صامت شي آهي..... فنونِ لطيفه جي چئني قسمن ۾ شاعري مڃيل طور تي سڀني کان مٿاهين آهي. ڇوته منجھس باقي سمورين صنفن واريون خوبيون موجود آهن..... شاعر جي نگاهه انساني قدرن جي حقيقت ۽ ان جي گھراين تائين پهچندي آهي..... شاعر جو تخيل ستارن جي گزرگاهن کان اڳتي به سفر ڪري سگھي ٿو.“ (2) C. Day Lewis پنهنجي ڪتاب A Hope for Poetry ۾ لکيو آهي ته ”شاعرُ ڪائنات جي اڻ ٻُڌل آوزن کي ٻڌڻ لاءِ تيار رهندو آهي، هن جا حواس اهي نازڪ تارون آهن جيڪي سندس تجربن کي سندس تخيل جي آلي تائين پهچائينديون آهن.“ (3)

ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش


ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي
(عبد الخالق سنديلي جي ڪتاب اڻويهه عالمي ڪهاڻيون جو مهاڳ)

اڄ کان ٽيهه سال اڳ جڏهن مان ادب پڙهڻ شروع ڪيو ته جن ڪتاب پهريان پهريان مونکي موهيو ۽ متاثر ڪيو اُهي ڪهاڻين جا ڪتاب هئا. آهستي آهستي ڪهاڻي منهنجي روح ۾ سرائيت ڪندي وئي. ڪهاڻيءَ سان منهنجو عشق ٿي ويو ۽ پڙهندي پڙهندي پاڻ به ڪٿاڪار بڻجي ويس. منهنجو ڪهاڻي سان انس جو اهو عالم هيو جو مان سوچيندو هيس ته ادب ۾ منهنجو پهريون پهريون ڪتاب ڪهاڻيءَ بابت هوندو. ائين ته نه ٿي سگھيو پر منهنجو پهريون ڪتاب هڪ ڪهاڻين جو مجموعو هيو. سو ڪهاڻي منهنجي نس نس ۾ موجود آهي. مان پاڻ کي ڪهاڻيءَ کان پري نه ٿو ڪري سگھان ان ڪري اڄ تائين ان ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهيان جيڪو ’ڪهاڻيءَ بابت‘ هوندو.
ڪهاڻي ڇا آهي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن جا هزارين جواب آهن يا وري ڪوبه جواب ناهي. مظهر الاسلام پنهنجي ڪتاب ”گھوڑوں کے شهر ميں اکيلا آدمي“ ۾ ان سوال جي جواب ۾ ڄڻ هڪ نظم لکي ورتو هو:
کهاني سياه دور کي چيخ هے.
کهاني گلاب موسموں کا پھول هے.
کهاني جواني کي دهليز پر کھڑي عورت کا خواب هے.
کهاني پھٹا هوا آدمي هے.
کهاني ورق ورق لڑکي هے.
کهاني عمر قيد کي سزا کاٹنے والا قيدي هے.
کهاني ڈار سے بچھڑي هوئي کونج هے.
کهاني غير مطبوعه بوسه هے.
کهاني بچے کي سليٹ پر مٹا هوا سوال هے.

ڇا اسان اهو نظم پڙهي هڪ ٿڌو ساهه ڀري چئي سگھون ٿا ته اسان ڪهاڻيءَ جي حقيقت سمجھي ورتي......؟ ڇا ڪهاڻيءَ جي ڪا حقيقت هوندي آهي؟ ڇا حقيقت هڪ ڪهاڻي ٿيندي آهي؟؟ جي ها! ڪهاڻيءَ جي حقيقت ۽ حقيقت جي ڪهاڻي کي سمجھڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ذهن جا تاڪ کولڻا پوندا ۽ ڏسڻو پوندو ته دنيا جي ڪهڙن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻي ۾ حقيقت جو حسن اوتي ڪهاڻي جي حقيقت سمجھائي آهي. هن ڪتاب جا ڪهاڻيڪار به اهڙي حقيقت سمجھائين ٿا.

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر سُجاڳي ــــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش 
 
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ اهم سماجي قدر
سُجاڳي

قدرن جو تعلق انسان جي ذاتي عمل، احساس ۽ اخلاق سان به آهي ته سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين، ريتن، رسمن ۽ رواجن سان پڻ. ڪجھ قدرَ مذهب، عقيدي، تهذيب ۽ تمدن جي دائري ۾ اچن ٿا ته ڪي وري ادب ۽ اخلاق جو احاطو ڪن ٿا. مجموعي طور سمورن قدرن جو تعلق فردَ سان ئي هوندو آهي. انهن قدرن ۾ انسان جي سوچ، فڪر، عمل، جذبو، احساس، تصور، تخيل، خواهش وغيره شامل آهن. سماج پنهنجي سماجي قدرن جي پاسباني ان ڪري ڪندو آهي جو سماج جي بقا جو دارو مدار گھڻي حد تائين انهن ئي قدرن جي تحفظ تي هوندو آهي.“(1) ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڪ شاعر جنهن سماج ۾ پيدا ٿئي ٿو، ان سماج ۾ مروج قدرن کان ضرور متاثر ٿئي ٿو پر هو پنهنجي سوسائٽي جي خراب قدرن کي وڏي واڪي خراب چوي ٿو ۽ انهن کي اکيون ٻوٽي قبول نه ٿو ڪري، نه رڳو ايترو پر هو پنهنجي سماج جي اعلى قدرن کي ٽٽندو ۽ ڀرندو ڏسي انهن کي نئين سر جيئارڻ جا جتن به ڪندو آهي. تنهن ڪري شيلي (Shelley) بلڪل صحيح چيو آهي ته ”شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو مسخ ٿيل شين ۾ نئين سر حسن پيدا ڪندو آهي.“ (2) شاعر جي انهي تخليقي قوت سبب ڪنهن به سماج ۾ پنهنجي وڃايل قدرن کي نئين سِر ڳولڻ جي آرزو پيدا ٿيندي آهي. پر جڏهن اسين عالمي قدرن جي ڳالھه ڪندا سين ته هڪ شاعر کي پنهنجي سماج ۾ مروج قدرن کان مٿاهون ٿي سوچڻو پوندو. شيلي (Shelley) پنهنجي مضمون Defence of Poetry ۾ صحيح لکيو آهي ته ”هڪ شاعر لاءِ اهو واجب ناهي ته هو پنهنجا ذاتي تصور نيڪي ۽ بدي کي، جيڪي عام طور سندس ملڪ ۽ زماني جا تصور هوندا آهن، پنهنجين تخليقن ۾ سمائي ڇڏي، ڇو ته سندس تخليقون سندس ملڪ ۽ زماني کان ماورا هونديون آهن.“ (3) يعني شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجا تصور مڙهڻ بدران اهڙو خيال پيش ڪري جيڪو سڀني کي پنهنجو لڳي ۽ زمان ۽ مڪان جي حدن کي اورانڱي سگھڻ جي سگھ رکندو هجي ۽ اهڙن سماجي قدرن کي پنهنجي شاعريءَ جو حاصل بڻائي جن کي سڄي دنيا اهميت جي نگاھ سان ڏسندي هجي. ان حوالي سان اسان کي سنڌي زبان ۾ جيڪي شاعر نظر اچن ٿا انهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مقام سڀني کان مٿاهون آهي.

شاهه لطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ جو سماجي اڀياس ـــ ڊاڪٽر احسان دانش (Dr. Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش

شاهه لطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ جو سماجي اڀياس


شاهه عبداللطيف کان اڳ واري اساسي شاعريءَ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته کانئس اڳ سنڌي ٻوليءَ جي محافظ شاعرن جو انگ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي، جن مان به اڪثر شاعرن جو ڪلام اڌورو ۽ اڻپورو ملي سگھيو آهي. گمان آهي ته ڀٽائي کان اڳ واري دور جي ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام وقت جي طوفانن ۾ تيلو تيلو ٿي ويو هوندو. هن کان اڳ سنڌ جي سماجي تاريخ بيان ڪندي اسين ذڪر ڪري آيا آهيون ته تاريخ جا ورق ورائيندي اڪثر ڪري سنڌ اسان کي ڌارين ۽ غاصبن جي چنبي ۾ نظر اچي ٿي. سمن جي صاحبيءَ کان ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪمراني تائين سنڌي ماڻهو ڌارين هٿان جهڙي ريت پيڙبو رهيو آهي، برصغير جي تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي.
خاص طور اهي سمورا رت پياڪ حڪمران جيڪي سنڌ تي ڏاڍ ۽ ڏمر بڻجي ڪڙڪيا، انهن سڀ کان پهريان ڌرتيءَ جي صوفي سنتن ۽ عالمن کي ئي پنهنجي ڏاڍ جو نشانو بڻايو، ڇوته وٽائن شعور جون شمعون روشن ٿي رهيون هيون. تنهن ڪري محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ شاعرن جو علمي ۽ شعري خزانو انهن سفاڪ وحشين جي لتاڙ جو شڪار ٿي صفحهءِ هستي تان مٽجي ويو هوندو. شاهه لطيف جي پيش رو جن سنڌي شاعرن جو ڪلام زماني جي گردشن مان بچي ڀٽائي جي هٿن تائين پهتو ۽ هن سندن ڪلام ۽ پيغام کي هينئين سان هنڊايو، انهن ۾ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ ميون شاهه عنايت خاص طور قابلِ ذڪر آهن. ڀٽائي جي شاعريءَ تي انهن شاعرن جو گھرو اثر نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ اهي شاعر سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جا بنيادي ٿنڀا آهن، جن تي ئي اڳتي هلي شاهه سائين پنهنجي فڪر جي عظيم عمارت کڙي ڪئي. تنهن ڪري اسين شاهه سائين جي فڪر ۽ فلسفي کي تيسيتائين پُرجھي ۽ پروڙي نه ٿا سگھون جيسيتائين انهن شاعرن جي ڪلام جو جائزو نه ٿا وٺون.

Wednesday, 6 January 2016

شاهه لطيف جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک ــ ڊاڪٽر احسان دانش (DR Ahsan Danish)



ڊاڪٽر احسان دانش


شاهه لطيف جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک


شاهه لطيف جي حقيقي عظمت سمجڻ لاءِ سندس شاعريءَ جي فني، ادبي ۽ لسانياتي پرک ڪرڻ نهايت ضروري آهي. هن وقت تائين ڀٽائي جي ڪلام جي اهڙي پرک ٻن سطحن تي ٿي آهي. پهريون مقامي ۽ ٻيو بين الاقوامي. مقامي سطح تي شاهه کي سندس ٻوليءَ جي خاصيتن، علم البيان توڙي مروج شعري اصولن، موسيقيت ۽ ٻين خوبين جي بنياد تي پرکي اسان جي عالمن ۽ محققن کيس هڪ وڏي شاعر جي حيثيت ڏني آهي ۽ اهڙي ريت ٻين عالمن وري سندس شاعريءَ کي بين الاقوامي ادبي اصولن، معيارن ۽ قدرن تي پرکي عظمت جي بلندين تي بيهاريو آهي. هن مقالي ۾ مون ڀٽائي جي ڪلام جي مقامي سطح تي يا ننڊي کنڊ جي سنڌي عالمن ۽ محققن مطابق، مروج فني، ادبي ۽ لسانياتي اصولن کي سامهون رکندي  ڪيل تحقيق ۽ پرک جي حوالي سان مختصر تحقيقي جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو آهي.... سندس شاعراڻيءَ ”خستوريءَ جي خوشبوءِ سڀ ولات واسي ڇڏي آهي. شاهه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي لياقتون موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هي آهي، ته جيئن جيئن اسين سندس شعر تي اونهو غور ڪندا سين، تئين تئين اسان ۾ نئين حيرت اتپن ٿيندي.“ (1) ساڳي ڪتاب ۾ گربخشاڻي صاحب شاهه جي شاعريءَ جي جمالياتي پهلوءَ تي روشني وجھندي چيو آهي ته ”ڪنهن به شاعر جي بزرگي اوتري قدر قبول ڪئي ويندي، جيتري قدر منجھس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت آهي ۽ جيتري قدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾ جذبا ۽ امنگ اٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترا ئي قسم آهن جهڙوڪه طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني. مگر درحقيقت سڀ حسن جو مول هڪ ئي آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾ پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا.“ (2) جماليات بيشڪ شاعريءَ جو روح آهي ۽ دنيا جي سمورن وڏن شاعرن جي شاعري حسن ۽ جمال جي خوبي سان ڀريل آهي. جتي فارسي جي عظيم شاعرن رومي، سعدي، حافظ، فردوسي، جامي ۽ تبريزي جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جي جوت جرڪي ٿي اُتي عربي جي سبعه معلقات وارن ستن قادرالڪلام شاعرن امرءُ القيس، زهير بن ابي سلمى، عمرو بن ڪلثوم التغلبي، طرفه ابن عبدالبڪري، عنتره بن شداد العبسي، لبيد بن ربيعه العامري ۽ حارث بن حِلزه اليشڪري ۾ پڻ جمال جا جلوى نظر اچن ٿا. ائين ئي هندي ڪوتاڪارن ۾ جئين رامانند، ڀرتري هري، ميران ٻائي، دادو ديال، سورداس، ڀڳت ڪبير، تلسيداس ۽ ڪاليداس جا شبد سونهن جا پُر پيالا آڇين ٿا تئين ئي انگريزي ۽ يورپي شاعرن شيڪسپيئر، ورڊس ورٿ، گوئٽي، ٽي ايس ايليٽ، والٽ وٽمن ۽ بادليئر جي نظمن ۾ به جماليات جھلڪندي محسوس ٿئي ٿي. ان جماليات شاهه جي شاعريءَ ۾ به انوکو نکار پيدا ڪيو آهي. ان ڳالهه جي عملي ثبوت ۽ تحقيقي نتيجي طور نوجوان محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“ پڻ موجود آهي.

Friday, 4 December 2015

تخليق جو سفر ــ ڊاڪٽر احسان دانش (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

تخليق جو سفر
(ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو سرسري جائزو)


تخليق فطرت جو معجزو آهي ۽ تخليق ئي هن سڄي ڪائنات جو جوهر آهي. ڪنهن ڪنڀر جي چڪ کان مائيڪل اينجلو جي ڪنهن شاهپاري جي ڪئنواس تائين تخليق جا رنگ ڦهليل آهن. اگر ڪنهن سنگتراش جي مورتي ڪا عظيم تخليق آهي ته پوءِ لفظن جا گھاڙو ته ان کان به وڏا تخليقڪار آهن. لفظ جيڪي بي ساهه هوندي اندر ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏين ٿا، لفظ جيڪي غير مادي هوندي ذهن ۾ هزارين تصويرون، تصور ۽ مجسم ٺاهين ٿا. لفظن جي مصورن اديبن ۽ شاعرن کي اهو ڪمال حاصل آهي ته هو سانتيڪن لفظن توڙي لفظن مان جنم وٺندڙ آوازن وسيلي ماڻهن جي دلين تي پنهنجو اثر ۽ سحر قائم ڪري وٺندا آهن. لفظن کي آوازن جي شڪل ڏيڻ ۽ آواز جي لهرن کي سماعتن تائين پهچائڻ جو پهريون سائنسي ڪرشمو ريڊيو آهي. سڄي دنيا ۾ ريڊيو ٽن مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. پهريون تعليم، ٻيو معلومات ۽ ٽيون تفريح. ريڊيو پاڪستان پڻ انهن ئي ٽن مقصدن کي سامهون رکندي پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو هو ۽ پاڪستان جي سمورين ريڊيو اسٽيشنس تي ٻين پروگرامن سان گڏ ادبي پروگرامن وسيلي ادبي معلومات پهچائڻ ۽ ٻڌندڙن کي ادب ۽ شعور ڏانهن راغب ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو هو. ادب جيڪو لفظن ۽ احساسن جي دنيا آهي، جيڪا دنيا ماڻهو جي اندر جي دنيا کي تبديل ڪري ٿي ذهنن کي روشن ڪري ٿي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو پڻ وڏي عرصي کان ان ادب ۽ شعور جي پنڌ ۾ وک وڌائيندو رهي ٿو. هتي مونکي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان سالن کان وٺي نشر ٿيندڙ ادبي پروگرام ”تخليق“ بابت ڪجھ لکڻو آهي پر ان کان اڳ ان پروگرام جو پس منظر بيان ڪرڻ ضروري آهي.

ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 24 سيپٽمبر 2014 تي ڪاميابي جا 19 سال پورا ڪري رهيو آهي. ان دوران اسٽيشن تان انيڪ پروگرام آن ايئر ٿي چڪا آهن. انهن مان پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان ڪي اهڙا نرالا پروگرام پڻ نشر ٿيا آهن، جن وسيلي ريڊيو جي دنيا ۾ نوان ٽريڊ متعارف ٿيا. خوش قسمتي سان منهنجو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ڄم ڏينهن کان وٺي سڌي يا اڻ سڌي طرح تعلق رهيو آهي. 1995 کان ريڊيو جي مختلف پروگرامن جهڙوڪه مشاعرن، مذاڪرن ۽ تقريرن جي حوالي سان ان تعلق جو آغاز ٿيو ۽ اڳتي هلي ريڊيو لاڙڪاڻي جي واحد ادبي پروگرام ۾ شموليت.

Wednesday, 17 June 2015

ڊاڪٽر احسان دانش ــ سچل سرمست جي سُر سسئي جو سماجي اڀياس (DR. Ahsan Danish)

ڊاڪٽر احسان دانش

سچل سرمست جي سُر سسئي جو سماجي اڀياس


سنڌي اساسي شاعري پنهنجي فڪري ۽ موضوعي جهان ۾ ڏاڍي وسيع آهي. قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي جهڙن شاعرن جو ڪلام ڪٿي صنفي يڪ رنگيءَ ته ڪٿي موضوعي هڪ جهڙائي سبب صدين کان سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين تي اثر وڌو آهي. اسان جي انهن ڪلاسيڪي شاعرن جو لب ۽ لهجو ڀلي هڪ ٻئي کان مختلف ئي ڇونه هجي پر سندن سنيهو ساڳيو آهي. هنن پنهنجي شاعريءَ ۾ ميٺ، محبت، امن، انسانيت ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪئي آهي ۽ مذهبي تنگ نظري، انتهاپسندي ۽ بنياد پرستيءَ کان ڪوهين ڏور رهيا آهن سندن اها پرچار ئي اسان کي اصل ۾ سنڌي قوم جو فڪري منشور محسوس ٿئي ٿي. اسان جي عالمن سالن کان انهن ڪلاسيڪي شاعرن جي عظمت جا ڳڻ ڳاتا آهن پر منهنجي خيال ۾ سندن ڪلام جي هڪ رخي مطالعي سبب اڃا سندن اها اهميت اجاگر نه ٿي سگھي آهي، جنهن جا هو مستحق آهن، پر جس آهي انهن عالمن ۽ محققن کي جن انهن شاعرن جي ڪلام جي فقط صوفي فڪر جي پچار کان پري رهندي سندن ڪلام جي سماجي ڪارج تي قلم کنئيون آهي. اهڙن ئي عالمن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو نهايت اهميت وارو آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ”شاهه، سچل سامي“ ۾ ٽنهي شاعرن جي ڪلام بابت همعصر اديبن کان مختلف ۽ ڪارائتي ڏيندي لکيو آهي ته ”شاھ، سچل ۽ سامي، عظمت جي صحيح معنيٰ ۾ سنڌي سماج جا عظيم ماڻھو آھن. اھي سنڌي سماج جي ھڪ وڏي بحراني دور جي پيداوار آھن. ھو ذھني (روحاني) دنيا جا عظيم تخليقڪار آھن. ھو پنھنجي ڏات ۽ ڏاتاريءَ ٻنھي ۾ بي مثل ۽ بي بدل آھن. ھو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب آھن. ھو مفڪر به، شاعر به، فنڪار به ھئا. ھو ٻين لاءِ جيئندڙ، عام مفاد لاءِ لڇندڙ ۽ سڄي پنھنجي زندگي ھڪ ئي مقصد لاءِ پاڻ پچائيندڙ ۽ ھڪ ئي آدرش جا فدائي ھئا.“ (1) تڏهن ئي هنن پنهنجي ڪلام ۾ امن، آجپي، انسان جي ڀلائي، انسان دوستي ۽ نيڪي جو پيغام ڏنو آهي. جويو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته ”ھنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي وحدت جي شعور کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين عملي راھ ڏيکاري ــ قومي تھذيب، قومي مذھب ۽ قومي سياست جي راھ، مشترڪ مفاد ۽ باھمي تعاون جي راھ، محبت، رواداريءَ ۽ اتحاد جي راھ، عمل ۽ قربانيءَ جي راھ. ھنن جي سامھون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب ھو، ۽ ھنن وٽ ان خواب جي تڪميل جو رستو به ھو. ٻيائيءَ ۽ ويڇي کي ھٽائڻ جو، پنھنجن کي پنھنجو ڪرڻ جو، ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو، سچ، نيڪيءَ ۽ سونھن کي پاڻ ارپڻ ۽ انھن تان پاڻ نڇاور ڪرڻ جو، سچي ماڻھپي جو، ماڻھوءَ جي مريادا ۽ مانَ ۽ ماڻھوءَ جي شيوا ۽ پيار جو، انساني تھذيب جي عروج ۾ پنھنجي حصي جي فرض ادا ڪرڻ جو، عالمي امن، اتحاد ۽ ترقيءَ جي جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو.“ (2) سنڌ جي مذڪوره ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ انساني ڀلائي، مذهبي رواداري، عدم تشدد، سماجي ترقي جهڙا موضوع موجود آهن پر بد قسمتيءَ سان انهن پهلوئن تي تمام ٿورن محققن قلم کنئون آهي. اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن ”پنهنجي شاعريءَ ذريعي بني نوع انسان جي وچ ۾ منافرت، نفاق، منافقي ۽ ڪم ظرفيءَ بدران محبت، اتفاق، سچائيءَ ۽ اعلى ظرفي کي فروغ ڏنو آهي. انسان دوستي ۽ روشن خيالي، سيڪيولر سوچ واري متي سان امن آشتي جي تبليغ ڪئي ۽ مختلف مذهبن ۽ مسلڪن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ امن ۽ رواداري جي قدرن سان رهڻ جو درس ڏنو ۽ صحيح معنى ۾ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جو متو سمجھايو، جيڪو نه صرف سندن پنهنجي پنهنجي دور ۾ سچو هو پر اڄوڪي پُر آشوب ۽ پريشان دور ۾ رهڻ وارن ماڻهن لاءِ به اوترو ئي Relevant ۽ سچو آهي.“ (3)